| وَالذّٰرِيٰتِ ذَروًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن دز (خاڪ) اُڏائيندڙ هوائن جو |
| فَالحٰمِلٰتِ وِقرًا (آيت : 2) |
|
پوءِ پاڻي ڀريل ڪڪرن کي کڻندڙن جو |
| فَالجٰرِيٰتِ يُسرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ سولائيءَ سان هلندڙن جو |
| فَالمُقَسِّمٰتِ أَمرًا (آيت : 4) |
|
پوءِ هڪ وڏي (مينهن) وسائيندڙن جو |
| إِنَّما توعَدونَ لَصادِقٌ (آيت : 5) |
|
بيشڪ جنهن ڳالهه جو ڊپ ڏنو وڃي ٿو سا سچي آهي |
| وَإِنَّ الدّينَ لَوٰقِعٌ (آيت : 6) |
|
۽ بيشڪ عملن جو بدلو ضرور آڏو ايندو |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الحُبُكِ (آيت : 7) |
|
قسم آهي آسمان جو جنهن ۾ جدا واٽون آهن |
| إِنَّكُم لَفى قَولٍ مُختَلِفٍ (آيت : 8) |
|
بيشڪ توهان جي (آخرت واري ڳالهه) هڪ ٻئي کان مختلف آهي |
| يُؤفَكُ عَنهُ مَن أُفِكَ (آيت : 9) |
|
ان کان اهو ڦريل آهي جيڪو حق کان ڦريل آهي |
| قُتِلَ الخَرّٰصونَ (آيت : 10) |
|
ماريا ويا اٽڪل ۽ گمان سان حڪم لڳائيندڙ |
| الَّذينَ هُم فى غَمرَةٍ ساهونَ (آيت : 11) |
|
اهي ماڻهو جيڪي غرق آهن جهالت ۾ ۽ غفلت ۾ ٻڏل آهن |
| يَسـَٔلونَ أَيّانَ يَومُ الدّينِ (آيت : 12) |
|
پڇن ٿا آخر اهو ڪڏهن ايندو ڏينهن جزا وارو؟ |
| يَومَ هُم عَلَى النّارِ يُفتَنونَ (آيت : 13) |
|
اهو ڏينهن تڏهن ايندو جڏهن اهي ماڻهو باهه ۾ ساڙيا ويندا |
| ذوقوا فِتنَتَكُم هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 14) |
|
(کين چيو ويندو) چکو مزو پنهنجي انهيءَ فتني جو، هي اها شيءِ آهي جنهن جي لاءِ توهان تڪڙ ڪري رهيا هئا |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 15) |
|
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو ان ڏينهن باغن ۽ چشمن ۾ هوندا |
| ءاخِذينَ ما ءاتىٰهُم رَبُّهُم إِنَّهُم كانوا قَبلَ ذٰلِكَ مُحسِنينَ (آيت : 16) |
|
وٺي رهيا هوندا خوشيءَ مان جيڪي ڪجهه کين سندن رب جي طرفان ملندو، بيشڪ اهي ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ئي نيڪوڪار هئا |
| كانوا قَليلًا مِنَ الَّيلِ ما يَهجَعونَ (آيت : 17) |
|
ٿورو ئي راتين جو سمهندا هئا |
| وَبِالأَسحارِ هُم يَستَغفِرونَ (آيت : 18) |
|
۽ اهي ئي پوئين پهر (رات ۾) بخشش گهرندا هئا |
| وَفى أَموٰلِهِم حَقٌّ لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 19) |
|
۽ سندن مالن ۾ حق هوندو هو سوالين ۽ محتاج ماڻهن جو |
| وَفِى الأَرضِ ءايٰتٌ لِلموقِنينَ (آيت : 20) |
|
۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن يقين ڪرڻ وارن جي لاءِ |
| وَفى أَنفُسِكُم أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 21) |
|
۽ خود توهان جي پنهنجي وجود ۾ آهن، پوءِ توهان کي خبر نٿي پوي |
| وَفِى السَّماءِ رِزقُكُم وَما توعَدونَ (آيت : 22) |
|
۽ آهي آسمان ۾ توهان جو رزق، اهو ڪجهه جنهن جو وعدو ڪيو وڃي ٿو |
| فَوَرَبِّ السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثلَ ما أَنَّكُم تَنطِقونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ قسم آهي ان آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو، بيشڪ اهو حق آهي ان ڳالهه وانگر يقينًا جيئن توهان ڳالهايو پيا |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ ضَيفِ إِبرٰهيمَ المُكرَمينَ (آيت : 24) |
|
(اي نبي!) اها ڳالهه به توکي پهتي آهي ابراهيم جي مانَ وارن مهمانن جي؟ |
| إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 25) |
|
جڏهن اهي وٽس آيا ته کيس چيائون سلام، ان چيو، توهان تي به سلام آهي، ڪي اوپرا ماڻهو آهن |
| فَراغَ إِلىٰ أَهلِهِ فَجاءَ بِعِجلٍ سَمينٍ (آيت : 26) |
|
پوءِ اهو ماٺ ميٺ ۾ پنهنجي گهر وارن ڏي ويو ۽ هڪ ٿلهو متارو (سجي ڪيل) گابو آندو |
| فَقَرَّبَهُ إِلَيهِم قالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 27) |
|
پوءِ مهمانن کي پيش ڪيو انهن کي چيو، کائو ڇو نٿا؟ |
| فَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف وَبَشَّروهُ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 28) |
|
پوءِ اهو پنهنجي دل ۾ انهن کان ڊنو، انهن چيو ته ڊڄ نه، ۽ کيس خوشخبري ڏنائون هڪ داناءُ نينگر جي |
| فَأَقبَلَتِ امرَأَتُهُ فى صَرَّةٍ فَصَكَّت وَجهَها وَقالَت عَجوزٌ عَقيمٌ (آيت : 29) |
|
اهو ٻڌي اڳتي وڌي سندس زال دانهن ڪندي ۽ ڪُٽڻ لڳي پنهنجو منهن ۽ چوڻ لڳي، پوڙهي (آهيان) سنڍ |
| قالوا كَذٰلِكِ قالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 30) |
|
انهن چيو، ائين ئي ٿيندو، (جيئن) فرمايو آهي تنهنجي رب، بيشڪ اهو حڪمت وارو ۽ سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
| قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 31) |
|
ابراهيم چيو، ”اي خدائي قاصدؤ! ڪهڙي مهم لاءِ موڪليا ويا آهيو؟“ |
| قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 32) |
|
انهن چيو، ”اسان موڪليا ويا آهيون هڪ قوم مجرم (ڏوهاري) ڏي“ |
| لِنُرسِلَ عَلَيهِم حِجارَةً مِن طينٍ (آيت : 33) |
|
جيئن وَسايون اُن تي پهڻ پڪل مٽيءَ جا |
| مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلمُسرِفينَ (آيت : 34) |
|
جيڪي نشان ڪيل آهن تنهنجي رب وٽ حد کان لنگهندڙن لاءِ |
| فَأَخرَجنا مَن كانَ فيها مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 35) |
|
پوءِ ڪڍي ورتو اسان انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي ان آبادي ۾ مؤمن هئا |
| فَما وَجَدنا فيها غَيرَ بَيتٍ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ اسان ڏٺو اتي هڪ گهر کان سواءِ ڪو گهر نه هو مسلمانن جو |
| وَتَرَكنا فيها ءايَةً لِلَّذينَ يَخافونَ العَذابَ الأَليمَ (آيت : 37) |
|
۽ اسان ڇڏي هڪ نشاني انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ڊڄندا هجن عذاب دردناڪ کان |
| وَفى موسىٰ إِذ أَرسَلنٰهُ إِلىٰ فِرعَونَ بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
|
۽ (توهان لاءِ نشاني آهي) موسيٰ جي قصي ۾ جڏهن اسان کيس موڪليو فرعون ڏانهن نشاني پڌري (دليل) سان |
| فَتَوَلّىٰ بِرُكنِهِ وَقالَ سٰحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 39) |
|
ته هن آڪڙجي (پنهنجي زور تي) چيو، هي جادوگر آهي يا چريو آهي |
| فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 40) |
|
آخرڪار اسان کيس پڪڙيو ۽ سندس لشڪر کي ۽ سڀني کي اڇليو سين سمنڊ ۾ ۽ اهو ملامت ڪندڙ ٿي ويو |
| وَفى عادٍ إِذ أَرسَلنا عَلَيهِمُ الرّيحَ العَقيمَ (آيت : 41) |
|
۽ (نشاني آهي) عاد ۾، جڏهن موڪلي اسان انهن تي اهڙي هوا بي برڪتي واري |
| ما تَذَرُ مِن شَيءٍ أَتَت عَلَيهِ إِلّا جَعَلَتهُ كَالرَّميمِ (آيت : 42) |
|
نه پئي ڇڏي ڪابه شيءِ گُهلي جنهن تي پر ڪيائين ان کي بنهه ڳريل |
