| وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1) |
|
شاهد آهن؛ چڱيءَ طرح اُڏائيندڙ هوائون |
| فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2) |
|
پوءِ بار کڻڻ وارا ڪڪر، |
| فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ آسانيءَ سان هلندڙ (ٻيڙيون)، |
| فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4) |
|
پوءِ حڪم وراهڻ وارا. |
| إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5) |
|
ته بيشڪ جيڪو اوهان سان انجام ڪجي ٿو سو سچو آهي. |
| وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6) |
|
۽ بيشڪ بدلو ضرور ملڻو آهي. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7) |
|
واٽن وارو آسمان شاهد آهي. |
| إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8) |
|
ته اوهين پاڻ ۾ اختلاف وار ي ڳالهه ۾ پيل آهيو، |
| يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9) |
|
(قرآن کان) اهو ڦيرائبو آهي، جيڪو ڦريل آهي، |
| قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10) |
|
اهي ڪوڙ هڻندڙ ناس ٿيا |
| الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11) |
|
جيڪي اڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آهن. |
| يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12) |
|
پڇن ٿا ته ”قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟“ |
| يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13) |
|
(هائو) انهي ڏينهن، جڏهن انهن کي باهه ۾ تپائبو. |
| ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14) |
|
(چئبن ته) ”پنهنجو عذاب چکو، هي اُهو آهي، جنهن کي اوهين جلد گهرندا هئا!“ |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15) |
|
بيشڪ نيڪ، باغن ۽ چشمن ۾ هوندا، |
| ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16) |
|
جيڪي سندن رب کين ڏنو، اُهو وٺڻ وارا هوندا، بيشڪ اهي هن کان اڳ نيڪيون ڪندڙ هئا. |
| كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17) |
|
رات جو ٿورو سمهندا هئا. |
| وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18) |
|
اهي اسرن جو بخشش گهرندا هئا. |
| وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19) |
|
۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ محتاج جو حصو هوندو هو. |
| وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20) |
|
۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آهن. |
| وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21) |
|
۽ اوهان جي جسمن ۾ به، پوءِ ڇو نه ٿا ڏسو! |
| وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22) |
|
۽ اوهان جي روزي آسمان ۾ آهي ۽ اُهو به، جنهن جو اوهان کي وعدو ڏنل آهي. |
| فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ آسمان ۽ زمين جي رب جو قسم آهي! ته اهو سچ آهي، جهڙيءَ طرح اوهين ڳالهايو ٿا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24) |
|
تو وٽ ابراهيم جي سڳورن مهمانن جي خبر نه آئي آهي ڇا؟ |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25) |
|
جڏهن اهي وٽس آيا ته سلام ڪيائون_ هن به سلام ڪيو ۽ (سمجهيائين) ته هي اڻ واقف آهن. |
| فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26) |
|
پوءِ گهر وارن ڏانهن تکو هليو ۽ ٿلهو گابو آندائين. |
| فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27) |
|
پوءِ اهو (تيار ڪري) انهن جي ويجهو ڪيائين، چيائين ته ”ڇو نه ٿا کائو؟“ |
| فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28) |
|
پوءِ انهن کان دل ۾ ڊنو، چيائون ته ”ڊڄ نه“ ۽ ان کي هڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون_ |
| فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29) |
|
انهي تي سندس زال دانهون ڪندي سامهون آئي ۽ (عجب کان) نراڙ تي هٿ هڻي چيائين ته ”ٻڍي سنڍ (ڇا ڄڻيندي!)“- |
| قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30) |
|
چيائون ته ”ائين ئي تنهنجي رب فرمايو آهي، بيشڪ هو ڏاهپ وارو ڄاڻيندڙ آهي!“ |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31) |
|
(ابراهيم) چيو ته ”اي قاصدؤ! اوهان جو ڪهڙو مطلب آهي؟“ |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32) |
|
چيائون ته ”بيشڪ، اسين هڪ ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون. |
| لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33) |
