| وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1) |
|
واءُ اُڏارِيندڙ واريون، |
| فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2) |
|
پوءِ بادل کڻندڙ بار، |
| فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ سَولا هلندڙ سِير ۾، ٻَهون ٻيرآ پار، |
| فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ڦانڊي ڪندڙ ڪمن کي، درجن مُوجب ڌار، |
| إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5) |
|
ته آهي سچ، اوهان کي ڏِجي ، وعدو جنهني وار، |
| وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6) |
|
بَدلو برقرار، مِلڻو آهي مُورهِين. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7) |
|
۽ ساکي آهي سڀ طرح، هِي بُرجن ڀَريو اُڀ، |
| إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8) |
|
ته آهيو اوهين سَڀ، وَڏي ٻول ٻِتاڙ ۾. |
| يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9) |
|
جو ڦيرو وِيو، سو ڦيربو ڪنان اِن ڪلام، |
| قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10) |
|
ڪُوڙا ٿيا قتلام، |
| الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11) |
|
جي آهن وِڦلڻ ۾ ويسلا. |
| يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12) |
|
پِيا پُڇن ته ڪَڏهن، آهي ڏِينهن اِنصاف جو؟ |
| يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13) |
|
اَندر اُماڻي آڳ ۾، جانچبن جڏهن، |
| ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14) |
|
چکو پرکڻ پنهنجو، چئبن تُرت تڏهن، هي، سو آهي هَڏهن، جنهن لئي تمام تڪڙائـِيندا هُئا. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15) |
|
بي شڪ نيڪ بهشت ۾، منجھ گـٺين ۽ گلزار، |
| ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16) |
|
سَندنِ سائـِين کين ڏِنا، سي وڻندڙ وِئَ وَلهار، سَڀ انهئ جي آڌار، ته هئا موچارا مَهند ئـِي. |
| كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17) |
|
ٿورو ڪُجھ سُمهندا هئا، راول مَنجھان رات، |
| وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18) |
|
هئا ٻاڏئـِيندا ٻاجھ لئي، پِره ڦُٽِي پِر ڀات، |
| وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19) |
|
۽ هُئـِي سَندنِ ڏِني ۾ ڏات، آسائو، اَپهچ لئي. |
| وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20) |
|
۽ هِن ڀَري تَري ڀُون ۾، اولھ، اوڀر پار، وَڏيون وِسهندڙن لئي، نِشانيون نِروار، |
| وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21) |
|
پڻ اَنهنجي جان جِسم ۾، ڪَئـِين عَجائـِب اِظهار، پوءِ ڪري نظر نِهار، ڇو نه پَسو پاڻ ۾. |
| وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22) |
|
آهي آسمان ۾، اَهنجِي توڻ طعام، ۽ آڻ کي ڏجي اَنجام، پڻ جنهن باغ بهشت جو. |
| فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ آهي اُڀ زمين جو، سائـِين ساکِي پاڻ، ته آھِ صفا سچ اِهو، اهڙيئـِي اُهڃاڻ، جِيئن رَتِي مَنجھ رِهاڻ، پاڻ ڳالهايو پَڌرو. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24) |
|
ڪا آيئـِي اِبراهِيم جي، مِهمانن جِي ڳالھ ؟ |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25) |
|
