ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
قاف ــ قسم آهي قرآن مجيد جو. |
بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
ماڻهن کي (اِن ڳالهه تي) حيرت ٿئي ٿي ته وٽن انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي. ڪافرن چيو ته هي ته (صفا) عجيب معاملو آهي. |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
ڇا اسان مري مِٽي ٿي وينداسين (پوءِ اسان کي ٻيھر جيئرو ڪيو ويندو) اها ڳالهه ته (اسان جي) سمجهه کان ٻاهر آهي. |
قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
بيشڪ اسان کي معلوم آهي جيڪو ڪجهه ( انهن مري ويلن مان) زمين گهٽائي ٿي (يعني جن جي جسمن کي مٽي ڪري ختم ڪري ڇڏي ٿي) اسان وٽ هڪ ڪتاب (يعني دفتر) آهي جنهن ۾ سڀ محفوظ آهي. |
بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
جڏهن (به) انهن وٽ حق آيو ته انهن اُن کي ڪوڙو ڪيو. تنھنڪري هو مونجهاري ۾ (پيل) آهن. |
أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
ڇا ڀلا انهن ماڻهن پنھنجي مٿان آسمان کي نه ڏٺو آهي ته اسان اُن کي ڪيئن ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ (ڪوبه) ڏار وغيره پيل نه آهي؟ |
وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
۽ اسان زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ جبل کوڙيا ۽ ان ئي زمين مان هر قسم جا خوبصورت سَلا ڪڍيا. |
تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
هي سڀ (شيون) الله تعالى ڏي موٽ کائيندڙ ٻانهي جون اکيون کولڻ ۽ نصيحت وٺڻ لاءِ ئي آهن. |
وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
۽ اسان آسمان مان برڪت ڀريو پاڻي نازل ڪيو. پوءِ ان جي ذريعي باغ ۽ اناج وارا فصل پيدا ڪيا. |
وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
ڊگها کجيءَ جا وڻ (به پيدا ڪيا) جن جا ڇُڳا هڪ ٻئي جي مٿان چڙهيل هوندا آهن. |
رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
(اِهي سڀ شيون) ٻانهن جي لاءِ رزق طور آهن ۽ اسان اُن پاڻي جي ذريعي غيرآباد علائقي کي به آباد ڪيو . تنهنڪري قبرن مان (مري ويلن جو به) اهڙي طرح نڪرڻ ٿيندو. |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
انهن کان اڳ نوح ($) جي قوم، کوهه وارن ۽ ثمود قوم به ڪوڙو ڪيو هو. |
وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
۽ عاد قوم، فرعون ۽ لوط ($) جي برادري (به ڪوڙو ڪيو) |
وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
(اهڙي طرح) ايڪه وارن ۽ تبع قوم، انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ انهن جي مٿان عذاب نازل ٿيو. |
أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
ڇا اسان پھريون ڀيرو پيدا ڪرڻ کان بي وس هئاسين؟ (اصل ۾) هي ماڻهو نئين سر پيدا ڪرڻ جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
اسان ئي انسان کي پيدا ڪيو آهي (سو) سندس دل ۾ پيدا ٿيندڙ وسوسن کان اسان ئي واقف آهيون ۽ اسان ته ان جي ساهه واري رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون. |
إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
جڏهن ته ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل ٻه فرشتا (به) ان جي هر عمل کي لکي رهيا آهن. |
ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
وات مان لفظ ڪڍڻ کان اڳ ئي محفوظ ڪرڻ وارو (هڪ فرشتو) موجود هوندو آهي. |
وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
جڏهن مٿس موت جي بيهوشي ايندي آهي (ته اسان کيس چوندا آهيون ته) اِها اٿئي اُها شيءِ جنھن کان تون ٽهندو هئين. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ (کيس چيو ويندو ته) اهوئي انجام جو ڏينھن آهي. |
وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
ان ڏينھن (اسان وٽ) حاضر ٿيندڙ هر هڪ ماڻهوءَ سان هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ گواهه به گڏ هوندو. |
لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
بيشڪ تون (دنيا ۾) هن شيءِ کان غفلت ۾ پيل هئين. پوءِ جيئن ئي تنھنجي مٿان غفلت جو پردو هٽايو ويو ته تنھنجي نظر ڏاڍي تيز ٿي وئي. (هاڻي توکي هر شيءِ اصل حالت ۾ نظر اچڻ لڳي آهي) |
وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
