القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ الذّٰرِیٰتِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 60


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1)

قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي مِٽيءَ کي اڏارينديون رهن ٿيون.

فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2)

وري پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون.

فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3)

پوءِ آسانيءَ سان ٻيڙين کي هلائين ٿيون.

فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4)

وري ڪم کي ورهائينديون آهن (يعني الله تعالى جي حڪم سان ڪِٿي مينھن وسائڻو آهي ته ڪٿي مينھن نه وسائڻو آهي)

إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5)

بيشڪ توهان سان جيڪو به وعدو ڪيو وڃي ٿو سو (بلڪل) سچو آهي.

وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6)

۽ بدلي وارو ڏينھن ضرور اچڻو آهي.

وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7)

(اُن) آسمان جو قسم جنھن ۾ مختلف رستا آهن.

إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8)

بيشڪ (قيامت جي باري ۾) توهان سڀني ماڻهن جا خيال مختلف آهن.

يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9)

اُن کان (اهو ئي ماڻهو) ڦيرايو ويندو آهي جيڪو (بنيادي طرح قدرت جي طرفان) ڦيرايل هوندو آهي.

قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10)

گمانن پويان هلڻ وارن تي مار پوي.

الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11)

جيڪي اڻ ڄاڻائي ۾ غافل ٿيا ويٺا آهن.

يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12)

اهي پڇا ڪن ٿا ته بدلي وارو ڏينھن ڪڏهن ايندو؟

يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13)

ان ڏينھن کين باهه ۾ تپايو ويندو.

ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14)

(انهن کي چيو ويندو ته) پنھنجي فتني بازي جو مزو چکو. هي آهي اهو عذاب جنھن جي لاءِ توهان جلدي مچائيندا هئا.

إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15)

بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.

ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16)

انهن کي انهن جو پالڻھار جيڪي ڪجهه عطا ڪندو. اهو (وڏي خوشيءَ سان) وٺندا. اُهي هن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ نيڪيءَ جا ڪم ڪندڙ هئا.

كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17)

اهي رات جو گهٽ ئي سمهندا هئا.

وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18)

۽ اَسر جو اُٿي هو (الله تعالى کان) معافي گهرندا رهندا هئا.

وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19)

انهن جي مالن ۾ گُهرندڙ ۽ محتاج ماڻهن جو حصو (مقرر) هو.

وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20)

يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ کوڙ ساريون نشانيون موجود آهن.

وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21)

۽ خود توهان جي وجود ۾ به نشانيون موجود آهن (پوءِ) به توهان ڇو نٿا نظر ڪريو؟

وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22)

آسمان ۾ توهان جي لاءِ رزق به آهي ۽ اُهي شيون به جن جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.

فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23)

آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم! بيشڪ هي سڀ ڳالهيون (اِيئَن) سچيون آهن جيئن توهان کي پنھنجي آواز تي يقين آهي ته اهو توهان جو پنهنجو ئي آواز آهي.

هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24)

(اي نبيﷺ!) ڇا توکي ابراهيم ($) جي معزز مھمانن جي خبر پھتي آهي؟

إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25)

جڏهن اُهي (مھمان) وٽس آيا ته کيس سلام ڪيو ۽ ابراهيم( $ ) سلام جو جواب ڏنو. (سوچيائين ته) هي ته اوپرا ماڻهو ٿا لڳن.

فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26)

پوءِ هو پنھنجي گهر ويو ۽ ٿُلهو متارو گابو ذبح ڪري ان جو ڀُڳل گوشت کڻي آيو.

فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27)

۽ مھمانن ڏانھن اڳتي وڌايائين (پر مھمانن کاڌي ڏي هٿ ئي نه وڌايو). ابراهيم ($)کين چيو ته توهان ڇو نٿا کائو؟

فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28)

پوءِ دل (ئي دل) ۾ انهن کان خوف به محسوس ڪيو. مهمانن چيس ته: تون نه ڊڄ. ۽ کيس علم واري (۽ داناءُ) پُٽ جي خوشخبري ڏني.

فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29)

(اهو ٻڌي) سندس گهر واري رڙ ڪندي اڳتي وڌي ۽ مٿي تي ڌَڪُ هڻي چيائين ته اَلاڙي! مان پوڙهي سَنڍ آهيان (مان ڪيئن ٻار ڄڻينديس؟)

قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30)

(ملائڪن) چيو ته تنھنجي پالڻھار اهوئي فرمايو آهي. بيشڪ هو وڏي حڪمت وارو ۽ وڏي علم وارو آهي.

قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31)

ابراهيم ($) چيو ته اي (الله سائين جا) موڪليل ملائڪو! اڳتي اوهان جو ڇا مقصد (۽ پروگرام) آهي؟

قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32)

انهن چيو ته بيشڪ اسان کي ڏوهاري قوم ڏانھن (به) موڪليو ويو آهي.

لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33)

ته جيئن اسان اُنهن جي مٿان مٽيءَ جا پَڪل (بُهڻ جا) سروٽا وسايون.

مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34)

اُهي (سروٽا) تنھنجي پالڻھار جي طرفان حد کان لنگهندڙن لاءِ (باقاعدهه) مخصوص ٿيل آهن.

فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35)

پوءِ اسان ان شھر ۾ موجود مؤمنن کي ڪڍي ورتوسين.

فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36)

۽ ان شھر ۾ مسلمانن جو صرف هڪڙو ئي گهر ڏٺوسين (جيڪو حضرت لوط $جو هو)

وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37)

۽ اُتي اسان دردناڪ عذاب کان ڊڄندڙن لاءِ هڪ نشاني ڇَڏي (جيڪا مُردار سمنڊ جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي)

وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38)

۽ موسى ($) جي واقعي ۾ به هڪ نشاني آهي. جڏهن اسان کيس واضح دليل سان فرعون ڏي موڪليو.

فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39)

پوءِ هُن پنھنجي (لشڪري) طاقت جي بنياد تي منھن ڦيري چيو ته هي ته ڪو جادوگر آهي يا ديوانو آهي.

فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40)

پوءِ اسان کيس ۽ ان جي لشڪر کي پڪڙيو ۽ انهن سڀني کي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ ايئن هو (هميشه لاءِ) لعنت ملامت وارو ٿي ويو.

وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41)

۽ عاد قوم جي واقعي ۾ به هڪ نشاني آهي. جڏهن اسان انهن جي مٿان اهڙي هوا گهلائي جنهن ۾ ڪو به خير ۽ برڪت نه هئي.

ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42)

اُها هوا جنھن شيءِ جي مٿان گذري ته هر شيءِ کي ڳريل هڏيءَ وانگر ڪري ڇڏيو.

وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43)

۽ ثمود قوم جي واقعي ۾ به هڪ نشاني آهي. جڏهن کين چيو ويو ته توهان هڪ مقرر وقت تائين مزا ڪري وٺو.

فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44)

هُنن پنھنجي پالڻھار جي حڪم مڃڻ کان وڏائي ڪئي. پوءِ اُنهن کي هڪ ڪڙڪيدار آواز اچي پَڪڙيو ۽ هو ڏسندا ئي رهيا.

فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45)

پوءِ هو نه ته اُٿي سگهيا ۽ نه ئي بدلو وٺي سگهيا.

وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46)

ان کان اڳ نوح ($) جي قوم کي تباهه ڪيو ويو. بيشڪ اُها نافرمان قوم هئي.

وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47)

اسان آسمان کي پنھنجي طاقت سان ٺاهيو ۽ ان جي ٺاهڻ جي اسان کي قدرت حاصل آهي.

وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48)

۽ زمين کي به اسان وڇايو (اسان) ڪيڏا نه بھترين وڇائڻ وارا آهيون.

وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49)

۽ هر شيءِ جا جوڙا پيدا ڪيا ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪريو.

فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50)

پوءِ توهان جلدي الله تعالى جي طرف اچو. بيشڪ مان ان جي طرف کان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51)

الله تعالى سان گڏ ٻيو ڪو به معبود نه ٺاهيو. بيشڪ مان ان جي طرف کان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52)

اهڙي طرح انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن ڏانھن جيڪو به رسول آيو ته اُنهن کيس چيو ته هي جادوگر آهي يا ديوانو آهي.

أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53)

ڇا انهن (اڳين ۽ پوين پاڻ ۾ مخالفت ڪرڻ جي) هڪ ٻئي کي وصيت ڪئي آهي؟ درحقيقت هي حد کان لنگهندڙ ماڻهو آهن.

فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54)

(اي نبيﷺ!) انهن کان پنهنجو منھن ڦيري ڇڏ. هاڻي توهان جي مٿان ڪابه ذميداري نه آهي.

وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55)

بس! نصيحت ڪندا رهو، بيشڪ نصيحت ڪرڻ ايمان وارن کي فائدو ڏيندي آهي.

وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56)

مون جِنن ۽ انسانن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي.

ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57)

مان انهن کان ڪو رزق ته نٿو گهران ۽ نه ئي اهو چاهيان ٿو ته هو مون کي کارائين.

إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58)

بيشڪ الله تعالى وڏو رزق ڏيندڙ ۽ زبردست طاقت وارو آهي.

فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59)

بيشڪ جن ماڻهن ظلم ڪيو انهن لاءِ به اهڙو ئي عذاب آهي جھڙو سندن (گذريل) ساٿين کي مليو آهي. تنھنڪري هي ماڻهو عذاب لاءِ جلدي نه مَچائين.

فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60)

ڪافرن لاءِ ان ڏينھن وڏو ويل آهي جنھن ڏينهن جي کين ڌمڪي ڏني وڃي ٿي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025