| وَالطّورِ (آيت : 1) |
|
شاهد آهن؛ طور جبل، |
| وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
|
۽ لکيل ڪتاب، |
| فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
|
جو کليل ورقن ۾ آهي، |
| وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
|
۽ آباد گهر، |
| وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
|
۽ مٿاهين ڇت، |
| وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
|
۽ اڀامندڙ سمنڊ، |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب اچڻو آهي، |
| ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
|
ان کي ڪو به ٽارڻ وارو ڪونهي. |
| يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن آسمان موج هڻي چُرندو، |
| وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
|
۽ جبل چڱيءَ طرح هلندا، |
| فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
|
تنهن ڏينهن انهن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آهي؛ |
| الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
|
جيڪي اجائي ڳالهائڻ ۾ راند ڪندا آهن. |
| يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
|
جنهن ڏينهن دوزخ جي باهه ڏانهن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا، |
| هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
|
(چئبن ته) ”هيءَ اها باهه آهي؛ جنهن کي ڪوڙ ڀائيندا هئؤ!“ |
| أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
|
ڇا؛ هي جادو آهي، يا اوهين نٿا ڏسو؟ |
| اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
|
ان ۾ گهڙو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو، اوهان لاءِ ساڳي ڳالهه آهي_ بيشڪ اوهان کي رڳو ان جو بدلو ڏبو، جيڪي ڪريو ٿا. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
|
بيشڪ، نيڪ باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا. |
| فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
|
جيڪي کين سندن رب ڏنو، تنهن سان خوش هوندا ۽ انهن جي رب کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
|
(چئبن ته) ”مزي سان کائو ۽ پيئو، هن ڪري جو اوهين چڱا ڪم ڪندا هئا.“ |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
|
هڪ ٻئي جي برابر وڇايل تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا ۽ انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسين. |
| وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
|
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان آڻڻ ۾ انهن جي پيروي ڪئي، ته انهن سان سندن اولاد شامل ڪنداسين- ۽ سندن عملن مان ڪجهه به نه گهٽائبو- سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪمايو، تنهن سان هو ٻڌل آهي. |
| وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
|
۽ انهن کي ميوو ۽ گوشت جيڪي گهرندا، سو پيا ڏينداسون. |
| يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
|
اتي شراب جا پيالا هڪ ٻئي کان وٺي پيا پيئندا، جنهن ۾ نڪا بڪ بڪ ۽ نڪو گناهه ۾ پوڻ هوندو. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
|
۽ وٽن اهڙا ڇوڪرا سندن آس پاس ايندا ويندا، جو ڄڻڪ اهي ڍڪيل موتي آهن. |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
|
انهن مان هڪڙا ٻين ڏانهن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ لاءِ منهن ڪندا. |
| قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
|
چوندا ته ”بيشڪ اسين هن کان اڳ اسان جي عزيزن ۾ ڊڄندڙ هئاسون. |
| فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايو. |
| إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
|
بيشڪ اسين هن کان اڳ ان کي پڪاريندا هئاسون- جو اهو ئي احسان ڪندڙ مهربان آهي.“ |
| فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
|
پوءِ تون نصيحت ڪر، جو تون پنهنجي رب جي فضل سان نڪي نجومي آهين، نڪي چريو. |
| أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
|
بلڪ چون ٿا ته ”شاعر آهي، جنهن لاءِ اسين زماني ۾ ڦيري اچڻ لاءِ واٽ پيا ڏسون.“ |
| قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
|
چئو ته ”اوهين به واٽ ڏسو، جو آءُ به اوهان سان گڏ پيو واٽ ڏسان!“ |
| أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
|
ڇا، انهن جو عقل اهو ٿو ڏسين، يا اهي حد لنگهندڙ قوم آهن؟ |
| أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
|
يا چون ٿا، ته ”هن (قرآن) کي، پاڻان بنايو اٿس؟“ بلڪ ايمان نٿا آڻين، |
| فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڳائي ته جيڪڏهن سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام آڻين. |
| أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
|
ڇا، اُهي ٻيءَ شيءِ مان پيدا ڪيا ويا آهن، يا اهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن؟ |
| أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
|
ڇا آسمانن ۽ زمين کي انهن بنايو آهي؟ پر اهي يقين نه ٿا آڻين. |
| أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
|
ڇا، انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جا خزانا آهن، يا اهي داروغا آهن؟ |
| أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
يا انهن کي ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا، جنهن تي چڙهي ڪن ڏئي ٻُڌندا آهن؟ ته پوءِ گهر جين ته انهن مان ٻڌندڙ ڪو کليل دليل آڻي! |
| أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
|
ڇا، ان (الله) لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ؟ |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
|
ڇا، تون انهن کان ڪا مزدوري گهرين ٿو! جو اهي انهي چٽيءَ کان ڳوري بار هيٺ آهن؟ |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
|
ڇا، انهن وٽ ڳجهه جو علم آهي، جو اهي لکندا آهن؟ |
| أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
|
ڇا، ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ ٿا گهرن؟ پوءِ جن ڪفر ڪيو سي ئي فريب ۾ آهن. |
| أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
|
ڇا انهن لاءِ الله کان سواءِ ڪو ٻيو سائين آهي؟ الله انهن کان پاڪ آهي، جيڪي هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين. |
| وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
|
۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا، ته چوندا ”گهاٽو ڪڪر آهي!“ |
| فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
|
پوءِ انهن کي تيستائين ڇڏي ڏي، جيستائين پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن، جنهن ۾ کين بيهوش ڪيو ويندو |
| يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن سندن فريب ڪجهه به نه ٽاريندو ۽ نڪا کين مدد ڏبي. |
| وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
|
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ انهي کان سواءِ ٻيو عذاب به آهي، پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. |
| وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
|
تون پنهنجي رب جي حڪم لاءِ صبر ڪر، بيشڪ تون اسان جي نظر هيٺ آهين ۽ جنهن وقت تون اٿين، تڏهن پنهنجي رب جي ساراهه سان پاڪائي بيان ڪر. |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
|
۽ ڪجهه رات جو به پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي لهي وڃڻ کان پوءِ به. |