وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
تارو شاهد شرع ۾، جڏهن ٿيو غائب غار، |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
ته مُنجهيو نه مُرسل اَنهنجو، ۽ نه واٽان وِرسيو وار، |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
۽ نه ڪِي سَکِڻي سَڌ کان، ٿو گوهر ڪري مگُـفتار، |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
ناهي سو مَذڪُور، مگر نِياپاِنِبار، پاران پالڻهار، جو وَڃي وَحي موڪليو. |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
تِنهن کي، ڪَئـِين طاقتن جي، صاحِب سيکاريو، |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
طاقتمند تمام گھڻو، پوءِ سِڌو سنواريو، |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
۽ هُئو سو قراريو، اُچي ڪِناري اُڀ جي. |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
وَري پوءِ ويجھو ٿيو، پوءِ ڪيائـِين اوڏو ڪَنڌ، |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
پوءِ ٻن ڪمانن جي، وِچ جيترو، هردو وِچ هو پَنڌ، يا اِنهيان ئـِي اوڏڙا ٿيا، هِڪ ٻئي کي، تِنهن هَنڌ، |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
پوءِ پُڄارِي کي، اُن جي، خبرون خُداوند، پُهچايو پاء بَند، جي پَريان هُيسِ، پُهچائڻيون. |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
قَلب نه ڪُوڙ ڪوٺيو، جو ڏِٺو پيغمبر پاڻ، |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
اُنهِئَ سان اِن ڳالھ ۾، پوءِ ڇو ڪريو ڇڪتاڻ؟ نَبِي نيڻن ساڻ، جيڪِي پاڪ پَسي ٿو، پڪ سان. |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
۽ هِن ته حَقِيقت ۾ ڏِٺو، ڀيري ٻي ڀَلير، |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
وَٽ سِدْرَةُ المُنْتَهٰى، جا دَنگ دُنيا جِي ٻـير، |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
جنهن وٽ باغ بهشت جا، سُنهن وير سَوير، |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
جڏهن ڍَڪِيسِ، جنهن ٿي ڍَڪيو، مٿانِس وَريا، وَرِي جِنهن وير، |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
نَه اوڏهِين ڪَئـِين اَک ڦير، ۽ نه لالن لِيڪو لنگھيو. |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
پَنهنجي پالڻهار، جي نِيشانِيَن مَنجھا، نَبِي نيڻن سان ڏِٺِي، وَڏِي نِشانِي ڪا، |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
اوهان عُزا، لات کي، اکيين ڏٺو ڇا؟ |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
ٽِي ماتا مَنات کي، جا مِڙنيان پوئـِين ماء، |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
ڇا، آهن پُٽ اَوهان لئي، ڌيون ڌڻي لاءِ؟ |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
آھِ بنہ بيجاءِ، اِهو وِرهاڱو ويسلا!. |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
اُهي ڪا شئِ آهِن ڪانه، نسورن نالن ري، اوهان ۽ اوهان جي مائٽِين، ٿاڦِيا اِهي ٿان، اُتاري نه اُن جي باب ۾، ڪا ثابتي سُبحان، هِي نه هلن ٿاحق مَٿي، سوا شڪ، گُمان، پڻ نفس سَندِن نادان، خالي ڪن ٿا، جي خواهشون. سَندنِ سائـِينءَ پار کان، سُونهپ راھ سَچِي، اَوس ويئـِي اَچِي، اُنهن کي هِدايت حَق جِي. |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ڇا، آهي وَس اِنسان جي، هَر چِيز جو چاهي، |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پوءِ ﷲ لئي آهي، پويون جَڳ، پڻ پهريون. |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
۽ اُڀن ۾ آهِين ڪَئـِين، مَلائـِڪ موجود، ڪِنهن کي ڪوڏِي ڪِين ڏِئي، سَندنِ سُفارش سُود، مگر موڪل کان پُٺيان، جڏهن مالِڪ ڏِئي مَعُبود، سو پڻ اُن اِنسان لئي، جيڪو وَڻي رَبَّ، وُدود، خُود ُخدا ٿـئـِي خُوشنود، آزادِئَ ۾ اُن جي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
اَصل نه آڻِين جي، آخرت تي اِيمان، مادِيَن جا، مَلڪن تي، جي رکن نام نشان، |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
۽ اُنهن کي، اِن باب ۾، ٻِي ڪَل آهي ڪانه، ٻِي نه وَٽن واٽ ڪا، ڌاران غلط گمان، حق ڪنان هَر آن، وَهم نه ڇَڏائي وارڪو. |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
جَن اَسان جي ذِڪر کان، مُنهن موڙيو، تن کان مُنهن موڙ، هن حَياتِي نَنڍئَ ري، ٻي طَلب نَه رَکن توڙ، |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
اِي سَمجھ سَندنِ جو ڇوڙ، اِئُ پُهچ سَندِن پَرُوڙ جِي. تُنهنجو آگو اُن کي، آهي پَرکِيندڙ پاڻ، جو وِرسيو سَندسِ واٽ کان، ڀُليو ڪنان ڀاڻ، پڻ جو سَنئون هَليو سُڄاڻ، تِنهنجو به پُورو پارکو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
