القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الطُّوۡرِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 49


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالطّورِ (آيت : 1)

قسم آهي طور (جبل) جو

وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2)

۽ ڪتاب جو جيڪو کليل آهي

فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3)

اهو لکيل آهي سنهي کل تي

وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4)

۽ گهر (جو) جيڪو آباد آهي

وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5)

۽ ڇت (جيڪا) مٿاهين آهي

وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6)

۽ سمنڊ موجون هڻندڙ جو

إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7)

تحقيق عذاب تنهنجي رب جو ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي

ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8)

ناهي ان کي (ڪوبه) ٽارڻ وارو

يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9)

ان ڏينهن واقع ٿيندو جڏهن آسمان بي حد ٿڙڪندو

وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10)

۽ چڱيءَ طرح جبل اڏامندا

فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11)

پوءِ تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ

الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12)

اهي جيڪي اڄ راند طور حجت بازين ۾ لڳل آهن

يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13)

جنهن ڏينهن ڌڪا ڏئي کين باهه جهنم ڏي نيو ويندو

هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14)

(کين چيو ويندو ته) هي اها ئي باهه آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا

أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15)

هاڻي ٻڌايو جادو آهي اهو؟ يا توهان کي (ڪجهه) سُجهائي نٿي ڏئي؟

اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16)

وڃو هاڻي گهڙو ان ۾، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو ڪو صبر، برابر آهي توهان جي لاءِ، تحقيق اهڙو بدلو ملي پيو توهان کي جهڙا توهان جا عمل هئا

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17)

بيشڪ پرهيزگار ماڻهو اتي جنتن ۽ نعمتن ۾ هوندا

فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18)

مزا وٺندا هوندا انهن شين مان جيڪي کين اتي ڏنو ويندو سندن رب طرفان ۽ بچائي وٺندو سندن رب کين عذابِ جهنم کان

كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19)

(کين چيو ويندو) کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجن انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪندا هئا

مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20)

اهي ويٺا هوندا وڇايل تختن تي ٽيڪ لڳائي وهاڻن کي ۽ کين پرڻائينداسين حورون سهڻين اکين واريون

وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21)

۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سندن پيروي ڪئي اولاد مان ايمان جي معاملي ۾ ته ملائينداسين کين سندن ان اولاد سان به، ۽ نه ڏينداسين کين ڪو گهاٽو سندن عملن ۾ ڪنهن به قسم جو، هر شخص رکيل آهي پنهنجي ڪسب عمل ۾ گروي

وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22)

۽ اسان کين ڏيندا رهنداسين کائڻ جي لاءِ هر قسم جا ميوا ۽ گوشت جيڪي هو پسند ڪندا

يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23)

اهي اڳتي وڌي هڪ ٻئي کان پيالا شراب جا وٺندا جنهن ۾ ڪابه بيهودگي نه هوندي ۽ نه ڪا بدڪاري هوندي

وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24)

۽ ڊوڙندا خدمت ۾ سندن آڏو (حسين) ڇوڪرا، جيڪي هوندا خاص انهن لاءِ، اهڙا سهڻا جيئن لڪل موتي

وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25)

۽ اڳي (دنيا ۾ گذريل) هڪ ٻئي کان اهي پاڻ ۾ حالتون پيا پڇندا

قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26)

اهي چوندا، حقيقت ۾ اسان اڳ ۾ پنهنجي گهر وارن ۾ ڊڄندي زندگي گذاري هئي

فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27)

پوءِ الله (فضل ڪيو) اسان تي ۽ بچايو عذاب لوساٽڻ واري هوا کان

إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28)

بيشڪ اسان پوئين حياتيءَ ۾ ان کان دعائون گهريون، بيشڪ اهو وڏو احسان ڪندڙ ٻاجهارو آهي

فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29)

پوءِ (اي نبي!) تون ته نصيحت ڪندو رهه پنهنجي رب جي فضل سان، نه تون ڀوپو آهين ۽ نه چريو

أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30)

ڇا اهي ماڻهو چوندا آهن ته اهو شخص شاعر آهي، جنهن لاءِ اسان زماني جي ڦير گهير جو انتظار پيا ڪريون؟

قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31)

کين چئو، چڱو، انتظار ڪريو، آئون به توهان سان گڏ انتظار ٿو ڪريان

أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32)

ڇا اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سندن عقل کين چون ٿا؟ يا اهي حد اورانگهيندڙ شخص آهن بغض ۾ پيل؟

أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33)

ڇا اهي چوندا ته هن شخص اهو (قرآن) پاڻ ٺاهيو آهي؟ اصل ۾ اهي ايمان آڻڻ نٿا گهرن

فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34)

يا ته اهي آڻين اهڙو ڪلام ان شان وارو جيڪڏهن اهي سچا آهن

أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35)

ڇا اهي ڪنهن خالق بنا پاڻ ئي پيدا ٿيا آهن يا اهي پاڻ پنهنجا خالق آهن؟

أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36)

يا انهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، (اصل ڳالهه هيءَ آهي ته) اهي نٿا يقين رکن

أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37)

ڇا انهن جي قبضي ۾ خزانا آهن پنهنجي رب جا، يا انهن جو حڪم هلي ٿو؟

أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

ڇا وٽن ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تي چڙهي خبر چار وٺن ٿا عالمِ بالا جي؟ جنهن خبر ورتي هجي سو دليل آڻي پڌرو

أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39)

ڇا (الله لاءِ) آهن ڌيئرون ۽ توهان ماڻهن لاءِ پٽ آهن

أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40)

ڇا گُهرين ٿو انهن کان ڪو اجورو جو اهي ڪنهن وِڌل چٽيءَ ۾ دٻيل آهن؟

أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41)

ڇا انهن وٽ آهي غيب جو علم، جو اهي ان آڌار تي لکندا هجن

أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42)

ڇا اهي چاهين پيا ڪا (بڇڙي) رٿ رٿڻ؟ (ائين آهي) ته انهن ماڻهن تي جن ڪفر ڪيو آهي، سندن رٿ ابتي ٿي لڳندي

أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43)

ڇا اهي رکن ٿا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خدا؟ پاڪ آهي الله (انهيءَ شرڪ کان) جيڪو ڪن ٿا شرڪ اهي ماڻهو

وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44)

۽ جيڪڏهن (اهي ماڻهو) ڏسن ٽڪرا آسمان مان ڪِرندي ته چوندا اهي ڪڪر آهن جيڪي چڙهندا پيا اچن

فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45)

پوءِ (اي نبي!) ڇڏي ڏي انهن کي ان ڏينهن تائين جڏهن اهي ان ۾ بيهوش ڪري سٽيا ويندا

يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46)

ان ڏينهن سندن ڪابه اٽڪل کين ڪنهن به ڪم نه ايندي ۽ نه ڪو سندن مدد لاءِ ايندو

وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47)

۽ بيشڪ انهن ئي ظالمن جي لاءِ عذاب آهي ان وقت جياچڻ کان اڳي ئي، پر انهن مان ڪيترا ئي نٿا ڄاڻن

وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48)

۽ صبر ڪر (اي نبي!) فيصلي اچڻ تائين پنهنجي رب جو، بيشڪ تون اسان جي نظرن ۾ آهين ۽ تسبيح پڙهه ساراهه ڪر پنهنجي رب جي سندس پاڪائي سان جنهن مهل اُٿين

وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49)

۽ رات جو به پاڪائي بيان ڪر، جڏهن تارا لهندا آهن


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025