آيا، سي آبائـِتا، جڏهن لنگھِي وَٽِس لال، اَلسَّلام عَلَيْڪُم، پوءِ چيائون چڱِئَ چال، پوءِ وَعَلَيْڪُم السَّلام، چيو نَبِئَ نيڪ نهال، هو نه سُڃاڻو ساٿ سو، نه ڪا حقيقت حال، |
| فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26) |
|
پوءِ اُنِهئَ دَم اُسريو، ڏونهن پَنهنجي آل عيال، وَهڙِي وَھ مَهوڙ جو، ڀُڳيل گوشت بحال، |
| فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27) |
|
پوءِ کڻِي اُنهن ڏي آئيو، ڀَري ٿُيٻو ٿال، فرمائـِين فِى الحال، ته واپِرايو ڇو نٿا؟ |
| فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28) |
|
تڏهن آندو ڌيڄو دِل ۾، اُنهن کان اَمِير، پوءِ تَن پاٻوهيو، نه کاءُ، ڪو خوف خبِر، ۽ خاص ڏِنائونسِ کِير، حاذِق پُٽ هوشيار جِي. |
| فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29) |
|
پوءِ واڪِيندي تِنهن وير ۾، آئـِي اُن جِي زال، هَئين هَٿ مُنهسِ تي ۽ ڳالاهائـِين هِئَ ڳالھ، ڪِنهن ليکي مِلندو لال، مون صفا پوڙهِئُ سنڍ کي. |
| قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30) |
|
ٻوليائون ٻِيهار، ته آهي اِنهئ جي خاطرِي، فرمائيو فَضل سان، سَندئـِي رَبَّ، سَتار، هرگز سو هوشيار، پن سمجھندڙ سڀ ڳالهيون. |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31) |
|
تن کان، حقيقت حال جِي، پوءِ وَرِتي وِينجھار، اي موڪليل الله جا! اَنهنجو ڪو ڪم ڪار؟، |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32) |
|
چي، اَسِين اُماڻيل آهيون، ڪنهن پاپِي ٽولِئَ پار، |
| لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33) |
|
ته پَڪک مِٽِئَ جون پٿريون، ڪريون مَٿنِ وَسڪار، |
| مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34) |
|
داڳيل تُنهنجي ڌَڻِيء وٽان، هرهڪ پَٿِري ڌار، نِشان ٿيل نِروار، نالي سان نالائـِقِين. |
| فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35) |
|
پوءِ مُؤمن تِنهن ماڳ مان، ڪياسون ڪڍي ٻَهار، |
| فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ تِنهن ۾ تابِعدار، نه پاتوسون، هِڪ پَهر ري. |
| وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37) |
|
۽ توڙ ڇَڏِيسون تِنهن ۾، عِبرت ڪا اُنهن لاءِ، جي دل ۾ ڌارِين ڊاء، آزاريل عذاب جو. |
| وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
پڻ مُوسٰى جي مَذڪور ۾، ساڳِي سبق سُڌير!، جڏهن ڦِريل فِرعون ڏي، مُڪو سون تِنهن مِير، ساڻ مُبارڪ مُعجزِين، پڻ آيتون اَڪسِير، |
| فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39) |
|
پوءِ ڦِريو پَنهنجِي فوج سان، ۽ تڙيل ڪَئـِي تقرير، هِي ڪاري اََکر آھِ ڪو، ديوانُو دِلگِير، |
| فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40) |
|
پوءِ سوگھو ڪيوسُونِس ساٿ سان، پوءِ سَٽيون سونِ مَنجھ سير، ۽ جڏهن وَرِي مٿانِس وِير، هو سو ڇِينڀِيل ڇولِين. |
| وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41) |
|
پڻ آهي عِبرت عاد ۾، جڏهن تَن سِر طوفان، اَڀاڳو عيان، موڪليوسون مورهين. |
| ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42) |
|
آيو جِھڙي ٽول تان، ذَرو ڇَڏي نه ضرور، مگر ڪيائـِينسِ مُور، چُور هَڏيَنِ جِيئن، حال ۾. |
| وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43) |
|
