| ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
|
ﱎ (قاف)، قسم آهي قرآن وڏي شان واري جو |
| بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
|
پر ڏاڍو عجب لڳو اٿن، انهيءَ ڳالهه تي ته هڪڙو خبردار ڪندڙ خود انهن مان ئي وٽن اچي ويو. پوءِ وري منڪر چوڻ لڳا ته "اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
|
ته جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون (ته پوءِ وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون)؟ اهو موٽڻ ته عقل کان ئي ٻاهر آهي |
| قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
|
(توڻي جو) اسان ڄاڻون ٿا ته زمين سندن جسمن مان ڇا ٿي کائي کٽائي ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه سانڍيل آهي |
| بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
|
بلڪه انهن ماڻهن ته جيئن ئي وٽن حق آيو ته ان کي ڪوڙو سڏيو، تنهنڪري هاڻي اهي مونجهاري ۾ پيل آهن |
| أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
|
پوءِ ڀلا انهن مٿي آسمان ڏي نه ڏٺو آهي ڇا؟ ڪيئن نه اسان ان کي ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به ڪو ڏار نه آهي |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
|
۽ زمين کي اسان وڇايو ۽ ان ۾ جبل کوڙيا ۽ منجهس هر قسم جا مــَـن موهيندڙ سـَـلا ٻوٽا اپايا |
| تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
|
اهي سڀئي اکيون کولڻ واريون ۽ نصيحت ڏيڻ واريون شيون آهن، هر انهيءَ ٻانهي لاءِ جيڪو (حق ڏانهن) ورڻ وارو هجي |
| وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
|
۽ آسمان مان اسان برڪت ڀريو پاڻي نازل ڪيو، پوءِ ان وسيلي باغ ۽ پوک جا داڻا |
| وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
|
۽ ڊگها ڊگها کجيءَ جا وڻ پيدا ڪيا، جن ۾ ڦـر سان سٿيل ڇڳن جا ڇڳا پاڻ ۾ ڳتيا پيا آهن |
| رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
|
اهي ٻانهن جي رزق خاطر آهن ۽ انهيءَ پاڻيءَ سان اسان مئل زمين کي جيئرو ٿا ڪري ڇڏيون (مئل انسانن جو زمين مان) نڪرڻ به ائين ئي ٿيندو |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
|
هنن کان اڳ نوح جي قوم ۽ "الرس" جي رهڻ وارن ۽ ثمود |
| وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
|
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي برادريءَ وارن |
| وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
|
۽ ٻيلي جي رهاڪن (اصحاب الايڪة) ۽ تـــُـبع جي قوم وارن به ڪوڙو سڏيو هو، هر هڪ رسولن کي ڪوڙو سڏيو، پوءِ منهنجي وعيد (دڙڪو) مٿن لاڳو ٿي وئي |
| أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
|
ڇا اسان پهرئين ڀيري خلقي پوءِ ٿڪجي پيا هئاسون؟ بلڪه اصل ۾ اهي هڪڙي نئين سر خلقڻ جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
|
اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان سندس دل ۾ اڀرندڙ وسوسن کي به ڄاڻون ٿا، اسان ته کيس سندس ساهه واريءَ رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون |
| إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
|
(تنهن هوندي به) ٻه ڪاتب سندس ساڄي ۽ کاٻي ويٺا هر شيءِ لکندا پيا وڃن |
| ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
|
سندس زبان مان ڪو لفظ نڪتو مس آهي ته هوڏانهن ان کي سانڍڻ وارو تيار لڳو پيو آهي |
| وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
|
وري ڏسو، هو سچ پچ موت جي سڪرات اچي پهتي. اهائي اٿيئي اُها شيءِ جنهن کان تون ڀڄندو هئين |
| وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
|
۽ پوءِ صور ۾ ڦوڪيو ويندو، اهو اٿيئي اهو ڏينهن جنهن جو توکي ڊپ ڏياريو ويندو هو |
| وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
|
هر شخص انهيءَ حالت ۾ آيو جو هڪڙو هڪليندڙ ۽ هڪڙو شاهد ساڻ اٿس |
| لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
|
انهيءَ ڳالهه کان تون غفلت ۾ پيل هئين، پوءِ اسان تنهنجي آڏو پيل پردو هٽايو ته اڄ تنهنجي نظر ڏاڍي تيز آهي |
| وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
|
سندس ساٿيءَ عرض ڪيو، "هيءُ جيڪو منهنجي حوالي ڪيل هو سو اجهو حاضر اٿوَ" |
| أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
|
