وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1) |
قسم آهي انهن هوائن جو جيڪي مٽي اڏائڻ واريون آهن |
فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2) |
پوءِ پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر کڻي هلڻ واريون آهن |
فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3) |
پوءِ (ڪڪرن کي) آهستي آهستي هلائڻ واريون آهن |
فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4) |
پوءِ هڪ وڏي ڪم (برسات) کي ورهائڻ واريون آهن |
إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5) |
(اي پيغمبر) حق ڳالهه اها آهي ته جنهن ڳالهه جو توهان کي دڙڪو ڏنو پيو وڃي، سا بلڪل سچ آهي |
وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6) |
۽ حساب ڪتاب ضرور ٿيڻو آهي |
وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7) |
قسم آهي واٽن واري آسمان جو |
إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8) |
ته (آخرت جي باري ۾) توهان مان هرهڪ جي ڳالهه پنهنجي پنهنجي آهي |
يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9) |
ان کان ڦريل اهوئي آهي جيڪو حق کان ڦريل آهي |
قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10) |
هلاڪ ٿيا اندازي ۽ گمان تي هلڻ وارا |
الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11) |
جيڪي جهالت ۾ ٻڏل ۽ غفلت ۾ پيل آهن |
يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12) |
پڇن ٿا ته ڀلا اهو حساب ڪتاب وارو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ |
يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13) |
اهو ڏينهن ايندو جڏهن اهي ماڻهو باهه ۾ ساڙيا ويندا |
ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14) |
(چيو ويندن) هاڻي چکو مزو پنهنجي فتني جو، اِها اٿوَ اُها شيءِ جنهن لاءِ پيا تڪڙ ڪندا هيؤ |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15) |
بيشڪ پرهيزگار انهيءَ ڏينهن باغن ۽ چشمن ۾ هوندا |
ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16) |
جيڪي سندن رب کين ڏيندو، اهو خوشيءَ سان پيا وٺندا. اهي انهيءَ ڏينهن کان اڳي ئي نيڪين ڪرڻ ۾ اڳرا هئا |
كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17) |
راتين جو تمام گهٽ سمهندا هئا |
وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18) |
پوءِ وري اسر مهل گناهن جي معافي گهرندا هئا |
وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19) |
۽ سندن مالن ۾ سواليءَ ۽ هٿين خاليءَ جو حق هوندو هو |
وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20) |
زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن يقين ڪرڻ وارن لاءِ |
وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21) |
۽ خود توهانجن پنهنجن وجودن ۾ به آهن. ڇا ڏسو نٿا؟ |
وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22) |
آسمان ۾ ئي توهان جو رزق به آهي ته اها شيءِ به جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي |
فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23) |
پوءِ قسم آهي آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو ته اها ڳالهه بلڪل حق آهي، ائين جيئن توهان جو ڳالهائڻ حقيقت آهي |
هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24) |
اي نبي! ڇا ابراهيم جي مانوارن مهمانن واري ڳالهه تو تائين پهتي آهي؟ |
إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25) |
جڏهن هو وٽس آيا ته چيائونس ته، توتي سلام هجي. هن چيو: "توهان تي به سلام هجي، آهن مڙيئي ڪي اوپرا ماڻهو" |
فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26) |
پوءِ پاسو وٺي پنهنجن گهروارن ڏانهن ويو ۽ هڪڙو متارو (سجي ڪيل) گابو آندائين. |
فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27) |
سندن آڏو رکيائين. چيائين توهان کائو ڇو نٿا؟ |
فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28) |
پوءِ کانئن دل ۾ ڪجهه ڊنو. انهن چيس: ڊڄ نه ۽ کيس هڪڙي علم واري نينگر (پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏنائون |
فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29) |
اهو ٻڌي سندس زال عجب ۾ پئجي اڳتي وڌي ۽ منهن تي ڌڪ هنيائين ۽ چوڻ لڳي، ڪراڙي سنڍ آهيان! |
قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30) |
انهن چيو: "ائين ئي فرمايو آهي تنهنجي رب، هو حڪمت ڀريو به آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ به" |
قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31) |
ابراهيم چين: "اي جيڪي الله جا موڪليل آهيو! ڀلا ڪهڙيءَ مهم سان آهيو؟" |
قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32) |
