وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
قسم آهي تاري جو جڏهن هو لهي ويو. |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
توهان جو ساٿي (محمد ﷺ) نه ته گمراهه آهي ۽ نه ئي (حق کان) ڀٽڪيو آهي. |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
نه هو پنھنجي مرضيءَ سان ڳالهائيندو آهي. |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
(اها ته) هڪ وحي هوندي آهي جيڪا مٿس نازل ڪئي ويندي آهي. |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
ان کي هڪ وڏي طاقت واري (ملائڪ) کيس (وحي جي ذريعي ڳالهائڻ) سيکاريو آهي. |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
اُهو (سيکاريندڙ) وڏو داناءُ آهي. هُن جي اڳيان هو (ادب سان اچي) بيٺو. |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
۽ هُو (ايترو ته وڏو هو جو ) آسمان جي آخري ڪناري سان پئي وڃي لڳو. |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
پوءِ هُو ويجهو ٿيو ۽ اڳتي وڌي آيو. |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
پوءِ هو ٻن هٿن جي برابر يا ان کان به گهٽ فاصلي تائين ويجهو ٿيو. |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
۽ هُن الله تعالى جي ٻانهي (نبي سڳوري) کي وحي پھچائي جيڪا کيس پھچائڻي هئي. |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
(نبي سڳوري اهو سڄو منظر) اهڙي طرح ڏٺو جو سندس دل ان کي ڪوڙو (يا خيالي تصوّر) نه سمجهيو. |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
ڇا توهان اُن سان اهڙي شيءِ ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا جنھن کي هو (خود پنهنجي اکين سان) ڏسي ٿو؟ |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ (نبي سڳوري) اُن (جبرائيل $ ) کي وري ٻيھر لهندي ڏٺو. |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
سدرة المنتهى (يعني وڏي ٻير جي وڻ) وٽ |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
جنهن سان گڏ جنت الماوى به آهي. |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
ڇانئجي وڃڻ وارو جڏهن ٻير جي وڻ جي مٿان صفا ڇانئجي وڃي پيو. |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
ته (پيغمبر سڳوري جي) نه اک ٿڙي ۽ نه حد کان لنگهي. |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
بيشڪ هن (پيغمبر سڳوري) پنھنجي پالڻھار جون وڏيون نشانيون ڏٺيون. |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
ڇا توهان لات ۽ عزى (بتن) کي ڏٺو آهي؟ |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
۽ ٽئين منات (بت) جي حال تي غور ڪيو آهي؟ |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
(ڏسو ته) توهان لاءِ پُٽ آهن ۽ الله تعالى جي لاءِ ڌيئرون . |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
اها ورهاست ته سراسر ناانصافي تي ٻڌل آهي. |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
اهي ته رڳو نالا آهن جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله تعالى اُنهن جي لاءِ ڪابه سَنَدَ نازل نه ڪئي آهي. هي رڳو پنھنجي خيالن ۽ خواهشن جي پويان هلندا آهن. حالانڪه انهن وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرفان هدايت اچي چڪي آهي. |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ڇا انسان کي (دنيا ۾) هر اها شيءِ (ضرور) ملي جنھن جي هُو تمنا ڪري؟ |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
حالانڪه دنيا ۽ آخرت جو مالڪ ته الله تعالى ئي آهي. |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ڪجهه به ڪم نه اچي سگهندي. جيستائين الله تعالى اهڙي شخص جي حق ۾ اجازت نه ڏي، جنھن لاءِ هُو خود سفارش ٻڌڻ چاهي ۽ پسند به ڪري (پوءِ اها سفارش قبول پئجي سگهي ٿي) |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين، سي وري ملائڪن جي مٿان عورتن وارا نالا رکن ٿا. |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
حالانڪه انهن کي ان معاملي جي ڪابه خبر نه آهي. هي رڳو گمانن جي پويان هلندا آهن پر حق کي سمجهڻ لاءِ گمان ڪڏهن به فائدو نه ڏيندا آهن. |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
(اي نبيﷺ!) جنھن اسان جي ذڪر کان منھن ڦيريو. سو اهڙي شخص کان توهان به پاسو ڪريو. انهن کي رڳو دنيا جي حياتي کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه کپي. |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
