| وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1) | 
| 
			 قسم آهي هوائن جو جيڪي مِٽي وغيره اڏائن ٿيون  | 
			
			
				
| فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2) | 
| 
			 پوءِ قسم آهي ڪڪرن جو جيڪي مينهن کڻن ٿا  | 
			
			
				
| فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3) | 
| 
			 پوءِ قسم آهي ٻيڙين جو جيڪي آهستي هلن ٿيون  | 
			
			
				
| فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4) | 
| 
			 پوءِ قسم آهي ملائڪن جو جيڪي بارش ۽ رزق وغيره تقسيم ڪن ٿا  | 
			
			
				
| إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5) | 
| 
			 توهان کي ڏنل وعدو يقيناً سچو آهي  | 
			
			
				
| وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6) | 
| 
			 ۽ بيشڪ انصاف يقيناً واقع ٿيندڙ آهي  | 
			
			
				
| وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7) | 
| 
			 ۽ قسم آهي آسمان جو جيڪو سينگاريل آهي  | 
			
			
				
| إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8) | 
| 
			 بيشڪ توهان (ڪفارِ مڪه) مختلف ڳالهين ۾ آهيو  | 
			
			
				
| يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9) | 
| 
			 انهيءَ کان اهو ڦِري ٿو جنهنکي ڦرڻو هجي ٿو  | 
			
			
				
| قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10) | 
| 
			 هلاڪ ڪيا ويا وڏا ڪوڙ ڳالهائيندڙ  | 
			
			
				
| الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11) | 
| 
			 اُهي ماڻهو جيڪي نَشي ۾ غافل آهن  | 
			
			
				
| يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12) | 
| 
			 (رسولِ عربي کان) سوال ڪن ٿا ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو  | 
			
			
				
| يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13) | 
| 
			 جنهن ڏينهن انهن کي باه ۾ جلايو ۽ عذاب ڪيو ويندو  | 
			
			
				
| ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14) | 
| 
			 توهان پنهنجي جلڻ جو مزو چکو، هي اُهو آهي جنهن جي لاءِ توهان تڪڙ ڪندا هئا  | 
			
			
				
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15) | 
| 
			 بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ آهن  | 
			
			
				
| ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16) | 
| 
			 جيڪو ثواب انهن کي سندن رب عطا ڪيو اهو وٺندڙ هوندا، بيشڪ اهي ان کان اڳ (دنيا ۾) نيڪوڪار هئا  | 
			
			
				
| كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17) | 
| 
			 اھي رات جو ٿورو (وقت) سمهندا هئا  | 
			
			
				
| وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18) | 
| 
			 ۽ رات جي آخري حصي ۾ اهي استغفار ڪندا هئا  | 
			
			
				
| وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19) | 
| 
			 ۽ انهن جي ملڪيت ۾ سوال ڪندڙن ۽ سوال نه ڪندڙن جو حق هو  | 
			
			
				
| وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20) | 
| 
			 ۽ زمين ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن  | 
			
			
				
| وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21) | 
| 
			 ۽ توهان جي وجود ۾ به، ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو  | 
			
			
				
| وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22) | 
| 
			 ۽ آسمان ۾ توهان جو رزق آهي ۽ توهان سان ڪيل وعدا آهن  | 
			
			
				
| فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23) | 
| 
			 پوءِ قسم آهي آسمان ۽ زمين جي رب جو ته بيشڪ اهو (قرآن) يقيناً حق آهي، انهي زبان وانگر جيڪا توهان ڳالهايو ٿا  | 
			
			
				
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24) | 
| 
			 رسولِ عربي ڇا توهان وٽ (حضرت) ابراهيم جي معزز مهمانن جي خبر نه پهتي؟  | 
			
			
				
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25) | 
| 
			 جڏهن اهي ان وٽ پهتا پوءِ السَّلام عليڪم چيائون، ابراهيم به وعليڪم السَّلام چيو (چيائين توهان) اڻ واقف قوم آهيو  | 
			
			
				
| فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26) | 
| 
			 پوءِ پاڻ فوراً پنهنجي گھر وارن ڏانهن ويا پوءِ هڪ متارو گابو (تيار ڪرائي) کڻي آيا  | 
			
			
				
| فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27) | 
| 
			 پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين (جڏهن انهن اهو نه کاڌو) ابراهيم چيو توهان ڇو نٿا کائو؟  | 
			
			
				
| فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28) | 
| 
			 پوءِ پاڻ انهن مان خوف محسوس ڪيائين، انهن (مهمانن ملائڪن سڳورن) چيو ته تون خوف نه ڪر ۽ انهن ابراهيم کي هڪ صاحبِ علم پٽ جي مبارڪ ڏني  | 
			
			
				
| فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29) | 
| 
			 پوءِ سندس گھر واري دانهن ڪري آئي، پوءِ اُن پنهنجي چهري تي (عجب کان) ڌڪ هڻي چيو پيرسن سَنڍ عورت (کي ٻار ٿيندو؟)  | 
			
			
				
| قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30) | 
| 
			 فرشتن چيو اهڙيءَ طرح تنهنجي رب فرمايو آهي، بيشڪ اهو ئي صاحبِ حڪمت، صاحبِ علم آهي  | 
			
			
				
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31) | 
| 
			 (حضرت) ابراهيم چيو اي فرشتا توهان ڪهڙي مُهم تي آيل آهيو  | 
			
			
				
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32) | 
| 
			 فرشتن عرض ڪيو بيشڪ اسان کي هڪ مجرم قوم ڏانهن موڪليو ويو آهي  | 
			
