| وَالطّورِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي طور جو . |
| وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
|
۽ ڪتاب لکيل جو . |
| فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
|
کليل دفتر ۾ . |
| وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
|
۽ بيت معمور جو . |
| وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
|
۽ ڇت مٿي کنيل جو . |
| وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
|
۽ سمنڊ اڀاميل جو . |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب البته واقع ٿيندڙ آهي . |
| ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
|
ناهي ان جو ڪو دفع ڪندڙ . |
| يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن چرندو آسمان چرڻ . |
| وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
|
۽ هلندا جبل هلڻ . |
| فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
|
اهي جيڪي اجائي ڳالهه ۾ راند ڪندا آهن . |
| يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
|
ان ڏينهن ڌڪا ڏنا ويندا جهنم جي باهه ڏانهن ڌڪا ڏيڻ . |
| هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
|
هي باهه آهي جنهن کي اوهان ڪوڙو چيو ٿي . |
| أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
|
ڇا پوءِ جادو آهي هيءَ يا اوهان نٿا ڏسو؟ . |
| اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
|
داخل ٿيو ان ۾ پوءِ صبر ڪيو يا نه صبر ڪيو برابر آهي اوهان تي ۽ بدلو ڏنا وڃو ٿا اوهان ان جو جيڪو ڪندا هيئو. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
|
بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ نعمت ۾هوندا . |
| فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
|
خوش ٿيندڙ ان تي جيڪو ڏنو انهن کي سندن رب ۽ بچايائين انهن کي سندن رب دوزخ جي عذاب کان . |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
|
کائو ۽ پيئو مزو وٺندڙ ان سان جيڪي ڪندا هيئو . |
| مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
|
ٽيڪون ڏيندڙ تختن قطارون لڳايلن تي ۽ پرڻايوسون انهن کي حورن وڏين اکين وارين سان . |
| وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
|
۽ جن ايمان آندو ۽ تابعداري ڪئي سندن انهن جي اولاد ايمان سان ملائينداسون انهن سان اولاد انهن جو ۽ گهٽائينداسون انهن کان عمل انهن جي مان ڪجهه به هر مرد ان ۾ جيڪي ڪمايائين گروي آهي . |
| وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
|
۽ مدد ڪئي اسان انهن جي ميون ۽ گوشت سان ان مان جيڪي خواهش رکندا . |
| يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
|
ڏيندا وٺندا ان ۾ پيالا ناهي اجائي ڳالهه انهن ۾ ۽ نه گناهه . |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
|
۽ ڦرندا انهن تي غلمان انهن جا ڄڻ ته اهي موتي ڍڪيل آهن . |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
|
۽ سامهون ٿيندا هڪڙا انهن مان ٻين ڏانهن هڪ ٻئي کان پڇندا . |
| قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
|
چوندا بيشڪ اسين هئاسون اڳ ۾ پنهنجي اهل ۾ ڊڄندڙ . |
| فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
|
پوءِ احسان ڪيو الله اسان تي ۽ بچايائين اسان کي عذاب باهه جي کان . |
| إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
|
بيشڪ اسان هئاسون اڳ ۾ عبادت پيا ڪيون ان جي بيشڪ اهو ئي احسان ڪندڙ، مهربان آهي . |
| فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
|
پوءِ نصيحت فرماءِ پوءِ ناهين تون پنهنجي رب جي نعمت سان ڀوپو ۽ نه چريو . |
| أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
|
ڇا چون ٿا ته شاعر آهي انتظار ڪيون ٿا اسين ان سان زماني جي حادثي جو . |
| قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
|
فرماءِ ته انتظار ڪيو پوءِ بيشڪ مان انتظار ڪندڙن مان آهيان . |
| أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
|
ڇا امر ڪن ٿا انهن کي عقل انهن جا هن جو يا اهي قوم سرڪش آهن . |
| أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
|
يا چون ٿا ته ٺاهيو اٿس ان کي بلڪ نه ٿا ايمان آڻين . |
| فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
|
پوءِ ڀل ته آڻين ڳالهه ان جهڙي جيڪڏهن آهن سچا . |
| أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
|
يا پيدا ڪيا ويا ڪنهن شيءِ کان سواءِ يا اهي پيدا ڪندڙ آهن . |
| أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
|
يا پيدا ڪيائون آسمانن ۽ زمينن کي بلڪ نه ٿا يقين رکن . |
| أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
|
يا انهن وٽ تنهنجي رب جا خزانا آهن يا اهي داروغا آهن . |
| أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
يا انهن جي لاءِ ڪا ڏاڪڻ آهي جو ٻڌن ٿا ان ۾ پوءِ ڀل آڻي ٻڌندڙ انهن جو دليل روشن . |
| أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
|
يا ان جي لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان جي لاءِ پٽ آهن . |
| أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
|
يا گهرو ٿا انهن کان ڪو اجورو پوءِ اهي چٽيءَ جي ڪري ڳرا ٿيل آهن . |
| أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
|
يا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي لکن ٿا . |
| أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
|
يا ارادو ڪن ٿا ڪنهن رٿ جو پوءِ جن ڪفر ڪيو اهي ئي رٿ ڪيل آهن . |
| أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
|
يا انهن جي لاءِ ڪو معبود آهي الله کان سواءِ الله جي پاڪائي آهي ان کان جيڪو شريڪ بنائن ٿا. |
| وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
|
۽ جڏهن ڏسندا ڪو ٽڪرو آسمان مان ڪرندي ته چوندا ڪڪر تهه تهه ٿيل آهي . |
| فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
|
پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي تانجو ملن پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن ۾ بيهوش ڪيا ويندا . |
| يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن نه فائدو ڏيندو انهن کي فريب انهن جو ڪجهه به ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا . |
| وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
|
۽ بيشڪ انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو عذاب آهي پهريا ان کان ۽ پر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن . |
| وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
|
۽ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم سان پوءِ تون اسان جي نظر ۾ آهين ۽ تسبيح پڙهه پنهنجي رب جي حمد سان جنهن وقت اٿين ٿو . |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
|
۽ رات جو پوءِ ان جي تسبيح پڙهه ۽ تارن جي پٺي ڏيڻ وقت . |