وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
تاري جو قسم جڏهن ٽٽو، |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
ته اوهان جو ساٿي (محمد) نه گمراھ ٿيو ۽ نه ڀٽڪيو. |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
۽ اهو ته پنهنجي نفساني خواهش سان ڪجھ به نٿو ڳالهائي. |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
اهو ته رڳو وحي آهي جو موڪليو وڃي ٿو. |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
کيس تمام طاقت واري (فرشتي جبرئيل) تعليم ڏني آهي جو تمام زبردست آهي. |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
ته اهو (پنهنجي صورت ۾) سڌو ٿي بيٺو. |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
۽ جڏهن اهو (آسمان جي) مٿاهين (مشرقي) ڪناري تي هو. |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
وري ويجهو ٿيو ۽ اڳتي وڌيو. |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
(پوءِ جبرئيل ۽ محمد ۾) ٻن ڪمانن جو فاصلو رهجي ويو بلڪ تنهن کان به ويجهو. |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
خدا پنهنجي عبد ڏي جو وحي ڪيو سو ڪيو! |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
ته جيڪي ان ڏٺو سندس ڪوڙ نه سمجهيو. |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
ته ڇا اهو (رسول) جيڪي ڏسي ٿو اوهين ماڻهو تنهن ۾ ان سان جهڳڙو ڪريو ٿا؟ |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
۽ ان ته هن (جبرئيل) کي هڪ ڀيرو (معراج جي رات) وري ڏٺو. |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
سدرة المنتهى جي ڀرسان. |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
ان وٽ ته رهڻ جو بهشت آهي. |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
جڏهن ڇانئجي رهيو هو سدرة تي جو ڇانئجي رهيو هو. |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
(تنهن وقت به) سندس اک نه ٿڙي، ۽ نه حد کان لنگهي ويئي. |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
بيشڪ ان پنهنجي پروردگار (جي قدرت) جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون. |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
ڇا پوءِ اوهان لات ۽ عزى کي ڏٺو آهي. |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
۽ پوئين ٽئين منات کي (ڏٺو آهي) (ڀلا اهي خدا ٿي سگهن ٿا؟) |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
ڇا اوهان لاءِ ته پٽ آهن ۽ ان (خدا) لاءِ ڌيئرون آهن؟ |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
اها ته وڏي بي ڍنگي ورهائپ آهي. |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
هي رڳا نالا ئي نالا آهن جي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن گهڙيا آهن، خدا ته ان (جي ثابتيءَ) لاءِ ڪا به سند نازل نه ڪئي آهي. اهي ماڻهو ته رڳو اٽڪل (بازي) ۽ پنهنجي نفساني خواهش جي پويان هلي رهيا آهن. هوڏانهن وٽن سندن پالڻهار جي طرفان هدايت به اچي چڪي. |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ڀلا انسان جنهن شيءِ جي خواهش ڪندو سا کيس (ضرور) ملندي ڇا؟ |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
آخرت ۽ دنيا ته خاص خدا جي اختيار ۾ آهي. |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
پڻ آسمان ۾ ڪيئي فرشتا آهن جن جي سفارش به ڪجھ ڪم نه ٿي اچي پر خدا جنهن لاءِ گهري (ته) اجازت ڏي ۽ پسند ڪري ته پوءِ (اهي سفارش ڪري سگهن ٿا) |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي فرشتن جا نالا زالن جي نالن تي ٿا رکن. |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
هوڏانهن کين ڪا به خبر نه آهي. اهي ماڻهو ته رڳو گمان تي هلن ٿا. ۽ بيشڪ گمان سچيءَ (جي سمجهڻ) ۾ ڪجھ به ڪم نه ٿو اچي. |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
ته پوءِ (اي رسول) تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه گهريو. |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
اها سندن سمجھ جي انتها آهي. بيشڪ تنهنجو رب ئي (ان ڳالھ) کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جو سندس (سڌي) راھ کان پري وڃي پيو، پڻ اهو ئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو (سڌي) راھ تي هلي ٿو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جو آسمان ۾ آهي سو (سڀ) خدا جو ئي آهي، ته (پوءِ) جن بڇڙائي ڪئي آهي تن کي سندن ڪرتوتن جي سزا ڏئي ۽ جن ڀلائي ڪئي آهي تن کي تمام چڱيءَ شيءِ سان عوض ڏئي. |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
