| ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
|
اَرٿ اکر “ق” جو، سَمجھي هِڪ سُبحان، سَچو ساکِي آھِ هِي، قَدر وڏي قُرآن، |
| بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
|
اُٽلندو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿَيا حيران، ته آيُنِ ڄاڻوئـِي ڄام ڪو، اُنهن مان هِڪ اِنسان، پوءِ اِنڪارِيُن آکيو، ظاهِر ساڻ زِبان، ته آھِ عَجب هِئَ ڳالھڙِي، بِلڪُل بي گُمان!، |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
|
ڇا، مرِي ٿياسون مَهل جِنهن، خاڪ صفا خيمان، جِيَڻ وَرِي جھان، ڏاڍو آهي ڏُور سو؟ |
| قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
|
سَچ پَچ ڄاتون سون، سَڀَيئـِي جو کاڌو اُنهن مان خاڪ، ۽ آهي اَسان وَٽ پاڪ، قابو رکيو ڪتاب جو. |
| بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
|
بَلڪ صفا سچ کي، ڪوٺيؤن ڪُوڙ ڪَچ، جڏهن اُنهن وَٽ آئـِيو، سو صَحِي ثابِت سَچ، پوءِ آهِن اِهي سَچ پَچ، ڳالھ ڍريڙِي، ڳالھ ۾. |
| أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
|
ڇا، ڪيؤَن نه نظر نهار؟ اُڀ ڏي، اُڀو پوجو اُنهن مَٿان، بنايوسونسِ ڀِت سوا، ڪِنهن ڀَت بَرقرار، ۽ ڏنو سونسِ ڏِين سان، سَهسِين ڀَتين سِيگار، ۽ ويڇو نه جنهن ۾ وار، ۽ نڪِي سوراخ، سانگڙيون. |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
|
۽ جانچيائون نه زمين کي، ته پکيڙيو سونسِ ڪِنهن پَر، ۽ جَڙي ڇڏاسون جنهن ۾، اُچا اُچا ڏونگر، ۽ جوڙ اُڀاڙياسون اُن ۾، وڻندڙ وڻ ٽڻ ڦر، |
| تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
|
سَگھون سوچڻ واسطي، پڻ ڪرڻ نيڪ نظر، پِرائڻ ڪِنهن پَر، هر ٻانهِي وَرندڙ وات ڏي. |
| وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
|
۽ اُتاريو سون اُڀ ڪنان، اُچو آب اَپار، پوءِ اُڀاڙياسون اُن سان، غُنچا، گُل گُلزار، ۽ داڻا تِنهن کان ڌار، ڳاهِيَل ڳوٺان ڳوٺ ۾. |
| وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
|
کجيون ڊگھرون کاڄرو، جن ۾ تازا تہ تَمر، |
| رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
|
سِيڌي ڪاڻ ثَمر، ڪُل گولن جي گذران لئي. |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
|
اُنهن ڪنان اَڳڀرو، هُئا ڪندا ڪُوڙ ڪُفار، قوم نُوح نَبِئَ جِي، پڻ کُوهاڻا خوار، |
| وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
|
۽ ثُمود، عاد فِرعون پڻ، لُوط ڀَلي جا ڀار، |
| وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
|
۽ اَهل اَيڪت شهر جا، پڻ ساٿ تُبع جا سار، مِڙن مُرسلن کي، ڪوٺيؤَن ڪُوڙ نبار، پوءِ مُنهنجا قول ڪرار، صَحِي ثابِت سَڀ ٿيا. |
| أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
|
پوءِ ڇا، هِيڻايوسون هَڏهِين، مَنجھ پهرينءَ جوڙجڪ! نئـِين جوڙن کان مَنجھ شڪ، اُٽلندو آهِينِ سي. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
|
۽ اُپاسون اِنسان کي، بلڪل بي گمان، ۽ ڄاڻون جيڪي وَهم وِجھي، نفس سَندنِ نادان، ۽ ڪَنان رَڳُن جان، اَسِين اوڏا اُن کي. |
| إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
|
ٻه مِلڻا جِنهن مَهل ۾ ، هر روز مِلن هِڪ ٻئي، ويٺل سٺي کٻي، ڪاتِب ٻِنهِين ڪُلهن تي. |
| ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
|
ڪُڇي ڪونه زبان مان، اَ کر ڪو اِنسان، مگر اُنهِئَ وَٽ، آھِ ڪو، ناظِر نِگھبان، حاضِر هر زمان، ڪاغذ، مس قلم سان. |
| وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
|
۽ آئي ثابت اوچتِي، موت سَندِي سَڪرات، اُها سافِڪرات، جِنهن کان ڀَڄندو ٿٖي ڀُڻِين. |
| وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
|
۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ کي، اُهو ڏِينهن اَنجام، |
| وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
|
۽ هر ڪو حاضِر ٿيو اَچي، قابُو منجھ قِيام، هِڪ ڪاهِيندڙسِين ڪام، ٻِئو شاهِد شامل اُن سان. |
| لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
|
هُئـِين هِن هائـِئَ ڪنان، تون غفلت مَنجھ گھڻِي، پوءِ تُنهجو ڪوپو، تو مَٿان کوليوسون کڻِي، پوءِ ڇايا ويئـِي ڇَڻِي، اَڄ تُنهنجِي اک تِکِي گھڻو. |
| وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
