| ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
|
ق. وڏي شان واري قرآن جو قسم آهي (ته اي پيغمبر! |
| بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
|
تون الله جو موڪليل آهين) پر هنن کي هي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي پوءِ ڪافرن چيو ته هي عجب جي ڳالهه آهي. |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
|
ڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (تڏهن جيئرا ٿينداسون ڇا؟) اهو موٽائڻ (عقل کان) پري آهي. |
| قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
|
جيڪي زمين انهن مان گهٽائي ٿي سو اسان کي معلوم آهي. ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب حفاظت ڪندڙ آهي. |
| بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
|
پر جڏهن سچي ڳالهه انهن وٽ آئي تڏهن ان کي ڪوڙو ڪري ڇڏيائون پوءِ اهي منجهيل ڳالهه ۾ آهن. |
| أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
|
ڇا پوءِ پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪيئن اسان ان کي بنايو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي ۽ ڪجهه به ان ۾ چير نه آهن. |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
|
۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان سڀ وڻندڙ نمونا ڄمايا آهن. |
| تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
|
سڀ ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي جي سمجهائڻ ۽ ياد ڏيارڻ لاءِ. |
| وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
|
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو آهي پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اڀريا آهن. |
| وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
|
۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تهه ٿيل آهن. |
| رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
|
ٻانهن کي روزيءَ ڏيڻ لاءِ ۽ ان سان اسان ويران ملڪ کي آباد ڪيو آهي. اهڙي طرح ئي (قبرن مان) نڪرڻ آهي. |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
|
انهن کان اڳي نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو ۽ |
| وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
|
پراڻي کوهه وارن ۽ ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن |
| وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
|
۽ ٻيلي وارن ۽ تُبّع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي ڌمڪي (مٿن) پئجي وئي. |
| أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
|
ڇا پوءِ اسين پهرئين پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿي ويا آهيون؟ پر اهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
|
۽ بيشڪ اسان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساهه جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون. |
| إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
|
جنهن وقت ٻئي جهٽڻ وارا جهٽين ٿا سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن. |
| ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
|
ڪا ڳالهه نه ٿو ڪڍي جو وٽس نگهبان تيار نه هجي. |
| وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
|
۽ سچ پچ موت جي سختي اچي ويندي (کين چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون پاسو ڪندو هئين. |
| وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
|
۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو. اهو ڏينهن ڌمڪيءَ جو آهي. |
| وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
|
۽ سڀڪو جيءُ ايندو ان سان هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ سندس حالت ٻڌائيندڙ هوندو. |
| لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
|
(۽ چيو ويندس ته) بيشڪ تون هن (حقيقت) کان بي خبريءَ ۾ هئين هاڻي توکان تنهنجو پردو اسان کوليو آهي، پوءِ اڄ تنهنجي نگاهه تکي آهي. |
| وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
|
۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته هي (اعمالنامون) اهو آهي جو مون وٽ تيار آهي. |
| أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
|
(۽ چيو ويندو ته) اوهين ٻئي (ملائڪ) سڀ ڪنهن انڪار ڪرڻ واري هٺيلي کي جهنم ۾ وجهو. |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
|
جو خير ڪرڻ ۾ ڪنجوس حد کان لنگهڻ وارو (۽) ٻئي کي شڪ ۾ وجهڻ وارو هو. |
| الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
|
جنهن الله سان گڏ ٻئي کي پوڄا جو حقدار ٺهرايو هو سو ان کي سخت عذاب ۾ وجهو. |
| قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
|
سندس سنگتي چوندو ته اي اسان جا پاليندڙ! مون ان کي لچائي ۾ نه وڌو هو پراهو (پاڻ) رستي کان گهڻو پري پيل هو. |
| قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
|
(الله) فرمائيندو ته مون وٽ جهڳڙو نه ڪريو ۽ بيشڪ آءٌ اوهان ڏي ڌمڪي موڪلي چڪو آهيان. |
| ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
|
مون وٽ ڳالهه بدلي نه ويندي ۽ نه آءُ ٻانهن سان ظلم ڪرڻ وارو آهيان. |
| يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
|
جنهن ڏينهن جهنم کي چونداسون ته ڇا تون ڀريو آهين ۽ هو چوندو ته ڇا اڃان به ڪجهه وڌيڪ آهي؟ |
| وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
|
۽ جنت پرهيزگارن لاءِ ويجهي ڪئي ويندي پري نه. |
| هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
|
هيءَ اهو بهشت آهي جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سڀ ڪنهن الله ڏي ورڻ واري ياد رکڻ واري لاءِ. |
| مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
|
جو پرپٺ وڏي مهربان (رحمان) کان ڊنو ۽ رجوع ٿيندڙ دل سان آيو |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
|
(اهڙن ماڻهن کي چونداسون ته) ان ۾ سلامتيءَ سان هليا وڃو. اهو هميشه رهڻ جو ڏينهن آهي. |
| لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
|
جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ ان ۾ آهي ۽ اسان وٽ وڌيڪ به آهي. |
| وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
|
۽ انهن کان اڳي اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون آهن جن جي طاقت هنن کان زبردست هئي پوءِ (عذاب اچڻ وقت) شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون ته ڪا جاءِ ڀڄڻ جي آهي؟ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
|
بيشڪ ان (ڳالهه) ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جنهن جي اندر ۾ دل آهي يا دل لائي ڪن ڏئي ٿو. |
| وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
|
۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو آهي ۽ ذرو به نه ٿڪاسون. |
| فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
|
پوءِ (اي پيغمبر !) جيڪي هو چون ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي ساراهه سان گڏ بيان ڪر. |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
|
۽ ڪجهه رات ۾ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ نماز جي پٺيان به. |
| وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
|
۽ (اي پيغمبر !) ڪن لڳائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن ويجهي جاءِ کان سڏيندڙ سڏيندو. |
| يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
|
جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اهو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينهن آهي. |
| إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
|
بيشڪ اسين جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي موٽڻ آهي، |
| يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
|
جنهن ڏينهن زمين انهن کان ڦاٽي پوندي ۽ هو تڪڙا (نڪرڻ وارا) هوندا. اهو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آهي. |
| نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
|
(اي پيغمبر !) جيڪي هو چون ٿا تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. ۽ تون انهن تي زور ڪرڻ وارو نه آهين. پوءِ جو منهنجي ڌمڪيءَ کان ڊڄي ان کي تون قرآن سان نصيحت ڪر! |