۽ ساڳِي سَبق ثَمُود ۾، ثابِت آهي صَحِي، جَن ڳوٺاڻن کي ڳالھ اِها، ويئـِي ڪالھ ڪَهِي، ته ڪا مَهل مَزا ماڻيو، اَندر راڄ رَهِي، |
| فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ سَندنِ سائـِينءَ جي، اَمر کان وِيا ٻَهر وَهِي، پوءِ ڪَڙڪي قابُو پَڪڙيا، پيا ڊِينگ ڊَهِي، ۽ حال حقيقت هِي، پاڻ پَسندائـِي رَهيا. |
| فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45) |
|
اَصل اُٿڻ جيترِي، پُھچ نه ساريؤن پوءِ، ۽ ڪُوڪن مَٿي ڪوءِ، وَريو نه وَاهرو اُنهن جو. |
| وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46) |
|
پڻ نُوح نَبِئَ جي قوم ۾، عِبرت آھِ اََڳ، اُهو ويڳاڻو وَڳ، ڦِرندو هُئو فَرمان کان. |
| وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47) |
|
اَسان اُپايو اُڀ کي، هَٿِين حِڪمت ساڻ، اِنهيان وَڏن ڪَمن کي، پُهچندڙ آهيون پاڻ، |
| وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48) |
|
۽ ڪَئـِي سون ڀُون ڪوهن ۾، ڪو ويڪرو وِڇاڻ، پوءِ اَسِين اِن اُهڃاڻ، آهيون وِڇائيندڙ واھ جا! |
| وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49) |
|
جوڙيونسون جوڙا ڪري، هر شئِ مانَ ڌارو ڌار، ته اَوهِين سي اَسرار، پَر کي مانَ پِرائيو! |
| فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
|
پوءِ لاهي وَهم وُجود مان، ڀَڄو پَروَر پار، آئون پاران اُن جي، اوهان کي اڳوار، ڪندڙ خبردار، چِٽو چَوندڙ آهيان. |
| وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51) |
|
پڻ مُقرر ڪريو نه مُورهين، ٻيو داتا، ڌڻئَ ساڻ، آئون اوهان جي ڪاڻ، اُن پاران پَڌرو خابرو. |
| كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52) |
|
اِن پَر اِنهيان اڳـيَن کي، جي گُذرِيا وَڏا وَڳر، نه آيو نَبِي نيڪ ڪو، مَهندان چَيؤَن مگر، ته جِنسِي جادوگر، يا جِن اَٿسِ ڪو جان ۾. |
| أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53) |
|
ڇا، آڇ اِنهِئ ڳالھ جِي، ڪيائون توڙان توڙ؟ اُٽلو آھِ ساٿ اُهو، هميشه حَد ٽوڙ، |
| فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54) |
|
پوءِ مُنهن تَنِين کان موڙ، تون مُور مَيارِي ناهِين. |
| وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55) |
|
پڻ وَعظ وَحدانِيـَت جو، تون وَرِي وَرِي ڪر، اَوس ڪندو اَثر، واعظ وِسهندڙن تي. |
| وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56) |
|
۽ جوڙيمِ نه ماڻهو، جِن، مگر مَطلب ايترو، ته ڏيئـِي ٻِيَن کي ٻَن، مون کي مَڃِينِ هيڪڙو. |
| ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57) |
|
آئون نه گُھران ٿو اُنهن کان، ڪو پائـِي رزق، پگھار، ۽ نه مڱان ته مانِي ڏِينِ مون، |
| إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58) |
|
پوءِ بي شڪ برقرار، ڏِيندڙ آهي ڏيہ کي، روزِي رَبُّ، سَتّار، قَرارو ڪَلتار، صاحِب وَڏِئَ سَگھ جو. |
| فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59) |
|
پوءِ اُهي جَن اَنڌير ڪيا، اُنهن لئي آھِ عذاب، جِھڙِي سَندنِ ساٿِين کي، اَڳ سزا برصواب، پوءِ ڪري تڪڙ تاب، پاڻهِين نه گُھرن پاڻ لئي. |
| فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60) |
|
وو وو! آهي اُنهن لئي، جي ڦِريا ڪنان فرمان، ڏاڍي سَندنِ ڏِينهن کان، مَحشر جي ميدان، جنهن جو مَنجھ ميدان، ڏجي اَنجام اُنهن کي. |