انهن جي علم (۽ سوچڻ) جو دائرو ايترو ئي آهي. بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي وڌيڪ خبر آهي ته ڪير اُن جي (سڌي) رستي تان گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌي رستي تي قائم آهي؟ |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو الله تعالى جو ئي آهي ته جيئن هو برائي ڪرڻ وارن کي سندن عملن جي سزا ڏئي ۽ جن ڀلائي ڪئي آهي تن کي سھڻو بدلو عطا ڪري. |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي وڏن گناهن ۽ بيحيائي جي ڪمن کان بچندا آهن. بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي بخشش جو دائرو تمام ڪشادو آهي. هو توهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جنھن وقت هن توهان کي زمين مان پيدا ڪيو هو ۽ جنھن وقت توهان مائرن جي پيٽن ۾ ڪَچڙي ٻار جي صورت ۾ هئا. سو توهان پنھنجي پاڪدامني بيان نه ڪريو. هو خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير ڪيترو وڌيڪ پرهيزگار آهي؟ |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
(اي نبيﷺ!)ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جنھن (حق کان) منھن ڦيريو. |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
۽ هن (آخرت جي عذاب کان بچڻ لاءِ) ٿوري رقم ڏني، (باقي رقم لاءِ) ڪنجوسي ڪئي. |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
ڇا کيس غيب جو علم آهي جو هو حقيقت کي اکين سان ڏسي رهيو آهي؟ |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
موسى ($) جي صحيفن ۾ جو ڪجهه آهي. ڇا کيس ان جي خبر نه ٻڌائي وئي آهي؟ |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
۽ ابراهيم ($جي صحيفن جي باري ۾) جنهن وفا داريءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو هو . |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
ته ڪير به بار کڻڻ وارو ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو. |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
(باقي) انسان لاءِ اهوئي ڪجهه آهي جنھن جي لاءِ هُن ڪوشش ڪئي. |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
بيشڪ عنقريب سندس ڪوشش ڏٺي ويندي. |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
پوءِ کيس ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
بيشڪ (آخرڪار) پھچڻ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي آهي. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
بيشڪ اُهو (الله) ئي آهي جنھن کلايو ۽ رُئاريو. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
بيشڪ اهو ئي آهي جنھن موت ڏنو ۽ زندگي بخشي. |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
بيشڪ هُن ئي نر ۽ ماديءَ جا جوڙا خلقيا. |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
مَني جي ڦڙي مان جڏهن اُهو (ٻچيدانيءَ ۾) اڇلايو وڃي ٿو. |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
بيشڪ ان کي ٻيھر پيدا ڪرڻ به اُن جي ذمي آهي. |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
بيشڪ اُن ئي مالدار ڪيو ۽ دولت عطا ڪئي. |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
بيشڪ شِعرى (تاري) جو به اُهو ئي پالڻھار آهي. |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
بيشڪ هُن ئي پھريان عاد قوم کي تباهه ڪيو. |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
۽ (ان کان پوءِ) ثمود قوم کي (به برباد ڪيو) ڪنھن هڪ کي به باقي نه ڇڏيو. |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
ان کان اڳ نوح ($) جي قوم کي (برباد ڪيو). بيشڪ اهي سڀ وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش ماڻهو هئا. |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
(لوط$جي قوم جي) اونڌي ڪيل شھر کي (مٿي کڻي) هيٺ اڇلايو. |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
پوءِ ان تي (پاڻي) پَيٽي ڇڏيائين جيڪو هُن پَيٽي ڇڏيو . (اهو شھر اڄ به بحر مردار جي شڪل ۾ موجود آهي) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ تون پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن تي شڪ ڪندين؟ |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
هي (رسول ته) پھرين ڊيڄاريندڙن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آهي. |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
ويجهو اچڻ واري گهڙي (اجهو) ويجهو اچي وئي آهي. |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به ان کي ٽارڻ وارو نه آهي. |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
ڇا ان ڳالهه تي توهان تعجب ڪريو ٿا؟ |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
رڳو کِلو ٿا (انجام کان ڊڄي) روئو نٿا. |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
(پوءِ به) توهان (پنهنجي) وندر ۾ لڳا پيا آهيو. |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
(توهان جي لاءِ چڱو هي آهي ته) الله تعالى جي اڳيان جهڪي وڃو ۽ (ان جي ئي) بندگي ڪريو. |