القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الذّٰرِیٰتِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 60


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1)

ڌوڙ اڏاري پکيڙڻ وارين (هوائن) جو قسم.

فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2)

پوءِ (پاڻي جو) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم.

فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3)

پوءِ نرمي سان هلڻ وارين (ٻيڙين) جو قسم.

فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4)

پوءِ ڪم کي ورهائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.

إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5)

ته جيڪو (قيامت جو) توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو سچو آهي.

وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6)

۽ بيشڪ انصاف ضرور ٿيڻ وارو آهي.

وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7)

رستن واري آسمان جو قسم.

إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8)

ته بيشڪ توهان تڪرار واري ڳالهه ۾ پيل آهيو.

يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9)

ان (قرآن)کان اهو ڦيريو وڃي ٿو جو (ڀلائي کان) ڦيريو ويو آهي.

قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10)

ڪوڙين ڳالهين بنائڻ وارا ماريا ويا.

الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11)

جي جهالت ۾ (آخرت) کي وسارڻ وارا آهن.

يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12)

پڇن ٿا ته انصاف جو ڏينهن ڪڏهن آهي؟

يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13)

جنهن ڏينهن هو باهه ۾ ساڙيا ويندا.

ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14)

(چيو ويندو) ”پنهنجي سزا (جو مزو) چکو. هي اُهو آهي جنهن جي اوهان جلدي مچائيندا هئا.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15)

بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.

ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16)

انهن نعمتن کي وٺندڙ هوندا جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون. بيشڪ اُهي اڳ ئي نيڪوڪار هئا.

كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17)

رات جو تمام گهٽ سمهندا هئا.

وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18)

۽ رات جي پوئين ڀاڱن ۾ اُهي بخشش گهرندا هئا.

وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19)

۽ انهن جي مالن ۾ گُهرڻ وارن ۽ سوال کان بچڻ وارن جو حق ثابت هيو.

وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20)

۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن.

وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21)

۽ توهان جي نفسن ۾ به (نشانيون آهن). ڇا پوءِ به توهان نه ٿا ڏسو!

وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22)

۽ آسمان ۾ توهان جي روزي آهي ۽ اهو (سڀ ڪجهه به) جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.

فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23)

پوءِ آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو قسم ته بيشڪ اها ڳالهه سچي آهي جيئن توهان ڳالهايو ٿا.

هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24)

ڇا تو وٽ ابراهيم جي عزت وارن مهمانن جي ڳالهه پهتي؟

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25)

جڏهن اُهي (ملائڪ) ان وٽ آيا ته چيائون ”سلام“! ابراهيم به ”سلام“ چيو (۽ دل ۾ چيائين ته) هي اجنبي ماڻهو آهن.

فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26)

پوءِ تڪڙو پنهنجي گهروارن ڏانهن ويو پوءِ متارو گابو (پچائي) آندائين.

فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27)

پوءِ اُهو انهن جي ويجھو ڪيائين چيائين: ”ڇا توهان نه ٿا کائو“!

فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28)

پوءِ انهن (جي نه کائڻ) کان گهٻراهٽ محسوس ڪيائين. چيائون نه گهٻراءِ. ۽ ان کي علم واري پٽ جي خوشخبري ڏنائون.

فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29)

پوءِ سندس زال (ساره) حيرت وارو آواز ڪندي سامهون آئي پوءِ پنهنجي منهن تي هٿ هڻندي چيائين: ”ڇا ڪراڙي سنڍ“! (زال ٻار ڄڻندي؟)

قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30)

(ملائڪن) چيو: ”ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي. بيشڪ اهو حڪمت وارو، علم وارو آهي“.

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31)

(ابراهيم) چيو ته : ”پوءِ اي الله جا موڪليل (ملائڪو!) توهان جو ڇا مقصد آهي“؟

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32)

چيائون: ”بيشڪ اسان ڏوهاري قوم (يعني لوط جي قوم) ڏانهن موڪليا ويا آهيون.

لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33)

هن لاءِ ته انهن تي مٽيءَ جا پٿريلا کڙا وسايون.

مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34)

جيڪي تنهنجي پالڻهار پاران نشان ڪيل آهن جيڪي حد کان گذرندڙ قوم لاءِ آهن“.

فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35)

پوءِ اسان هر ان ماڻهو کي (بستي مان) ٻاهر ڪڍيو جيڪو به انهن ۾ ايمان وارن مان هيو.

فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36)

پوءِ اسان ان (بستي) ۾ هڪ گھر کان سواءِ مسلمانن جو (ٻيو) ڪو به گهر نه لڌو.

وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37)

پوءِ اسان اتي هڪ نشاني ڇڏي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا.

وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

۽ موسى (جي قصي) ۾ (به نشانيون آهن) جڏهن اسان کيس پڌرو دليل ڏئي فرعون ڏانهن موڪليو.

فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39)

پوءِ پنهنجي طاقت (لشڪر) جي زور تي (حق کان) منهن موڙي ڇڏيائين ۽ چيائين (هي) جادوگر آهي يا مجنون.

فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40)

پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ انهن کي سمنڊ ۾ اڇليوسين ۽ اهو (پنهنجو پاڻ تي) ملامت ڪندڙ بنجي پيو.

وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41)

۽ عاد (جي قصي) ۾ (به نشاني آهي) جڏهن اسان انهن تي خير و برڪت کان خالي (زوردار) هوا موڪلي.

ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42)

اها ڪنهن به شيءِ کي نه پئي ڇڏي جنهن تان به گذري پئي مگر ان کي ڳريل هڏيءَ جهڙو ڪري ٿي ڇڏيائين.

وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43)

۽ ثمود (جي قوم جي هلاڪت) ۾ به نشاني آهي جڏهن کين چيو ويو ته هڪ وقت تائين مزا ماڻي وٺو.

فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44)

پوءِ پنهنجي پالڻهار جي حڪم مڃڻ کان سرڪشي ڪيائون پوءِ انهن کي ڪڙڪيدار (عذاب) پڪڙيو ۽ اُهي ڏسندا رهيا.

فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45)

پوءِ نه انهن ۾ اٿڻ جي سگھه رهي ۽ نه اُهي پنهنجو بچاءُ ڪري سگھيا.

وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46)

۽ ان کان اڳ نوح جي قوم (کي اسان تباهه ڪيو). بيشڪ اُهي نافرمان قوم هئا.

وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47)

۽ آسمان کي اسان طاقت سان بنايو آهي ۽ بيشڪ اسان (ڪائنات ۾) ڪشادگي ڪندڙ آهيون.

وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48)

۽ زمين کي اسان پکيڙي وڇاڻو بنايو پوءِ اسان ڪهڙا نه چڱا وڇائيندڙ آهيون.

وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49)

۽ هر شيءِ مان اسان جوڙا خلقيا آهن هن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪيو.

فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50)

پوءِ توهان الله ڏانهن ڊوڙو. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51)

۽ الله سان گڏ ٻيو ڪو معبود نه بنايو. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52)

ائين ئي ٿيندو رهيو آهي جو انهن کان اڳين وٽ ڪو به رسول نه آيو جنهن کي انهن هيئن نه چيو ته هي جادوگر آهي يا چريو آهي.

أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53)

ڇا ان ڳالهه جي هڪ ٻئي کي وصيت ڪيائون، بلڪه اهي حد کان لنگهندڙ قوم آهن.

فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54)

پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ پوءِ تو تي ڪا ملامت ڪانهي.

وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55)

۽ نصيحت ڪر پوءِ بيشڪ نصيحت مؤمنن کي نفعو ڏئي ٿي.

وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56)

۽ مون جِنن ۽ انسانن کي صرف هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته اهي منهنجي عبادت ڪن.

ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57)

آءٌ انهن کان ڪا روزي نه ٿو گهران ۽ نه آءٌ انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائن.

إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58)

بيشڪ الله خود ئي روزي ڏيڻ وارو آهي وڏي قوت وارو مضبوط آهي.

فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59)

پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو انهن کي به انهن جي ساٿين جي حصي جي مثل حصو ملندو پوءِ (عذاب جي) مون کان جلد گهُرَ نه ڪن.

فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60)

پوءِ ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ تباهي آهي جنهن کان انهن کي ڌمڪايو پيو وڃي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025