| وَفى ثَمودَ إِذ قيلَ لَهُم تَمَتَّعوا حَتّىٰ حينٍ (آيت : 43) |
|
۽ قوم ثمود ۾ به، جڏهن چيو ويو انهن کي ته مزا ماڻي وٺو ڪجهه وقت تائين |
| فَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 44) |
|
پوءِ آڪڙ ڪيائون ان حڪم کان جيڪو سندن رب جو هو، پوءِ ورتو انهن کي ٺڪاء واري وڄ ۽ اهي ان کي ڏسندا رهيا |
| فَمَا استَطٰعوا مِن قِيامٍ وَما كانوا مُنتَصِرينَ (آيت : 45) |
|
پوءِ نه طاقت هئن اٿڻ جي ۽ نه هئا بدلو وٺڻ جهڙا |
| وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 46) |
|
۽ قوم نوح جي (ڳالهه) انهن کان اڳي هئي. بيشڪ اهي ماڻهو هئا بنهه نافرمان |
| وَالسَّماءَ بَنَينٰها بِأَيي۟دٍ وَإِنّا لَموسِعونَ (آيت : 47) |
|
۽ آسمان کي بنايو آهي طاقت سان ۽ بيشڪ اسان ئي اها سگهه رکندڙ آهيون |
| وَالأَرضَ فَرَشنٰها فَنِعمَ المٰهِدونَ (آيت : 48) |
|
۽ زمين کي وڇايوسين، پوءِ واهه جو اسان پکيڙيندڙ آهيون |
| وَمِن كُلِّ شَيءٍ خَلَقنا زَوجَينِ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 49) |
|
۽ انهن سڀني شين مان خلقياسين جوڙا جوڙا، ته من توهان ڪو ڌيان ڏيو |
| فَفِرّوا إِلَى اللَّهِ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
|
پوءِ ڀڄو الله ڏانهن، بيشڪ آئون ئي توهان کي ان کان ڊيڄارڻ وارو آهيان پڌرو |
| وَلا تَجعَلوا مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ إِنّى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 51) |
|
۽ نه بڻايو ساڻي الله جي عبادت ۾ ٻئي ڪنهن کي، بيشڪ آئون ئي توهان کي ان کان ڊيڄارڻ وارو پڌرو آهيان |
| كَذٰلِكَ ما أَتَى الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِن رَسولٍ إِلّا قالوا ساحِرٌ أَو مَجنونٌ (آيت : 52) |
|
اهڙيءَ طرح نه آيو هو انهن وٽ جيڪي انهن کان اڳي هئا ڪو رسول اهڙو جنهن کي انهن نه چيو هجي جادوگر يا چريو |
| أَتَواصَوا بِهِ بَل هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 53) |
|
ڇا انهن وصيت ڪئي هئي هڪ ٻئي کي، نه پر اهي ماڻهو سرڪش (نافرمان) آهن |
| فَتَوَلَّ عَنهُم فَما أَنتَ بِمَلومٍ (آيت : 54) |
|
پوءِ (اي نبي!) کانئن منهن موڙ توتي ميار ناهي |
| وَذَكِّر فَإِنَّ الذِّكرىٰ تَنفَعُ المُؤمِنينَ (آيت : 55) |
|
البته نصيحت ڪندو رهه، ڇو ته نصيحت نفعي واري آهي مؤمنن جي لاءِ |
| وَما خَلَقتُ الجِنَّ وَالإِنسَ إِلّا لِيَعبُدونِ (آيت : 56) |
|
۽ مون نه خلقيو آهي جنن ۽ انسانن کي سواءِ پنهنجي بندگي لاءِ |
| ما أُريدُ مِنهُم مِن رِزقٍ وَما أُريدُ أَن يُطعِمونِ (آيت : 57) |
|
نٿو گهران انهن کان آئون ڪو رزق ۽ نه اهو گهران ٿو ته اهي مون کي کارائين |
| إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزّاقُ ذُو القُوَّةِ المَتينُ (آيت : 58) |
|
بيشڪ الله پاڻ رزاق، وڏي قوت وارو زبردست آهي |
| فَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ذَنوبًا مِثلَ ذَنوبِ أَصحٰبِهِم فَلا يَستَعجِلونِ (آيت : 59) |
|
پوءِ تحقيق جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي ڏوهن جو اهڙو ئي عذاب تيار آهي انهن ماڻهن جي حصي جهڙو، پوءِ اهي تڪڙ نه ڪن |
| فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِن يَومِهِمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 60) |
|
پوءِ تباهي آهي اهڙن ماڻهن لاءِ جن ڪفر ڪيو، انهن کي ان ڏيهن جو خوف ڏياريو وڃي ٿو |