القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 3 سُوۡرَۃُ قٓ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 45


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1)

ق قسم آهي قرآن مجيد جو .

بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2)

بلڪ عجب ۾ پيا ته آيو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ انهن مان پوءِ چيو ڪافرن ته هيءَ شيءِ عجيب آهي .

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3)

ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هونداسون مٽي اهو موٽڻ پرانهون آهي .

قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4)

تحقيق ڄاتو اسان اهو جيڪو گهٽائي ٿي زمين انهن مان ۽ اسان وٽ ڪتاب ياد رکندڙ آهي .

بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5)

بلڪ ڪوڙو چيائون حق کي جڏهن آيو انهن وٽ پوءِ اهي اڻ ثابت امر ۾ آهن .

أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6)

ڇا پوءِ نه ڏٺائون آسمان ڏانهن انهن جي مٿان ته ڪيئن ٺاهيو اسان ان کي ۽ سينگاريو اسان ان کي ناهي ان ۾ ڪو سوراخ .

وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7)

۽ زمين پکيڙيو اسان ان کي ۽ وڌا اسان ان ۾ وڏا وڏا جبل ۽ ڄمايو اسان ان ۾ هر قسم جي جنس مان تازا .

تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8)

۽ سمجهاڻي ۽ نصيحت انهي رجوع ڪندڙ جي لاءِ .

وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9)

۽ لاٿو اسان آسمان مان پاڻي برڪت وارو پوءِ ڄماياسون ان سان باغ ۽ داڻا پوک جا .

وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10)

۽ کجيون ڊگهي قد واريون جو انهن جا ڦر ڳتيل آهن .

رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11)

رزق ٻانهن جي لاءِ ۽ آباد ڪيوسون ان سان شهر برباد ٿيل اهڙي طرح نڪرڻ آهي.

كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12)

ڪوڙو چيو انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ رس وارن ۽ ثمود .

وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13)

۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن .

وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14)

۽ ايڪہ وارن ۽ تبع جي قوم سڀني ڪوڙو چيو رسولن کي پوءِ ثابت ٿيو منهنجي عذاب وارو وعدو .

أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15)

ڇا پوءِ اسين ٿڪجي پياسون پهرئين پيدا ڪرڻ سان بلڪ اهي شبهي ۾ آهن نئين پيدا ڪرڻ جي ۾ .

وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16)

۽ البته تحقيق پيدا ڪيو اسان انسان کي ۽ ڄاڻون ٿا اهو جو وسوسو وجهي ٿو ان سان ان جو نفس ۽ اسين ويجها آهيون ان ڏانهن (ان جي) ساهه واري رڳ کان .

إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17)

جڏهن وٺن ٿا ٻه وٺندڙ سڄي ۽ کٻي کان وهندڙ .

ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18)

نه ٿو ڪڍي (زبان مان) ڪا ڳالهه مگر ان وٽ نگهبان تيار هوندو آهي .

وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19)

۽ ايندي موت جي سڪرات حق سان اها آهي جو ان کان ڀڄندو هئين .

وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20)

۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ اهو عذاب جي وعدي جو ڏينهن آهي .

وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21)

۽ ايندو هر نفس ان سان گڏ هڪليندڙ ۽ شاهد آهي .

لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22)

البته تحقيق هئين تو غفلت ۾ هن کان پوءِ کوليو اسان تو تان تنهنجو پردو پوءِ اک تنهنجي اڄ تيز آهي .

وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23)

۽ چيو ساٿيءَ ان جي هي اهو آهي جيڪو مون وٽ حاضر آهي .

أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24)

اڇلايو جهنم ۾ هر ڪافر سر ڪش کي .

مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25)

روڪيندوڙ چڱائيءَ کان حد کان لنگهندڙ شڪ ڪندڙ .

الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26)

اهو جنهن بنايو الله سان گڏ معبود ٻيو پوءِ اڇلايو ان کي عذاب سخت ۾ .

قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27)

چيو ساٿي ان جي اي اسان جا رب! نه سرڪش بنايو مون ان کي ۽ پر هو گمراهيءَ پرانهينءَ ۾ .

قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28)

فرمايائين ته نه جهيڙو ڪيو مون وٽ ۽ تحقيق اڳي موڪليو مون اوهان ڏانهن وعدو عذاب وارو .

ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29)

نه ٿو مٽايو وڃي قول مون وٽ ۽ ناهيان مان ظلم ڪندڙ ٻانهن جي لاءِ .

يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30)

ان ڏينهن چونداسون جهنم کي ڇا ڀرجي وئين تون؟ ۽ چوندو ڇا ڪجهه زياده آهي؟ .

وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31)

۽ ويجهي آندي ويندي جنت پرهيزگارن جي لاءِ نه پري هوندڙ .

هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32)

هي اهو آهي جو وعدو ڏنا ويا هيئو هر رجوع ڪندڙ، حفاظت ڪندڙ جي لاءِ .

مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33)

جيڪو ڊڄي ٿو رحمٰن کان اڻ ڏٺو ۽ آندائين دل ورندڙ .

ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34)

داخل ٿيو ان ۾ سلام سان اهو هميشہ رهڻ جو ڏينهن آهي .

لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35)

انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪو گهرندا ان ۾ ۽ اسان وٽ وڌيڪ آهي.

وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36)

۽ ڪيتريون هلاڪ ڪيو اسان انهن کان اڳي جماعتون جو اهي سخت هيون انهن کان پڪڙڻ ۾ پوءِ جاچ ڪيائون شهرن ۾ ته ڪا ڀڄڻ جي جاءِ آهي؟ .

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37)

بيشڪ ان ۾ البته نصيحت آهي ان جي لاءِ جو آهي ان کي دل يا لڳائي ڪن ۽ اهو پورو متوجہ آهي .

وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38)

۽ البته تحقيق پيدا ڪيا اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ ۽ نه پهتو اسان کي ڪو ٿڪ .

فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39)

پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪي چون ٿا ۽ تسبيح پڙهه پنهنجي رب جي حمد سان سج جي اڀرڻ کان اڳي ۽ (سج) لهڻ کان اڳي .

وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40)

۽ رات جو پوءِ ان جي تسبيح پڙهه ۽ نمازن کان بعد .

وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41)

۽ ٻڌ ان ڏينهن جو سڏيندو سڏيندڙ جاءِ ويجهيءَ کان .

يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42)

جنهن ڏينهن ٻڌندا ڪڙڪيدار آواز حق سان اهو ڏينهن نڪرڻ جو آهي .

إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43)

بيشڪ اسين ئي زندهه ڪيون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏانهن ئي موٽڻ آهي .

يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44)

جنهن ڏينهن ڦاٽندي زمين انهن کان تڪڙ ڪندڙ (ٿي نڪرندا) اهو اٿارڻ اسان لاءِ آسان آهي .

نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45)

اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون ان کي جيڪو چون ٿا ۽ ناهين تون انهن تي سختي ڪندڙ پوءِ نصيحت ڪر قرآن سان ان کي جو ڊڄي ٿو عذاب واري منهنجي وعدي کان .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025