يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! لڳايل بندشن جي پوريءَ طرح پوئواري ڪريو، توهان لاءِ چوپائي مال وارا سڀئي جانور حلال ڪيا ويا آهن، سواءِ انهن جي جيڪي اڳتي هلي بيان ڪبا، پر احرام جي حالت ۾ شڪار کي پاڻ لاءِ حلال نه ڪريو. بيشڪ الله جيڪو وڻيس سو حڪم ڏئي ٿو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ! الله جي عبادت جي نشانين جي ۽ عزت وارن مهينن جي بي حرمتي نه ڪريو. ۽ نه قربانيءَ جي جانورن سان هٿ چراند ڪريو ۽ نه انهن جانورن ۾ هٿ وجهو جن جي ڳچين ۾ الله لاءِ باسيل هجڻ جي نشانيءَ طور پٽا وڌل آهن، نه وري انهن ماڻهن کي ستايو، جيڪي پنهنجي رب جي فضل ۽ سندس رضا حاصل ڪرڻ لاءِ عزت واري گهر (ڪعبي) ڏانهن وڃي رهيا هجن. جڏهن احرام لاهيو ته پوءِ ڀلي شڪار ڪريو ۽ ائين نه ٿئي ته هڪڙي ٽولي جو توهان لاءِ مسجد حرام جو رستو بند ڪيو آهي ته ان تي توهان جي ڪاوڙ توهان کي ايترو تاءُ ڏياري جو توهان به سندن مقابلي ۾ ليڪا لنگهي وڃو. نه نه، جيڪي ڪم نيڪيءَ ۽ خدا ترسيءَ جا آهن، انهن ۾ سڀ ڪنهن جي مدد ڪريو ۽ جيڪي گناهه ۽ ڏاڍائيءَ جا ڪم آهن، انهن ۾ ڪنهن کي به مدد نه ڏيو. الله کان ڊڄو، ان جي سزا ڏاڍي سخت آهي |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
توهان تي حرام ڪيا ويا مردار، رت، سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جيڪو الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي نالي تي ڪٺو ويو هجي ۽ جيڪو گــُـهــِـٽجي يا ڌڪ لڳڻ سبب يا مٿان ڪري يا ٽــَـڪـَـر لڳڻ ڪري مئو هجي يا جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور کاڌو هجي. سواءِ اُن جي جنهن کي مرڻ کان اڳ توهان ڪهي ورتو هجي ۽ جيڪو ڪنهن آستاني تي ڪــُـٺو ويو هجي. اهو پڻ توهان لاءِ جائز نه آهي ته ڍارو وجهي قسمت معلوم ڪريو. اهي سڀئي گناهه جا ڪم آهن. اڄ ڪافر توهان جي دين کان پوريءَ طرح مايوس ٿي چڪا آهن، تنهنڪري کانئن نه ڊڄو بلڪه مون کان ڊڄو. اڄ مان توهان جو دين توهان لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت توهان تي توڙ رسائي ڇڏي ۽ توهان لاءِ اسلام کي توهانجي دين طور پسند ڪري ڇڏيم. پر جيڪو شخص بک کان لاچار ٿي انهن مان ڪا شيءِ کائي ويهي، سواءِ ان جي جو گناهه ڏانهن ڪو لاڙو هجيس، ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
ماڻهو توکان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي، ٻڌائين ته سموريون پاڪ شيون توهان لاءِ حلال ڪيل آهن ۽ جن شڪار ڪندڙ جانورن کي توهان هيرايو هجي، جن کي الله جي ڏنل علم موجب توهان شڪار جي سکيا ڏيندا آهيو، اهي جنهن جانور کي توهان لاءِ پڪڙين ان کي به توهان کائي سگهو ٿا، البته ان تي الله جو نالو وٺندا ڪريو ۽ الله جو قانون ٽوڙڻ کان ڊڄو، الله کي حساب وٺڻ ۾ دير نه لڳندي آهي |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ توهان لاءِ سموريون پاڪ شيون حلال ڪيون ويون آهن. اهل ڪتاب جو کاڌو پڻ توهان لاءِ حلال آهي ۽ توهان جو کاڌو انهن لاءِ ۽ حفاظت ۾ رکيل (پاڪدامن) عورتون به توهان لاءِ حلال آهن، پوءِ اهي مؤمنياڻين مان هجن توڙي انهن منجهان جن کي توهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هو پر ان شرط تي ته توهان سندن مهر ادا ڪري نڪاح ڪري سندن محافظ بڻجو ۽ ائين نه جو ڇڙواڳيءَ سان وتو شهوت پوري ڪندا يا لڪ چوريءَ ناتا ڳنڍيندا ۽ جنهن به ايمان واري روش تي هلڻ کان انڪار ڪيو، تنهن جي سڄي محنت برباد ٿي وئي ۽ آخرت ۾ ته هو صفا نقصان وارو هوندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان نماز لاءِ اُٿو ته پنهنجا منهن ۽ ٺوٺين تائين هٿ ڌوئو، مٿن تي مــَـکَ ڪريو ۽ پير ڀيڏين تائين ڌوئيندا ڪريو. جيڪڏهن تــَـڙُ هجيوَ ته وهنجي پاڪ ٿيو پر جيڪڏهن بيمار آهيو يا سفر ۾ آهيو يا توهان مان ڪو ماڻهو ڪاڪوس کان ٿي اچي يا توهان زالن کي هٿ لاتو هجي (همبستر ٿيا هجو) ۽ پاڻي نه لڀيوَ ته پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو پنهنجي منهن ۽ هٿن تي مسح ڪريو. الله نٿو گهري ته توهان تي ڪا تنگي پئي پر هو چاهي ٿو ته توهان کي پاڪ ڪري ۽ پنهنجي نعمت توهان تي توڙ رسائي، مــَـن توهان شڪرانا ادا ڪريو |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
الله توهان کي جيڪا نعمت عطا ڪئي آهي، تنهن جو خيال ڪريو ۽ انهيءَ پڪي عهد اقرار کي نه وساريو، جيڪو هــُـن توهان کان ورتو آهي. يعني توهان جو اهو قول ته "اسان ٻڌوسون ۽ تابعداري قبول ڪئي سون". الله کان ڊڄو. الله ته دلين جا ڳجهه به ڄاڻندو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! الله ڪارڻ سچ تي ڄمي بيهندڙ ۽ انصاف واري شاهدي ڏيندڙ بڻجي وڃو. ڪنهن قوم جي دشمني توهان کي ايترو نه ڀڙڪائي ڇڏي جو انصاف کان هٽي وڃو. عدل ڪريو، اهو خدا ترسيءَ جي تمام ويجهڙو اٿوَ، الله کان ڊڄي هلندا ڪريو. جيڪي به توهان ڪيو ٿا، الله تنهن کان پوريءَ طرح واقف آهي |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، الله جو انهن سان وعدو آهي ته سندن خطائون بخشيون وينديون ۽ کين وڏو اجر ملندو |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
