القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الطُّوۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 49


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالطّورِ (آيت : 1)

قسم آهي طور (جبل) جو

وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2)

۽ هڪڙي اهڙي کليل ڪتاب جو

فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3)

جيڪو نرم چمڙي جي ورقن ۾ لکيل آهي

وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4)

۽ وسايل گهر جو

وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5)

۽ اوچيءَ ڇت جو

وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6)

۽ ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ جو

إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7)

ته تنهنجي رب جو عذاب ضرور (عمل ۾) اچڻو آهي

ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8)

جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ناهي

يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9)

اهو انهيءَ ڏينهن عمل ۾ ايندو، جنهن ڏينهن آسمان ڏاڍو ڏڪندو

وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10)

۽ جبل پيا اڏامندا ويندا

فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11)

تباهي آهي انهيءَ ڏينهن انهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ

الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12)

جيڪي اڄ بحث مباحثن جي راند ڪري رهيا آهن

يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13)

انهيءَ ڏينهن انهن کي ڌڪا ڏئي پيو جهنم جي باهه ڏانهن آندو ويندو

هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14)

(۽ چيو ويندن ته) "اِها اٿوَ اها باهه، جنهن کي توهان ڪوڙ سڏيندا هيؤ

أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15)

ٻڌايو ته اهو جادو آهي يا توهان کي ڪجهه نظر ئي نٿو اچي؟

اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16)

وڃي سڙو ان ۾، کڻي صبر ڪريو يا نه ڪريو مڙيئي برابر اٿوَ، توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو پيو وڃي، جهڙا توهان عمل ٿي ڪيا"

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17)

بيشڪ پرهيزگار اتي باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا

فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18)

انهن شين مان پيا مزو وٺندا، جيڪي سندن رب کين ڏيندو ۽ سندن رب کين دوزخ جي عذاب کان بچائي وٺندو

كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19)

(چيو ويندن ته) کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجن انهن عملن جي بدلي، جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20)

هو آمهون سامهون وڇايل تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا ۽ اسان سهڻين اکين واريون حورون ساڻن پرڻائينداسون

وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21)

جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ سندن اولاد به ايمان جي معاملي ۾ سندن پيروي ڪئي آهي ته اسان سندن اها اولاد جنت ۾ به ساڻن گڏ ڪري ڇڏينداسون ۽ سندن عمل ۾ ڪابه ڪمي نه ڪنداسون. هر شخص پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي ڳــَـهه رکيل آهي

وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22)

اسان کين هر قسم جا ميوا ۽ گوشت جيڪا به شيءِ سندن دل گهرندي جام ڏيندا وينداسون

يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23)

هو هڪ ٻئي کان اڳ اڳ ڪري شراب جا پيالا وٺي رهيا هوندا، جنهن ۾ نڪي بيهودي بڪواس هوندي ۽ نه وري گناهه تي اڀارڻ جي ڪا ڳالهه

وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24)

سندن خدمت ۾ اهي نينگر پيا ڦرندا وتندا، جيڪي انهن (جي خدمت) لاءِ مخصوص هوندا، سهڻا اهڙا جهڙا لڪائي رکيل موتي

وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25)

اهي ماڻهو هڪ ٻئي کان (دنيا ۾ گذريل) احوال پڇندا

قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26)

اهي چوندا: اسان اڳ پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ ڊڄندا زندگي گذاريندا هئاسون

فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27)

پوءِ نيٺ الله اسان تي پنهنجو فضل ڪيو ۽ اسان کي ساڙيندڙ هوا جي عذاب کان بچائي ورتائين

إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28)

اسان اڳينءَ حياتيءَ ۾ کانئس ئي دعائون گهرندا هئاسون، هو بيشڪ ڏاڍو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي

فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29)

پوءِ اي نبي! تون نصيحت ڪندو رهه، پنهنجي رب جي فضل سان تون نڪي ڀوپو آهين ۽ نه چريو

أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30)

ڇا اهي چون ٿا ته هيءُ شاعر آهي، جنهن جي باري ۾ اسان زماني جي ڪنهن ڦيري گهيري جو ٿا انتظار ڪريون؟

قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31)

چوين ته چڱو انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ٿو ڪريان

أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32)

ڇا سندن عقل کين اهي ڳالهيون ڪرڻ جي تلقين ٿا ڪن؟ يا وري اهي حد کان لنگهيل ماڻهو آهن؟

أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33)

ڇا اهي چون ٿا ته ان شخص (نبيءَ) اهو قرآن پاڻ گهڙيو آهي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته اهي ايمان آڻڻ نه ٿا گهرن

فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34)

جيڪڏهن پنهنجي ڳالهه ۾ سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام ٺاهي آڻين!

أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35)

ڇا ڀلا اهي ڪنهن خالق کانسواءِ پاڻمرادو پيدا ٿي پيا آهن؟ يا اهي پاڻ پنهنجا خالق آهن؟

أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36)

يا آسمانن ۽ زمين کي انهن پيدا ڪيو آهي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته انهن کي يقين ڪونهي

أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37)

ڇا تنهنجي رب جا خزانا انهن جي هٿ ۾ آهن يا انهن تي سندن ئي حڪم هلندو آهي؟

أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

وٽن مٿئين جهان ڏي چڙهي وڃڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا جو ڪَن ڏيئي خبرون ٿا ٻڌن؟ ڀلا انهن جو ڪو ڪــَـنائيندڙ آڻي ڪو پڌرو ثبوت

أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39)

ڇا الله لاءِ ته آهن ڌيئر، باقي توهان لاءِ آهن پٽ؟

أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40)

(اي نبي) ڀلا تون کانئن ڪو اجورو ٿو گهرين ڇا جو زور جي پيل چٽيءَ جي بار هيٺ دٻيا پيا وڃن؟

أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41)

وٽن ڪو غيب جي حقيقتن جو علم آهي ڇا جو ان جي بنياد تي پيا ٿا اهو لکن؟

أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42)

يا وري ڪا چالبازي ڪرڻ جو ارادو اٿن؟ پوءِ ته ڪافرن تي ئي سندن چالبازي اُٽلي پوندي

أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43)

ڇا الله کانسواءِ سندن ڪو ٻيو معبود آهي؟ الله پاڪ آهي انهيءَ شرڪ کان، جيڪي اهي ڪن ٿا

وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44)

اهي ماڻهو آسمان جا ٽڪرا به ڪرندا ڏسندا ته به چوندا ته اهي ڪڪرن جا ڍڳ آهن، جيڪي ڪاهيندا پيا اچن

فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45)

پوءِ اي نبي! ڇڏينِ سندن حال تي، تان جو اهي پنهنجي انهيءَ ڏينهن کي وڃي رسن، جنهن ۾ اهي ڪڙڪي جو شڪار ٿي ڍير ٿي پوندا

يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46)

انهيءَ ڏينهن نڪي سندن ڪا چالبازي ڪنهن ڪم ايندن ۽ نه وري ڪوئي ڪا مدد ڪندن

وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47)

۽ اهو وقت اچڻ کان اڳ به ظالمن لاءِ هڪڙو عذاب آهي، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن

وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48)

اي نبي! پنهنجي رب جو فيصلو اچڻ تائين صبر ڪر، تون اسان جي نگاهه ۾ آهين. تون جڏهن اٿين ته پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر

وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49)

رات جو به سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي پٺيرو ٿيڻ مهل به


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025