وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
قسم آهي تاري جو جڏهن هيٺ لٿو . |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
نه ڀليو ساٿي اوهان جو ۽ نه بي راهه هليو . |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
۽ نه ٿو ڳالهائي خواهش نفس جي سان . |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
ناهي اهو مگر وحي جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو . |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
سيکاريو ان کي سخت طاقت واري . |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
زور واري پوءِ استواء فرمايائين . |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
۽ اهو طرف مٿاهين تي آهي . |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
ان کان پوءِ ويجهو ٿيو پوءِ اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيو . |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
پوءِ ٿيو قدر ٻن ڪمانن جو يا اڃان وڌيڪ ويجهو . |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
پوءِ وحي ڪيائين پنهنجي ٻانهي ڏانهن جيڪو وحي ڪيائين . |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
نه ڪوڙو چيو دل جيڪو ڏٺائين . |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
ڇا پوءِ جهيڙو ڪيو ٿا ان سان ان تي جيڪو ڏسي ٿو . |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
۽ البته تحقيق ڏٺائين ان کي ڀيرو ٻيو . |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
سدرة منتهى وٽ . |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
ان وٽ جنت الماوى آهي . |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
جڏهن ڇانئجي ويو سدرة تي جيڪو ڇانئجي ويو . |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
نه ٿڙي اک ۽ نه حد کان وڌي . |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
البته تحقيق ڏٺائين پنهنجي رب جون وڏيون نشانيون . |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
ڇا پوءِ اوهان لات ۽ عزى کي ڏٺو . |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
۽ پوئين ٽئين مناة کي . |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
ڇا اوهان جي لاءِ پٽ ۽ ان جي لاءِ ڌيء آهي . |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
اها ان وقت تقسيم بي انصافيءَ واري آهي . |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
ناهن مگر نالا جو رکيا اهي اوهان ۽ اوهان جن ابن ڏاڏن نه لاٿو الله انهن جي لاءِ ڪو دليل نه ٿا اتباع ڪن مگر گمان جي ۽ جيڪي خواهش رکن ٿا نفس ۽ البته تحقيق آئي انهن وٽ سندن رب وٽان هدايت . |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ڇا انسان جي لاءِ اهو آهي جيڪو تمنا ڪيائين . |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پوءِ الله جي لاءِ آهي آخرت ۽ دنيا . |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
۽ ڪيترا ملائڪ آهن آسمانن ۾ نه فائدو ڏيندي شفاعت انهن جي ڪجهه به مگر ان کان پوءِ جو موڪل ڏئي الله جنهن جي لاءِ گهري ۽ راضي ٿئي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي البته نالو رکن ٿا ملائڪن جو عورتن جهڙو نالو . |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
۽ ناهي انهن کي ان جو ڪو علم نه ٿا اتباع ڪن مگر گمان جي ۽ بيشڪ گمان نه ٿو فائدو ڏئي حق جي بجاءِ ڪجهه به . |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
پوءِ منهن موڙ ان کان جنهن موڙيو اسان جي ذڪر کان ۽ نه ارادو ڪيائين مگر دنيوي حياتيءَ جو . |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
اها پڄاڻي انهن جي آهي علم مان بيشڪ تنهنجو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراهه ٿيو ان جي واٽ کان ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو هدايت وارو ٿيو . |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
۽ الله جو آهي اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي تانته سزا ڏئي انهن کي جن برائي ڪئي ان جي جيڪو ڪيائون ۽ بدلو ڏئي انهن کي جن چڱا ڪم ڪيا ڀلائيءَ سان . |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
اهي جيڪي بچن ٿا وڏن گناهن ۽ بيحيائين کان مگر ننڍا گناهه بيشڪ تنهنجو رب ڪشادي مغفرت وارو آهي اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي اوهان کي جڏهن پيدا ڪيائين اوهان کي زمين مان ۽ جڏهن اوهان ڪچا ٻار هيئو پنهنجين مائرن جي پيٽن ۾ پوءِ نه پاڪ بيان ڪيو پنهنجن نفسن کي اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ع |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
ڇا پوءِ ڏٺو تو ان کي جيڪو ڦريو . |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
۽ ڏٺائين ٿورو ۽ ڪنجوس ٿيو . |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي پوءِ اهو ڏسي ٿو . |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
يا نه خبر ڏنو ويو ان جي جيڪو موسى جي صحيفن ۾ آهي . |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
۽ ابراهيم جي، جنهن وفا ڪئي . |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
ته نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو . |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
۽ هي ته ناهي انسان جي لاءِ مگر جيڪو ڪمايائين . |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ ڪمائي ان جي جلد ڏٺي ويندي . |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
ان کان پوءِ جزا ڏنو ويندو ان جي جزا پوري . |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
۽ بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن انتها آهي . |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
۽ بيشڪ ان ئي کلايو ۽ روئاريو . |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
۽ بيشڪ ان ئي ماريو ۽ زندھ رکيو . |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ ان ئي پيدا ڪيو جوڙ مرد ۽ عورت . |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
(منيءَ جي) ڦڙي مان جڏهن وڌو وڃي ٿو . |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ ان تي ئي آهي پيدا ڪرڻ ٻيو ڀيرو . |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ ان ئي غني بنايو ۽ مسڪين ڪيو . |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اهو ئي شعرى جو رب آهي . |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
۽ بيشڪ ان هلاڪ ڪيو عاد پهرئين کي . |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
۽ ثمود کي پوءِ نه باقي رهايائين . |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
۽ نوح جي قوم اڳ ۾ بيشڪ اهي ئي هئا وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش . |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
۽ اونڌو ڪري ڪيرايلن کي هلاڪ ڪيائين . |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
پوءِ ڍڪيو انهن کي ان جنهن ڍڪيو . |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙي نعمت ۾ شڪ ڪرين ٿو . |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
هي ڊيڄاريندڙ آهي پهرين ڊيڄاريندڙن مان . |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
ويجهي ٿي قيامت . |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
ناهي ان جو الله کان سواءِ ڪو ظاهر ڪندڙ . |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
ڇا پوءِ هن ڳالهه کان عجب ۾ پئو ٿا . |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
۽ کلو ٿا ۽ روئو نه ٿا . |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
۽ اوهان راند ڪندڙ آهيو . |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
پوءِ سجدو ڪيو الله جي لاءِ ۽ عبادت ڪيو. السجدة |