| وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1) |
|
(مٽيءَ کي) اڏائڻ وارين (هوائن ۽ طاقتن) جو قسم آهي |
| فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2) |
|
پوءِ بار کي کڻڻ وارين (طاقتن) جو، |
| فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ نرميءَ سان هلڻ وارين (طاقتن) جو، |
| فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ڪم کي ورهائڻ واين (طاقتن) جو، |
| إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5) |
|
ته جو اوهان سان (قيامت) جو وعدو ڪيو وڃي ٿو سو سچ آهي. |
| وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6) |
|
۽ بيشڪ انصاف ضرور ٿيڻ وارو آهي. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7) |
|
رستن واري آسمان جو قسم آهي |
| إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8) |
|
ته بيشڪ اوهين تڪرار واري ڳالهه ۾ (پيل) آهيو، |
| يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9) |
|
ان کان اهو ڦيريو ويندو جو (ڀلائيءَ کان) ڦيريو ويو آهي. |
| قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10) |
|
ڪوڙين ڳالهين بنائڻ وارن تي مار پوي، |
| الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11) |
|
جي جاهل پڻي ۾ ڀليا پيا آهن، |
| يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12) |
|
پڇن ٿا ته انصاف جو ڏينهن ڪڏهن آهي |
| يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13) |
|
جنهن ڏينهن هو باهه ۾ ساڙيا ويندا. |
| ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14) |
|
(۽ ان وقت چئبن ته) پنهنجي سڙڻ جو مزو چکو. هي اهو آهي جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪندا هيو. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15) |
|
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا، |
| ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16) |
|
جيڪي سندن پاليندڙ کين ڏنو آهي سو وٺڻ وارا هوندا. هن ڪري ته اُهي هن کان اڳ چڱائي ڪندڙ هئا. |
| كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17) |
|
رات جو تمام ٿورو سمهندا هئا |
| وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18) |
|
۽ پڇاڙي رات جو اهي معافي گهرندا هئا. |
| وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19) |
|
۽ سندن مالن ۾ سواليءَ ۽ غير سواليءَ جو حصو هو. |
| وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20) |
|
۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. |
| وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21) |
|
۽ اوهان جي جندن ۾ به. ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ڏسو؟ |
| وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22) |
|
۽ آسمان ۾ اوهان جي روزي آهي ۽ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سوبه. |
| فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ آسمان ۽ زمين جي پاليندڙ جو قسم آهي ته بيشڪ اها ڳالهه سچ آهي جيئن اوهين ڳالهايو ٿا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24) |
|
ڇا ابراهيم جي عزت وارن مهمانن جي ڳالهه توکي پهتي آهي؟ |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25) |
|
جڏهن اهي وٽس اندر آيا پوءِ (مٿس) سلام ڪيائون. هن به سلام ڪيو (۽ دل ۾ چيائين ته) هي اڻ سڃاڻ ماڻهو آهن. |
| فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26) |
|
پوءِ پنهنجي گهر وارن ڏي ويو. پوءِ ٿلهو گابو (پچائي) آندائين. |
| فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27) |
|
پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين .چيائين ته ڇو نه ٿا کائو؟ |
| فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28) |
|
پوءِ انهن کان دل ۾ ڊپ ٿيس. چيائونس ته نه ڊڄ ۽ ان کي علم واري ٻار (پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏنائون. |
| فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29) |
|
پوءِ سندس زال دانهن ڪري سامهون آئي ۽ (حيرت مان) پنهنجي منهن تي هٿ هنيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ آهيان. |
| قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30) |
|
چيائونس ته اهڙي طرح ئي تنهنجي پاليندڙ فرمايو آهي. بيشڪ هو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي. |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31) |
|
ابراهيم چيو ته پوءِ اي قاصدئو! اوهان جو ڇا مقصد آهي؟ |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32) |
|
چيائون ته بيشڪ اسين هڪ ڏوهاريءَ قوم ڏي موڪليا ويا آهيون، |
| لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33) |
|
ته مٿن مٽيءَ جا پٿر وسايون، |
| مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34) |
|
جيڪي حد کان لنگهندڙن لاءِ تنهنجي پاليندڙ وٽ نشان ڪيل آهن. |
| فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35) |
|
پوءِ جو ايمان وارن مان اتي هو تنهن کي اسان ٻاهر ڪڍيو. |
| فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ تابعدارن مان هڪ گهر کان سواءِ ٻيو اسان اتي نه ڏٺو. |
| وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37) |
|
۽ اسان اتي انهن لاءِ هڪ نشاني ڇڏي جي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا |
| وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
۽ موسيٰ (جي قصي) ۾ (نشاني آهي) جڏهن اسان ان کي پڌرو دليل ڏئي فرعون ڏي موڪليو. |
| فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان پنهنجي دٻدٻي جي ڪري منهن موڙيو ۽ چيائين ته جادوگر آهي يا چريو آهي. |
| فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40) |
|
پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي جهلي پوءِ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلايوسون |
| وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41) |
|
۽ هو ملامت جو ڪم ڪرڻ وارو هو. ۽ عاد (جي قصي) ۾ (نشاني آهي) جڏهن اسان مٿن بي برڪت واه موڪليو، |
| ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42) |
|
جو جنهن شيءِ تي به آيو ٿي ته ان کي ڳريل هڏيءَ جهڙو ئي ڪري ڇڏيائين ٿي |
| وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43) |
|
۽ ثمود (جي قصي) ۾ (نشاني آهي) جڏهن انهن کي چيو ويو ته هڪ وقت تائين مزا ماڻي وٺو. |
| فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي حڪم مڃڻ کان هٺ ڪيائون پوءِ انهن تي ڪڙڪاٽ پئجي ويو |
| فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45) |
|
۽ اهي ڏسندا رهيا. پوءِ نه اٿي سگهيا ۽ نه بدلو ورتائون. |
| وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46) |
|
۽ ان کان اڳ نوح عه جي قوم کي (اسان برباد ڪيو) بيشڪ اهي نافرمان ماڻهو هئا. |
| وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47) |
|
۽ آسمان کي اسان طاقت سان بنايو آهي. ۽ بيشڪ اسين سگهه وارا آهيون. |
| وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48) |
|
۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي پوءِ ڪهڙا نه چڱا پکيڙيندڙ آهيون. |
| وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49) |
|
۽ سڀ ڪنهن شيءِ مان اسان جوڙو جوڙو پيدا ڪيو آهي ته من اوهين ڌيان ڪريو. |
| فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
|
پوءِ (اي پيغمبر! انهن کي چئو ته) الله ڏي ڀڄو! بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان |
| وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51) |
|
۽ الله سان گڏ ٻيو عبادت جو حقدار نه ٺهرايو. بيشڪ آءُ (رڳو) اوهان جي واسطي الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
| كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52) |
|
اهڙيءَ طرح جيڪي انهن کان اڳ هئا تن وٽ ڪو رسول نه آيو پر چيائون (ته هو) جادوگر آهي يا چريو آهي. |
| أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53) |
|
ڇا ان ڳالهه جي (مرڻ وقت) هڪ ٻئي کي وصيت ڪئي اٿن؟ پر اهي پنهنجي حد کان لنگهندڙ ماڻهو آهن. |
| فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54) |
|
پوءِ (اي پيغمبر !) تون انهن کان منهن موڙ ڇو ته (انهن جي ڪفر جي) توتي ميار نه آهي. |
| وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55) |
|
۽ سمجهائيندو رهه ان لاءِ ته سمجهائڻ ايمان وارن کي فائدو ڏي ٿو. |
| وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56) |
|
۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن. |
| ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57) |
|
آءٌ انهن کان ڪا روزي نه ٿو گهران ۽ نه انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائين. |
| إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58) |
|
بيشڪ الله روزي ڏيڻ وارو مضبوط طاقت وارو آهي. |
| فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59) |
|
پوءِ جن ظلم ڪيو تن جو وارو آهي سندن دوستن جي واري جهڙو پوءِ (عذاب جي) مون کان جلد گهر نه ڪن. |
| فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60) |
|
هن ڪري ته ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ خرابي آهي جنهن جي کين ڌمڪي ڏني وڃي ٿي. |