| ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
|
قٓ . قسم آهي قرآن مجيد جو |
| بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
|
بلڪ اهي (ڪفار) عجب ڪن ٿا جو انهن وٽ انهن مان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيو پوءِ ڪافرن چيو هي عجيب شيءِ آهي |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
|
ڇا جڏهن اسين مرنداسين ۽ مٽي ٿينداسين پوءِ وري زنده ٿينداسين؟ اهو موٽڻ بعيد آهي |
| قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
|
بيشڪ اسان کي معلوم آهي جيڪو ڪجھه انهن مان زمين کُٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ لوحِ محفوظ آهي |
| بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
|
بلڪ انهن حق کي ڪوڙو سمجھو جڏهن اهو انهن وٽ آيو، پوءِ اهي بي يقيني جي صورتحال ۾ آهن |
| أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
|
ڇا انهن پنهنجي مٿان آسمان کي نه ڏٺو جو ڪهڙيءَ طرح اسان اُن کي بنايو ۽ اُن کي سينگاريو ۽ اُن ۾ ڪو سوراخ ناهي |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
|
۽ زمين کي اسان پکيڙيو ۽ اسان اُن ۾ جبلن کي کوڙيو ۽ اُن ۾ اسان هر قسم جي خوبصورت ساوڪ پيدا ڪئي |
| تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
|
(انهن ۾) عبرت ۽ نصيحت آهي هر انهي ٻانهي لاءِ جيڪو رجوع ڪندڙ آهي |
| وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
|
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو مينهن وسايو، پوءِ اسان اُن مان باغ ۽ لاباري وارا اناج پيدا ڪيا |
| وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
|
۽ اسان ڊگھين کجين کي پيدا ڪيو جن جا ڇُڳا ترتيب سان آهن |
| رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
|
اهو ٻانهن لاءِ رزق آهي. ۽ اسان مينهن سان غيرآباد شهر کي آباد ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح (توهان کي قبرن مان) ڪڍيو ويندو |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
|
انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ رَسُ وارا ۽ ثَمُود |
| وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
|
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم |
| وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
|
۽ ايڪهه وارا ۽ قوم تُبَع جي انهن سڀني رسولن جي تڪذيب ڪئي پوءِ منهنجي عذاب جو وعدو سچو ٿيو |
| أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
|
ڇا پوءِ اسين پهرين مخلوق بنائي ٿڪجي پياسين، بلڪ اهي نئين سِر مخلوق جي پيدا ڪرڻ ۾ مشڪوڪ آهن |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تخليق ڪيو ۽ اسين ڄاڻون ٿا جيڪو وِسوِسو ان کي سندس نفس وجھي ٿو، اسين اُن کي سندس روح کان زياده قريب آهيون |
| إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
|
جڏهن ٻه ڪراماً ڪاتبين لکت ڪن ٿا، جيڪي انسان جي سڄي ۽ کٻي پاسي ويٺل آهن |
| ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
|
نٿو اُچاري اهو ڪا ڳالهه مگر وٽس نگران فرشتو موجود آهي |
| وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
|
۽ موت جي سڪرات حق سان ايندي، اِها اُها آهي جنهن کان تون (اي ٻڌندڙ) ڀڄندڙ هئين |
| وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
|
۽ صُور ڦوڪي ويندي، اهو آهي عذاب جو ڏينهن |
| وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
|
۽ هر جان ايندي اُن سان گڏ هڪ هڪليندڙ ۽ گواه هوندو |
| لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
|
بيشڪ تون ان کان غفلت ۾ هُئين پوءِ اسان تو تان تنهنجو پردو کوليو پوءِ اَڄُ تنهنجي نظر تيز آهي |
| وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
|
۽ ان سان گڏ رهندڙ ملائڪ چوندو هيءُ مون وٽ موجود آهي |
| أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
|