انهن وراڻي ڏني ته "اسان هڪڙي ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون |
لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33) |
تانته مٿس پڪل مٽيءَ وارا پٿر وسايون |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34) |
جيڪي تنهنجي رب وٽ حد کان لنگهڻ وارن لاءِ نشان ٿيل آهن" |
فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35) |
پوءِ اسان انهن سڀني کي ڪڍي ٻاهر ڪيوسون، جيڪي ان ڳوٺ ۾ مؤمن هئا |
فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36) |
۽ اتي اسان هڪڙي گهر کان سواءِ مسلمانن جو ڪو گهر ئي نه لڌو هو |
وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37) |
ان کانپوءِ اسان اتي بس هڪڙي نشاني رهائي ڇڏي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄندا هجن |
وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
۽ (تو لاءِ نشاني آهي) موسيٰ جي قصي ۾، جڏهن اسان ان کي چٽيءَ ســَـنــَـدَ سان گڏ فرعون ڏانهن موڪليو |
فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39) |
ته هن پنهنجي طاقت تي وڏائي ڪئي ۽ چيائين: اهو جادوگر آهي يا چريو آهي |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40) |
نيٺ اسان کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيو ۽ سڀني کي سمنڊ ۾ اڇلايوسون ۽ هو ڏاڍو خوار خراب ٿي ويو |
وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41) |
۽ (تو لاءِ نشاني آهي) عاد ۾، جڏهن اسان مٿن هڪ اهڙي چڱائيءَ کان خالي هوا موڪلي |
ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42) |
جو اها جنهن به شيءِ تان لنگهي وئي ته ان کي ڄڻ ته ڀتو ڀاڻ ڪري ڇڏيائين |
وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43) |
۽ (تنهنجي لاءِ نشاني آهي) ثمود ۾، جڏهن کين چيو ويو هو ته ڪري وٺو مزا ڪنهن هڪڙي وقت تائين |
فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44) |
پر تڏهن به انهن پنهنجي رب جي حڪم کان ڪنڌ ڪڍايو، نيٺ سندن ڏسندي هڪڙي زبردست ڪڙڪي اچي کين ورايو |
فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45) |
جو پوءِ نڪي اٿڻ جي ڪا سگهه هئن ۽ نه وري پنهنجو بچاءُ ئي ٿي ڪري سگهيا |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46) |
۽ انهن سڀني کان اڳ اسان نوح جي قوم کي ناس ڪيو هو، ڇو ته هو نافرمان ماڻهو هئا |
وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47) |
آسمان کي اسان پنهنجي طاقت سان ٺاهيو آهي ۽ اسان طاقتور آهيون |
وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48) |
۽ زمين کي اسان وڇايو آهي ۽ اسان ڪهڙا نه سٺا پٿيرڻ وارا آهيون |
وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49) |
۽ سڀ شيءِ جا اسان جوڙا جوڙا بڻايا آهن ته مــَـنَ ڪو ائين سبق سکو |
فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
پوءِ ڊوڙو الله ڏانهن، مان توهان لاءِ وٽانئس هڪڙو کولي کولي خبردار ڪندڙ آهيان |
وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51) |
۽ الله سان گڏ ٻيو ڪوبه معبود نه بڻايو، مان توهان لاءِ وٽانئس کولي کولي خبردار ڪرڻ وارو آهيان |
كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52) |
ائين ئي پئي ٿيندو رهيو آهي. کانئن اڳ ٿي گذريل قومن وٽ به ڪو اهڙو رسول نه آيو، جنهن کي ائين نه چيو هئائون ته هي جادوگر آهي يا چريو آهي |
أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53) |
ڇا انهن سڀني پاڻ ۾ ان ڳالهه تي ڪو ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي؟ نه نه، اصل ڳالهه هي آهي ته اهي سڀ ڏاڍا حد کان لنگهندڙ ماڻهو آهن |
فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54) |
تنهنڪري اي نبي، تون کانئن منهن موڙي ڇڏ، توتي ڪا ميار ناهي |
وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55) |
۽ نصيحت ڪندو رهه، ڇو جو نصيحت ايمان وارن کي فائدو ڏيندي آهي |
وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56) |
مان جنن ۽ انسانن کي ان کانسواءِ ڪنهن به ڪم لاءِ پيدا نه ڪيو آهي ته اهي منهنجي عبادت ڪن |
ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57) |
مان انهن کان ڪو رزق نه ٿو طلبيان ۽ نه ئي گهران ٿو ته اهي مونکي کارائين |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58) |
الله ته پاڻ رزق ڏيندڙ آهي، وڏيءَ طاقت وارو ۽ ڏاڍو مضبوط |
فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59) |
سو جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي، انهن جي ڀاڱي ۾ به اهڙو ئي عذاب آهي، جهڙو انهن جهڙن ماڻهن کي پنهنجي واري تي ملي چڪو آهي، تنهنڪري ان لاءِ اهي مون سان تڪڙ نه ڪن |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60) |
نيٺ ته تباهي آهي، ڪفر ڪندڙن لاءِ انهيءَ ڏينهن، جنهن کان کين ڊيڄاريو وڃي ٿو |