باقي جيڪي ڪفر ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيندا، اهي دوزخ ۾ پوڻ وارا آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! الله جي انهيءَ احسان کي ياد ڪريو، جيڪو هن (تازو) توهان تي ڪيو آهي، جڏهن جو هڪڙي ٽولي توهان سان هٿ اٽڪائڻ جو ارادو ڪيو هو پر الله سندن هٿن کي توهان تي کڄڻ کان جهلي ورتو. الله کان ڊڄي گذاريو، ايمان وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
الله بني اسرائيل کان پڪو وعدو ورتو هو ۽ منجهن ٻارنهن سردار مقرر ڪيا هئائين ۽ کين چيو هئائين ته "مان توهان سان گڏ آهيان، جيڪڏهن توهان نماز قائم رکي ۽ زڪواة ڏني ۽ منهنجي رسولن کي مڃيو ۽ سندن مدد ڪئي ۽ الله کي سهڻو قرض ڏيندا رهيؤ ته پڪ ڄاڻو ته مان توهانجون مدايون توهان کان ميٽي ڇڏيندس ۽ توهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، پر پوءِ توهان مان جنهن به ڪفر جي روش اختيار ڪئي تنهن حقيقت ۾ سڌي رستي کي هٿان وڃائي ڇڏيو" |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ اهو سندن عهد ٽوڙڻ جي ڪري ئي هو جو اسان کين پنهنجي رحمت کان پري اڇلائي ڇڏيو ۽ سندن دلين کي سخت بڻائي ڇڏيوسون، هاڻي حالت اها اٿن جو لفظن کي ڦيرائي گهيرائي ڳالهه کي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن ڪن ٿا ۽ جيڪا تعليم کين ڏني وئي هئي، سا گهڻي ڀاڱي وساري ويٺا آهن ۽ ڪو ڏينهن خالي ناهي جو توکي سندن ڪنهن نه ڪنهن خيانت جي خبر پوندي رهي ٿي ۽ انهيءَ عيب کان منجهانئن ڪي تمام ٿورا بچيل آهن (پوءِ جڏهن حالت اها اٿن ته جيڪي به شرارتون اهي ڪن سي ته کانئن ٿيڻيون ئي آهن) تنهنڪري کين معاف ڪري ڇڏ ۽ سندن حرڪتن کي نظرانداز ڪري ڇڏ، الله اهڙن ماڻهن کي ئي پسند ڪندو آهي، جيڪي احسان ڪن ٿا |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن کان به پڪو وعدو ورتو هو جن چيو هو ته، "اسان نصاريٰ آهيون" پر انهن کي به جيڪو سبق ياد ڪرايو ويو هو، تنهن جو وڏو حصو انهن وساري ڇڏيو. نيٺ اسان سندن وچ ۾ قيامت تائين دشمنيءَ ۽ پاڻ ۾ بغض ۽ ساڙ جو ٻـج پوکي ڇڏيو ۽ ضرور ڪو وقت ايندو، جڏهن الله کين ٻڌائيندو ته هو دنيا ۾ ڇا ڇا پئي گهڙيندا رهيا آهن |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي اهل ڪتاب! اسان جو رسول توهان وٽ اچي ويو آهي، جيڪو الله جي ڪتاب جون گهڻيون ئي اهي ڳالهيون توهان جي آڏو پڌريون ڪري رهيو آهي، جن کي توهان لڪائي ڇڏيندا هيؤ ۽ توهان جي گهڻين ئي ڳالهين کي نظرانداز به ڪري ڇڏي ٿو. توهان وٽ الله وٽان روشني ۽ هڪ اهڙو حق کي کولي پڌرو ڪري ڇڏيندڙ ڪتاب (قرآن) اچي ويو آهي |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
جنهن جي وسيلي الله انهن ماڻهن کي جيڪي سندس رضا جا طالبو آهن، سلامتيءَ جا رستا ٿو ڏَسي ۽ پنهنجي حڪم سان کين اونداهين مان ڪڍي سوجهري ڏانهن ٿو آڻي ۽ سنئينءَ واٽ ڏانهن سندن رهنمائي ڪري ٿو |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
بيشڪ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته مسيح پٽ مريم ئي ته الله آهي. اي نبي! چوين ته جيڪڏهن الله مسيح پٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ ۽ سمورن زمين وارن کي ناس ڪرڻ چاهي ته ڪنهن جي مجال آهي جو کيس ان ڳالهه کان روڪي سگهي؟ الله ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي، جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن، جيڪي وڻيس سو پيدا ڪري ٿو، هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
يهودي ۽ نصاريٰ چون ٿا ته اسان الله جا پٽ ۽ سندس دادلا آهيون. پڇين ته پوءِ هو توهان کي توهان جي گناهن تي سزا ڇو ٿو ڏئي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته توهان به اهڙائي انسان آهيو، جهڙا ٻيا انسان الله خلقيا آهن. هو جنهن کي وڻيس معاف ٿو ڪري ۽ جنهن کي گهري سزا ٿو ڏئي. آسمان ۽ زمين ۽ سندن وچ ۾ جيڪي به آهي، الله جي ملڪيت آهن ۽ ڏانهس ئي سڀني کي هلڻو آهي |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي اهلِ ڪتاب، اسان جو اهو رسول اهڙي وقت توهان وٽ آيو آهي ۽ دين جي چٽي تعليم پيو ٿو توهان کي ڏئي، جڏهن جو رسولن جو اچڻ ڪنهن عرصي کان وٺي بند هو ته جيئن توهان ائين نه چئو ته اسان وٽ ته ڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو ئي ڪونه هو، سو هاڻي اهو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اچي ويو اٿوَ، ۽ الله هر شيءِ تي وس وارو آهي |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته "اي منهنجي قوم وارؤ! الله جي انهيءَ نعمت کي ياد ڪريو جيڪا هن توهان کي عطا ڪئي هئي. هن توهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي حاڪم بڻايائين ۽ توهان کي اهو ڪجهه ڏنائين جيڪو دنيا ۾ ڪنهن کي به نه ڏنو هئائين |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منهنجي قوم! انهيءَ مقدس سرزمين ۾ داخل ٿي وڃو جيڪا الله توهان لاءِ لکي ڇڏي آهي، پوئتي نه موٽو نه ته ناڪام ۽ بي نصيب ٿي موٽندؤ" |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