۽ آهِن جي اُڀن ۾ پڻ جي ڀُون ۾ بي گمان، آهِن سَڀ اَلله جا، سي جُمله جَڳ جَھان، تان جَن ڪوجھا ڪم ڪيا، تَن سَزا ڏِئي سُبحان، ۽ ڪري اُنهن تي اِحسان، جن چڱن، چڱايون ڪيون. |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
جي رهن رذالت ڪنان، پڻ ڏوهن وڏن کان ڏُور، مگر مُختصر ڪي، ڪڏهن ڪڏهن قُصور، مالِڪ تُنهنجو مُور، آھِ ڪُشادو ڪَر من ۾. آهي واقف اَهنجو، اُوڀَلو، کان بُنياد، جڏهن ڪَيائـِين ڪَرڪَ مِٽئ مان، اوهان کي، اِيجاد، پڻ اَهنجي اَمڙن پيٽ ۾، جڏهن اَوهِين هُئا اولاد، پوءِ پاڪ نه ڪوٺيو، پَنهنجا، نَفَس نامُراد، سِيل رکيو جِنهن ساڌ، آگو آگاھ اُن ڪنان. |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
پوءِ ڪِه نَه ڏِٺئـِي اُن کي؟ جو ٿيو پُٺيرو پاڻ، |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
ڏان ڏِنائـِين ٿورڙو، جَجِھي ڏيکارئـِين ڪاڻ، |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
ڪِ اُن وَٽِ عِلم غيب جو، پوءِ اکيِـين ڏِسي اَڄاڻ؟ |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
يا اُن جو نه ٿِئَسِ ڄاڻ، جو ثابِت صَحِيفن ۾؟ |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
ثابِت صَحِيفن ۾، جي مُوسٰى ۽ اِبراهِيم، جِنهن پُورِئَ رِيت پارِيا، حُڪم سَڀ حَڪِيم، |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
چِٽو چَيل تن ۾، هِي فيصلو فَهِيم، ته اڳتي بار عَظِيم، ڪو کَڻندڙ، کَڻي نَه ٻِئي جو. |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
۽ ثابِت صَحِيفن ۾، آهي اِي اَمر، ته ماڻهوءَ لئي ناھِ مگر، |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
سَڀناهِين سَمر، سِگھو سَعيو پَنهنجو، پَسندو سَربسر، |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
پورهيو پورئَ پَر، موٽِي مِلندو اُن کي. |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
۽ ثابِت صَحِيفن ۾، اِهو پڻ اَذڪار، ته تُنهنجي پَروَر پارِ، آهي آخِر موٽڻو. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
۽ ثابِت صَحِيفن ۾، اِهو پاند پَرو، ته ڪِن کِلائـِين کَرو، ۽ ڪِن کي رَت رُئاڙِيو. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
ثابِت صَحِيفن ۾، مِڙئـِي اِي مَذڪُور، ته ماريو تِنهِين مُور، پڻ جِياريو جھان کي. |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
۽ ثابت صَحِيفن ۾، صَحِي سُڌ سَنڀار، ته جوڙيا تِنهن جَهان ۾، جوڙا، نَر ۽ نار، |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
نُطفي مان نِروار، جو هاريو وَڃي ڪِنهن هَنڌ ۾. |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
۽ ثابِت صَحِيفن ۾، اِي حقيقت بَرحق، ته آهي مَٿِس مُطلق، جوڙڻ ٻئي جَھان جو. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
۽ ثابِت صَحِيفن ۾، فائـِق فرمُودو، تن اُن ڪيو آسُودو، ۽ موڙِي ڏِنائـِين مُورهِين. |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
۽ ثابِت صَحِيفن ۾، بيان اهو بي شڪ، ته آهي پاليندڙ پڪ، نکٽ شِعرانام جو. |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
ثابت صَحِيفن ۾، اِهوئـِي ارشاد، ته بي شڪ اُن برباد ڪيو، اڳ ۾ اِرم عاد، |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
پڻ قادر قوم ثَمُود، جو، بي شڪ پَٽيو بُنياد، ڪوڪانِهيو ڪارن ياد، هرگز نه ڇڏيائـِين هيڪڙو. |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
۽ قوم نَبِئَ نُوح، ڪَئـِين اِنهيان اڳ اُجاڙ، هُئا جَفا ڪندڙ جاڙ، ۽ گھڻو سي گُمراھ هُئا. |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
پڻ اُونڌي ٿيل شهر کي، هَڻِي ڇَڏيائـِين هيٺ، |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
پوءِ اُن کي، نيٺانيٺ، جِنهن ڍَڪيو تنهن ڍَڪي ڇڏيو |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ پَنهنجي پالڻهار جون، هي ڏاتيون ڏينهان، رات، ڪِهڙِئ مَنجھ ڏات، جاهل! جھڳڙا تون ڪرين. |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
پهرين ڄاڻوين مان، ڄاڻوئـِي، هِي ڄام، |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
ڇَڏيو قابل ! قابِليتون، قابُوپَئـِي قِيام، |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
اُن جو ري عَلام، ڪونهي کوليندڙ، خلق ۾. |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
پوءِ ڏڇا، اَوهِين اِن ڳالھ تان، ٿا عَجب ڪريو اظهار؟ |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
۽ ٻَڌا ٻَڌا ٽَهڪ ڏِيو، ۽ رُئو نَه زارو راز، |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
۽ اَوهِين ته آهيو اُٽلندو، کيڏارِي خوار، |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
پوءِ جُھڪو پيش جَبَّار، پڻ پُوڄِيو پالڻهار، کي. |