وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
قسم آهي تاري جو جڏهن اهو لٿو |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
نه ڀليو آهي توهان جو ساٿي (رسول) ۽ نه بي راهو ٿيو آهي |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
۽ نه اهو ڳالهائي ٿو نفس جي خواهش سان |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
هي (قرآن) ته هڪ وحي آهي مٿس نازل ٿيندو آهي |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
ان کي علم ڏنو آهي زبردست طاقت وارو |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
جيڪو وڏي حڪمت وارو آهي، اهو اچي سامون بيٺو |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
جڏهن ته اهو افق تي هو مٿاهين تي |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
پوءِ ويجهو اچي مٿي معلق (هڪ هنڌ) ٿيو |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
پوءِ ٻن ڪمانن برابر يا ٿوري وٿي تي |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
تڏهن وحي ان بندي (الله جي کي) پهچايو جيڪو وحي کيس پڄائڻو هو |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
(دل) ان ۾ ڪوڙ نه ملايو ڏٺو جيڪي به نظر |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
هاڻي توهان ساڻس جهيڙو ڪريو ٿا ان ڳالهه تي جنهن کي هو ڏسي ٿو اکين سان؟ |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
۽ هڪ ڀيرو وري ڏٺو ان کي لهندي اتي |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
ويجهو سدرة المنتهيٰ (ٻير جي وڻ) جي |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
جنهن جي ويجهو آهي جنت الماويٰ |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
ان وقت ڇانئجي رهيو هو سدرة تي جيڪي ڪجهه ڇانئجي رهيو هو |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
نه ٿڙي نظر ۽ نه حد کان لنگهي |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
۽ هن ڏٺيون ڪيتريون ئي نشانيون پنهنجي رب جون وڏيون |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
ڀلا توهان ته ڏٺو آهي ان لات ۽ عزيٰ کي |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
۽ ان منات ديوي ٽئين پوئين تي (غور به ڪيو آهي؟) |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
ڇا توهان لاءِ پٽ آهن ۽ خدا لاءِ ڌيئرون؟ |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
اهو ته ورهاڱو ئي ڏاڍو برو ٿيو |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
اصل ۾ اهي ڪجهه نالا آهن (ٻيو ڪجهه به نه) جيڪي رکيا آهن توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن، باقي نازل الله طرفان ڪابه سَنَدَ ناهي ٿي، حقيقت ۾ پيروي ڪن پيا ماڻهو رڳو وهم ۽ گمان جي ۽ مريد بڻيل آهن نفساني خواهشن جا، ۽ جڏهن انهن وٽ اچي وئي آهي پنهنجي رب طرفان هدايت |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ڇا انسان جو اهو ئي حق آهي ته جيڪي اهو گهري ٿو؟ |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پر الله ئي مالڪ آهي آخرت ۽ دنيا جو |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
۽ ڪيترا ئي موجود آهن فرشتا آسمانن ۾ پر ڪنهن به ڪم اچي نٿا سگهن انهن جي شفاعت لاءِ ڪنهن جي به، جيستائين ڪنهن اهڙي شخص جي حق ۾ حڪمِ الاهي نه ٿئي، جنهن لاءِ اهو عرض ٻڌڻ گهري ۽ پسند ڪري |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان نٿا رکن آخرت تي، اهي سڏين ٿا ملائڪن کي ديوين جي نالن سان |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
جڏهن ته انهن کي ڪوبه علم ناهي، اهي رڳو پيروي ڪن ٿا گمان جي، ۽ حقيقت ۾ گمان ڪم نٿو ڏئي سگهي حق جي جاءِ تي |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
پوءِ (اي نبي!) جيڪو شخص منهن موڙي ٿو اسان جي ذڪر کان ۽ جنهن کي ڪجهه به گهربل ناهي حياتيءَ دنيا کان سواءِ |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
تنهن کي ڇڏي ڏي سندس حال تي، (انهن جو مبلغ علم ته پڄاڻي به اها ئي) بيشڪ تنهنجو رب وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير ڀٽڪيل آهي ان جي رستي تان، ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي واٽ تي آهي |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
