القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡقَمَرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 55


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1)

ويجهي ٿي قيامت ۽ چيريو چنڊ .

وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2)

۽ جيڪڏهن ڏسن ٿا ڪا نشاني ته منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته جادو قديمي آهي .

وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3)

۽ ڪوڙو چيائون ۽ تابع ٿيا پنهنجين سڌن جا ۽ هر امر قرار وٺندڙ آهي .

وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4)

۽ البته تحقيق آيو انهن وٽ خبرن مان اهو جو ان ۾ جهڻڪ آهي .

حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5)

حڪمت بالغہ پوءِ نه فائدو ڏنو ڊيڄاريندڙن .

فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6)

پوءِ منهن موڙ انهن کان جنهن ڏينهن سڏيندو سڏيندڙ انڪار ڪيل شيءِ ڏانهن .

خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7)

چمڪندڙ هونديون اکيون انهن جون نڪرندا قبرن مان ڄڻ ته اهي مڪڙ ٽڙيل آهن .

مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8)

ڊوڙندڙ سڏيندڙ ڏانهن چوندا ڪافر ته هي ڏينهن ڏکيو آهي.

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9)

ڪوڙو ڀانيو انهن کان اڳي نوح جي قوم پوءِ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو چيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ جهڻڪيو ويو .

فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10)

پوءِ پنهنجي رب کي سڏيائين ته بيشڪ مان مغلوب آهيان پوءِ مدد ڪر .

فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11)

پوءِ کولياسون دروازا آسمانن جا پاڻي زور سان وهندڙ سان .

وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12)

۽ وهايوسون زمين کي چشما ڪري پوءِ مليو پاڻي ان مقدار تي جيڪو مقدر ڪيو ويو .

وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13)

۽ کنيوسين ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي .

تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14)

هلي ٿي اسان جي اکين آڏو بدلو ٿي ان لاءِ جو انڪار ڪيو ويو .

وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15)

۽ البته تحقيق ڇڏيوسون ان کي نشاني ڪري پوءِ ڪونصيحت قبول ڪندڙ آهي؟ .

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16)

پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17)

۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي؟ .

كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18)

ڪوڙو چيو عاد پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19)

بيشڪ اسان موڪليو انهن تي واءُ تيز هڪ منحوس، هميشہ واري ڏينهن ۾ .

تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20)

پٽيائين ٿي ماڻهن کي گويا اهي ٿڙ آهن کجيءَ پاڙان پٽيل جا .

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21)

پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22)

۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن نصيحت جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت وٺندڙ آهي .

كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23)

ڪوڙو چيو ثمود ڊيڄاريندڙن کي .

فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24)

پوءِ چيائون ته ڇا هڪ بشر جي پاڻ مان تابعداري ڪيون ان جي بيشڪ اسان ان وقت البته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ آهيون .

أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25)

ڇا لاٿو ويو ذڪر ان تي اسان مان بلڪ اهو گهڻو ڪوڙو، پاڻ پڏائيندڙ آهي .

سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26)

جلد ڄاڻندا صبحاڻي ته ڪير گهڻو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آهي؟ .

إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27)

بيشڪ اسين موڪليندڙ آهيون ڏاچي انهن جي آزمائش جي لاءِ پوءِ انهن جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر .

وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28)

۽ خبر ڏي انهن کي ته بيشڪ پاڻي ورهايل آهي انهن ۾ هر وارو حاضر ڪيل آهي.

فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29)

پوءِ سڏيائون پنهنجي ساٿيءَ کي پوءِ وارُ ڪيائين پوءِ ٽنگون وڍيائين .

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30)

پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ .

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31)

بيشڪ اسان موڪليو انهن تي ڪڙڪيدار هڪ آواز پوءِ ٿي پيا مثل سڪل گاهه لوڙهو ڏيندڙ جي .

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32)

۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي .

كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33)

ڪوڙو چيو لوط جي قوم رسولن کي .

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34)

بيشڪ اسان موڪليا انهن تي پٿر مگر لوط جو اهل ڇڏايوسون انهن کي رات جي پوئين حصي ۾ .

نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35)

نعمت ٿي اسان وٽان اهڙي طرح بدلو ڏينداسون ان کي جنهن شڪر ڪيو .

وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36)

۽ البته تحقيق ڊيڄاريائين انهن کي اسان جي پڪڙ کان پوءِ شڪ ڪيائون ڊيڄارڻ وارن ۾ .

وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37)

۽ البته تحقيق طلب ڪيائون ان کان ان جا مهمان پوءِ ميٽي ڇڏيون اسان اکيون انهن جون پوءِ چکو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ .

وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38)

۽ البته تحقيق صبح ٿينديئي صبح جو آيو انهن وٽ عذاب قرار وٺندڙ .

فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39)

پوءِ چکو منهنجوعذاب ۽ ڊيڄارڻ .

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40)

۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن ذڪر جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي؟ .

وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41)

۽ البته تحقيق آيا فرعونين وٽ ڊيڄاريندڙ رسول .

كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42)

ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن سڀني کي پوءِ پڪڙيوسون انهن کي پڪڙڻ غالب، قدرت واري جو .

أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43)

ڇا ڪافر اوهان جا ڀلا آهن انهن کان يا اوهان جي لاءِ ڇوٽڪارو ڪتابن ۾ لکيل آهي.

أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44)

چون ٿا ته اسين جماعت بدلو وٺندڙ آهيون .

سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45)

جلد ڀڄائي ويندي جماعت ۽ ڦيرائي ڏيندا پٺيون .

بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46)

بلڪ قيامت انهن جي وعدي جو وقت آهي ۽ قيامت تمام سخت ۽ تمام ڪَوڙي آهي.

إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47)

بيشڪ مجرم گمراهيءَ ۽ چريائپ ۾ آهن .

يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48)

ان ڏينهن گهليا ويندا باهه ۾ پنهنجن منهن تي چکو باهه جي ساڙڻ کي .

إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49)

بيشڪ اسان هر شيءِ پيدا ڪيو اسان ان کي اندازي سان .

وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50)

۽ ناهي اسان جو امر مگر هڪ مثل ڇنڀڻ اک جي .

وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51)

۽ البته تحقيق هلاڪ ڪيو اسان اوهان جي ساٿين کي پوءِ ڪو نصيحت وٺندڙ آهي؟ .

وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52)

۽ هر شيءِ جيڪا ڪئي انهن دفترن ۾ آهي .

وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53)

۽ هر ننڍو ۽ وڏو عمل لکيل آهي .

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54)

بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ نهرن ۾ هوندا .

فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55)

سچ جي جاءِ ۾ بادشاهه قدرت واري وٽ .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025