جي ننڍن گناهن کان سواءِ وڏن گناهن کان ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان بچندا رهن ٿا. ڇو ته (اي پيغمبر) تنهنجو پالڻهار ڪشادي بخشڻ وارو آهي. (۽) اهو اوهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جڏهن ان اوهان کي مٽيءِ مان پيدا ڪيو ۽ جڏهن اوهين پنهنجين مائن جي پيٽ ۾ ڪچا ٻار هئا. ته پوءِ (وڏائي کان) اوهين پنهنجي پاڪائي بيان نه ڪندا ڪريو جيڪو پرهيزگار آهي تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
ڀلا (اي رسول) تو ان کي به ڏٺو، جنهن منهن ڦيريو. |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
۽ ٿورڙو (خدا جي راھ ۾) ڏنو ۽ پوءِ ڪنجوسي ڪئي. |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي جو اهو ڏسي رهيو آهي؟ |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
ڀلا جيڪي موسى جي صحيفن ۾ آهي تنهن جي ان کي خبر نه ڏني ويئي آهي ڇا؟ |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
پڻ ابراهيم جي (صحيفن ۾) جنهن (پنهنجو حق) پورو (پورو) ادا ڪيو. |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
(انهن صحيفن ۾ هي آهي) ته ڪوئي شخص ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو. |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
پڻ هي ته انسان کي اهو ئي (ڪجھ) ملندو آهي جنهن جي اهو ڪوششش ڪندو آهي. |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
۽ ان جي ڪوشش ضرور (قيامت ۾) ڏٺي ويندي. |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
وري کيس ان جو پورو بدلو ڏنو ويندو. |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
۽ هي ته (سڀني کي نيٺ) تنهنجي پروردگار ڏي ئي پهچڻو آهي. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
۽ هي ته اهو ئي کلائي ۽ رئاري ٿو. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
۽ هي ته اهو ئي ماري ۽ جياري ٿو. |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
۽ هي ته اهو ئي نر ۽ مادي ٻن قسمن جا (حيوان) پيدا ڪري ٿو. |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
نطفي مان جڏهن (رحم ۾) وڌو وڃي ٿو. |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
۽ هي ته ان تي ئي (قيامت ۾) ٻيو ڀيرو اٿارڻ لازم آهي. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
۽ هي ته اهو ئي مالدار ڪري ۽ دولت عطا ڪري ٿو. |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
۽ اهو ئي شعراي (تاري) جو مالڪ (مختار) آهي. |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
۽ هي ته ان ئي پهرئين (قوم عاد) کي برباد ڪيو. |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
پڻ (قوم) ثمود کي به مطلب ته (ڪنهن کي به) باقي نه ڇڏيائين. |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
۽ انهن کان اڳ نوح جي قوم کي به ڇو ته اهي وڏا ظالم ۽ تمام سرڪش هئا. |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
۽ ان ئي (لوطي قوم جي) اونڌي ٿيل ڳوٺن کي هيٺ اڇلايو. |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
۽ وري انهن کي ان مصيبت اچي ويڙهيو جا (کين) ويڙهي وئي. (پوءِ مٿن جو ڇانيو سو ڇانيو). |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ (اي انسان آخر) تون پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن ۾ شڪ ڪرين ٿو. |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
هي (محمد) به اڳين ڊيڄاريندڙن مان هڪ ڊيڄارڻ وارو پيغمبر آهي. |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
قيامت ويجهي اچي وئي. |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
خدا کان سواءِ ان کي ڪو به ٽاري نه ٿو سگهي. |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
ته ڇا اوهين ماڻهو ان ڳالھ تي عجب ڪريو ٿا؟ |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
۽ کلو ٿا ۽ رئو نه ٿا! |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
۽ اوهين غفلت ۾ آهيو. |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
ته پوءِ خدا کي سجدو ڪريو ۽ (ان جي) عبادت ڪريو. |