پوءِ (هڪليندڙ) ساٿي چوندو ته هي آهي (روزنامچو) جيڪو منهنجي حوالي هو، سو حاضر آهي. |
أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
(فيصلي ٿيڻ کان پوءِ ٻن ٻين فرشتن کي حڪم ٿيندو ته) هر ان ڪَٽي ڪافر کي جھنم ۾ اڇليو جيڪو وڏو سرڪش هو. |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
سٺن ڪمن کي روڪڻ وارو، حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪندڙ هو. |
الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
جنهن، الله تعالى کان سواءِ ٻيا معبود ٺاهيا هئا. هن کي سخت عذاب ۾ اڇليوس. |
قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
سندس (دنيا جو شيطان صفت) ساٿي چوندو ته اي اسان جا پالڻھار! مون هن کي باغي نه بنايو هو. بلڪه هي ته خود ئي وڏي گمراهيءَ ۾ پيل هو. |
قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
(الله تعالى) فرمائيندو ته منھنجي اڳيان جهيڙو نه ڪريو مان توهان کي اڳ ۾ ئي بري انجام کان خبردار ڪري چڪو هوس. |
ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
منھنجي ڳالهه تبديل نه ٿيندي آهي ۽ مان ٻانهن تي ذري برابر به ظلم نه ڪندو آهيان. |
يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
ان ڏينھن اسان جھنم کان پڇنداسين ته ڇا تون ڀرجي وئي آهين؟ هو (جواب ۾) چوندي ته ڇا اڃا وڌيڪ آهن؟ |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ جنت کي ويجهو آندو ويندو جيڪا گهڻو پري نه هوندي. |
هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
(پرهيزگارن کي چيو ويندو ته) هي آهي اُها جنت جنھن جو هر ان شخص سان وعدو ڪيو ويندو هو، جيڪو رجوع ڪندڙ ۽ دين جي حفاظت ڪندڙ هو. |
مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
جيڪو پر پُٺ پنھنجي رحمان کان ڊڄندو هو ۽ توبہ ڪندڙ دل سان حاضر ٿيو. |
ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
(کيس چيو ويندو ته) سلامتي سان (جنت ۾) داخل ٿي وڃو. هي هميشه رهڻ وارو ڏينھن آهي. |
لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
اُن جنت ۾ هو جيڪو چاهيندا سڀ ڪجهه موجود هوندو ۽ اسان وٽ (انهن جي سوچ کان) اڃا به وڌيڪ آهي. |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
۽ اسان هِنن کان اڳ ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري چڪا آهيون جيڪي انهن کان گهڻو طاقتور هيون. پوءِ هُنن (عذاب کان بچڻ لاءِ) شھرن ۾ وڏا وَس ڪيا (هئا) ڇا کين ڪا پناهه جي جاءِ ملي سگهي؟ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
انهن ڳالهين ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ نصيحت آهي جنھن جي (سيني ۾) دل موجود هجي يا هو ڪَنُ لائي ڳالهه کي ٻڌي. |
وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
۽ اسان آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي ڇهن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو ۽ (اسان کي انهن جي ٺاهڻ ۾) ڪابه ٿڪاوٽ نه ٿي. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
(اي نبي ﷺ!) انهن ماڻهن جي ڳالهين تي صبر ڪر. ۽ صبح سويري ۽ شام جو پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح بيان ڪندو رهه. |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
رات جي وقت به ۽ هر نماز کان پوءِ به ان جي تسبيح جاري رک. |
وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
۽ غور سان ٻُڌ! جڏهن هڪ سڏيندڙ هر شخص کي صفا ويجهو کان سڏيندو. |
يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
ان ڏينھن سڀ ماڻهو سخت رَڙِ جو آواز ٻڌندا. اهوئي قبرن مان جيئرو ٿي نڪرڻ جو ڏينھن هوندو. |
إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
بيشڪ اسان ئي جياريون ٿا ۽ اسان ئي ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي سڀني جو موٽڻ ٿيندو. |
يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
جڏهن زمين ڦاٽندي ته سڀ ان مان ڊوڙندا ٻاهر نڪري ايندا. سڀني جو گڏ ڪرڻ اسان لاءِ آسان آهي. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
هي ماڻهو جيڪو ڪجهه چون ٿا اسان کي سڀ خبر آهي (بھرحال) تون انهن تي زور زبردستي ڪرڻ وارو نه آهين. بس! تون هر ان شخص کي قرآن جي ذريعي نصيحت ڪندو رهه جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي ٿو. |