بيشڪ الله لاءِ آهي هر شيءِ آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، جيئن سزا ڏئي انهن ماڻهن کي جيڪي برائي ڪرڻ وارا آهن ۽ نوازي انهن ماڻهن کي سٺي بدلي سان جن سٺي راهه ورتي |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ڀڄندا رهيا وڏن گناهن کان ۽ بي حيائي پڌري کان، البته ڪي قصور ٿي وڃن ٿا، بيشڪ تنهنجي رب جي ڪشادي آهي مغفرت جي جهولي، اهو ئي ڄاڻي ٿو توهان کي ان وقت کان جڏهن ان پيدا ڪيو توهان کي زمين مان ۽ جڏهن توهان جنين (ڪچا ٻار) هئا پيٽن ۾ پنهنجي مائرن جي، تنهن ڪري پاڪائي جون دعويٰ نه ڪريو پنهنجي نفس جون، اهو ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته سچو متقي ڪير آهي |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
پوءِ (اي نبي!) تو ڏٺو ان شخص کي جيڪو ڦري ويو (الله جي واٽ تان) |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
۽ ڏئي ٿورو پوءِ رڪجي ويو |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
ڇا ان وٽ آهي علم الغيب جو اهو حقيقت کي ڏسي پيو؟ |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
ڇا ان کي پتو ناهي انهن ڳالهين جو جيڪي صحيفن ۾ موسيٰ جي |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
۽ ابراهيم جي (صحيفن ۾) بيان ٿيون جنهن وفا جو حق ادا ڪيو؟ |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
۽ اهو ته ڪجهه ناهي انسان جي لاءِ پر اهو جنهن جي ان ڪوشش ڪئي |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ ان جي ڪوشش جلدي ڏٺي ويندي |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
۽ کيس ان جي ڏني ويندي جزا پوري پوري |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
۽ بيشڪ تنهنجي رب وٽ پهچڻو آهي |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
۽ بيشڪ انهيءَ کِلايو توکي ۽ رُئاڙيو |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
۽ بيشڪ انهيءَ موت ڏنو ۽ زندگي ڏني |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
۽ هي ته بيشڪ انهيءَ خلقيو جوڙو نر ۽ ماديءَ جو |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
منجهان نطفي جي جڏهن اهو هاريو وڃي ٿو |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ ذمي ان جي آهي ٻي حياتي بخشڻ |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ انهيءَ آسودو ڪيو ۽ جائداد بخشي |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اهو ئي رب آهي تاري جو |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
۽ بيشڪ اهو ئي ماريندڙ (آهي) عاد پهرين کي |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
۽ ثمود کي اهڙو ناس ڪيو جو ڪوبه باقي نه رهيو |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
۽ قوم نوح (تباهه ڪئي) ان کان پهرين، بيشڪ اهي هئا ئي سخت ظالم ۽ سرڪش |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
۽ اونڌي ٿيڻ وارن ڳوٺن کي کڻي هيٺ اڇليائين |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
پوءِ ڍڪيائين انهن تي (ڄاڻو ٿا ته) ڇا ڍڪيائين؟ |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ اي (انسان)! پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪندين؟ |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
هيءَ هڪ تنبيهه آهي آيل تنبيهن پهرين مان |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
اچڻ واري گهڙي ويجهي آهي |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
ناهي ڪوبه ان کي الله کان سواءِ هٽائڻ وارو |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
هاڻي ڇا هي اهي ئي ڳالهيون آهن جن تي عجب ٿا ڪريو؟ |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
۽ کلو ٿا پر نٿا روئو؟ |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
۽ (ڳائي وڄائي) ان کي ٽاريو ٿا |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
پوءِ جهڪو الله جي آڏو ۽ بندگي ڪريو |