|
۽ سامهون سنگــتِئَ اُن جي، ڪاجاڳالھ ڪَهِي، ته ليکو صاف صَحِي، مون وٽ حاضِر آھِ هِي. |
| أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
|
سَٽ سَٽ سَڙندڙ باھ ۾، هر مَٿي ڦِريل مُنڪر، |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
|
کارِيندڙ خير ڪَنان، حُڪم ڪنان ٻاهر، رکندڙ شڪ ربَّ ۾، |
| الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
|
دانهي ڌارِيَن دَر، جِنهن ڪيا رَبَّ ڪَرِيم سان، ٻِئا مَددُو مُقرر، پوءِ هِڪدم دير نه ڪر، سَٽِينسِ سَخت عذاب ۾. |
| قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
|
ٻيلِئَ اُن جي ٻوليو، ته سانـيَمِ رَبَّ سَتّار!، مُون نه مُنجھايو اُن کي، پر پاڻا خام خُوار، هُئو سو گِرفتار، گُمراهِي گُھونا گُھون ۾. |
| قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
|
چَيو پَرور پاڻ، ته مون وَٽ وِڙهو نه پاڻ ۾، ۽ مون اوهان کي، ڄاڻ، اڳــئـِي ڪيو عَذاب جو. |
| ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
|
مُون وَٽ ڦِري نه فيصلو، هِڪ ٻئي ته هَڻڻ ساڻ، ۽ آئون نه ٻانهن ڪاڻ، ڪو ظالِم زَبر آهيان. |
| يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
|
جِنهن ڏِينهن پُڇنداسون اَسِين، هاوِي ڪنان حال، ته وَڳ وِڌاسون تو ۾، ڀَريِين ڪِيئن بَحال؟، چوندو اهڙِي چال، ته اَڃا وڌيڪ آھِ ڪي؟ |
| وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
|
۽ آندِي ويئـِي اوڏڙِي، جَنت جاءِ قرار، نيڙي نيڪ بندن جي، وَڏِي وِڇوٽِئَ ڌار، |
| هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
|
جنهن جو وَچن، اوهان سان وِچ ۾، هي سي باغ بهار، حَق ڏي وَرندڙ واسطي، پڻ ڪندڙ نظر، نهار، |
| مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
|
جو پَرپُٺ بَرپٽ ۾، ڏريو ڪنان ڏاتار، ۽ حاضِر ٿيو هِنيِـين سان، جو وَرندڙ واحِد پار، |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
|
گِھڙو سَلامت اُن ۾، سَرها سڀ ڄمار، سدا جِيڻ جو ڏِينهن اِهو، لَٿا ڏُوا ڏُوار، |
| لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
|
جيڪِي طَلبِين تِنهن ۾، سو تن لاءِ تيار، ۽ بخششون بِسيار، اَسان وَٽ آهِينِ بِيون. |
| وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
|
اُن کان اڳ جُڳ ڪيترا، ڪياسون ناس نِبار، جي اِنهيان اڳرا زور ۾، پوءِ وَالارِيون وَلهار،ڪريو نظر نِهار، ته ڪٿي پناھ آھِ ڪو؟ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
|
هُجي هِنيون جِنهن کي، اِن ۾ عبرت اُنهئَ لاءَ، ۽ قول ٻُڌي ڪَن لاءِ، ۽ هُجي حاضِر پاڻ اُهو. |
| وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
|
اڀ ڀون ڇهن ڏِينهَن ۾، پيدا ڪياسون پَڪ، پڻ جيڪِي آهِن، اُنهن ٻِن ۾، اول، آخِرتڪ، ۽ ڇِو هو نه ڇُو تو ٿَڪ، اَسان کي اَصل ڪنان. |
| فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
|
پوءِ ڪَڙو ڳالهائـِين ڪِهڙو، سو سَہ تون صَبر ساڻ، ۽ پَنهنجي پَروَر پاڪ جا، وَر وَر وَڙ واکاڻ، سِج اڀرڻ ڪنان اڳ ۾، پڻ اُلٽيا اڳ اڳواڻ!، |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
|
۽ ڀَلي پهرينءَ رات مان، پئو پَڏائـِينسِ پاڻ!، پڻ سَجدن پُٺيان سُڄاڻ!، ساراهِج سُبحان کي. |
| وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
|
۽ سُڻ ته سَڏِيندڙ سَڏ ڪندو!، ويجھيرو جنهن وار، |
| يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
|
ڪَنِين ٻُڌندا ڪَڙڪو، بَرحق هڪل هيڪار، قبرن مان ٻَهار، آهي اُٿڻ جو ڏِينهن اُهو. |
| إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
|
اَسِين جَڏا جِياريون، ۽ ماريون به اَسِين مُور، ۽ زورا زور ضرور، آھِ اَسان ڏي موٽڻو. |
| يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
|
آخِر ڏِينهن اَنجام، جڏهن ڌَرتي اُنهن کان ڌار ٿئي، تڪڙا تڪڙا ڊوڙندا، وَڏا وارِيندا وام، اِهو ميڙو عام، اَسان تي آسا گھڻو. |
| نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
|
جي بَڪون ڪَن بيڪار، سي سڀ ڄاڻون ٿا اَسِين، ۽ تون نه آهِين اُنهن مٿي، ڪو ڪرڙو قهِري ڪار، ڪر قرآن ڪِريم جي، پوءِ تِنـِهين وٽ پَچار، جو ڀانئي ڀَو ڀُلڪار، ۽ ڪَنبي مُنهنجي قول کان. |