جواب ڏنائون ته "اي موسيٰ! اتي ته ڏاڍا زبردست ماڻهو ٿا رهن، اسان اوڏانهن ڪڏهن به نه وينداسون جيستائين هو اتان نڪري نه وڃن، اهي نڪري ويا ته پوءِ اسان داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهيون" |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
انهن ڊڄندڙن مان ٻه شخص اهڙا به هئا، جن کي الله پنهنجي نعمت سان نوازيو هو، انهن چين ته "انهن ڏاڍن جي مقابلي ۾ دروازي اندر گهڙي پئو، اندر گهڙيئو ته پوءِ توهان ئي غالب ٿيندؤ. الله تي ڀروسو رکو جيڪڏهن مؤمن آهيو!" |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
پر انهن وري به ائين چيو ته "اي موسيٰ اسان ته اوڏانهن هرگز نه هلنداسون جيستائين هو اتي موجود آهن، تون ۽ تنهنجو رب ٻئي وڃو ۽ وڃي وڙهو، اسان ته هتي ئي ويٺا هونداسون" |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
تنهن تي موسيٰ چيو: "اي رب منهنجا! منهنجي وس ۾ ته سواءِ پنهنجي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي ٻيو ڪو به ناهي، تنهنڪري تون اسانکي انهن بي فرمان ماڻهن کان جدا ڪري ڇڏ" |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
الله موٽ ۾ چيو: "چڱو، پوءِ اهو ملڪ مٿن چاليهن سالن تائين حرام آهي، اهي زمين ۾ پيا ڌڪا کائيندا، تون انهن بي فرمانن جي حالت تي ڪوبه افسوس نه ڪر" |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
۽ انهن کي آدم جي ٻن پٽن جو قصو به جيئن جو تيئن ٻڌائي ڇڏ. جڏهن انهن ٻنهي قرباني ڪئي ته انهن مان هڪڙي جي قرباني قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي جي قبول نه ڪئي وئي. انهيءَ چيو: "مان توکي ماريندس"، هن وراڻي ڏني ته "الله ته پرهيزگارن جو ئي نذرانو قبول ڪندو آهي |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تو مونکي مارڻ لاءِ هٿ وڌايو ته به مان توکي مارڻ لاءِ هٿ نه کڻندس، مان الله جهانن جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
مان چاهيان ٿو ته منهنجو ۽ پنهنجو گناهه تون ئي کڻ ۽ وڃي جهنم ۾ پؤ، ظالمن جي ظلم جو اهوئي صحيح بدلو آهي" |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
نيٺ سندس نفس پنهنجي ڀاءُ جو قتل هن لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو ۽ هو کيس ماري انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويو جيڪي ٽوٽي ۾ پوندڙ آهن |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله هڪڙو ڪانءُ موڪليو، جيڪو زمين کوٽڻ لڳو ته جيئن ان کي ڏيکاري ته پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪيئن لڪائي. اهو ڏسي هو چوڻ لڳو: "افسوس آهي منهنجي حال تي! مان ته ان ڪانءَ جهڙو به نه ٿيس جو پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪائڻ جي ڪا تدبير ڪري سگهان ها". پوءِ ته هن پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پڇتايو |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
انهيءَ ڪري اسان بني اسرائيل تي اهو فرمان لکي ڇڏيو هو ته "جنهن به ڪنهن انسان کي سواءِ خون جي بدلي يا زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي ڪري قتل ڪيو ته ان ڄڻ ته سڀني انسانن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ جنهن به ڪنهن انسان جي حياتي بچائي تنهن ڄڻ ته سڀني انسانن جي حياتي بچائي". پر سندن حالت اها آهي، جو اسان جا رسول وٽن ساندهه چٽيون هدايتون کڻي آيا، تڏهن به منجهن گهڻا ئي ماڻهو زمين ۾ حدون اورانگهيندڙ آهن |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول سان وڙهن ٿا ۽ زمين ۾ فساد برپا ڪرڻ لاءِ ٿا ڊڪ ڊوڙ ڪندا وتن، انهن جي سزا اها آهي ته اهي قتل ڪيا وڃن يا ڦاسيءَ تي چاڙهيا وڃن يا سندن هٿ ۽ پير هڪ ٻئي جي ابتـڙ پاسن کان ڪپيا وڃن يا کين ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. اها ذلت ۽ خواري ته انهن لاءِ هن دنيا ۾ آهي، باقي آخرت ۾ ته انهن لاءِ اڃان به وڏي سزا آهي |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
پر جيڪي ماڻهو توبهه تائب ٿين، ان کان اڳ جو توهان مٿن غالب پئجي وڃو، ته پوءِ توهان کي ڄاڻڻ گهرجي ته الله معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ ٻاجهارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سندس بارگاهه تائين پهچڻ جو ذريعو ڳولهيو ۽ سندس راهه ۾ جدوجهد ڪريو ته مــَـنَ توهان ڪاميابي ماڻيو |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن جي وس ۾ سڄي زمين جي دولت هجي ۽ تنهن سان گڏ ايتري ٻي به هجي ۽ هو چاهن ته اها عيوضو ڏيئي قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان بچي وڃن ته به اها کانئن قبول نه ڪئي ويندي ۽ کين دردناڪ سزا ملڻي آهي |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
هو چاهيندا ته دوزخ جي باهه مان نڪري ڀڄي وڃن پر نڪري ئي نه سگهندا ۽ کين دائمي عذاب ڀوڳڻو پوندو |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