			
				
| لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33) | 
| 
			 ان لاءِ ته اسين انهن تي مِٽيءَ مان ٺهيل ڪَنڪريون اُڇلايون  | 
			
			
				
| مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34) | 
| 
			 جن تي توهان جي رب جي طرفان حد کان وڌندڙن جا نالا لکيل آهن  | 
			
			
				
| فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35) | 
| 
			 پوءِ جيڪي انهن ڳوٺن ۾ مؤمن هئا اسان انهن کي ٻاهر ڪڍيو  | 
			
			
				
| فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36) | 
| 
			 پوءِ نه لڌو اسان انهن ۾ سواءِ هڪ گھر مسلمانن جي (اهو گھر حضرت لوط جو هو)  | 
			
			
				
| وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37) | 
| 
			 ۽ اسان ان ۾ هڪ نشاني انهن ماڻهن لاءِ رکي جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄندا هئا  | 
			
			
				
| وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) | 
| 
			 ۽ (حضرت) موسيٰ (جي واقعي) ۾ (اسان جي) نشاني هئي جڏهن اسان ان کي روشن دليل سان فرعون ڏانهن موڪليو  | 
			
			
				
| فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39) | 
| 
			 پوءِ ان پنهنجي لشڪر سميت ايمان کان انڪار ڪيو ۽ فرعون چيو موسيٰ جادوگر يا مجنون آهي  | 
			
			
				
| فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40) | 
| 
			 پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ اسان انهن کي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ۽ اهو (پاڻ تي) ملامت ڪندڙ هو  | 
			
			
				
| وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41) | 
| 
			 ۽ عاد (جي واقعي) ۾ (اسان جي نشاني هئي) جڏهن اسان انهن تي بي خير و برڪت هوا موڪلي  | 
			
			
				
| ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42) | 
| 
			 انهيءَ هوا هر شيءِ کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو  | 
			
			
				
| وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43) | 
| 
			 ۽ ثمود (جي واقعي) ۾ (اسان جي نشاني هئي) جڏهن کين چيو ويو هڪ مقرر وقت تائين توهان نفعو وٺو  | 
			
			
				
| فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44) | 
| 
			 پوءِ انهن پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪئي، پوءِ انهن کي مُهلڪ عذاب اچي پهتو ۽ اهي ڏسي رهيا هئا  | 
			
			
				
| فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45) | 
| 
			 پوءِ اهي نه بيهي سگھيا ٿي ۽ نه اهي اسان کان عيوض وٺي سگھيا ٿي  | 
			
			
				
| وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46) | 
| 
			 ۽ ان کان اڳ قوم نوح (جي واقعي ۾ به اسان جي نشاني هئي) بيشڪ اها قوم فاسق هئي  | 
			
			
				
| وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47) | 
| 
			 ۽ اسان آسمان کي پنهنجي قوت سان بنايو ۽ بيشڪ اسين يقيناً وسيع ڪندڙ آهيون  | 
			
			
				
| وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48) | 
| 
			 ۽ اسان زمين کي وڇايو پوءِ (اسين) ڪهڙا نه بهترين وڇائيندڙ آهيون  | 
			
			
				
| وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49) | 
| 
			 ۽ (اسان) هر شيءِ جا ٻه ٻه جوڙا بنايا، ته من توهان نصيحت حاصل ڪريو  | 
			
			
				
| فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) | 
| 
			 پوءِ توهان الله تعالى ڏانهن متوجه ٿيو، بيشڪ آئون اُن جي طرفان توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان  | 
			
			
				
| وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51) | 
| 
			 ۽ توهان الله تعالى سان گڏ ٻيو معبود نه بنايو، بيشڪ آئون ان جي طرفان توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان  | 
			
			
				
| كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52) | 
| 
			 اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ۾ آيا، انهن وٽ نه آيو ڪو پيغمبر مگر انهن چيو (اهو) جادوگر يا مجنون آهي  | 
			
			
				
| أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53) | 
| 
			 ڇا انهن (هڪ ٻئي کي نه مڃڻ جي) وصيت ڪئي آهي؟ بلڪ اها قوم سرڪش آهي  | 
			
			
				
| فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54) | 
| 
			 پوءِ رسولِ عربي توهان انهن ڏانهن توجه نه ڪريو پوءِ توهان تي ڪجھه به ناهي  | 
			
			
				
| وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55) | 
| 
			 ۽ رسولِ عربي توهان نصيحت فرمايو، پوءِ بيشڪ توهان جي نصيحت مؤمنن کي نفعو ڏئي ٿي  | 
			
			
				
| وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56) | 
| 
			 ۽ جنن ۽ انسانن کي مون پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو  | 
			
			
				
| ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57) | 
| 
			 آئون انهن کان ڪو رزق طلب نٿو ڪريان ۽ نه آئون چاهيان ٿو ته اهي مون کي کارائين  | 
			
			
				
| إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58) | 
| 
			 بيشڪ الله تعالى ئي رزاق آهي جيڪو صاحبِ قوت ۽ پاڪ آهي  | 
			
			
				
| فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59) | 
| 
			 پوءِ بيشڪ ظالمن کي عذاب جو حصو ملندو جيئنڪ سندن (اڳين) دوستن کي حصو مليو پوءِ اهي مون کان عذاب جي تڪڙ نه ڪن  | 
			
			
				
| فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60) | 
| 
			 پوءِ ڪافرن لاءِ ان ڏينهن ويل هوندو، جنهن ڏينهن (قيامت) جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو  |