| وَالطّورِ (آيت : 1) |
|
ساک سڳوري طُور جِي، |
| وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
|
پڻ قلم بَند ڪتاب، |
| فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
|
جو لِکيل پکڙِيل پَنن ۾، |
| وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
|
پڻ گَھر سدا سيراب، |
| وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
|
ڇِت اُڀي |
| وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
|
۽ اُڀامندڙ، گونا گون گِرداب، |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته تُنهنجي پَروَر پاڪ جو، اَچڻو آھِ عذاب، |
| ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
|
هرگزروز حِساب، جنهن کي جَھلِيندڙ ناھِ ڪو. |
| يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
|
جِنهن ڏينهن اُڀ ڇُلندو، ڪر لَهريون دَرياءَ لال، |
| وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
|
ڌاڍا ڏنگر ڏيہ جا، چَلن چڱِئَ چال، |
| فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
|
آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾، ڪاڙهو ڪُوڙن نال، |
| الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
|
جي مَنجِهين خام خيال، رهن ڪندا رانديون. |
| يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
|
جنهن ڏينهن ڌِڪي ڌِڪبا، دَڳ دوزخ جي پار، |
| هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
|
آهي اِهائي آڳ هِي، جنهن کي ڏِنان ڪوڙ قرار، |
| أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
|
هِي نظر بَندِي نِبار، يا اَوهِين اکين کان نه ڏِسو؟ |
| اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
|
گِھڙو اُن ۾ آھِ، پوءِ، سَرکو اوهان سِر، ته صَبر ڪريو اِن ساڙ تي، يا سَهو ڪِين صَبر، نه ماڻِيندا مگر، جيڪِي ڪيان جَھان ۾. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
|
ثابِت رَکندڙ سِيل کي، مَنجھ باغن برقرار، ۽ سَڀ ڪنِهن طرح سُکن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، ماڻِيندا موج سان، ميوا مڃر ملهار، |
| فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
|
اُن مان، جي عَطا ڪَئـِين، پَنهنجي پالڻهار، پڻ دوزخ جي داڳ ڪنان، سَندنِ رَبَّ، ستار، اَمن ڏِنو اُنهن کي؛ اَمر ٿيو اِظهار، |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
|
ته کائو پيو، خوشيون ڪريو، اِن عملن جي آڌار، ڪندا هئا ڪم ڪار، جيڪي هِن جَھان ۾. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
|
تڪيو ڏِنل تختن مَٿي، جي صِف سان، صف قطار، پڻ پَرڻايو سون اُنهن کي، ڏيئـِي ڏاج اَپار، حورون حَيادار، وَڏِيُن اکيُن واريون. |
| وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
|
۽ آندو جَن اِيمان، پڻ اولاد اُنهن جو، پارِيؤَن سَندنِ پيروِي، ٿِي مُؤمن، مُسلمان، اُنهن سان سَندِن اولاد کي، ميڙيوسون ڏيئـِي مان، اوڇِي اُنهن جي عَملن مان، ڪَئـِي سون ڪوڏِي ڪانه ، هر شخص آهي اُن ۾، گِروِي بي گمان، جيڪِي مَنجھ جھان، ڪيا هُوندائـِين ڪمڙا. |
| وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
|
۽ ميوا ۽ ماس ڪيا، اَسان اُنهن تي اِمداد، مُوجِب مَن مُراد، جِهڙا گُھرن، جِنهن گھڙِئَ. |
| يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
|
هِڪ ٻِئي جي هَٿن مان، وَٽيون وِير ڇِڪِين، جِنهن ۾ وِڦلن وائـِي ڪِين، پڻ ذَرو زِيان ناھِ ڪو. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
|
نوڪر، نِينگر اُنهن جا، ڀيرا ڪن بَرسِر، صُورت سُهڻا ڪَر، سَچاموتِي سِپ ۾. |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
|
هڪ ٻِئي ڏي مُنهن ڪري، پُڇن حَقِيقت حال، |
| قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
|
پَريَن پاٻوهيو تڏهن، چيائون اِهڙِي چال، ته هُئاسون هِيان هو راڳ، مَنجھ پَنهنجي آل عيال، |
| فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
