القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ قٓ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 45


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1)

ق. وڏي شان واري قرآن جو قسم (ته محمد پيغمبر آهي).

بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2)

پر انهن (ڪافرن) کي حيرت آهي ته منهنجن هڪ عذاب کان ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) وٽن آيو. ته ڪافر چوڻ لڳا: هيءَ ته هڪ عجيب ڳالھ آهي.

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3)

ڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (ته وري اهو ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻ عقل کان ته) ٻاهر (ڳالھ) آهي.

قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4)

انهن جي جسمن مان زمين جنهن شيءِ کي (کائي کائي) گهٽائي ٿي سو اسين ڄاڻون ٿا ۽ اسان وٽ ته لکيل ياد داشت ڪتاب (لوح) محفوظ (موجود) آهي.

بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5)

پر جڏهن انهن وٽ سچو (دين) آيو ته انهن ان کي ڪوڙو چيو ۽ اهي ماڻهو ڳالھ ۾ (منجهيل) آهن جنهن جو ڪو ٺڪاڻو نه آهي.

أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6)

ڇا پوءِ انهن پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪئين اسان ان کي جوڙيو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي جو ڪجھ به ان ۾ چيو نه آهي.

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7)

۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل رکيا آهن ۽ ان ۾ اسان هر طرح جون وڻندڙ شيون پيدا ڪيون!

تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8)

هن لاءِ ته سڀ (خدا ڏي) رجوع ڪرڻ وارا (بندا) هدايت ۽ عبرت حاصل ڪن.

وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9)

۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي وسايو ۽ اسان ان سان باغ ۾ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اپاريا آهن.

وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10)

۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تھ ٿيل آهن.

رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11)

(اهي سڀئي) ٻانهن کي روزي ڏيڻ لاءِ (پيدا ڪيا) پاڻيءَ سان ئي اسان ويران شهر کي آباد ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح (قيامت ۾ مردن جو) ڪڍڻ ٿيندو.

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12)

انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ خندق وارن ۽ ثمود جي قوم ڪوڙو ڪيو.

وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13)

۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم.

وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14)

۽ ٻيلي وارن ۽ تبع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) نبين کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جي (طرفان عذاب جو) انجام به پورو ٿيو.

أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15)

ته ڇا اسان پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿڪجي پياسون (هرگز نه) پر اهي ماڻهو نئين سر (ٻيو ڀيرو) پيدا ڪرڻ بابت شڪ ۾ (پيل) آهن.

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16)

۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساھ جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون.

إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17)

جڏهن (اهو ڪو ڪم ڪري ٿو) ته ٻه لکڻ وارا (ڪراما ڪاتبين) لکي ڇڏين ٿا، جي سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن.

ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18)

ڪا ڳالھ نه ٿو ڪڍي جو وٽس هڪ نگهبان تيار نه هجي.

وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19)

۽ يقينا موت جي بيهوشيءَ اچي ويندي (کيس چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.

وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20)

۽ صور ڦوڪيو ويندو. اهو ئي (عذاب جي) وعدي جو ڏينهن آهي.

وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21)

۽ هر شخص اسان جي اڳيان حاضر ٿيندو جو ان سان هڪ (فرشتو) هڪليندڙ هوندو ۽ هڪ (سندس ڪرتوتن جو) شاهد.

لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22)

(کيس چئبو) ته تون هن (ڏينهن) کان غافل هئين ته هاڻي اسان تنهنجي اڳيان پردي کي هٽايو ته اڄ تنهنجي نگاھ تکي آهي.

وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23)

۽ سندس ساٿي (فرشتو) چوندو: هي (سندس عمل) جو مون وٽ حاضر آهي.

أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24)

(تڏهن حڪم ٿيندو ته) اوهين ٻئي سڀ ڪنهن هٺيلي ناشڪري کي دوزخ ۾ وجهو.

مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25)

جيڪو (واجب حقن کان) مال ۾ بخل ڪرڻ وارو حد کان وڌڻ وارو (دين ۾) شڪ ڪرڻ وارو.

الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26)

جنهن خدا سان ٻيا شريڪ بنايا هئا ته هاڻي اوهان ٻئي هن کي سخت عذاب ۾ وجهو.

قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27)

تنهن وقت سندس ساٿي (شيطان) چوندو ته يا رب! اسان کيس گمراھ ڪين ڪيو هو پر اهو پاڻ سخت گمراهيءَ ۾ مبتلا هو.

قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28)

(تنهن تي) خدا فرمائيندو اسان جي سامهون جهڳڙو نه ڪريو آءُ اوهان کي اڳي ئي (عذاب کان) ڊيڄاري چڪو آهيان.

ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29)

مون وٽ ڳالھ بدلائي نه ٿي وڃي ۽ نه آءُ ٻانهن تي (ذري جيترو به) ظلم ڪرڻ وارو آهيان.

يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30)

ان ڏينهن اسين دوزخ کان پڇنداسون ته ڇا تون ڀريو آهين؟ ۽ هو چوندو ته ڇا اڃان به ڪجھ وڌيڪ آهي؟

وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31)

۽ بهشت پرهيزگارن جي بلڪل ويجهو ڪيو ويندو.

هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32)

(۽ چونداسون ته) هي اهو بهشت جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويو آهي سڀ ڪنهن الله ڏي ورڻ واري (حدن) جي حفاظت ڪرڻ واري لاءِ.

مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33)

جو اڻ ڏٺي کان ڊنو ۽ رجوع ڪندڙ دل وٺي آيو.

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34)

(تنهن کي حڪم ٿيندو) ته هن ۾ صحيح ۽ سلامت داخل ٿي اهو ئي ته هميشه رهڻ وارو ڏينهن آهي.

لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35)

ان ۾ اهي جو چاهيندا سو هوندو ۽ اسان وٽ ته ان کان به وڌيڪ آهي.

وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36)

۽ اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جيڪي انهن کان قوت ۾ گهڻو وڌيڪ هيون ته انهن ماڻهن (موت جي خوف کان) تمام شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون ته ڪا بچڻ جي جاءِ آهي.

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37)

بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ان شخص لاءِ نصيحت آهي جنهن جي اندر ۾ قلب آهن يا ڌيان ڏيئي لائي ڪن ڏئي ٿو.

وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38)

۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي جنهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو آهي ۽ ذرو به نه ٿڪاسون.

فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39)

ته (اي رسول) جيڪي اهي (ڪافر ماڻهو) بڪ ڪن ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي پروردگار جي حمد سان تسبيح ڪندو رھ!.

وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40)

۽ ڪجھ رات ۾ (به) ۽ نماز کان پوءِ به سندس تسبيح بيان ڪر.

وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41)

۽ ڪن لڳائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن، ويجهي جاءِ کان سڏيندڙ (اسرافيل) سڏيندو (ته اٿو)

يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42)

جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اهو قبرن مان نڪرڻ جو ڏينهن آهي.

إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43)

بيشڪ اسين جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي (سڀ کي) موٽايو ويندو.

يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44)

جنهن ڏينهن زمين (انهن جي مٿان) ڦاٽي پوندي ۽ (سڀئي) جهٽ پٽ نڪري بيهندا. اهو آهي (اٿارڻ ۽) گڏ ڪرڻ جيڪو اسان تي بلڪل آسان آهي.

نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45)

(اي رسول) اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا اسين تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ۽ تون انهن تي زور ته ڪرين ڪين ٿو ته جيڪو اسان جي (عذاب جي) وعدي کان ڊڄي تنهن کي تون قرآن جي وسيلي نصيحت ڪندو رھ!


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025