وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
”لهندڙ تارو“ شاهد آهي |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
ته اوهان جو دوست (محمدﷺ) نڪي ڀُليو ۽ نڪي بي راهه ٿيو. |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
۽ نڪي هو دل جي سڌ کان ڳالهائيندو آهي، |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
پر رڳو وحي آهي، جو موڪليو ويندو آهي. |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
اهو کيس وڏيءَ سگهه واري سيکاري آهي. |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
جو زور وارو آهي، اهو سڌو ٿيو، |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
۽ اهو آسمان جي مٿانهين ڪناري تي هو_ |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
وري ويجهو ٿيو ۽ پوءِ هيٺ لٿو. |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وٿي هئي يا ان کان به ويجهو هو. |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
پوءِ پنهنجي ٻانهي ڏانهن جيڪو حڪم رسائڻو هوس، سو وحي ڪيائين. |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
جيڪي انجي دل ڏٺو، سو ڪوڙ نه سمجهيائين، |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
جيڪي (نبي) ڏسندو آهي، تنهن بابت ساڻس جهڳڙو ڇو ٿا ڪريو؟ |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
بيشڪ هن ته انهي کي ٻيو ڀيرو به ڏٺو هو، |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
”سدرة المنتهيٰ“وٽ |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
اتي رهڻ جو بهشت آهي، |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
جڏهن سدرة کي انهي ڍڪڻ واري ڍڪيو ٿي_ |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
رسول جي اک نڪي ٿڙي، نڪي حد کان لنگهي، |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
بيشڪ، هن پنهنجي ڌڻيءَ جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون. |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
ڇا؛ اوهان ”لات“ ۽ ”عزا“ کي ڏٺو آهي؟ |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
۽ پوئينءَ ٽئين ”منات“ کي به؟ |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
ڇا اوهان لاءِ پٽ آهن، ۽ الله لاءِ ڌيئرون؟ |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
اهو ورهاڱو ته بي انصافيءَ وارو آهي! |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
اهي رڳا نالا آهن جي اوهان پاڻ ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کڻي مقرر ڪيا آهن، الله انهن بابت ڪو دليل نازل نه ڪيو آهي- هي فقط اٽڪل تي ۽ سندن دل جي سڌ تي ٿا هلن ۽ بيشڪ وٽن سندن پالڻهار وٽان هدايت آئي آهي. |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ڇا، انسان جيڪا سَڌ ڪندو آهي، اها کيس ضرور ملندي؟ |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پوءِ هو جهان ۽ هيءُ جهان سڀ الله جا آهن_ |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ذري جيترو به فائدو نه ڏيندي، سواءِ انهي جي، جو الله جنهن لاءِ گهري ۽ راضي ٿي موڪل ڏئي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
بيشڪ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين، سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آهن؛ |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
۽ انهي جو انهن کي ڪو به علم ڪونهي، رڳو گمان تي هلندا آهن، ۽ بيشڪ گمان ته حقيقت جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪو به فائدو اصل نٿو ڏئي. |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
پوءِ انهي کان منهن موڙ، جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه گهريائين. |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
اها سندن علم جي پڄاڻي آهي_ بيشڪ، تنهنجو ڌڻي انهي کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪو سندس واٽ کان ڀليو ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو، انهي کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو آهي، ته جن بڇڙا ڪم ڪيا، تن کي سندن ڪمن ڪري سزا ڏئي ۽ انهن کي چڱائي جو بدلو ڏئي، جن چڱا ڪم ڪيا؛ |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
جيڪي ننڍن گناهن کان سواءِ وڏن گناهن ۽ بي حيائي کان پاڻ کي بچائين ٿا. بيشڪ تنهنجو ڌڻي وڏي بخشش وارو آهي؛ اهو اوهان کي چڱو ڄاڻندڙ آهي، جڏهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏهن اوهين پنهنجن مائن جي پيٽن ۾ ٻار هئا- تنهن ڪري اوهين پاڻ کي نه ساراهيو، الله ان کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي، جيڪو نيڪ ٿيو- |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
پوءِ انهي کي نه ڏٺو اٿئي؟ جيڪو ڦريو، |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
۽ ٿورڙو ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو- |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
وٽس (ڳجهه) جي خبر آهي ڇا؛ جو ڄڻڪ اهو (سڀ) اکين سان ڏسندو آهي؟ |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
انهيءَ جي کيس خبر نه ڏني وئي ڇا، جيڪي موسيٰ جي صحيفن ۾ آهي؟ |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
۽ ابراهيم جي، جنهن الله جي حقن کي پورو ڪيو، |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
ته ڪو به بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو؛ |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
۽ انسان جي واسطي رڳو اهو ئي آهي جيڪي ڪمايائين. |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
۽ ان جي ڪوشش سگهو ئي ڏٺي ويندي. |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
پوءِ ان کي پورو پورو بدلو ڏنو ويندو، |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
۽ تنهنجي رب ڏانهن ئي پڄاڻي آهي- |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
اُهو ئي کلائي ٿو اُهو ئي رُئاري ٿو. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
اهو ئي ماري ۽ اهو ئي جيئاري ٿو. |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
ان (الله) ئي نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بنايو- |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
اڇلايل ڦُڙي جي هارجڻ مان |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
اهو ئي ٻيو ڀيرو پيدا ڪندو، |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
اُهو ئي آسودو ڪري ٿو ۽ موڙي ڏئي ٿو، |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
۽ اهو ئي ”شعريٰ“ (تاري) جو ڌڻي آهي. |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
۽ ان ئي پهرئين عاد کي ناس ڪيو. |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
۽ ثمود کي به؛ پوءِ انهن مان باقي نه ڇڏيائين؛ |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
۽ ان کان اڳ نوح جي قوم کي به ناس ڪيائين، جو اُهي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد لنگهيل هئا. |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
۽ اونڌي ڪيل (شهر) کي هيٺ اڇليائين. |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
پوءِ انکي ڍڪڻ واري ڍڪي ڇڏيو. |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ اي انسان! پنهنجي رب جي ڪهڙي نعمتن ۾ شڪ ٿو ڪرين؟ (نعمتن جو بيان ڪهڙي شڪ ۾ ٿو ڪرين؟) |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
هي اڳين ڊيڄاريندڙن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آهي. |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
ويجهي اچڻ واري (قيامت) ويجهي آهي. |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
ان کي الله کان سواءِ ظاهر ڪرڻ وارو ٻيو ڪونهي- |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
ڇا اوهين هن ڳالهه کي عجب ٿا ڪريو؟ |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
۽ کلو ٿا ۽ روئو نٿا؟ |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
۽ اوهين راند ڪري رهيا آهيو؟ |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
پوءِ الله لاءِ سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو_ (سجدو) |