القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الطُّوۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 49


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالطّورِ (آيت : 1)

(جبل) طور جو قسم.

وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2)

۽ لکيل ڪتاب جو قسم.

فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3)

جو کليل صحيفي ۾ آهي.

وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4)

۽ آباد گهر (يعني فرشتن جي ڪعبي) جو قسم.

وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5)

۽ مٿاهين ڇت جو قسم.

وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6)

۽ ڀريل سمنڊ جو قسم.

إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7)

بيشڪ تنهنجي پالڻهار جو عذاب ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي.

ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8)

ان کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي.

يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9)

جنهن ڏينهن آسمان ٿر ٿر ڪنبدو.

وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10)

۽ جبل تيزيءَ سان هلڻ لڳندا.

فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11)

پوءِ ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ وڏي تباهي آهي.

الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12)

جيڪي بيهودي ڳالهين ۾ پئجي کيڏي رهيا آهن.

يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13)

جنهن ڏينهن جهنم ڏانهن ڌڪا ڏئي هڪليا ويندا.

هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14)

(چيو ويندو) ”هيءَ آهي اُها جهنم جي باهه جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.

أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15)

(ٻڌايو) ڇا پوءِ هي جادو آهي؟ يا توهان ڏسو نه ٿا.

اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16)

ان ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان صبر ڪيو يا نه ڪيو اوهان لاءِ برابر آهي. توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو ويندو جهڙا اوهان ڪم ڪندا هئا“.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17)

بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.

فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18)

مزا ماڻيندا انهن (نعمتن) مان جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون ۽ سندن پالڻهار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.

كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19)

(چيو ويندو) ”کائو ۽ پيئو مزي سان انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا“.

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20)

اُهي قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا ۽ اسان انهن کي دلڪش اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسين.

وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21)

۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سندن اولادَ ايمان ۾ سندن پيروي ڪئي ته اسان سندن اولاد کي (درجات ۾) انهن تائين پهچائينداسين ۽ اسان انهن (صالح آباء و اجداد) جي ثوابِ اعمال ۾ به ڪا ڪمي ڪونه ڪنداسين. (انهن کان سواءِ) هر ماڻهو پنهنجي عمل سبب گروي هوندو.

وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22)

۽ اسان کين ميوا ۽ گوشت ۽ جيڪو ڪجهه چاهيندا وڌ کان وڌ ڏيندا رهنداسين.

يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23)

اتي هڪ ٻئي کان (پاڪ شراب جا) پيالا پيا وٺندا ان (شرابِ طهور) ۾ نه ڪو بيهودو بَڪَڻُ هوندو ۽ نه گناهه هوندو.

وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24)

۽ انهن جي چوڌاري نو عمر ڇوڪرا هلي گهمي رهيا هوندا جيڪي ڄڻ ته (سِپُن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن.

وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25)

۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن متوجهه ٿي (دنيا ۾ گذريل احوال بابت) سوال ڪندا.

قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26)

چوندا: ”بيشڪ اسان هن کان اڳ پنهنجي گهرن ۾ (الله جي ڏمر کان) ڊڄندا رهندا هئاسين.

فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27)

پوءِ الله اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي گرم هوائن جي عذاب کان بچايائين.

إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28)

بيشڪ اسان پوئين زندگي ۾ ان کان دعائون گھرندا هئاسين. بيشڪ اُهو ئي ڀلائي ڪندڙ ٻاجهارو آهي“.

فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29)

سو تون نصيحت ڪندو رهه پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمت سان نه ته تون اڳڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه مجنون.

أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30)

ڇا (ڪافر) چون ٿا ته تون شاعر آهين! اسان هن تي زماني جي حادثن (يعني موت) جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31)

چؤ توهان انتظار ڪيو پوءِ آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان.

أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32)

ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالهه چوڻ سيکارن ٿا يا اهي سرڪش ماڻهو آهن.

أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33)

ڇا اهي (هيئن) چون ٿا ته ان هي (قرآن) پاڻ ٺاهيو آهي (ائين ناهي) بلڪه اهي (خود) ايمان نه ٿا آڻن.

فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34)

(ڀلا! )ان جهڙو ڪو ڪلام آڻي ته ڏيکارن جي اهي سچا آهن.

أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35)

ڇا اُهي ڪنهن پيدا ڪرڻ واري بغير پيدا ڪيا ويا آهن يا اُهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن.

أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36)

ڇا آسمانن ۽ زمين کي انهن پاڻ پيدا ڪيو آهي (ائين ناهي)، بلڪه اُهي يقين نه ٿا رکن.

أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37)

ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جا خزانا آهن يا ته اُهي ئي داروغا آهن.

أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

ڇا انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي ان ۾ (چڙهي آسماني ڳالهيون) ٻڌي وٺن ٿا، پوءِ جو انهن ۾ ٻڌڻ وارو آهي سو ڪو پڌرو دليل آڻي.

أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39)

ڇا ان (الله) لاءِ نياڻيون آهن ۽ اوهان لاءِ پُٽ آهن!

أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40)

ڇا تون انهن کان ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ جو هو چَٽِيءَ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.

أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41)

ڇا انهن وٽ ڳُجهه (جو علم) آهي جو اُهي لکي وٺن ٿا.

أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42)

ڇا هُو ڪا بري سازش سِٽِڻُ چاهن ٿا (اگر ائين آهي ته). پوءِ ڪافرن تي ئي سندن سازش الٽي پوندي آهي.

أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43)

ڇا الله کان سواءِ انهن جو ڪو ٻيو معبود آهي؟ الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائن ٿا.

وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44)

۽ جيڪڏهن اهي آسمانن مان ڪو ٽڪرو (پاڻ تي) ڪِرندي ڏسندا ته به چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي.

فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45)

پوءِ تون کين ڇڏي ڏي جيستائين اهي پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ اهي غَشُ کائي ڪِري پوندا.

يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46)

جنهن ڏينهن انهن جي ڪا سازش انهن جي ڪنهن ڪم ڪونه ايندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.

وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47)

۽ بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو اُن عذاب کان سواءِ به هڪ عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.

وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48)

۽ پنهنجي پالڻهار جي فيصلي اچڻ تائين صبر ڪر پوءِ بيشڪ تون اسان جي نگاهه ۾ آهين ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر جڏهن به تون اٿين.

وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49)

۽ ڪجهه رات ۾ سندس ساراهه بيان ڪر ۽ تارن جي پٺيري ٿيڻ مهل به.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025