القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ قٓ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 45


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1)

ق_ سڳورو قرآن شاهد آهي.

بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2)

بلڪ هن ڳالهه ڪري عجب ۾ پيا، جو انهن وٽ منجهانئن هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، پوءِ ڪافرن چيو ته ”هيءَ عجيب ڳالهه آهي.

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3)

ڀلا جڏهن مرنداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون، تڏهن اهووري جيئرو ٿيڻ عقل کان پري!“

قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4)

مگر انهن مان جيڪي زمين گهٽائي ٿي، اسين اهو به ڄاڻون ٿا ۽ اسان وٽ هڪ سنڀاليل ڪتاب آهي.

بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5)

بلڪ جڏهن سچو دين وٽن آيو، ته ان کي ڪوڙ ڄاتائون، پوءِ اهي منجهيل ڪم ۾ آهن.

أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6)

پوءِ سندن مٿان جيڪو آسمان آهي، ان کي نٿا ڏسن، ته اُهو ڪيئن بنايو اٿئون؟ ۽ ان کي سينگاريو اٿئون ۽ ان ۾ ڪا به ڦوٽ ڪانهي.

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7)

۽ زمين کي پکيڙيوسون، منجهس جبل وڌاسون ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن وڻندڙ جنس مان سَلا ڄماياسون.

تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8)

سڀ ڪنهن (الله ڏي) موٽندڙ ٻانهي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ.

وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9)

۽ آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون، پوءِ انهيءَ سان باغ ۽ لُڻڻ واري پوک جو اَن ڪڍيوسين.

وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10)

۽ ڊگهيون کجيون؛ جن جا گوشا تهه بتهه ٿيل آهن.

رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11)

ٻانهن جي رزق لاءِ. ۽ ان (برسات) سان برباد ٿيل ڳوٺ کي آباد ڪيوسون- اهڙيءَ طرح (قبرن مان) نڪرڻ به آهي.

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12)

انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ رس (شهر) وارن ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙ ڀانيو.

وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13)

۽ عاد، فرعون، لوط جي ڀائرن،

وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14)

۽ اَيڪه وارن ۽ ”تبَع“ جي قوم. انهن سڀني رسولن کي ڪوڙ ڄاتو، انهن ڪري مٿن منهنجو عذاب لازم ٿيو.

أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15)

ڇا؛ اسين پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ ۾ ٿڪا هئاسون؟ پر اهي نئين پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16)

بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ سندس نفس جيڪو وسوسو وڌو، سو ڄاڻون ٿا- ۽ اسين ان ڏانهن سندس ساهه جي رڳ کان به ويجها آهيون.

إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17)

جڏهن ته ٻه لکندڙ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل لکندا آهن.

ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18)

جيڪا ڳالهه به (انسان) ڪري ٿو ان لاءِ وٽس هڪ نگهبان موجود آهي.

وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19)

۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي. (اي انسان) اها اُها آهي، جنهن کان پاسو ڪندو هئين.

وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20)

۽ ڏنڊ (صور) ڦوڪيو ويندو، اهو عذاب جي انجام جو ڏينهن آهي.

وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21)

۽ سڀڪو شخص ايندو، جو ان سان هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ شاهد هوندو.

لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22)

بيشڪ تون هن کان بي خبريءَ ۾ هئين، هاڻي توکان پردو ڪيوسون، تنهن ڪري اڄ تنهنجي نگاهه تکي آهي-

وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23)

سندس سنگتي چوندو ته ”جيڪي مون وٽ (لکيل)موجود هو، سو هي آهي.“

أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24)

(حڪم ٿيندو) ”اي ملائڪو! سڀ ڪنهن بي شڪر هٺيلي کي دوزخ ۾ وجهو.

مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25)

جو خير کان روڪيندڙ ۽ حد کان لنگهندڙ ۽ شڪي هو.

الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26)

جنهن الله سان ٻيو سائين ٺهرايو، اهڙي کي سخت عذاب ۾ وجهو.“

قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27)

سندس سنگتي چوندو ”اي منهنجا ڌڻي! مون ان کي گمراهه نه ڪيو هو، پر هو خود وڏي گمراهي ۾ پيل هو.“

قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28)

(الله) چوندو ”مون وٽ جهيڙو نه ڪريو، هن هوندي، جو بيشڪ اوهان ڏي عذاب جو وعدو اڳي موڪليو هوم-

ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29)

مون وٽ انجام ڦيرائبو نه آهي، نڪي آءُ ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان.“

يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30)

جنهن ڏينهن دوزخ کي چونداسون ته ”ڀريو آهين يانه؟“ چوندو ”آهي ڪجهه وڌيڪ اڃا؟“

وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31)

۽ بهشت نيڪن لاءِ سواءِ ڪنهن دوريءَ جي ڪبو،

هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32)

(چئبن ته) ”سڀ ڪنهن رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب سان نگاهه رکڻ واري لاءِ جيڪو اوهان کي انجام ڏبو هو، سو هيءُ آهي.

مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33)

جيڪو پرپٺ الله ٻاجهاري کان ڊنو ۽ ان ڏي موٽيل دل سان هو.“

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34)

(چئبن) ”انهي ۾ سلامتي سان گهڙو، اهو سدائين رهڻ جو ڏينهن آهي.“

لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35)

جيڪي چاهيندا، سو انهن لاءِ منجهس موجود آهي ۽ اسان وٽ وڌيڪ به آهي.

وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36)

۽ انهن کان اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون، جي وٺ پڪڙ ۾ انهن کان به تمام سخت هئا_ پوءِ شهرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا واهه آهي؟

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37)

بيشڪ هن ۾ انهي لاءِ نصيحت آهي، جنهن کي دل هجي، يا جيڪو پوري ڌيان سان ٻُڌي.

وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38)

آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جيڪي ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي آسمان ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اسان کي ڪو ٿڪ نه ٿيو.

فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39)

پوءِ ڪافر جيڪي چون ٿا تنهن تي صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي رب جي ساراهه پاڪائي سان بيان ڪر.

وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40)

ڪجهه رات جو ساراهه ڪر، ۽ نماز کان پوءِ به.

وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41)

۽ ٻُڌ، ته جنهن ڏينهن ويجهيءَ جاءِ کان سڏيندڙ سڏيندو.

يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42)

جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻُڌندا، بَس اهو ڏينهن (قبرن مان) ٻاهر نڪرڻ جو آهي.

إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43)

بيشڪ اسين جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏانهن موٽڻ آهي.

يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44)

جنهن ڏينهن انهن کان زمين ڦاٽندي ۽ هو تڪڙا وڃڻ وارا هوندا. اهو گڏ ڪرڻ اسان تي سولو آهي.

نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45)

جيڪي چون ٿا سو اسين ڄاڻون ٿا ۽ تون مٿن زبردستي ڪرڻ وارو ناهين_ پوءِ جيڪو منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي تنهن کي قرآن سان نصيحت ڪر.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025