الله تعالى فرمائيندو توهان ٻئي جهنم ۾ وجھو هر انڪاري کي جيڪو سرڪش هجي |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
|
جيڪو خير کان روڪيندڙ حد کان وڌندڙ، شڪ ڪندڙ هجي |
| الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
|
جنهن الله تعالى سان گڏ ٻيا معبود بنايا پوءِ توهان ٻَئي اُن کي سخت عذاب ۾ وجھو |
| قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
|
اُن جو سنگتي (شيطان) چوندو اي اسان جا رب اسان هن کي گمراه نه ڪيو پر اهو پاڻ پري واري گمراهي ۾ هو |
| قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
|
الله تعالى فرمائيندو توهان جھڳڙو مون وٽ نه ڪريو ۽ بيشڪ مون پهريائين توهان کي ڊيڄاريو |
| ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
|
هِتي مون وٽ ڪا ڳالهه تبديل نه ٿيندي آهي ۽ نه آئون ٻانهن تي ظلم ڪندڙ آهيان |
| يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
|
قيامت جي ڏينهن اسين جهنم کي چونداسين ڇا تون ڀرجي وئين؟ ۽ اها چوندي ڇا ڪجھه زياده آهي |
| وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
|
۽ جنت پرهيزگارن کي ويجھي ڪئي ويندي (۽ اها) پري ڪا نه هوندي |
| هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
|
هيءُ اُها آهي جنهن جو وعدو هر هڪ رجوع ڪندڙ، حدن جي حفاظت ڪندڙن سان ڪجي ٿو |
| مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
|
جيڪو بنا ڏسڻ جي رحمان کان ڊنو ۽ اُن الله تعالى ڏانهن متوجه ٿيندڙ دل آندي |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
|
(حڪم ٿيندو) بهشت ۾ سلامتي سان داخل ٿيو، اهو ڏينهن هميشه وارو آهي |
| لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
|
انهن لاءِ جنت ۾ اهو هوندو جيڪو اهي چاهيندا ۽ اسان وٽ مزيد آهي |
| وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
|
۽ انهن (مڪه وارن) کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي قومون اسان هلاڪ ڪيون جيڪي پڪڙ ڪرڻ ۾ انهن کان وڌيڪ هئا پوءِ اُهي شهرن ۾ پنهنجي فائدي لاءِ خوب هليا، ڇا انهن لاءِ ڪا جاءِ پناه جي ٿي |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
|
بيشڪ انهي ۾ نصيحت آهي اُن ماڻهو لاءِ جيڪو دل رکي ٿو يا ڪَن لڳائي ٿو ۽ اهو ڌيان رکي ٿو |
| وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
|
۽ بيشڪ تحقيق اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪو ڪجھه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي اُهو ڇَهَنِ ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. ۽ اسان کي ڪا ٿڪاوٽ نه پهتي |
| فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان اُن تي صبر ڪريو جيڪو اهو چون ٿا ۽ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد ڪريو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ۽ سج لهڻ کان اڳ ۾ |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
|
۽ رات جو پوءِ اُن جي تسبيح پڙهو ۽ نماز کان پوءِ به تسبيح پڙهو |
| وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
|
۽ ڌِيان سان ٻُڌو ان ڏينهن جڏهن ويجھڙي جاءِ کان پڪاريندڙ (حضرت اسرافيل عليه السلام) پڪاريندو |
| يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
|
ان ڏينهن حق تي دانهون ٻُڌندا، اهو ڏينهن آهي قبرن کان نڪرڻ جو |
| إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
|
بيشڪ تحقيق اسين جياريون ٿا ۽ اسين ماريون ٿا ۽ اسان ڏانهن موٽڻ آهي |
| يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
|
اُن ڏينهن زمين ڦاٽي پوندي اُهي فوراً ان مان نڪرندا، اهو حشر (گڏ ڪرڻ) اسان لاءِ آسان آهي |
| نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
|
اسين وڌيڪ ڄاڻون ٿا جيڪو اهي ڳالهائن ٿا، ۽ رسولِ عربي توهان انهن تي سختي ڪندڙ ناهيو، پوءِ رسولِ عربي توهان اُن ماڻهوءَ کي قرآن ڪريم سان نصيحت ڪريو جيڪو منهنجي ناراضپي کان ڊڄي ٿو |