۽ چوري ڪندڙ مرد هجي توڙي عورت، ٻنهي جا هٿ ڪپي ڇڏيو، اهو سندن ڪئي جو بدلو آهي الله جي طرفان عبرتناڪ سزا طور، الله سڀني تي غالب آهي ۽ هو ڏاڍو داناءُ آهي |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنهن ظلم ڪرڻ کانپوءِ توبهه ڪئي ۽ پنهنجي چال سڌاري ته الله ورائي مٿس مــِـهر جي نظر ڪندو، الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا تون نٿو ڄاڻين ته الله ئي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي؟ جنهن کي وڻيس سزا ڏئي ۽ جنهن کي گهري بخشي ڇڏي ۽ الله کي هر ڳالهه جو اختيار آهي |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي پيغمبر! تو لاءِ اهي ماڻهو ڏک جو ڪارڻ نه بڻجن، جيڪي ڪفر جي راهه ۾ هڪ ٻئي کان اڳرا آهن، پوءِ کڻي اهي انهن ماڻهن مان هجن، جيڪي وات سان ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي پر سندن دلين ايمان نه آندو آهي، يا انهن مان هجن، جيڪي يهودي آهن، جن جي حالت وري اها آهي جو ڪوڙ لاءِ ڪَنائيندڙ آهن ۽ ٻين ماڻهن خاطر جيڪي تو وٽ ايندا ئي ناهن، ڪَنَ ڏيندا وتن ٿا. الله جي ڪتاب جي لفظن کي سندن صحيح جاءِ مقرر ٿيل هوندي به اصلي معنيٰ کان ڦيرائي ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن کي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان کي هيءُ حڪم ملي ته مڃجو، نه ته نه مڃجو، جنهن کي الله ئي فتني ۾ وجهڻ جو ارادو ڪيو هجي، تنهن کي الله جي پڪڙ کان بچائڻ لاءِ تون ڪجهه به نٿو ڪري سگهين. اِهي ماڻهو ته اُهي آهن، جن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گهريو. انهن لاءِ دنيا ۾ به خواري آهي ۽ آخرت ۾ به سخت سزا آهي |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
اهي ڪوڙ تي ڪــَـن ڏيندڙ ۽ حرام مال کائيندڙ آهن، تنهنڪري جيڪڏهن تو وٽ (پنهنجا فيصلا کڻي) اچن ته توکي اختيار آهي ته مرضي پويئي ته فيصلو ڪرينِ يا ڀلي ٽاري ڇڏينِ. ٽاري ڇڏيندين ته به هو تنهنجو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا ۽ جي فيصلو ڪرين ته پوءِ پوريءَ طرح انصاف سان ڪجانءِ ، جو الله انصاف ڪندڙن کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ اهي توکان ڪيئن ٿا فيصلو ڪرائين؟ جڏهن جو وٽن تورات موجود آهي، جنهن ۾ الله جو حڪم لکيو پيو آهي، تڏهن به ٿا ان کان منهن موڙين. اصل ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن منجهه ايمان ئي ڪونهي |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
اسان ئي تورات نازل ڪيو، جنهن ۾ هدايت ۽ روشني هئي. سمورا نبي جيڪي مسلم ئي هئا، ان مطابق انهن يهودين جا فيصلا ڪندا هئا ۽ اهڙي طرح رباني (الله وارا) ۽ احبار (عالم) پڻ، (فيصلن لاءِ انهيءَ تي ڀاڙيندا هئا) ڇو جو انهن کي الله جي ڪتاب جي سنڀال جو ذميوار بڻايو ويو هو ۽ هو مٿس شاهد هئا. (تنهنڪري اي يهوديؤ!) توهان ماڻهن کان نه ڊڄو بلڪه مونکان ڊڄو، منهنجي آيتن کي ٿورڙو ملهه وٺي وڪڻڻ ڇڏي ڏيو. جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نٿا ڪن سي ئي ڪافر آهن |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
تورات ۾ اسان يهودين مٿان اهو حڪم لاڳو ڪيو هو ته جان جي بدلي جان، اک جي بدلي اک، نڪ جي بدلي نڪ، ڪن جي بدلي ڪن، ڏند جي بدلي ڏند ۽ سڀني زخمن جو اوترو ئي بدلو وٺڻو آهي. (پر) پوءِ جيڪو قصاص بخشي ڇڏي ته اهو ان لاءِ ڪفارو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نٿا ڪن، اهي ئي ظالم آهن |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
وري اسان انهن نبين جي پٺيان مريم جي پٽ عيسيٰ کي موڪليو، تورات مان جيڪي ڪجهه سندس آڏو موجود هو، هو ان جي تصديق ڪندڙ هو ۽ اسان کيس انجيل عطا ڪيو، جنهن ۾ هدايت ۽ روشني هئي ۽ اهو به تورات مان جيڪي ڪجهه ان وقت موجود هو، تنهن جي تصديق ڪندڙ هو ۽ الله کان ڊڄندڙن لاءِ سڄو سارو هدايت ۽ نصيحت هو |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
اسان جو حڪم هو ته انجيل وارا انهيءَ قانون مطابق فيصلو ڪن، جيڪو الله منجهس نازل ڪيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نٿا ڪن، اهي ئي فاسق آهن |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
وري پوءِ اي نبي! اسان توڏانهن هيءُ ڪتاب موڪليو آهي، جنهن حق آندو آهي ۽ الڪتاب مان جيڪي ڪجهه کانئس اڳ موجود آهي، ان جي تصديق ڪندڙ ۽ سندس نگهباني ڪندڙ آهي، تنهنڪري تون الله جي نازل ڪيل قانون مطابق ماڻهن جي معاملن جا فيصلا ڪر ۽ جيڪو حق تو وٽ آيو آهي، تنهن کان هٽي سندن خواهشن جي ڪڍ نه لڳ. اسان توهان (انسانن) مان هرهڪ لاءِ هڪ شريعت ۽ عمل ڪرڻ جي واٽ مقرر ڪئي آهي. جيڪڏهن الله گهري ها ته توهان سڀني کي هڪڙي ئي امت بڻائي پئي سگهيو، پر (هن هيئن ان ڪري ڪيو ته جيئن) جيڪي ڪجهه هن توهان کي ڏنو آهي، ان ۾ توهان کي پرکي. تنهنڪري نيڪين ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪريو، نيٺ ته توهان سڀني کي الله ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، پوءِ هو توهان کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪندو، جنهن ۾ توهان اختلاف ڪندا رهيا آهيو |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
