| ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
|
قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي. |
| بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
|
بلڪ ھن ڳالھ ڪري عجب ۾ پيا ته اُنھن وٽ اُنھن مان (ئي) ھڪ ڊيڄاريندڙ آيو ته پوءِ ڪافرن چيو ته ھي عجب ڳالھ آھي. |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
|
ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون، اھو وري جيئرو ٿيڻ (عقل کان) پري آھي. |
| قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
|
انھن مان جيڪي زمين گھٽائيندي آھي سو بيشڪ ڄاتو اٿون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت رکندڙ ڪتاب آھي. |
| بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
|
بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو ته اُن کي ڪوڙ ڄاتائون پوءِ اُھي منجھيل ڪم ۾ آھن. |
| أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
|
پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي تنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته اُن کي ڪيئن بڻايو اٿون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نه آھي. |
| وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
|
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل وڌاسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙين جنسن مان سَلّا ڄماياسون. |
| تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
|
سڀڪنھن ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ. |
| وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
|
۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون. |
| وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
|
۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن. |
| رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
|
ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي. |
| كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
|
کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو. |
| وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
|
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن. |
| وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
|
۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو. |
| أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
|
پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن. |
| وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
|
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون. |
| إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
|
جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن. |
| ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
|
ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي. |
| وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
|
۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين. |
| وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
|
۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي. |
| وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
|
۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو. |
| لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
|
(چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي. |
| وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
|
۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي. |
| أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
|
(چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو. |
| مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
|
(جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي. |
| الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
|
جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو. |
| قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
|
سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو. |
| قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
|
(الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم. |
| ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
|
نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان. |
| يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
|
جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟ |
| وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
|
۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري. |
| هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
|
(چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي. |
| مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
|
جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو. |
| ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
|
(چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي. |
| لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
|
جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي. |
| وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
|
۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون جي پڪڙ ۾ اُنھن کان به تمام ڏاڍا ھوا پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا (بچڻ جي) واھ آھي؟ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
|
بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ اُنھي لاءِ نصيحت آھي جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي. |
| وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
|
۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نه ٿيو. |
| فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
|
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر. |
| وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
|
۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ به. |
| وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
|
۽ (ھي ڳالھ) ٻُڌ ته جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو. |
| يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
|
جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينھن آھي. |
| إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
|
بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي. |
| يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
|
جنھن ڏينھن زمين انھن کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) تڪڙا وڃڻ وارا ھوندا، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي. |
| نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
|
جيڪي (ڪافر) چوندا آھن سو اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نه آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ. |