القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الذّٰرِیٰتِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 60


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1)

انهن (هوائن جو) قسم جي (ڪڪرن کي) هيڏي هوڏي ڪن ٿيون.

فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2)

وري (پاڻي جو) بار کڻن ٿيون.

فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3)

وري آهستي آهستي هلن ٿيون.

فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4)

وري هڪ ضروري شيءِ (مينهن) کي ورهائن ٿيون.

إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5)

ته اوهان سان جيڪو انجام ڪيو وڃي ٿو ضرور بلڪل سچو آهي.

وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6)

۽ (عملن جي) جزا (۽ سزا) ضرور ٿيندي.

وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7)

۽ آسمان جو قسم جنهن ۾ رستا آهن.

إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8)

ته (اي مڪي وارو!) اوهين بيشڪ اهڙي اختلافي ڳالھ ۾ (پيل) آهيو.

يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9)

جو ان کان اهو ڦيريو ويندو (گمراھ ٿيندو) جو خدا جي علم ۾ ڦيرايو ويو آهي.

قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10)

ڪوڙين ڳالهين بنائڻ واري تي مار پوي.

الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11)

جي غفلت ۾ ڀليا پيا آهن.

يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12)

پڇن ٿا ته جزا جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو.

يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13)

جنهن ڏينهن هو باھ ۾ ساڙيا ويندا.

ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14)

(۽ ان وقت چئبن ته) پنهنجي عذاب جو مزو چکيو. هي اهو آهي جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪندا هئو.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15)

بيشڪ پرهيزگار (بهشت جي) باغستان ۽ چشمن ۾ (مزا وٺندا) هوندا،

ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16)

جيڪي سندن پروردگار کين عطا ڪري ٿو. اهي (خوش ٿي) وٺي رهيا آهن. اهي ماڻهو هن کان اڳ (دنيا ۾) نيڪ هئا.

كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17)

(عبادت جي ڪري) رات جو تمام ٿورو سمهندا هئا.

وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18)

۽ پوئين پهر پنهنجي (گناهن کان) معافيءَ جي دعا گهرندا هئا.

وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19)

۽ سندن مالن ۾ سوالي ۽ غير سواليءَ (ٻنهي جو) حصو آهي.

وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20)

۽ يقين ڪرڻ وارن لاءِ زمين ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21)

۽ خود اوهان ۾ به آهن ته ڇا اوهين ڏسو نه ٿا.

وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22)

۽ اوهان جي روزي ۽ جنهن ڳالھ جو توهان سان انجام ٿو ڪيو وڃي سي به آسمان ۾ ئي آهن.

فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23)

ته آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو قسم! هي (قرآن) بلڪل حق سچ آهي جيئن اوهين ڳالهايو ٿا.

هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24)

ڇا تو وٽ ابراهيم جي عزت وارن مهمانن (فرشتن) جي به خبر پهتي آهي؟

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25)

ته جڏهن اهي وٽس آيا ته چيائون سلام (عيلڪم) ته ابراهيم به (عيلڪم) سلام چيو، (دل ۾ چيائين ته) هي ته اڻ سڃاتل آهن.

فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26)

پوءِ پنهنجي گهر وڃي جهٽ پٽ سڻڀو گابو (ڀڃي) آندائين.

فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27)

پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين (وري کين) چيائين ته ڇو نه ٿا کائو؟

فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28)

(تڏهن به انهن نه کاڌو) ابراهيم دل ۾ انهن کان ڊنو. انهن چيس ته نه ڊڄ! ۽ کيس داشنمند پٽ (ٿيڻ) جي خوش خبري ڏنائون.

فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29)

ته ابراهيم جي زال (ساره) دانهن ڪري سامهون آئي ۽ (حيرت مان) پنهنجي منهن تي هٿ هنيائين ۽ چوڻ لڳي ته (واھ! واھ!) هڪ ته (آءُ) ٻڍڙي (۽ وري) سنڍ آهيان (ته پوءِ پٽ ڪئين ٿيندو؟)

قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30)

فرشتن چيس ته تنهنجي پروردگار اهڙي طرح ئي فرمايو آهي. بيشڪ اهو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31)

(تڏهن ابراهيم) چيو ته: اي (خدا جا) موڪليل فرشتو! آخر اوهان جو ڇا مطلب آهي؟

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32)

انهن چيس اسين هڪ ڏوهاري (لوط جي) قوم ڏي موڪليا ويا آهيون.

لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33)

مٿن مٽيءَ جا (کرنڊن وارا) پٿر وسايون.

مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34)

جيڪي حد کان لنگهندڙن لاءِ تنهنجي پروردگار وٽ نشان ڪيل آهن.

فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35)

پوءِ جيڪي ايمان وارن مان اتي هئا تنهن کي اسان ٻاهر ڪڍيو.

فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36)

۽ اتي ته اسان هڪ گهر کان سواءِ مسلمانن جو ڪو به گهر نه ڏٺو.

وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37)

۽ جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا تن لاءِ اتي (عبرت جي) نشاني ڇڏي.

وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

پڻ موسى جي (حال ۾) ۾ به (نشاني آهي) جڏهن ان کي اسان فرعون ڏي ظاهر معجزو عطا ڪري موڪليو.

فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39)

پر ان پنهنجي لشڪر جي ڪري منهن موڙي ۽ چوڻ لڳو ته (هي ته تمام سٺو) جادوگر يا سودائي آهي.

فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40)

پوءِ ته اسان به کيس ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيوسون ۽ اهو ته ملامت جهڙو ڪم ڪندو ئي هو.

وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41)

۽ عاد جي قوم (جي حال ۾ به نشاني) آهي جڏهن اسان مٿن بي برڪت انڌاري موڪلي.

ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42)

جا جنهن شيءِ تي به لڳي ٿي ته ان کي ڳريل هڏيءَ وانگر ڪري ڇڏيائين ٿي.

وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43)

۽ ثمود جي حال ۾ به (قدرت جي نشاني) آهي جڏهن انهن کي چيو ويو ته هڪ خاص وقت تائين مزا ماڻي وٺو.

فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44)

پوءِ پنهنجي پالڻهار جي حڪم مڃڻ کان هٺ ڪيائون ته مٿس بجليءَ جو ڪڙڪاٽ پئجي ويو ۽ اهي ڏسندا رهجي ويا.

فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45)

پوءِ نه اهي اٿي سگهيا ۽ نه بدلو وٺي سگهيا.

وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46)

۽ ان کان اڳ اسان نوح جي قوم کي (برباد ڪري ڇڏيو هو) بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا.

وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47)

۽ اسان آسمان کي پنهنجي طاقت سان بنايو آهي ۽ بيشڪ اسان ۾ سڀ قدرت آهي.

وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48)

۽ زمين کي اسان پڪڙيو آهي پوءِ اسين ڪهڙو نه چڱا پڪڙيندڙ آهيون.

وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49)

۽ سڀ ڪنهن شيءِ مان اسان ٻه ٻه قسم پيدا ڪيا آهن ته من اوهين نصيحت حاصل ڪريو.

فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50)

ته خدا ڏي ئي ڊوڙيو. آءُ اوهان کي پڪ ان جي طرفان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51)

۽ خدا سان ٻئي کي معبود نه بنايو. آءُ يقينا ان جي طرفان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52)

اهڙيءَ طرح جيڪي هنن کان اڳ هئا تن ڏي جو به پيغمبر آيو ته انهن ان کي جادوگر سڏيو يا چريو چيائون.

أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53)

ڇا ان ڳالھ جي هڪڙا ٻين کي وصيت ڪندا رهيا؟ (نه) پر اهي ماڻهو آهن ئي سرڪش.

فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54)

ته (اي رسول) تون انهن کان منهن موڙ ڇو ته (انهن جي ڪفر جي) تو تي ميار نه آهي.

وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55)

۽ نصيحت ڪندو رھ! هن لاءِ ته نصيحت ايمان وارن کي فائدو ڏئي ٿي.

وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56)

۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.

ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57)

آءُ انهن کان ڪا روزي (ته) نه ٿو گهران ۽ نه انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائين.

إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58)

بيشڪ خدا روزي ڏيڻ وارو زورآور (۽) زبردست آهي.

فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59)

ته (انهن) ظالمن لاءِ به عذاب جو ڪجھ حصو آهي جهڙي طرح سندن ساٿين جي لاءِ به حصو هو ته کين اسان سان جلدي نه ڪرڻ گهرجي.

فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60)

هن ڪري ته ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ (ڏاڍي) خرابي آهي جنهن جو انهن سان انجام ڪيو وڃي ٿو.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025