| اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
|
ويجهي اچي پهتي گهڙي قيامت جي ۽ ڦاٽي پيو چنڊ |
| وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
|
۽ حال هي آهي انهن جو، جو ڏسن نشاني ڪابه، منهن موڙيو وڃن ۽ چون جادو آهي اهو پراڻو |
| وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
|
۽ ڪوڙو چيو انهن ان کي ۽ هليا پنهنجي نفس جي سَڌن تي، ۽ مڙني معاملن کي آخرڪار نتيجي تي اچڻو آهي |
| وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
|
۽ آيون آهن انهن جي آڏو (اڳين قومن جون) خبرون، جن ۾ سرڪشي کان روڪڻ جو عبرت جو سامان آهي |
| حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
|
اهڙي حڪمت جا پورو ڪري ٿي نصيحت جي مقصد کي، پر تنبيهون مٿن ڪارگر ناهن |
| فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
|
پوءِ (اي نبي!) مَٽي ڇڏ منهن انهن کان، جنهن ڏينهن سڏيندڙ سڏيندو سخت اڻوڻندڙ شيءِ ڏانهن |
| خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
|
جهڪين نگاهن سان (قبرن مان) نڪرندا ائين جيئن ماڪڙ هجي جيڪا ٽڙيل پکڙيل |
| مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
|
ڊوڙندا ويندا پڪاريندڙ ڏانهن، چوندا اهي ئي منڪر (دنيا ۾ انڪار ڪندڙ) هي ڏينهن ته ڏاڍو سخت آهي |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
|
ڪوڙو چيو انهن کان اڳ قوم نوح، انهن ڪوڙو ڀانيو اسان جي بندي کي ۽ چيائون ته اهو چريو آهي، ۽ ان کي ڏاڍو ڇينڀيو |
| فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
|
آخر ان سڏيو پنهنجي رب کي، آئون مغلوب ٿي ويو آهيان تون انهن کان بدلو وٺ |
| فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
|
تڏهن اسان کولي ڇڏيا در آسمان جا تمام وڏي مينهن سان |
| وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
|
۽ ڦاڙيوسين زمين کي چشما ڪري، سمورو پاڻي گڏ ٿيو ان ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪو طئي ٿيل هو |
| وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
|
۽ سوار ڪيوسين (نوح کي) تختن ۽ ڪلين واري (ٻيڙيءَ) ۾ |
| تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
|
جيڪا هلي پئي اسان جي نگرانيءَ ۾، هي بدلو هو (ان شخص لاءِ) جنهن جو هن انڪار ڪيو هو |
| وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
|
۽ بڻايوسين ان (ٻيڙيءَ کي) نشاني، پوءِ آهي ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو؟ |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
|
پوءِ ڏسو ڪهڙو هو اسان جو عذاب ۽ ڪهڙيون هيون تنبيهون |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
|
۽ بڻايو آهي سولو اسان هن قرآن کي نصيحت لاءِ، پوءِ آهي ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو؟ |
| كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
|
ڪوڙو چيو عاد، پوءِ ڏسو ڪهڙو هو منهنجو عذاب ۽ ڪهڙيون هيون تنبيهون |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اسان موڪليو انهن تي هڪ طوفان تيز تر انهيءَ ڏينهن (جيڪو) نڀاڳو هميشه رهيو |
| تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
|
اڇلي رهيو هو ماڻهن کي، اهڙيءَ طرح جيئن پاڙون پٽيل کجيءَ جا ٿڙ هجن |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
|
پوءِ ڏسي ڇڏيو ڪهڙو هو منهنجو عذاب ۽ تنبيهون ڪهڙيون هيون؟ |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
|
۽ بڻايو آهي سولو اسان هن قرآن کي نصيحت واسطي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
|
ڪوڙو ڄاتو ثمود نصيحت کي |
| فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
|
۽ چوڻ لڳا، هڪ ماڻهو جيڪو اسان مان اڪيلو آهي، ان جي پيروي ڪريون؟ (ان جي معنيٰ) اسين گمراهه ٿياسين ۽ اسان جي مت ماريل آهي |
| أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
|
ڇا ان تي ئي خدا جو ذڪر (قرآن) نازل ڪيل آهي اسان مان؟ نه، پر اهو وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي |
| سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
|
(اسان نبيءَ کي چيو) کين معلوم ٿيندو سڀاڻي، ته ڪير وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي |
| إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
|
بيشڪ اسان موڪلي رهيا آهيون ڏاچيءَ کي فتنو بنائي انهن ڏي پوءِ ٿورو صبر ڪر، سندن ڪهڙي پڄاڻي ٿي ٿئي |
| وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
|
۽ کين خبر ڏي ته بيشڪ پاڻي ڏاچي ۽ انهن جي وچ ۾ وراهبو، ۽ هرڪو پنهنجي واري واري ڏينهن تي پاڻي تي ايندو |
| فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
|
آخرڪار سڏيو انهن ماڻهن پنهنجي ساٿي کي، ان ذمو کنيو ۽ ڏاچيءَ کي ماري وڌائين |
| فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
|
پوءِ ڏسي ڇڏيو ڪهڙو هو منهنجو عذاب ۽ تنبيهون |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
|
بيشڪ ڇڏيوسين انهن تي بس هڪڙو ڌماڪو، ۽ اهي ٿي ويا لتاڙيل لوڙهي وانگر چورو |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
|
۽ بڻايوسين سولو وسيلو قرآن کي نصيحت لاءِ، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
| كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
|
ڪوڙو ڄاتو قوم لوط کي ۽ (سندس) تنبيهن کي |
| إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اسان موڪلي سين انهن تي پٿر وسائيندڙ هوا، رڳو لوط جا گهر وارا ان کان بچيل هئا، بچايوسين انهن کي رات جي پوئين پهر |
| نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
|
سهڻو بدلو ڏيندا آهيون اسان، هر ان شخص کي جيڪو شڪرگذار هوندو آهي |
| وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
|
۽ (لوط) ڪيو خبردار پنهنجي قوم کي اسان جي پڪڙ کان، پر اهي به تنبيهن کي ڪوڙو ڄاڻندا رهيا |
| وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
|
۽ اهي روڪيندا رهيا کيس سندس مهمانن جي حفاظت کان، پوءِ کسي ورتي سين سندن ديد، ته چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي تنبيهن جو |
| وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
|
۽ اچي ويو صبح سوير ئي هڪ اڻ ٽر عذاب هميشه وارو |
| فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
|
پوءِ چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي تنبيهن جو |
| وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
|
۽ بڻايو آهي اسان آسان هن قرآن کي نصيحت ڪرڻ وارو، پوءِ آهي ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو؟ |
| وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
|
۽ آيون هيون فرعون جي قوم وٽ تنبيهون |
| كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
|
ڪوڙو ڄاتو انهن اسان جي مڙني آيتن کي، پوءِ اسان کين پڪڙيو جيئن پڪڙيندو آهي ڪو زبردست قدرت وارو |
| أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
|
ڇا توهان جا ڪي ڪافر چڱا آهن انهن ماڻهن کان؟ يا توهان جي لاءِ آسماني ڪتابن ۾ لکيل آهي ڪا نجات؟ |
| أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
|
يا انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسين سڀ پنهنجو بچاءُ ڪنداسين؟ |
| سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
|
هارائيندو جلد ئي اهو ٽولو ۽ ڀڄندو پٺي ڏئي |
| بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
|
پر قيامت جو ڏينهن وعدي وارو، ۽ اها قيامت وڌيڪ آفت ۽ ڏکي گهڙي آهي |
| إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
|
بيشڪ اهي ڏوهاري آهن غلط فهميءَ ۾ پيل ۽ مت ماريل |
| يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
|
جنهن ڏينهن اهي گِهليا ويندا باهه ۾ منهن ڀر، ته ان ڏينهن کين چيو ويندو ته چکو لهس دوزخ جي |
| إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
|
بيشڪ سڀ شيون پيدا ڪيون ويون آهن اندازي سان |
| وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
|
۽ ڪو حڪم اسان جو هڪ ئي هوندو آهي جيڪو اک ڇنڀ ۾ عمل ۾ ايندو آهي |
| وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
|
۽ ڪيا آهن ڪيترا ئي هلاڪ توهان جهڙا گروهه، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ |
| وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
|
۽ جو ڪجهه ڪيو آهي انهن، سڀ درج آهي دفترن ۾ |
| وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
|
۽ هرڪا ننڍي ۽ وڏي ڳالهه سڀ لکيل آهي |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
|
بيشڪ نافرماني کان بچيل (ماڻهو) باغن ۽ نهرن ۾ هوندا |
| فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
|
سچي عزت واري جاءِ ويجهي وڏي اقتدار واري جي |