| وَالطّورِ (آيت : 1) |
|
(جبل) طور جو قسم |
| وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
|
۽ ان ڪتاب (لوح محفوظ) جو |
| فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
|
جيڪو ڪشادن ورقن ۾ لکيل آهي |
| وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
|
۽ بيت المعمور جو (جيڪو ڪعبي جي بلڪل مٿان فرشتن جو قبلو آهي) |
| وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
|
۽ مٿاهين ڇت (آسمان) جو، |
| وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
|
۽ ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ جو قسم، |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته اوهان جي پروردگار جو عذاب ضرور ٿيڻ وارو آهي. |
| ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
|
۽ (ان کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي. |
| يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
|
ان ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح چڪر ڪاٽڻ لڳندو. |
| وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
|
۽ جبل اڏڻ لڳا. |
| فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
|
پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
|
جي ماڻهو باطل (ڪمن) ۾ پيل کيڏي رهيا آهن. |
| يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
|
جنهن ڏينهن دوزخ جي باھ ڏي ڌڪيو ويندن. |
| هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
|
۽ (چئين) ته هيءَ باھ اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. |
| أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
|
ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟ |
| اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
|
ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالھ آهي. اوهان کي ته رڳو اهو ئي بدلو ملندو جيڪي ڪندا هئا. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
|
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا. |
| فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
|
جيڪي (نعمتون) سندن پالڻهار انهن کي ڏنيون آهن تن جا مزا ماڻي رهيا آهن. ۽ انهن جو پروردگار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
|
(۽ جيئن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو، انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
|
قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسون. |
| وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
|
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد به ايمان ۾ سندن ساٿ ڏنو ته اسين انهن جي اولاد کي به سندن درجي تائين پهچائي ڇڏينداسون ۽ اسان سندن عملن مان ڪجھ به گهٽ نه ڪنداسون، سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ ۾ ڳھ ٿيل (گروي) آهي. |
| وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
|
۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا وڌائي ڏينداسون. |
| يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
|
اتي (خوش خبريءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان شراب جو پيالو پيا ڇنندا جنهن ۾ نڪا بيهودگي آهي ۽ نه گناھ. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
|
(۽ خدمت لاءِ) اهڙا (ڳڀرو) ڇوڪرا انهن جي چوگرد پيا گهمندا ڦرندا جي (سهڻائپ ۽ جمال ۾ ڄڻ ته احتياط سان رکيل موتي آهن. |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
|
۽ هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري (مزي جون) ڳالهيون ڪندا. |
| قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
|
انهن مان ڪي چوندا ته اسين پنهنجي گهر ۾ اڳي (خدا کان ڏاڍا) ڊڄندا هئاسون. |
| فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
ته خدا اسان تي وڏو احسان ڪيو جو اسان کي (دوزخ جي) لوءِ جي عذاب کان بچايو. |
| إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
|
(هن کان) اڳي اسين ان (جي بچڻ) کان دعائون گهرندا هئاسون بيشڪ اهو احسان ڪندڙ مهربان آهي. |
| فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
|
ته (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون پنهنجي پروردگار جي فضل سان نه اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين. |
| أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
|
ڇا (تو کي) اهي ماڻهو چون ٿا ته (هي) شاعر آهي (۽) اسين ته ان (ڳالھ) جي باري ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهيون. |
| قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
|
تون چوين ته (چڱو) اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار سان رهيو آهيان. |
| أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
|
ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالھ سيکارين ٿا يا ته اهي آهن ئي سرڪش ماڻهو. |
| أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
|
ڇا! اهي ماڻهو چون ٿا ته هن قرآن کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ ڳالھ هئين آهي ته اهي ايمان ئي نه ٿا رکن. |
| فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
|
ته اهي ماڻهو جيڪڏهن سچا آهن ته اهڙو ئي ڪلام بڻائي ته آڻين. |
| أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
|
ڇا اهي ماڻهو ڪنهن جي (پيدا ڪرڻ) کان سواءِ ئي پيدا ٿي پيا آهن يا اهي ئي ماڻهو (مخلوقات کي) پيدا ڪرڻ وارا آهن؟ |
| أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
|
يا انهن ئي سڀ آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا آهن (نه! بلڪل نه!) پر اهي يقين نه ٿا رکن. |
| أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
|
يا ته انهن وٽ تنهنجي پروردگار جا خزانا آهن يا ته اهي ئي حاڪم آهن. |
| أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تي (چڙهي آسمان مان) ٻڌي وٺن ٿا. جيڪو ٻڌي ايندو هجي سو ڪو صاف دليل (ته) کڻي اچي. |
| أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
|
ڇا خدا لاءِ ته ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن. |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
|
يا ته انهن کان تون (رسالت جي تبليغ) بابت ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چٽيءِ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن. |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
|
يا ته انهن وٽ ڳجھ (جو علم) آهي جو هو (ان کي) پيا لکن. |
| أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
|
يا ته اهي ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا. ته جي ڪافر آهن اهي پاڻ دائو ۾ (ڦاٿل) آهن. |
| أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
|
يا خدا کان سواءِ سندن ڪو (ٻيو) معبود آهي؟ جن شيءَن کي اهي ماڻهو (خدا جو) شريڪ ڪن ٿا خدا ان کان پاڪ صاف آهي. |
| وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو (عذاب جو) ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي ته دلدار ڪڪر آهي. |
| فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
|
ته (اي رسول) تون کين سندن حال تي ڇڏي ڏي ايستائين جو اهو ڏينهن جنهن ۾ اهي بيهوش ٿي پون سندن اڳيان اچي. |
| يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن نه سندن مڪاري ئي ڪجھ ڪم ايندن ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي. |
| وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
|
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عذاب آهيپر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄانن. |
| وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
|
۽ (اي رسول) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم سان انتظار (ڪرڻ) ۾ صبر ڪندو رھ ڇو ته تون اسان جي نگهداشت ۾ آهين ته جڏهن تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندو ڪر. |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
|
۽ ڪجھ رات ۾ به ۽ تارن جي غائب هجڻ کان پوءِ تسبيح ڪندو رھ!. |