القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الذّٰرِیٰتِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 60


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1)

قسم آهي اڏائيندڙن جو اڏائڻ .

فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2)

پوءِ کڻندڙن جو بار کي .

فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3)

پوءِ هلندڙن جو آسانيءَ سان .

فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4)

پوءِ ورهائيندڙن جو امر سان .

إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5)

بيشڪ اهو جو وعدو ڏنا وڃو ٿا اوهان البته سچو آهي .

وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6)

۽ بيشڪ بدلو البته واقع ٿيندڙ آهي .

وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7)

قسم آهي آسمان واٽن واري جو .

إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8)

بيشڪ اوهان البته قول مختلف ۾ آهيو .

يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9)

ڦيرايو وڃي ٿو ان کان اهو جيڪو ڦيرايو ويو .

قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10)

لعنت ڪيا ويا هٿ جون ٺاهيندڙ ڳالهيون .

الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11)

اهي جيڪي نشي ۾ وساريندڙ آهن .

يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12)

پڇن ٿا ته ڪٿي آهي بدلي ملڻ وارو ڏينهن؟ .

يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13)

ان ڏينهن اهي باهه تي تپايا ويندا .

ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14)

چکو تپش پنهنجيءَ کي هي اهو آهي جو ان کي تڪڙو گهرندا هيئو .

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15)

بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ چشمن ۾ .

ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16)

وٺندڙ هوندا اهو جو ڏيندو انهن کي سندن رب بيشڪ اهي هئا اڳي ان کان نيڪو ڪار .

كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17)

هئا ٿورو وقت رات مان سمهندا .

وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18)

۽ رات جو پوئين حصي ۾ اهي مغفرت طلب ڪندا هئا .

وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19)

۽ سندن مالن ۾ حق آهي سائل جي لاءِ ۽ محروم جي لاءِ .

وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20)

زمين ۾ نشانيون آهن يقين ڪندڙن جي لاءِ .

وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21)

۽ اوهان جي سرن ۾ ڇا پوءِ نٿا ڏسو .

وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22)

۽ آسمان ۾ رزق اوهان جو آهي ۽ جيڪو وعدو ڏنا وڃو ٿا .

فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23)

پوءِ قسم آهي آسمان جي ۽ زمين جي رب جو ته بيشڪ اهو البته حق آهي مثل ان جي جو بلاشڪ اوهان ڳالهايو ٿا. ع

هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24)

ڇا آئي تو وٽ ڳالهه ابراهيم جي مهمانن عزت وارن جي .

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25)

جڏهن آيا ان وٽ پوءِ چيائون سلام فرمايائين ته سلام قوم نه سڃاتل آهي .

فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26)

پوءِ ويو پنهنجي گهر وارن ڏانهن پوءِ آندائين گابو ٿلهو .

فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27)

پوءِ ويجهو ڪيائين ان کي انهن ڏانهن فرمايائين ته ڇا نه ٿا کائو؟ .

فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28)

پوءِ دل ۾ رکيائين انهن کان ڊپ چيائون ته ڊپ نه ڪر ۽ بشارت ڏنائون ان کي پٽ علم واري جي .

فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29)

پوءِ سامهون آئي ان جي گهر واري دانهن ڪندي پوءِ ڌڪ هنيائين منهن پنهنجي کي ۽ چيائين پوڙهي سنڍ .

قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30)

چيائو ته اهڙي طرح فرمايو تنهنجي رب بيشڪ اهو ئي حڪمت وارو، ڄاڻندڙ آهي.

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31)

فرمايائين ته پوءِ ڪهڙو آهي غرض اوهان جو اي موڪليلؤ! .

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32)

چيائون ته بيشڪ اسين موڪليا ويا آهيون مجرم قوم ڏانهن .

لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33)

تانته موڪليون انهن تي پٿر مٽيءَ مان .

مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34)

نشان ڪيل رب وٽ اسراف ڪندڙن جي لاءِ .

فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35)

پوءِ ڪڍيوسون انهن کي جيڪي هئا انهن ۾ مؤمنن مان .

فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36)

پوءِ نه لڌوسون انهن ۾ سواءِ هڪ گهر مسلمانن جي .

وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37)

۽ ڇڏي اسان انهن ۾ هڪ نشاني انهن جي لاءِ جيڪي ڊڄن ٿا عذاب دردناڪ کان .

وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

۽ موسى ۾ جڏهن موڪليوسون ان کي فرعون ڏانهن دليل روشن سان .

فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39)

پوءِ منهن موڙيائين پنهنجي لشڪر سميت ۽ چيائين جادوگر آهي يا چريو .

فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40)

پوءِ پڪڙيوسون ان کي ۽ ان جي لشڪرن کي پوءِ اڇلايوسون انهن کي درياءَ ۾ اهو ملامت وارو آهي .

وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41)

۽ عاد (جي قصي) ۾ به جڏهن موڪليو سون انهن تي واءُ سنڍ بنائيندڙ .

ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42)

نه ٿو ڇڏي ڪا شيءِ جو آيو ان تي مگر ڪيائين ان کي سڙيل هڏي وانگر .

وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43)

۽ ثمود ۾ جڏهن چيو ويو انهن کي فائدو وٺو وقت مقرر تائين .

فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44)

پوءِ سرڪشي ڪيائون پنهنجي رب جي امر کان پوءِ پڪڙيو انهن ڪڙڪي ۽ اهي ڏسن پيا .

فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45)

پوءِ نه سگهيا بيهي ۽ نه هئا بدلو وٺي سگهندڙ .

وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46)

۽ نوح جي قوم اڳ ۾ بيشڪ اهي هئا بي فرمان. ع

وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47)

۽ آسمان ٺاهيوسون ان کي (قدرتي) هٿن سان ۽ بيشڪ اسين البته وسيع ڪندڙ آهيون .

وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48)

زمين پکيڙيوسون ان کي پوءِ ڀلا آهن فرش وڇائيندڙ .

وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49)

۽ هر شيءِ مان پيدا ڪياسون جوڙا تانته اوهان نصيحت حاصل ڪيو .

فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50)

پوءِ ڊوڙو الله ڏانهن بيشڪ مان اوهان لاءِ ان جي طرفان کليل ڍيڄاريندڙ آهيان .

وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51)

۽ نه ڪيو الله سان گڏ معبود ٻيو بيشڪ مان اوهان لاءِ ان وٽان کليل ڊيڄاريندڙ آهيان.

كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52)

اهڙي طرح نه آيو انهن وٽ جو انهن کان اڳي هئا ڪو رسول مگر چيائون ته جادوگر يا چريو آهي .

أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53)

ڇا وصيت ڪيائون (هڪ ٻئي کي) ان جي بلڪ اهي قوم سرڪش آهن .

فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54)

پوءِ منهن ڦيراء انهن کان پوءِ ناهين تون ملامت ڪيل .

وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55)

۽ نصيحت فرماءِ پوءِ بيشڪ نصيحت نفعو ڏيندي مؤمنن کي .

وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56)

۽ پيدا ڪيا مون جن ۽ انسان مگر تانته عبادت ڪن منهنجي .

ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57)

نه ٿو ارادو ڪيان انهن مان ڪنهن رزق جو ۽ نه ٿو ارادو ڪيان مان هي ته کاڌو کارائن مونکي .

إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58)

بيشڪ الله اهو ئي رزق ڏيندڙ طاقت وارو، زبردست آهي .

فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59)

پوءِ بيشڪ انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو حصو (عذاب جو) انهن جي ساٿين جي حصي جهڙو آهي پوءِ نه تڪڙو گهرن مون کان .

فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60)

پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو سندن ان ڏينهن ۾ جنهن جو وعدو ڏنا ويا آهن. ع


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025