ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
ق، قسم آهي قرآن مجيد جو |
بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
پر انهن ماڻهن کي عجب ٿيو آهي ته (اي پيغمبر!) تون خبردار ڪرڻ وارو انهن مان ئي وٽن آيو آهين، پوءِ چوڻ لڳا منڪر، هي ته ڳالهه ئي عجب جهڙي آهي |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
ڇا جڏهن مري مٽي ٿي وينداسين (ته ٻيهر موٽايا وينداسين؟) اهو موٽڻ ته عقل کان پري آهي |
قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
جڏهن ته اسان کي اهو معلوم آهي جيڪي کائيندي آهي زمين انهن جي جسم مان، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀڪجهه محفوظ آهي |
بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
پر انهن ڪوڙو چيو جڏهن حق آيو انهن وٽ، هاڻي انهيءَ سببان اهي پيل آهن وڏي مونجهاري ۾ |
أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
چڱو، پوءِ ڇا نه ڏٺو آهي انهن ان آسمان کي جيڪو سندن مٿان آهي؟ ته ڪهڙيءَ طرح اسان ان کي ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي ڪا ڦوٽ (رخنو) ناهي |
وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
۽ زمين کي وڇايوسين ۽ اسان ان ۾ جبل کوڙيا ۽ ان ۾ هر قسم جي نباتات کي ڄمايوسين جيڪا نهايت وڻندڙ آهي |
تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
اهي سڀ شيون اکيون پٽڻ ۽ سبق ڏيارڻ واريون آهن هر ان ٻانهي لاءِ جيڪو حق ڏي موٽي |
وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
۽ لاٿوسين آسمان مان پاڻي برڪت وارو، پوءِ اپاياسين ان مان باغ ۽ ڪَٽڻ (لڻڻ) واري پوک |
وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
۽ ڄماياسين اوچا کجين جا وڻ، جن تي ميون سان سٿيل گوشا تهن مٿان تهه هوندا آهن |
رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
اهو رزق آهي ٻانهن جي لاءِ، ۽ زنده ڪندا آهيون پاڻيءَ سان مرده زمين کي، (مئل انسانن جو زمين مان نڪرڻ) ساڳيءَ طرح هوندو |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
ڪوڙو ڄاتو هو ان کان اڳي قوم نوح وارن ۽ رس وارن (پراڻي کوهه وارن) ۽ ثمود (وارن) |
وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
۽ عاد (وارن) ۽ فرعون (وارن) ۽ لوط جي ڀائرن (به) |
وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ ايڪه (ٻيلي وارن)، به ۽ قوم تبع (وارن) به، سڀني ڪوڙو ڪيو (پنهنجي) رسولن کي، آخرڪار انهن تي عذاب لازم ٿيو |
أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
ڇا اسان عاجز هئاسين خلقڻ کان پهريون ڀيرو؟ پر اهي ماڻهو شڪ ۾ پيل آهن نئين سر خلقڻ کان |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
۽ اسان پيدا ڪيو آهي انسان کي ۽ ڄاڻون ٿا انهن وسوسن کي جيڪي اُٿن ٿا ان جي دل ۾، ۽ اسان بلڪل ويجها آهيون ان کي ان جي ساهه جي رڳ کان به |
إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
(اسان جي سڌي سنئين علم کان سواءِ به) ٻه لکندڙ موجود آهن ان جي ساڄي ۽ ان جي کاٻي پاسي، هر شيءِ لکن پيا |
ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
ڪابه ڳالهه سندس زبان مان مس ٿي نڪري، ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ کڙو تڙو نگهبان موجود آهي |
وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
پوءِ ڏسو ته اها سختي موت جي حق کڻي پهتي، هي اها ئي شيءِ آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
۽ ڦوڪي وئي صور، هي اهو ئي ڏينهن آهي جنهن کان توکي ڊپ ڏياريو ويندو هو |
وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
۽ اچي ويو آهي هر شخص ان حال ۾ جو ان سان گڏ هڪ هڪليندڙ آهي ۽ هڪ شاهدي ڏيندڙ |
لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
تون ته ان ڳالهه کان غفلت ۾ هئين جو اهو پردو ئي اسان هٽائي ڇڏيو جيڪو تنهنجي اڳيان پيل هو، تنهنجي نظر اڄ بلڪل تيز آهي |
وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
