| وَالطّورِ (آيت : 1) |
|
(جبل) طور. |
| وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
|
۽ کليل ڪاغذ ۾ |
| فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
|
لکيل ڪتاب |
| وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
|
۽ آباد گهر ۽ مٿاهين ڇت |
| وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
|
۽ ڀريل درياءَ جو قسم آهي |
| وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
|
ته بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
عذاب ٿيڻ وارو آهي، |
| ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
|
ڪو ان کي هٽائڻ وارو نه آهي. |
| يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڪنبندو ۽ |
| وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
|
جبل چڱيءَ طرح هَلندا، |
| فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
|
پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙ لاءِ وڏي خرابي آهي، |
| الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
|
جي (اجائي) ڳالهائڻ ۾ رانديون ڪري رهيا آهن، |
| يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
|
جنهن ڏينهن باهه ڏي ڌڪا ڏنا ويندن. |
| هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
|
(۽ چئبن ته) هيءَ باهه اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. |
| أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
|
ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟ |
| اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
|
ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي. جيڪي اوهين ڪندا هئو رڳو ان جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
|
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ (رهندا) |
| فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
|
جيڪي سندن پاليندڙ انهن کي ڏنو آهي ۽ سندن پاليندڙ انهن کي باهه جي عذاب کان بچايو آهي |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
|
تنهن جي ڪري خوشيون ڪندا (۽ چئبن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
|
قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي. ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين گورين زالن سان شادي ڪرائينداسون. |
| وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
|
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان سان سندن پيروي ڪئي تن جي اولاد کي انهن تائين اسين پهچائي ڇڏينداسون ۽ سندن عملن (جي بدلي) مان کين ڪجهه به گهٽائي نه ڏينداسون. سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائي ۾ ڳهه ٿيل (ڦاٿل) آهي. |
| وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
|
۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا ڏينداسون. |
| يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
|
اتي (خوش طبعيءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان (شراب جو) پيالو پيا ڇننداجنهن ۾ نڪي بڪڻ ۽ نه (ڪنهن تي) ڏوهه رکڻ ٿيندو. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
|
۽ سندن اڳيان (سندن خدمت لاءِ) اهڙا ڇوڪرا پيا ايندا ويندا جي ڄڻ ته (سپن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن. |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
|
۽ هڪ ٻئي کان پڇڻ لاءِ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿيندا. |
| قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
|
چوندا ته بيشڪ اسين هن کان اڳ پنهنجن گهرن ۾ ڊڄندا هئاسون. |
| فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي لُوءِ جي عذاب کان بچايو. |
| إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
|
بيشڪ اسين هن کان اڳ ان کي سڏيندا هئاسون. بيشڪ اهوئي ڀلائي ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
| فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
|
پوءِ (اي پيغمبر) تون سمجهائيندو رهه ڇو ته تون پنهنجي پاليندڙ جي نعمت ڪري نه ته (جنن ۽ شيطانن جي واسطي سان) اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين. |
| أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
|
يا ته هو (هيئن) چون ٿا ڇا ته هي شاعر آهي، مٿس زماني جي گردش اچڻ جو انتظار ڪريون ٿا. |
| قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
|
(تون) کين چئو ته انتظار ڪريو ڇو ته آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان. |
| أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
|
يا ته سندن عقل انهن کي اها ڳالهه سيکارين ٿا يا ته اهي شرارتي ماڻهو آهن. |
| أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
|
يا ته هو (هيئن) چون ٿا ته هي (قرآن) پاڻ بڻايو اٿس (اها ڳالهه دل ۾ ته ڪانه اٿن) پر هو ايمان نه ٿا آڻين. |
| فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
|
پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام (بنائي) آڻين. |
| أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
|
يا ته اهي پاڻ ئي پيدا ٿيا آهن يا ته اهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن. |
| أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
|
يا ته آسمانن ۽ زمين کي پاڻ پيدا ڪيو اٿن پر اهي نٿا وسهن. |
| أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
|
يا ته انهن وٽ تنهنجي پاليندڙ جا خزانا آهن يا ته اهي ئي داروغا آهن. |
| أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تان ٻڌي وٺن ٿا پوءِ انهن جو ٻڌڻ وارو ڪو صاف دليل کڻي اچي. |
| أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
|
يا ته ان لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن. |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
|
يا ته انهن کان تون ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چڱيءَ طرح کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن. |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
|
ياته انهن وٽ ڳجهه (جو علم) آهي جو هو (انکي) پيا لکن. |
| أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
|
يا ته هو ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا پوءِ ڪافرن تي ئي بڇڙي رٿ رٿيل آهي. |
| أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
|
يا ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو سندن حاڪم آهي. الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائين ٿا. |
| وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي. |
| فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
|
پوءِ (اي پيغمبرﷺ) تون کين ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ مٿن وڄ ڪڙڪندي. |
| يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن سندن بڇڙي رٿ انهن کان ڪجهه به نه ٽاريندي ۽ نه انهن کي ڪٿان مدد ملندي. |
| وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
|
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان اڳي به عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
| وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جو انتظار ڪر ڇو ته تون اسان جي اکين جي سامهون آهين ۽ جنهن مهل تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي ساراهه سان گڏ بيان ڪر |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
|
۽ ڪجهه رات ۾ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي پٺ ڦيرڻ مهل به. |