وَالطّورِ (آيت : 1) |
قسم آهي طور جبل جو. |
وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
۽ قسم آهي لکيل ڪتاب جو. |
فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
جيڪو کليل ورقن ۾ (لکيل) آهي. |
وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
قسم آهي (هر وقت) آباد (رهندڙ) گهر جو. |
وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
قسم آهي مٿانهين ڇت (يعني آسمان جو) |
وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
قسم آهي (پاڻي سان ٽِمٽار) اُڀامندڙ سمنڊ جو. |
إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ايندو. |
ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
جنهن کي ڪير روڪڻ وارو نه هوندو. |
يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
ان ڏينھن آسمان چڱي طرح ڌُڏندو (۽ ٿڙڪندو). |
وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
۽ جبل (هوا ۾) اڏرندا رهندا. |
فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
جيڪي فالتو ڳالهين ۾ وِندريا ويٺا آهن. |
يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
اُن ڏينھن اُنهن کي ڌڪا ڏيئي جهنم جي باهه ڏي هڪليو ويندو. |
هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
(کين چيو ويندو ته) هي آهي اها باهه جنھن کي توهان ڪوڙو ڪندا هئا. |
أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
(ٻڌايو!) ڇا هي جادو آهي؟ يا (اڃا به) توهان جون اکيون نٿيون کلن؟ |
اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
(وڃو!) اُن ۾ وڃي ڪرو. هاڻي توهان صبر ڪريو يا نه ڪريو ڳالهه برابر آهي. بيشڪ توهان کي توهان جي عملن جو بدلو ڏنو ويندو. |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا. |
فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
پنھنجي پالڻھار جي عطا ٿيل نعمتن مان مزا وٺندا ۽ کين سندن پالڻھار جھنم جي عذاب کان بچائيندو. |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
(انهن کي چيو ويندو ته) توهان پنھنجي عملن جي بدلي ۾ مزي سان کائو پيئو. |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
هو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون قطار ۾ رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا ۽ اسان کين سُھڻين اکين وارين حُورن سان پرڻائينداسين. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
۽ ايمان وارن جي اولاد مان به، جن اُنهن جي ايمان ۾ پيروي ڪئي هوندي، تن کي به اسين انهن سان ملائينداسين. اسان انهن جي عمل مان ڪابه شيءِ نه گهٽائينداسين. هر ماڻهو پنھنجي عمل سان ٻڌل آهي. |
وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
اسان کين ميون ۽ گوشت جي صورت ۾ جيڪا به شيءِ هو چاهيندا سا کين ڏينداسين. |
يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
هو باغن ۾ هڪ ٻئي کان (مذاق ۾) شراب جا پيالا جَهٽُ هڻي کسيندا رهندا. ان ۾ ڪابه بيهودگي نه هوندي ۽ نه ئي اهو ڪو گناهه جو ڪم هوندو. |
وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
انهن جي اڳيان (خوبصورت) ڇوڪرا خدمت لاءِ گهمندا رهندا. ڄڻ ته اُهي ڍڪيل موتي آهن. |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
انهن مان ڪي جنتي پاڻ ۾ ويھي (دنيا جون) خبرون چارون وٺندا. |
قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
چوندا ته اسان ته پنھنجي گهر ۾ هميشه (الله تعالى کان) ڊڄندي زندگي گذاري هئي. |
فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
بس! الله تعالى اسان جي مٿان وڏو احسان ڪيو جو اسان کي ساڙيندڙ هوا کان به بچايو. |
إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
اسان اڳ (دنيا ۾) رڳو ان کان ئي دعائون گهرندا هئاسين. بيشڪ هو وڏو ڀلائي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
(اي نبي ﷺ!) توهان نصيحت ڪندا رهو. توهان پنھنجي پالڻھار جي مھربانيءَ سان نه ته ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ وارا آهيو ۽ نه ئي ديوانا. |
أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هي شاعر آهي؟ اسان مٿس ڏينھَن جي ڦرڻ جو ويھي انتظارڪريون ٿا. |
قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
تون چؤ ته ڀلي انتظار ڪريو. بيشڪ مان به توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. |
أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
ڇا هي ڳالهيون کين سندن عَقُلَ سيکارين ٿا يا هي (خود) باغي (ذهن جا) ماڻهو آهن؟ |
أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
ڇا هي چون ٿا ته هي (قرآن) هِن پاڻ ٺاهيو آهي، بلڪه حقيقت هي آهي ته هي ماڻهو ايمان آڻڻ ئي نٿا چاهن؟ |
فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
جيڪڏهن هي ماڻهو (پنھنجي دعوى ۾) سچا آهن ته ان جھڙو ڪو ڪلام ٺاهي آڻي ڏيکارين. |
أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
(اصل سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته هي پاڻ پيدا ڪيئن ٿيا آهن؟ ڇا هي بغير پيدا ڪرڻ واري جي پيدا ٿي ويا آهن؟ ڇا انهن پاڻ کي پاڻ ئي پيدا ڪيو آهي؟ |
أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
ڇا آسمانن ۽ زمين کي به انهن پيدا ڪيو آهي؟ ڇوته انهن ماڻهن کي (الله تعالى جي خالق هجڻ تي) يقين ئي نه آهي. |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
ڇا انهن وٽ پنھنجي پالڻھار جا خزانا آهن، يا هو الله تعالى جا خزانا سنڀاليندڙ آهن؟ |
أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
ڇا انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جو هو (مٿي چڙهي) الله تعالى جي ڳالهين کي (غور سان) ٻڌي وٺن ٿا، پوءِ ڳالهيون ٻڌڻ وارو به ڪو واضح دليل پيش ڪري؟ |
أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
ڇا (انهن ماڻهن ذهن ۾ اهو ويھاري ڇڏيو آهي ته) الله تعالى جي لاءِ ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پُٽ آهن؟ |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا توهان انهن کان ڪو اجر ٿا گهرو جو هو (ادا ڪرڻ لاءِ) چَٽيءَ جي بار هيٺ اچي ويا آهن. |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
ڇا انهن وٽ غيب ( جو علم) آهي، جنھن جي بنياد تي هُو (حڪم) لکندا رهن ٿا؟ |
أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
ڇا هي ماڻهو ڪا ترڪتالي ڪرڻ چاهين ٿا (جيڪڏهن ايئن آهي ته) اها ترڪتالي خود انهن ڪافرن جي ڳچيءَ ۾ پوندي. |
أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
ڇا انهن لاءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو معبود آهي؟ (جنهن کي هي شريڪ ڪن ٿا)؟ الله تعالى پاڪ آهي ان شرڪ کان جيڪو هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. |
وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
(هي ماڻهو ايڏا ته ضدي آهن جو) جيڪڏهن هو آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪرندي به ڏسندا ته چوندا ته هي ته ڪارو ڪڪر آهي (جيڪو اسان جي مٿان مينھن وسائڻ لاءِ اچي ٿو) |
فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي ايستائين ان حال ۾ ڇڏي ڏيو جيستائين هو خود اهڙو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ هو بيهوش ٿي ڪيرايا ويندا. |
يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
ان ڏينھن سندن ڪابه چال کين ڪم نه ايندي ۽ نه ئي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي. |
وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
(حقيقت هي آهي ته) ظالمن جي لاءِ ان ڏينھن کان اڳ به عذاب رکيل آهي پر گهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا. |
وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي حڪم اچڻ تائين صبر ڪريو. (بيشڪ) توهان اسان جي حظاظت ۾ آهيو. ۽ هلندي ڦرندي پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪندا رهو. |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
رات جو ۽ ستارن جي غروب ٿي وڃڻ کان پوءِ (فجر جي وقت) به تسبيح بيان ڪندا رهو. |