حڪم ڏنو ويو ته اڇلايو جهنم ۾ هر ڪــَـٽي ڪافر کي، جنهن کي حق سان وير هو |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
|
ڀلائيءَ کان روڪيندڙ ۽ حدون لنگهڻ وارو هو، صفا شڪ ۾ پيل هو |
| الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
|
۽ الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائي ڇڏيو هئائين، وجهوس سخت عذاب ۾ |
| قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
|
سندس ساٿيءَ چيو ته "اي اسان جا مالڪ! مان هن کي سرڪش نه بڻايو هو پر اهو پاڻ ئي گمراهيءَ ۾ پئجي تمام پري وڃي نڪتو هو" |
| قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
|
جواب ۾ فرمايائين: "منهنجي آڏو جهيڙو نه ڪريو، مان توهان کي اڳيئي بڇڙي نتيجي کان خبردار ڪري چڪو هوس |
| ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
|
مون وٽ ٿيل ڳالهه کي بدلايو نه ويندو آهي ۽ مان پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهيان" |
| يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
|
جنهن ڏينهن اسان جهنم کان پڇنداسون، ڇا ڀرجي وئين؟ ۽ هو چوندو اڃان به ڪجهه آهي ڇا؟ |
| وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
|
۽ جنت متقين جي ويجهو آندي ويندي، ڪا پري ئي نه هوندي |
| هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
|
(فرمايو ويندو) "اها اٿوَ اها شيءِ جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو تمام گهڻو موٽي پوڻ وارو ۽ پوريءَ ريت سنڀال ڪرڻ وارو هو |
| مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
|
جيڪو بنا ڏسڻ جي ئي پيو رحمان کان ڊڄندو هو ۽ (الله ڏانهن) رجوع ٿيل دل سان آيو آهي |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
|
داخل ٿي وڃو جنت ۾ سلامتيءَ سان". اهو ڏينهن نه ختم ٿيڻ واري حياتيءَ وارو ڏينهن هوندو |
| لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
|
اتي انهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه هوندو، جيڪي هو چاهيندا ۽ اسان وٽ انهن لاءِ اڃان به گهڻو ڪجهه آهي |
| وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
|
اسان هن کان اڳ گهڻين ئي قومن کي برباد ڪري چڪا آهيون، جيڪي هنن کان طاقت ۾ ڏاڍيون هيون ۽ دنيا جي ملڪن ۾ انهن ڏاڍي جاکوڙ ڪئي، پوءِ ڇا ڪا پناهه جي جاءِ لهي سگهيا؟ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
|
انهيءَ تاريخ ۾ عبرت جو وڏو سامان آهي، هر انهيءَ شخص لاءِ جنهن کي دل آهي يا جيڪو ڌيان ڏئي ڳالهه ٻڌي |
| وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
|
اسان آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ وارين سمورين شين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اسان کي ڪوبه ٿڪ نه ٿيو |
| فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
|
سو اي نبي! جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، انهن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه، سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان اڳ |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
|
۽ وري رات جو به سندس تسبيح ڪر ۽ سجدا ڪري واندو ٿيڻ کان پوءِ به |
| وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
|
۽ ڪــَـن لائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن پڙهو ڏيڻ وارو (هر شخص جي) ويجهو ئي پڙهو ڏيندو |
| يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
|
جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو قيامت جي ڪڙڪي کي چڱيءَ طرح ٻڌي رهيا هوندا، اهو ڏينهن مئلن جي ٻاهر نڪرڻ جو هوندو |
| إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
|
اسان ئي جياريون ٿا ۽ اسان ئي ماريون ٿا ۽ وري اسان ڏانهن ئي سڀني کي ان ڏينهن موٽي اچڻو آهي |
| يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
|
جنهن ڏينهن زمين ڦاٽي پوندي ۽ ماڻهو منجهانئس نڪري تڪڙو تڪڙو ڀڄڻ لڳندا، اهو ڪٺو ڪرڻ ته اسان لاءِ ڏاڍو سؤلو آهي |
| نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
|
اي نبي! اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا اهي ڳالهيون، جيڪي اهي ماڻهو ڪن ٿا ۽ تنهنجو ڪم کانئن زوريءَ ڳالهه مڃائڻ ناهي، تون بس هن قرآن وسيلي نصيحت ڪر، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو منهنجي دڙڪن کان ڊڄندو هجي |