پوءِ اَسان تي اَلله ڪيا، ڪيڏا ڪَرم ڪمال، ۽ اسان کي، اِيئن عذاب کان، بَچائـِين بَحال، |
| إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
|
اَسان اَڳيئـِي ٿي چَيو، ته آھِ اُهو هَر حال، ڀَلو ڪندڙ ڀال، تَرسوند تمام گھڻو. |
| فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
|
پوءِ وَرِي وَرِي اُنهن ۾، پرين! ڪر پَچار، پوءِ پَنهنجي پالڻهار جِي، نِعمت ساڻ نِبار، تون نجومي نه آهِين، پڻ نه دِيوانو دِلدر! |
| أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
|
ڇا، شاعِر چَون شو م سي؟ ته پياڪڍون اِنتظار، اِن تان اَچڻ هار، ڪِنهن واقِع وارِي وار جو. |
| قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
|
چَئو، ته اَڙي اڄاڻ!، ڀلي ڏِسو ڪِهن ڏِينهن کي، آهيان اَوهان ساڻ، آئون بِه، ڏِينهن ڏِسندڙ مان. |
| أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
|
ڇا، اَمر ڪَننِ اِن ڳالھ جو، سَندنِ خواب خيال؟ آيا آهن اِهي اَصل ئـِي، ڪا ڍور قوم ڪُلال؟ |
| أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
|
ڪِ چون ته چڱن پاڻهِين، هِي جوڙِي مُنهن مقال؟ بَلڪ حقيقت حال، ته حق نه مَڃِين مُورهِين. |
| فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
|
پوءِ جي سَچو سَمجھن پاڻ کي، مَنجِھين خان خيال، پوءِ جوڙي جِھڙسِ ڳالھ، آڻي رَکن اڳيان. |
| أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
|
يا پيدا، ناپيد مان، وِيا ڪَيا قُدرت ساڻ، يا پَنهنجو آهِن پاڻ، پيداڪندڙ پاڻ کي. |
| أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
|
يا پاڻئُون تَن پيدا ڪيا، جمله اُڀ، زمين، بَلڪ اِهي بي دِين، آڻِين يَقِين ڪِين ٿا. |
| أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
|
ياتُنهنجي پَروَرپاڪ جا، ڀانڊارا ڀَرپُور، مِڙِئـِـي وَٽن مُور، يا اُٽلو آهِن ايلچِي. |
| أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
يا اُنهن وَٽِ چاڙِهي آهي ڪا، جنهن تي، ٻُڌن ٻول ڌڻي، پوءِ کُليو خَط کـڻِي، وَر آڻي ، ٻُڌندڙ اُن جو. |
| أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
|
يا آهِن الله پاڪ لئي، ڌيون نِماڻو ڌَڻ، ۽ جو ڄاڻن عُمدو ڄَڻ، سي پُٽ سَمجھن پاڻ لئي. |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
|
يا تون گُھرين ٿو تن کان، ڪو پرمَل! پورهيو پار؟ پوءِ هِي، هيٺ ڳَري بار، آهِن تِنهن تاوان کان. |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
|
يا اُنهن وَٽِ عِلم غيب جو، پوءِ اِهي لِکن اَسرار؟ |
| أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
|
تا اَٽڪڻ جو اَلله سان، ويٺا -ڪَن ويچار؟ پوءِ ڪُفر جَن جِي ڪار، آهي ئـِي سِٽيَل اُنهن لئي. |
| أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
|
يا ڌَڻِي ڌوڙِي آھِ ڪو، اُنهن جوري الله ؟ قدرت جي ڪم ڪار ۾، جي گڏِين ٿا گُمراھ، اُنهن سَڀن ڪنان آھِ، صفائـِي سُبحان کي. |
| وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
|
۽ جي ڏِسن ڏَمرجو اُڀ ڪنان! ڪِرندڙ ٽڪرو ڪو، چون، ته واه! مَڪو!، ميگھ مَلهار، آئـِيو. |
| فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
|
پوءِ ڇڏ تن ڇڳير!، تان ڏِسن اُنهِئَ ڏينهن کي، وَرندي جِنهن وير، هِڪدَم نِڪرن، هوش کان. |
| يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
|
سَندنِ سِٽائون اُنهن کي، جنهن، ڏِينهن نه ڏِيندن سُود ۽ نه مَهل سِر مُوجود، ڪو وَرِي وَاهرو اُنهن جو. |
| وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
|
جن ڪَئـِي جاڙ، اَوس آهي اُنهن لئي، ٻِيو به، سوا تِنهن ساڙ، پر گَھڻا پَرُوڙِين ڪِين ٿا، |
| وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
|
پوءِ سَہ تُنهنجي سائـِينءَ جي، حُڪم ساڻ حبيب!، آهِين تون عجيب، اَکيَنِ ڳيان اَسان جي. پوءِ رُڳو پنهنجي رَبَّ جا، ڳاءِ ڳُڻ نبِار، |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
|
جاڳِين جڏهن، پڻ رات مان، ساراهِينسِ سَهوار، پڻ وَرِي پويِين پار، لَڙڻ پُڄاڻا لوڏيِين. |