|
ته مٿن پڪيءَ مٽيءَ جون ڪنڪريون وسايون، |
| مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34) |
|
جي حد کان لنگهندڙن لاءِ تنهنجي رب وٽان نشان ڪيل آهن.“ |
| فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35) |
|
پوءِ اتي جيڪو به مؤمن هو؛ تنهن کي ڪڍيوسون. |
| فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36) |
|
اتي مسلمانن جي هڪ گهر کان سواءِ (ٻيو گهر) نه ڏٺوسين. |
| وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37) |
|
۽ اتي انهن لاءِ نشاني ڇڏي سون؛ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄن ٿا. |
| وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
۽ موسيٰ جو (ذڪر ٻڌ) جڏهن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانهن موڪليوسون. |
| فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39) |
|
پوءِ هن پنهنجي لشڪر سميت منهن موڙيو، چيائين ”هي جادوگر آهي يا چريو.“ |
| فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40) |
|
تنهن ڪري ان کي ۽ سندس لشڪرکي پڪڙيوسون؛ پوءِ انهن کي ملامت وارو ڪري دريا ۾ اڇليوسون. |
| وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41) |
|
۽ قوم عاد جو (ذڪر ٻڌ) جڏهن مٿن اهڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون، |
| ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42) |
|
جو جنهن تي لڳي، تنهن کي سڙيل هڏي وانگر ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏي. |
| وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43) |
|
۽ قوم ثمود جو (ذڪر ٻڌ)، جڏهن کين چيو ويو ته هڪ مدت تائين مزا ماڻيو، |
| فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ پنهنجي رب جي حڪم کان هٺ ڪيائون؛ تنهن ڪري سخت ڪڙڪي ورتن ۽ اهي ڏسندا ئي رهيا- |
| فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45) |
|
پوءِ نڪي اٿي سگهيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ٿيا. |
| وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46) |
|
۽ انهن کان اڳ نوح جي قوم (ناس ڪئي سون) بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا. |
| وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47) |
|
۽ آسمان کي پنهنجي هٿن سان بنايوسون ۽ بيشڪ اسين سگهه وارا آهيون_ |
| وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48) |
|
۽ زمين کي پکيڙيوسون، جو بهتر پکيڙيندڙ آهيون- |
| وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49) |
|
۽ سڀ ڪنهن شيءِ جو جوڙو بنايو اٿئون ته اوهين نصيحت وٺو- |
| فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
|
پوءِ الله ڏي ڊوڙو، بيشڪ آءُ سندس طرفان اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان، |
| وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51) |
|
۽ الله جهڙو ڪو ٻيو سائين نه سمجهو، بيشڪ آءُ ان جي طرفان کليو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
| كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52) |
|
اهڙي طرح جيڪي انهن کان اڳ هئا، تن وٽ جيڪو به رسول ٿي آيو، ان کي چيائون ٿي ته ”جادوگر يا چريو آهي“_ |
| أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53) |
|
ڇا، هو انهي جي هڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آهن؟ هان، اهي نافرمان قوم آهن. |
| فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54) |
|
تنهن ڪري انهن کان منهن موڙ ۽ تون مياردار ناهين. |
| وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55) |
|
۽ نصيحت ڪندو رهه، بيشڪ نصيحت ايمان وارن کي فائدو ٿي ڏئي. |
| وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56) |
|
مون جنن ۽ ماڻهن کي انلاءِ پيدا ڪيو آهي ته هو منهنجي عبادت ڪن. |
| ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57) |
|
نڪي انهن کان روزي ٿو گهران، نڪي گهران ٿو، ته مون کي کارائين. |
| إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58) |
|
بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آهي، جو تمام سگهارو زبردست آهي. |
| فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59) |
|
پوءِ جن ظلم ڪيو، تن لاءِ بيشڪ سندس ساٿين جي سزا جهڙو عذاب آهي، پوءِ مون کان جلدي (عذاب) نه گهرن. |
| فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60) |
|
پوءِ ڪافرن لاءِ ان ڏينهن جو ويل آهي؛ جنهن جو کين وعدو ڏنو ٿو وڃي. |