پوءِ اي نبي! تون الله جي نازل ڪيل قانون مطابق انهن ماڻهن جي معاملن جا فيصلا ڪر ۽ انهن جي خواهشن تي نه هل ۽ هوشيار رهه ته متان اهي توکي ڪنهن فتني ۾ وجهي انهيءَ هدايت کان ٿورڙو به ٿـيڙي نه وجهن، جيڪا الله توڏانهن نازل ڪئي آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي ان کان منهن ڦيرن ته پڪ ڄاڻ ته الله سندن ڪن گناهن جي سزا طور کين مصيبت ۾ وجهڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي ۽ اها حقيقت آهي ته انهن مان اڪثر ماڻهو فاسق آهن |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
(جيڪڏهن اهي الله جي قانون کان ٿا منهن موڙين) ته ڇا پوءِ جاهليت جو فيصلو ٿا طلبين؟ حالانڪه جن ماڻهن جو الله تي يقين آهي، انهن جي نظر ۾ الله کان وڌيڪ سهڻو فيصلو ڪندڙ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي ايمان وارؤ! يهودين ۽ عيسائين کي پنهنجو ساٿي نه بڻايو، اهي پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن ۽ جيڪڏهن توهان مان ڪو کين پنهنجو ساٿي بڻائيندو ته پوءِ اهو به انهن مان ليکيو ويندو، بيشڪ الله ظالمن کي هدايت نصيب نه ڪندو آهي |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
تون ڏسين پيو ته جن ماڻهن جي دلين ۾ نفاق جو مرض آهي، اهي انهيءَ ئي ڀڄ ڊُڪ ۾ لڳا پيا آهن. چون ٿا، "اسان ڊڄون ٿا ته متان ڪنهن مصيبت ۾ نه پئجي وڃون". پر ٿي سگهي ٿو ته الله جڏهن توکي قطعي فتح عطا ڪندو يا پاڻ وٽان ڪا ٻي ڳالهه ظاهر ڪندو ته پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي انهيءَ نفاق تي جيڪو اندر ۾ لڪايو ويٺا آهن پاڻيهي پشيمان ٿيندا |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ تنهن وقت ايمان وارا چوندا، "ڇا هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي الله جا وڏا قسم کڻي پڪ ڏياريندا هئا ته اسان توهان سان آهيون؟" سندن سڀ عملَ ناس ٿي ويا ۽ هو نيٺ وڃي نقصان وارا ٿيا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان مان ڪو پنهنجي دين کان ڦري وڃي (ته ڦري وڃي) الله ٻيا کوڙ ماڻهو اهڙا پيدا ڪندو، جيڪي الله کي پيارا هوندا ۽ الله کين پيارو هوندو، جيڪي مؤمنن لاءِ نرم ۽ ڪافرن لاءِ سخت هوندا، جيڪي الله جي راهه ۾ پاڻ پتوڙيندا ۽ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا، اهو الله جو فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي عطا ڪري ٿو. الله جو هٿ ڊگهو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
توهان جا ساٿي ته رڳو الله ۽ الله جو رسول ۽ اهي ايمان وارا آهن جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪواة ڏين ٿا ۽ الله جي آڏو جهڪندڙ آهن |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جنهن به الله ۽ سندس رسول ۽ ايمان وارن کي پنهنجو ساٿي بڻائي ڇڏيو، تنهن کي خبر هئڻ گهرجي ته الله واري جماعت ئي سوڀاري ٿيڻي آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي ايمان وارؤ! توهان کان اڳين اهل ڪتاب مان جن ماڻهن توهان جي دين کي ڀوڳ ۽ چرچو بڻايو آهي، تن کي ۽ ٻين ڪافرن کي پنهنجو ساٿي نه بڻايو، الله کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو! |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
جڏهن توهان نماز لاءِ بانگ ڏيو ٿا ته هو ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ ان کي رؤنشو ٿا بڻائين، اهو ان ڪري آهي جو هو عقل نٿا رکن |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
کين چؤ ته، "اي اهلِ ڪتاب، توهان جنهن ڳالهه تي اسان کان بگڙي ويا آهيو، سا ان کانسواءِ ٻي ڪهڙي آهي ته اسان الله تي ۽ دين جي انهيءَ تعليم تي ايمان آندو آهي، جيڪا اسان ڏانهن نازل ٿي آهي ۽ اسان کان اڳ به نازل ٿي هئي ۽ وري توهان مان اڪثر ماڻهو ته فاسق آهن" |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
وري چوين ته "ڇا مان اوهان کي اهي ماڻهو ڏسيان جن جي پڇاڙي الله وٽ فاسقن جي پڇاڙيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي؟ اهي جن تي الله لعنت ڪئي، جن تي سندس غضب پيو، جن منجهان باندر ۽ سوئر بڻايا ويا، جن طاغوت جي بندگي اختيار ڪئي، انهن جي حيثيت اڃان به وڌيڪ بري آهي ۽ هو سڌي رستي کان تمام گهڻو ٿـڙي ويل آهن |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
جڏهن اهي توهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي، حالانڪه ڪفر کڻي آيا هئا ۽ ڪفر ساڻ کڻي واپس ٿيا ۽ الله ته چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي، جيڪي اهي اندر ۾ لڪايون ويٺا آهن" |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
تون ڏسين پيو ته انهن مان گهڻا ماڻهو گناهه ۽ ڏاڍائيءَ ۾ اڳرائي ڪري رهيا آهن ۽ حرام کائن ٿا، تمام بڇڙا ڪم آهن، جيڪي اهي ڪن ٿا |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
سندن پير ۽ عالم گناهه واريون ڳالهيون ڪرڻ کان ۽ حرام کائڻ کان کين ڇونه ٿا روڪين؟ بلاشڪ اها ڏاڍي بڇڙي ڪاريگري آهي، جنهن ۾ لڳي ويا آهن |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
