القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الۡقَمَرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 55


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1)

قيامت جي گهڙي ويجهو اچي پھتي ۽ چنڊ ٻه اڌ ٿي ويو.

وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2)

۽ جيڪڏهن هي ماڻهو ڪابه نشاني ڏسندا آهن ته منھن ڦيريندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهو شروع کان وٺي هلندڙ جادو آهي.

وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3)

۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنھنجي نفساني خواهشن جي پويان لڳا. (بھرحال) هر ڪم پنھنجي وقت تي پورو ٿيندو آهي.

وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4)

بيشڪ انهن ماڻهن وٽ (گذريل قومن جا) احوال اچي چڪا آهن، جن ۾ (کين) چتاءُ ڏنل آهي.

حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5)

ان ۾ وڏي حڪمت ۽ نصيحت به ڪيل آهي. پر اهي ڳالهيون انهن تي اثر ئي نٿيون ڪن.

فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6)

(اي نبيﷺ!) بس توهان انهن ماڻهن کي (ان ڏينھن تائين) ڇڏي ڏيو جنھن ڏينھن سڏڻ وارو (ملائڪ) کين اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانھن سڏيندو.

خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7)

پوءِ هي ماڻهو پنھنجي ڪومايل اکين سان قبرن مان ايئن نڪرندا ڄڻ ته کنڊڙيل ماڪڙ هجي.

مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8)

هو سڏڻ واري ڏي ڀڄندا ويندا. (ان وقت) ڪافر چوندا ته هي ته تمام ڏکيو ڏينھن آهي.

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9)

انهن کان اڳ نوح ($) جي قوم به (ان ڳالهه کي) ڪوڙو سمجهيو ۽ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيو ۽ چيو ته هي ديوانو آهي ۽ (کيس) دڙڪا به ڏنا .

فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10)

پوءِ هُن پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ته بيشڪ مان بي وس ٿي ويو آهيان. بس! انهن ماڻهن کان تون ئي بدلو وٺ.

فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11)

پوءِ اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات لاءِ کولي ڇڏيا.

وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12)

۽ زمين مان چشما جاري ڪري ڇڏيا. پوءِ پاڻي (چوڌاري) گڏ ٿي ويو ان ڪم لاءِ جنھن جو فيصلو ڪيو ويو هو.

وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13)

پوءِ اسان (نوح $) کي تختن ۽ ڪلين واري ٻيڙي تي سوار ڪيو .

تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14)

جيڪو اسان جي حفاظت ۾ هلي رهيو هو. ( انهن ماڻهن) جنھن شخص جي بي قدري ڪئي هئي هي ان جو بدلو هو.

وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15)

پوءِ اُن ٻيڙي کي هڪ نشاني ٺاهي ڇڏيو. پوءِ آهي ڪير نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16)

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17)

۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18)

عاد قوم به ڪوڙو ڪيو. پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19)

بيشڪ اسان انهن جي مٿان هڪ نڀاڳ کنيل واري ڏينھن زبردست طوفاني هوا موڪلي.

تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20)

جيڪا ماڻهن کي ايئن پئي ڪيرائي ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجيءَ جا کوکلا ٿُڙ هُجن.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21)

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22)

۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23)

ثمود قوم به ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڪيو.

فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24)

چيائون ته ڇا اسان پنھنجي قوم مان هڪڙي ماڻهوءَ جي پيروي ڪريون؟ (جيڪڏهن ايئن ڪيو) ته پوءِ اسان واقعي گمراهه ٿي وياسين ۽ اها اسان جي بيوقوفي چئبي.

أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25)

ڇا اسان مان رڳو اُن تي نصيحت نازل ڪئي وئي آهي؟ هي ته وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو آهي.

سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26)

پر انهن کي سڀاڻي ئي خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪوڙو ۽ ڪير پاڻ پڏائيندڙ آهي؟

إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27)

بيشڪ اسان سندن آزمائش لاءِ ڏاچيءَ کي موڪليون ٿا. بس! تون کين انتظار ۽ صبر سان ويٺو ڏسجان.

وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28)

۽ انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته بيشڪ پاڻي توهان ۽ ڏاچيءَ جي وچ ۾(پيئڻ لاءِ) ورهايل آهي (هاڻي) هرڪو پنھنجي واري تي (کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ) اچي.

فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29)

پوءِ انهن پنھنجي ئي ساٿي کي سڏيو (۽ کيس ذميداري ڏني) پوءِ اُن (ڏاچيءَ کي) منڊڙو ڪري ماري ڇڏيو.

فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30)

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31)

بيشڪ اسان اُنهن جي مٿان هڪ سخت رَڙ موڪلي پوءِ هو لوڙهي (يعني پَيهر) ٺاهيندڙن جي لتاڙيل لوڙهي وانگر ڪُٽو ٿي ويا.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32)

۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33)

لوط ($) جي قوم به ڊيڄاريندڙ (رسول) کي ڪوڙو ڪيو.

إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34)

بيشڪ اسان انهن تي پٿر وسائڻ واري هوا موڪلي. لوط ($) ۽ کيس مڃيندڙن کي اسر مھل (ڪڍي) بچايوسين.

نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35)

اهو بچائڻ صرف اسان جي مھرباني جي ڪري هو. اسان شڪر ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون.

وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36)

بيشڪ (لوط $ ) انهن ماڻهن کي اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو هو، پر هو ڊيڄارڻ وارين ڳالهين تي شڪ ظاهر ڪندي جگهڙو ڪندا هئا.

وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37)

هي ماڻهو لوط ($) کان سندس (معزز) مھمان (بُري نيت خاطر) کسڻ لاءِ رُومڙَ ڪري آيا پوءِ اسان کين اکين کان ئي انڌو ڪري ڇڏيو (۽ چيو ته) منھنجي عذاب ۽ منھنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو.

وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38)

۽ بيشڪ صبح جو سوير انهن جي مٿان هميشه رهڻ وارو عذاب آيو.

فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39)

پوءِ منھنجي عذاب ۽ منھنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو.

وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40)

۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟

وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41)

۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن (به) ڊيڄاريندڙ آيا.

كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42)

پر انهن به اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان کين اهڙي طرح پڪڙيو جيئن هڪ زبردست طاقت وارو پڪڙيندو آهي.

أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43)

(اي مڪي وارؤ!) ڇا اوهان جا هي ڪافر انهن (مسلمان) ماڻهن کان بھتر آهن؟ يا توهان جي لاءِ آسماني ڪتابن ۾ ڪو معافي نامو لکيل آهي؟

أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44)

يا انهن جي چوڻ مطابق ته ”اسان (عذاب کان) بچڻ لاءِ مضبوط جماعت آهيون.“

سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45)

(نه!) کين عنقريب شڪست ايندي ۽ هي سڀ (ڪَن ڪِيٽا ڪري) پُٺي ڏيئي ڀڄي ويندا.

بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46)

اُنهن سان ڪيل وعدي جو اصل وقت ته قيامت آهي. جيڪا تمام سخت ۽ انتھائي تلخ گهڙي آهي.

إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47)

بيشڪ هي ڏوهاري ماڻهو وڏي گمراهي ۽ وڏي چريائپ ۾ پيل آهن.

يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48)

ان ڏينھن کين (ڳچين کان پڪڙي) اونڌي منهن باهه ۾ گھليو ويندو. (پوءِ چيو ويندن ته) جھنم جي ڪوسي هوا جو مزو چکو.

إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49)

بيشڪ اسان هر شيءِ کي پوري اندازي سان پيدا ڪيو آهي.

وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50)

اسان جو حڪم اک ڇنڀ ۾ ئي عمل ۾ اچي ويندو آهي.

وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51)

(اي مڪي وارؤ!) اسان توهان جهڙين ڪيترين ئي (ڪافر) قومن کي برباد ڪري چڪا آهيون. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟

وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52)

انهن جو ڪيل هڪ هڪ عمل اعمال نامن ۾ لکيل آهي.

وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53)

هر ننڍي ۽ وڏي شيءِ (باقاعده) لکيل آهي.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54)

بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نهرن جي وچ ۾ پيا رهندا.

فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55)

هو حقيقي عزت واري جاءِ ۾ عظيم بادشاهه جي ويجهو هوندا.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025