| وَالطّورِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي طور سينا جو |
| وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
|
قسم آهي لِکيل ڪتاب (قرآن ڪريم) جو |
| فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
|
جيڪو کليل دفتر ۾ تحرير ٿيل آهي |
| وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
|
قسم آهي بيت المعمور جو |
| وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
|
قسم آهي بلند آسمان جو |
| وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
|
قسم آهي ڀريل سمنڊ جو |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
بيشڪ توهان جي رب جو عذاب ضرور ايندڙ آهي |
| ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
|
انهي کي ڪوبه دفع ڪندڙ ناهي |
| يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڦِرندا |
| وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
|
۽ جبل چڱيءَ طرح سير ڪندا |
| فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
|
پوءِ ان ڏينهن ڪوڙن لاءِ ويل هوندو |
| الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
|
اُهي ماڻهو راند روند ۾ مشغول آهن |
| يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
|
ان ڏينهن جهنم جي باه ڏانهن ڌڪو ڏئي (انهن کي) ڌڪيو ويندو |
| هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
|
هي اُها باه آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا |
| أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
|
ڇا هي سِحر آهي يا توهان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي |
| اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
|
توهان جهنم ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان (ان ۾) صبر ڪريو يا نه صبر ڪريو ٻئي پاسا توهان لاءِ برابر آهي، توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏني ويندي |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
|
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ آهن |
| فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
|
اهي خوش آهن ان تي جيڪو کين سندن رب عطا ڪيو آهي، ۽ سندن رب کين جهنم جي عذاب کان بچايو |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
|
توهان کائو ۽ پيئو بنا ڪنهن تڪليف جي انهيءَ سببان جو توهان عمل ڪندا هئا |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
|
هموار تختن تي ٽيڪ ڏيئي صفون ٻڌي ويهندڙ هوندا ۽ اسين انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان جوڙا بنائينداسين |
| وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
|
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن جي اولادن ايمان آڻڻ ۾ سندن تابعداري ڪئي، اسان انهن جو اولاد انهن سان ملايو ۽ اسين انهن جي عملن مان ڪابه شيءِ گھٽ نه ڪنداسين، هر ڪافر ۽ فاسق پنهنجي ڪيل عمل لاءِ ذميدار آهي |
| وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
|
۽ اسان انهن (بهشتين) جي ميون ۽ پڪل گوشتن ۾ (وقتاً فوقتاً) اضافو ڪنداسين جيڪو پاڻ پسند ڪندا |
| يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
|
اهي بهشت ۾ هڪ ٻئي سان (شراباً طهورا) جا پيالا وٺندا، نه ان ۾ اجائي بڪ هوندي ۽ نه ان ۾ ڪو گناه هوندو |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
|
۽ انهن جي چوڌاري (خدمت لاءِ) انهن جا غلام هوندا گوياڪِ اهي پوشيده موتي آهن |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
|
۽ اهي (بهشت ۾) هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي کان خبرچار پڇندا |
| قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
|
اهي چوندا بيشڪ اسين هن کان اڳ ۾ پنهنجي گھر ۾ خوفزده هئاسين |
| فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
پوءِ الله تعالى اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايو |
| إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
|
اسان هن کان اڳ ۾ سندس عبادت ڪندا هئاسين، بيشڪ اهو احسان ڪندڙ ٻاجھارو آهي |
| فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان نصيحت ڪريو ڇو ته توهان پنهنجي رب جي نعمت سان نه ڪاهن آهيو ۽ نه مجنون آهيو |
| أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
|
يا اهي (ڪافر) چون ٿا ته اهو (رسولِ عربي) شاعر آهي (۽) اسين ان لاءِ زماني جي انقلاب جو انتظار ڪريون ٿا |
| قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
|
رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان انتطار ڪريو، بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان |
| أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
|
ڇا انهن کي سندن عقل ايئن چون ٿا؟ يا اهي سرڪش ماڻهو آهن |
| أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
|
يا (اهي) چون ٿا ته رسولِ عربي قرآن ڪريم کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ بلڪ اهي ايمان نٿا آڻين |
| فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
|
پوءِ ڀلي ته اهڙي ڳالهه ٺاهن جيڪڏهن اهي سچا آهن |
| أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
|
ڇا اهي بنا خالق جي پيدا ڪيا ويا؟ يا اهي پاڻ خالق آهن؟ |
| أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
|
ڇا انهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪيو؟ بلڪِ اهي يقين نٿا رکن |
| أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
|
ڇا انهن وٽ توهان جي رب جا خزانا آهن يا اهي پاڻ خود مختيار آهن |
| أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
يا انهن وٽ ڏاڪڻ آهي جو ان تي اهي غيب جون ڳالهيون (آسمان تان) ٻُڌن ٿا. پوءِ ڀلي ته انهن جو ٻڌندڙ ڪو واضح دليل پيش ڪري؟ |
| أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
|
ڇا ان کي (الله کي) نياڻيون آهن ۽ توهان کي پُٽَ آهن؟ |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
|
يا توهان انهن کان (تبليغ جي عيوض) اجورو گُهرو ٿا، پوءِ اهي چَٽي ۾ زيرِ بار آهن؟ |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
|
ڇا انهن وٽ علمِ غيب آهي پوءِ اهي ان کي لکن ٿا؟ |
| أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
|
يا اهي ڪنهن سازش جو ارادو رکن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي پاڻ سازش ۾ گرفتار ٿيندا |
| أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
|
ڇا انهن جو الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي، الله تعالى انهن جي شرڪ کان پاڪ آهي |
| وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن اهي آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسن ته چوندا (اهو) گھاٽو (وسندڙ) ڪَڪَر آهي |
| فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
|
پوءِ توهان انهن کي ڇڏي ڏيو ايستائين جو اهي ان ڏينهن (قيامت) کي پهچن، جنهن ۾ اهي بيهوش ڪيا ويندا |
| يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
|
ان ڏينهن انهن جي رِٿ انهن تان ڪا شيءِ دفع ڪري نه سگھندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي |
| وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
|
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان پهرين به (دنيا ۾) عذاب آهي، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن |
| وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
|
۽ رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو، پوءِ بيشڪ توهان اسان جي حفاظت ۾ آهيو ۽ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد ڪريو جڏهن توهان اُٿو ٿا |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
|
۽ رات ۾ ان جي تسبيح ڪريو ۽ تارن غائب ٿيڻ وقت به ان جي تسبيح پڙهو |