ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
قاف (حقيقي معنى الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) قسم آهي قرآن جو جيڪو وڏي شان وارو آهي. |
بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
پر انهن کي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي، سو ڪافرن چيو ته هي عجيب شيءِ آهي. |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
ڇا جڏهن اسان مرنداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ٿينداسين؟) اِهو موٽڻ (عقل کان) پري آهي. |
قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
(حالانڪه) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪو زمين انهن (جي جسمن کي کائِي) گهٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سڀ ڪجھه) ياد رکندڙ آهي. |
بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
بلڪه انهن سچي ڳالهه (قرآن) کي ڪوڙو چيو جڏهن اُهو انهن وٽ آيو پوءِ اُهي خود مونجهاري واري ڳالهه ۾ آهن. |
أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
ڇا انهن آسمان کي پنهنجي مٿان نه ڏٺو آهي؟ ته اسان ان کي ڪيئن بنايو آهي؟ ۽ اسان ان کي سينگاريو آهي، ۽ ان ۾ ڪو سوراخ نه آهي. |
وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان هر وڻندڙ قسم مان (ٻوٽا) ڄمايا آهن. |
تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
(اهو سڀ) بصيرت ۽ نصيحت آهي هر ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي لاءِ. |
وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لُــڻَــــڻَ واري پوک جا داڻا ڄمايا. |
وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
۽ کجور جا ڊگها وڻ جن جا ڇُڳا تهه در تهه ٿيل آهن. |
رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
ٻانهن جي روزي لاءِ ۽ اسان ان (پاڻي) سان مرده (اُجڙيل) شهر کي زنده (آباد) ڪيو اهڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آهي. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
انهن (مَڪي جي ڪافرن) کان اڳ نوح جي قوم ۽ کوهه وارن ۽ ثمود (حق کي) ڪوڙو چيو. |
وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم وارن به. |
وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ ٻيلي وارن ۽ تُبع جي قوم وارن (انهن) سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو پوءِ منهنجي عذاب جو وعدو (انهن تي) ثابت ٿي ويو. |
أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
ڇا پوءِ اسان پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ کان ٿڪجي پيا آهيون (ائين ناهي). بلڪه اُهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان ان وسوسن کي ڄاڻون ٿا جيڪي ان جو نفس وجهي ٿو ۽ اسان ان کي ساهه جي رڳ کان به گهڻو ويجها آهيون. |
إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
جڏهن (ان جي هر قول ۽ فعل کي) ٻه فرشتا حاصل ڪري وٺن ٿا جيڪي ان جي ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل آهن. |
ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
(انسان) وات مان ڪو لفظ نه ٿو ڪڍي مگر ان وٽ هڪ نگهبان (لکڻ لاءِ) تيار رهي ٿو. |
وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
۽ موت جي بي هوشي سچ پچ اچي پهتي. اها آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي. اهو عذاب جي ڌمڪي جو ڏينهن آهي. |
وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
۽ هر شخص ان طرح ايندو جو ان سان گڏ هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ شاهد ساڻ هوندو. |
لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
بيشڪ تون هن (ڏينهن) کان بي خبري ۾ هئين پوءِ اسان هاڻي تو کان تنهنجو پردو کوليو آهي، سو اڄ تنهنجي نگاهه تکي آهي. |
وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
۽ ان سان گڏ رهڻ وارو (ملائڪ) چوندو: ”هي (اعمال نامو) آهي جيڪو مون وٽ تيار آهي“. |
أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
(حڪم ٿيندو) اوهان ٻئي (فرشتا) هر انڪار ڪرڻ واري هٺيلي کي جهنم ۾ وجهو. |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
جيڪو نيڪي کان روڪڻ وارو هيو حد کان وڌڻ وارو ٻئي کي شڪ ۾ وجهڻ وارو هيو. |
الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
جنهن الله سان گڏ ٻئي کي معبود بنايو هيو پوءِ ان کي سخت عذاب ۾ اڇلايو. |
قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
سندس سنگتي (شيطان) چوندو: ”اي اسان جا پالڻهار! مون ان کي گمراهه نه ڪيو هيو پر اُهو خود پَـرَاهين گمراهي ۾ پيل هيو“. |
قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
(الله) فرمائيندو: ”مون وٽ جهڳڙو نه ڪيو ۽ آءٌ اوهان ڏانهن اڳ ئي عذاب جي ڌمڪي موڪلي چڪو آهيان. |
ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
منهنجي بارگاهه ۾ فرمان نه بدلبو آهي ۽ نه ئي آءٌ ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان“. |
يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
ان ڏينهن اسان دوزخ کي چونداسين: ”ڇا تون ڀريو آهين“؟ ۽ اُهو چوندو: ”ڇا اڃا به ڪجهه وڌيڪ آهي“؟ |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
۽ جنت پرهيزگارن لاءِ ويجهي ڪئي ويندي پري نه هوندي. |
هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
هي اُهو (بهشت) آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هيو هر توبهه ڪرڻ واري (پنهنجي دين جي) حفاظت ڪرڻ واري لاءِ آهي. |
مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
جيڪو پر پُٺ وڏي رحمان کان ڊنو ۽ رجوع ٿيندڙ دل سان آيو. |
ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
ان ۾ سلامتي سان داخل ٿيو. اهو هميشگي جو ڏينهن آهي. |
لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ ان (بهشت) ۾ آهي ۽ اسان وٽ (ان کان) وڌيڪ به آهي. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
۽ انهن (ڪفارِ مڪه) کان اڳ اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون جيڪي طاقت ۽ قوت ۾ انهن کان وڌيڪ هئا پوءِ (عذاب مهل) شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون. ته ڪا ڀڄڻ جي جاءِ آهي؟ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
بيشڪ ان ۾ وڏي نصيحت آهي ان لاءِ جنهن وٽ دل آهي يا ڪن لائي ٻڌي ٿو ۽ اهو حاضر (ذهن) آهي. (يعني پوري غور فڪر سان ٻڌڻ وارو آهي) |
وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو آهي، ۽ اسان کي ڪا ٿڪاوٽ به نه پهتي. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
پوءِ صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس تسبيح پڙهه سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان اڳ. |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ به سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ نمازن جي پٺيان به. |
وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
۽ ڪن لڳائي (ان ڏينهن جو حال) ٻُڌ ته جنهن ڏينهن هڪ سڏيندڙ ويجهي جاءِ کان سڏيندو. |
يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
جنهن ڏينهن ماڻهو سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اُهو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينهن هوندو. |
إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
بيشڪ اسان زنده رکون ٿا ۽ اسان ئي موت ڏيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي موٽڻ آهي. |
يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
جنهن ڏينهن زمين انهن تان ڦاٽي پوندي ته اُهي جلدي جلدي نڪري پوندا. اُهو گڏ ڪرڻ اسان تي آسان آهي. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي هُو چون ٿا تون انهن تي زور ڪرڻ وارو نه آهين. پوءِ قرآن جي ذريعي ان کي نصيحت ڪر جيڪو منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي ٿو. |