يهودي ٿا چون ته الله جو هٿ ٻڌل آهي، ٻڌل آهن سندن هٿ ۽ لعنت پــَـيــَـنِ انهيءَ بڪواس جي ڪري جيڪا هو ڪن ٿا. الله جا هٿ ته کليل آهن، جيئن ٿو وڻيس تيئن ٿو خرچ ڪري. ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو ڪلام تنهنجي رب وٽان توتي نازل ٿيو آهي، اهو انهن مان گهڻن ماڻهن جي سرڪشيءَ ۽ ڪفر ۾ ويتر واڌاري جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي ۽ (انهيءَ ڪري) اسان سندن وچ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ ساڙ وجهي ڇڏيو آهي. جڏهن به اهي جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته الله ان کي وسائي ٿو ڇڏي. اِهي زمين ۾ فساد کڙو ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن، پر الله فساد کڙو ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به پسند نه ڪندو آهي |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
جيڪڏهن (انهيءَ سرڪشيءَ بدران) اهي اهلِ ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ الله کان ڊڄي هلن ها ته اسان سندن برايون کانئن ميساري ڇڏيون ها ۽ کين نعمتن سان ڀريل جنتن ۾ داخل ڪريون ها |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
جيڪر ته هو تورات ۽ انجيل ۽ انهن ٻين ڪتابن کي قائم ڪن ها، جيڪي سندن رب وٽان ڏانهن موڪليا ويا هئا، ائين ڪن ها ته مٿان به رزق وسين ها ته هيٺان به ڦـٽي نڪرين ها. توڻي جو انهن مان ڪي ماڻهو سنئين واٽ وارا به آهن، پر سندن گهڻائيءَ جا عمل ڏاڍا بڇڙا آهن |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي نبي! جيڪو توتي تنهنجي رب پاران نازل ٿيو آهي اهو ماڻهن تائين پهچاءِ ، جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته پوءِ سندن پيغمبر هجڻ جو حق ادا نه ڪيو، الله توکي پاڻيهي ماڻهن جي شر کان بچائيندو. پڪ ڄاڻ ته هو ڪافرن کي (تنهنجي مقابلي ۾) ڪڏهن به ڪاميابيءَ جي واٽ نه ڏيکاريندو |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
ٻڌائي ڇڏين ته، "اي اهلِ ڪتاب! توهان ڪنهن به بنياد تي قائم نه آهيو، جيستائين جو تورات ۽ انجيل ۽ انهن ٻين ڪتابن کي قائم نه ڪندؤ، جيڪي توهان ڏانهن توهان جي رب طرفان نازل ڪيا ويا آهن". اهو فرمان جيڪو تنهنجي رب طرفان توتي نازل ڪيو ويو آهي، اهو ته لازمي طرح انهن مان گهڻن جي سرڪشيءَ ۽ ڪفر کي اڃان به وڌائي ڇڏيندو پر تون انهن نه مڃيندڙن جي حالت تي افسوس نه ڪر |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
(پڪ ڄاڻو ته هتي ٺيڪو ڪنهن جو به ناهي) مسلمان هجي يا يهودي، صابئي هجن يا عيسائي، جيڪي به الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، بيشڪ انهن لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه هو ڪو ڏک ئي ڏسندا |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
اسان بني اسرائيل کان پڪو وعدو ورتو هو ۽ انهن ڏانهن ڪيترائي رسول موڪليا هئا پر جڏهن به وٽن ڪو رسول سندن خواهشن جي برخلاف ڪجهه کڻي آيو ته ڪن کي ڪوڙو سڏيائون ته ڪن کي قتل ڪري ڇڏيائون |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ پنهنجي دل ۾ ائين پئي ڀانيائون ته ڪوبه فتنو کڙو نه ٿيندو، تنهنڪري انڌا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا، تڏهن به الله کين معاف ڪري ڇڏيو ته ويتر انهن مان گهڻا ماڻهو پاڻ وڌيڪ انڌا ۽ ٻوڙا بڻبا ويا. الله ته سندن اِهي سموريون حرڪتون پئي ڏٺيون آهن |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
بلاشڪ ڪفر ڪيو، انهن ماڻهن جن چيو ته مريم جو پٽ مسيح ئي الله آهي، جڏهن ته مسيح پاڻ چيو هو ته، "اي بني اسرائيل! الله جي ٻانهپ ڪريو، جيڪو منهنجو به رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي". جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ بڻايو، ان تي الله جنت حرام ڪري ڇڏي ۽ سندس ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهڙن ظالمن جو ڪوبه مددگار ڪونهي |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
بيشڪ ڪفر ڪيو انهن ماڻهن جن چيو ته الله ٽن مان هڪ آهي. جڏهن ته هڪڙي الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي انهن ڳالهين کان نه مــُـڙيا ته انهن مان جنهن به ڪفر ڪيو آهي، تنهن کي دردناڪ سزا ملندي |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
ڇا پوءِ اهي الله ڏانهن نه ورندا ۽ کانئس معافي نه وٺندا؟ الله ته ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
مسيح پٽ مريم جو انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ته هو هڪ رسول آهي ۽ کانئس اڳ به ڪيترائي رسول ٿي گذريا هئا، سندس ماءُ هڪ سچار عورت هئي ۽ ٻئي کاڌو کائيندا هئا، ڏس ته اسان ڪيئن نه ٿا سندن آڏو حقيقت تي ٻڌل نشانيون کولي پڌريون ڪريون، ته به ڏسينِ ته ڪيڏانهن ٿا پيا پٺي ڏيو وڃن |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
چوينِ ته ڇا توهان الله کي ڇڏي ان جي عبادت ڪريو ٿا، جيڪو نڪي توهان کي ڪو نقصان پهچائي سگهي ٿو ۽ نه ڪو فائدو؟ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ ته الله ئي آهي |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