۽ چيو تنهنجي ساٿي، حاضر آهي هي جيڪو منهنجي حوالي ڪيو ويو هو |
أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
حڪم ڏنو ويو، اڇليو وڃي دوزخ ۾ هر ان ڪٽي ڪافر کي جيڪو حق سان بغض رکندو هو |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
جيڪو روڪيندو هو خير کي حد کان وڌندڙ شڪ ۾ پيل هو |
الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
۽ بڻايو هو ان ڪنهن ٻئي کي الله کان سواءِ خدا، اڇليوس ان کي ان عذاب ۾ جيڪو تمام سخت آهي |
قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
چيو ان جي ساٿي، اي منهنجا رب! مون ان کي گمراهه نه ڪيو هو، پر اهو پاڻ ئي وڏي گمراهي ۾ پيل هو |
قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
(جواب ۾) ارشاد ٿيو، منهنجي حضور ۾ جهيڙو نه ڪريو ۽ مون ته توهان کي بري پڄاڻي کان خبردار ڪيو هو |
ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
نه مون وٽ تبديل ٿيندي آهي ڪا ڳالهه ۽ نه وري آئون پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان |
يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
ان ڏينهن اسان دوزخ کان پڇنداسين، ڇا تون ڀرجي وئين؟ ۽ هوءَ چوندي، ڇا ٻيو ڪجهه اڃا آهي؟ |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
۽ ويجهو ڪبو بهشت کي پرهيزگارن جي، اهو ڪجهه به پري نه هوندو |
هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
(ارشاد ٿيندو) هي آهي اها شيءِ جنهن جو توهان سان انجام ڪيل هو هر ان شخص لاءِ جيڪو رجوع ڪندڙ هو |
مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
جيڪو اڻ ڏٺي رحمٰن کان ڊڄندو هو ۽ جيڪو (الله ڏانهن) رجوع ٿيل دل سان آيو آهي |
ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
بهشت ۾ داخل ٿيو سلامتيءَ سان، اهو ڏينهن سدائين واري حياتيءَ جو ڏينهن هوندو |
لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
انهن لاءِ اتي اهو سڀڪجهه هوندو جيڪي اهي گهرندا ۽ اسان وٽ انهن لاءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
۽ هلاڪ ڪيو آهي انهن کان اڳي اسان ڪيترين ئي قومن کي جيڪي انهن کان وڌيڪ سگهاريون هيون ۽ لتاڙيو هو انهن دنيا جي ملڪن کي، پوءِ ڇا اهي ڪا پناهه جي جاءِ ڏسي سگهيا؟ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
بيشڪ انهيءَ تاريخي ذڪر ۾ عبرت جو ان شخص لاءِ سبق آهي جيڪو دل رکندو هجي يا جيڪو توجهه سان ڪن ڏئي اها ڳالهه ٻڌي |
وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
۽ اسان پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ ان جي وچ ۾ سمورين شين کي ڇهن ڏينهن ۾ ۽ اسان کي ڪابه ٿڪاوٽ نه ٿي |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي ماڻهو چون ٿا ۽ ڪندو رهه حمد سان گڏ پنهنجي رب جي تسبيح سج اڀرڻ کان اڳي ۽ سج لٿي کان پوءِ |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
۽ ڪندو رهه رات جو ان جي تسبيح ۽ واندو ٿيڻ سجدن (نماز) کان پوءِ به |
وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
۽ ٻڌ جنهن ڏينهن سڏيندو منادي ڪرڻ وارو (هر شخص کي) ويجهي کان ئي سڏيندو |
يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
جنهن ڏينهن ٻڌي رهيا هوندا سڀ ماڻهو حشر جي آواز کي، اهو ڏينهن زمين مان مُردن جي نڪرڻ جو هوندو |
إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
بيشڪ اسان ئي حياتي ۽ موت ڏيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي |
يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
جنهن ڏينهن ڦاٽندي زمين ۽ ماڻهو ان مان نڪري ڊوڙندا اهو حشر اسان لاءِ سولو آهي |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
(اي نبي!) معلوم آهي جيڪي اهي ماڻهو ڳالهيون ٺاهن پيا، انهن کي اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا، تنهنجو ڪم انهن کي زوري مڃرائڻ ناهي، بس تون نصيحت ڪر هن قرآن سان هر ان شخص کي، جيڪو ڊڄي منهنجي هن تنبيهه کان |