چوينِ ته اي اهلِ ڪتاب! پنهنجي دين ۾ ناحق وڌاءُ نه ڪريو ۽ نڪي انهن ماڻهن جي اجاين ســَـڌن تي هلو، جيڪي توهان کان اڳ پاڻ به گمراهه ٿيا ۽ ِٻين گهڻن کي گمراهه ڪيائون ۽ سڌي رستي کان ٿـڙي ويا |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
بني اسرائيلن مان جن به ڪفر جو رستو اختيار ڪيو هو، انهن تي داؤد ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي واتان لعنت وڌي وئي، ڇاڪاڻ ته هو سرڪش ٿي ويا هئا ۽ ڏاڍايون ڪرڻ لڳا هئا |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
انهن هڪ ٻئي کي برن ڪمن ڪرڻ کان روڪڻ ڇڏي ڏنو هو، اها هلت ڏاڍي بڇڙي هئي، جيڪا انهن اختيار ڪئي هئي |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
اڄ تون منجهن گهڻائي اهڙا ماڻهو ڏسين ٿو جيڪي (ايمان وارن جي مقابلي ۾) ڪافرن جي پٺڀرائي ٿا ڪن، سچ پچ ته ڪهڙو نه برو حشر آهي، جنهن جو انتظام پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڪري ڇڏيو اٿن، جو الله به مٿن سخت ڏمريو ۽ عذاب ۾ به هو هميشه پيا هوندا |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
جيڪڏهن سچ پچ اهي ماڻهو الله ۽ پيغمبر ۽ ان شيءِ کي مڃڻ وارا هجن ها، جيڪا پيغمبر تي نازل ٿي هئي ته ڪڏهن به (ايمان وارن جي مقابلي ۾) ڪافرن کي پنهنجو ساٿي نه بڻائين ها، پر منجهانئن گهڻا ماڻهو ته الله جي تابعداريءَ کان نڪري چڪا آهن |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
تون ايمان وارن جي دشمنيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ سخت يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين ۽ ايمان وارن جي دوستيءَ ۾ ويجهڙو انهن ماڻهن کي ڏسندين جن چيو ته اسان نصاريٰ آهيون، ڇو جو انهن ۾ سدائين عبادت ۾ رڌل عالم ۽ دنيا کي ڇڏيندڙ (تياڳ ڏيندڙ) درويش موجود آهن ۽ انهن ۾ وڏائي ڪونه آهي |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
جڏهن هو انهيءَ ڪلام کي ٻڌن ٿا جيڪو رسول تي لٿو آهي ته تون ڏسين ٿو ته حق جي جيڪا معرفت حاصل ٿي اٿن، ان جي ڪري سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي پون ٿا. چوڻ لڳن ٿا ته، "اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو آهي، تنهنڪري اسان جو نالو شاهدي ڏيندڙن ۾ لکي ڇڏجانءِ " |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ چون ٿا ته، "ڀلا اسان ڇو نه الله تي ايمان آڻيون ۽ جيڪو حق اسان وٽ آيو آهي ان کي ڇونه مڃيون، جڏهن ته اسان جي تمنا آهي ته اسان جو رب اسان کي صالح ماڻهن ۾ شامل ڪري" |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
انهن جي انهيءَ چوڻ ڪري الله کين اهڙيون جنتون ڏنيون، جن جي هيٺان نهرون پيون ٿيون وهن ۽ هو منجهن سدائين رهندا. اهو اجورو آهي نيڪوڪارن جو |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
باقي جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن کي ڪوڙو سڏيائون، اُهي ته جهنم جا حقدار آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون الله توهان لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي حرام نه ڪريو ۽ حد کان نه لنگهي وڃو، الله کي حد کان لنگهي وڃڻ وارا پسند ناهن |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
جيڪو حلال ۽ پاڪ رزق الله توهان کي ڏنو آهي، اهو کائو پيئو ۽ انهيءَ الله جي بي فرمانيءَ کان پاڻ بچايو، جنهن تي ايمان آندو اٿوَ |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
جيڪي اجايا قسم توهان کڻو ٿا، انهن تي الله توهان جي پڪڙ نٿو ڪري، پر جيڪي قسم توهان ڄاڻي ٻجهي کڻو ٿا، انهن تي هو ضرور توهان جي پڪڙ ڪندو. (اهڙن قسمن ڀڃڻ جو) ڪفارو آهي ڏهن مسڪينن کي اهڙو کاڌو کارائڻ، جهڙو عام طرح توهان پنهنجن ٻارن ٻچن کي کارائيندا آهيو يا انهن کي ڪپڙا ڍڪائڻ، يا هڪڙو ٻانهو آجو ڪرڻ ۽ جنهن کي اها طاقت نه هجي، اهو ٽي ڏينهن روزا رکي. اهو توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي، جڏهن جو توهان قسم کڻي ڀڃو ٿا. پنهنجن قسمن جي سنڀال ڪندا ڪريو، اهڙي نموني الله پنهنجا حڪم توهان لاءِ کولي کولي ٿو بيان ڪري ته مــَـنَ توهان شڪر ادا ڪريو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوئا ۽ آستانا ۽ ڍارا سڀئي گندا شيطاني ڪم آهن، انهن کان پاسو ڪريو، اميد ته توهان ڪاميابي ماڻيندؤ |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان ته گهري ئي اهو ٿو ته شراب ۽ جوئا جي وسيلي توهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏي ۽ توهان کي الله جي ياد کان ۽ نماز کان روڪي ڇڏي، ڇا پوءِ انهن ڳالهين کان نه ٿا مڙو؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
الله ۽ سندس رسول جي ڳالهه مڃو ۽ رڪجي وڃو، پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ٿا ته ڄاڻي ڇڏيو ته اسان جي رسول تي ته بس حڪم کولي چٽو ڪري پهچائڻو هو |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪرڻ لڳا، انهن اڳ جيڪي ڪجهه کاڌو پيتو هو، ان تي ڪابه پڪڙ نه ٿيندن، پر انهيءَ شرط تي ته اڳتي هو انهن ڳالهين کان پاڻ بچائيندا ۽ ايمان تي پختا ٿي بيهندا ۽ نيڪ ڪم ڪندا ۽ جنهن به ڳالهه کان کين روڪجي ته رُڪجي پوندا ۽ جيڪو به الله جو حڪم هجي، تنهن کي مڃيندا ۽ الله کان ڊڄندي سهڻي نموني ۾ هلندا. الله سهڻي هلت هلندڙن کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ! الله توهان کي ان شڪار جي وسيلي ڏاڍيءَ آزمائش ۾ وجهندو، جو اهو بلڪل توهان جي هٿن ۽ ڀالن جي مارَ ۾ هوندو ته جيئن ڏسي ته توهان مان ڪير ٿو اڻ ڏٺي کانئس ڊڄي، پوءِ جنهن انهيءَ کان پوءِ به الله جي مقرر ڪيل حد اورانگهي ان لاءِ دردناڪ سزا آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي ايمان وارؤ! احرام جي حالت ۾ شڪار نه ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان مان ڪنهن ڄاڻي واڻي ائين ڪيو ته جيڪو جانور هن ماريو آهي، تنهن جهڙو جانور کيس چوپائي مال مان نذر ڏيڻو پوندو، جنهن جو فيصلو توهان مان ٻه عادل ماڻهو ڪندا ۽ اهو نذرانو ڪعبي پهچائڻو پوندو يا ٻيءَ صورت ۾ انهيءَ گناهه جي ڪفاري طور ڪجهه مسڪينن کي کاڌو کارائڻو پوندو يا اوترا روزا رکڻا پوندا ته جيئن هو پنهنجي ڪئي جو ڪيتو لوڙي، اڳ جيڪي ٿيو سو الله معاف ڪيو پر اڳتي ڪنهن ائين ڪيو ته کانئس الله بدلو وٺندو، الله سڀني تي غالب ۽ بدلو وٺي سگهندڙ آهي |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
توهان لاءِ سمنڊ جو شڪار ۽ ان جو کائڻ حلال ڪيو ويو آهي. ڪٿي ترسيل هوندي به توهان اهو کائي سگهو ٿا ۽ قافلي لاءِ سفر جو ثمر به بڻائي سگهو ٿا. باقي خشڪيءَ وارو شڪار جيستائين توهان احرام ۾ آهيو، توهان تي حرام آهي، تنهنڪري الله جي بي فرمانيءَ کان پاڻ بچايو، جنهن جي آڏو توهان سڀني کي ميڙي آڻي حاضر ڪيو ويندو |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله ادب جي جاءِ ڪعبي کي ماڻهن لاءِ (پاڻ ۾ گڏجي هڪ مرڪز تي) بيهڻ جو وسيلو بڻايو آهي ۽ عزت واري مهيني ۽ قربانيءَ جي جانورن ۽ ڳچيءَ ۾ پٽي ٻَڌَلَ جانورن کي پڻ (ان ڪم ۾ مددگار بڻايو) ته جيئن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته الله آسمانن ۽ زمين جي سڀني حالتن کان باخبر آهي ۽ کيس هر شيءِ جو علم آهي |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
ٻڌي ڇڏيو ته الله سزا ڏيڻ ۾ به ڏاڍو سخت آهي ۽ تنهن سان گڏ ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ ٻاجهارو پڻ آهي |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
رسول تي ته رڳو پيغام پهچائي ڇڏڻ جي ذميواري آهي، باقي توهان جون پڌريون ۽ لڪل حالتون سڀئي ڄاڻڻ وارو ته الله آهي |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
اي نبي چوين ته، پليت ۽ پاڪ برابر ٿي نٿا سگهن توڻي جو پليت جي گهڻائي توکي ڪيڏو به کڻي موهي وجهندي هجي، تنهنڪري اي عقل وارؤ! الله جي بي فرمانيءَ کان پاڻ بچايو ته مــَـنَ توهان ڪامياب ٿيو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي ايمان وارؤ! اهڙيون ڳالهيون نه پڇندا ڪريو جيڪي توهان تي کولجن ته توهان کي بريون لڳن. پر جيڪڏهن انهن بابت توهان اهڙي وقت پڇندؤ جڏهن قرآن نازل ٿي رهيو هجي ته اهي توهان تي ظاهر ڪيون وينديون، جيڪي ڪيؤ سو الله معاف ڪيو، هو ڏاڍو بخشڻهار ۽ بردبار آهي |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
توهان کان اڳ هڪڙي ٽولي اهڙا سوال ڪيا هئا، پر پوءِ اهي انهيءَ ڪري ئي وڃي ڪفر ۾ پيا |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
الله ته نڪي ڪو بحيره مقرر ڪيو آهي نه ئي سائبه ۽ نه وصيله ۽ نه وري حام، پر اهي ڪافر الله تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائن ۽ انهن مان گهڻا عقل نٿا ڌارين (جو اهڙين وهمي ڳالهين کي ٿا مڃين) |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو انهيءَ قانون ڏانهن جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ اچو رسول ڏانهن ته هو جواب ۾ چون ٿا ته اسان لاءِ ته بس اهو طريقو ئي ڪافي آهي، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو آهي. ڇا پوءِ کڻي سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه ڄاڻندا هجن ۽ نڪي صحيح واٽ جو ئي ڪو پتو هجين؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي ايمان وارؤ! پنهنجي ڳڻتي ڪريو، ٻئي ڪنهن جي گمراهيءَ سان توهان جو ڪجهه به نه بگڙندو، جيڪڏهن توهان پاڻ سڌيءَ راهه تي آهيو، الله ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي هلڻو آهي. پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا پيا ڪندا رهيا آهيو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان مان ڪنهن جي موت جي گهڙي اچي ۽ هو وصيت ڪندو هجي ته شاهديءَ لاءِ توهان مان ٻه عادل ماڻهو شاهد ڪجن يا جيڪڏهن توهان سفر ۾ هجو ۽ اتي ئي موت جي مصيبت اچي پئيوَ ته غير ماڻهن مان ئي ٻه شاهد ڪجن. پوءِ جيڪڏهن ڪو شڪ هجي ته نماز کان پوءِ ٻنهي شاهدن کي (مسجد ۾) روڪيو وڃي ۽ هو الله جو قسم کڻي چون ته "اسان ڪنهن به ذاتي فائدي لاءِ شاهدي وڪڻڻ وارا نه آهيون ۽ کڻي ڪو اسان جو ويجهو عزيز ئي ڇونه هجي (اسان ان جو لحاظ ڪرڻ وارا نه آهيون) ۽ نڪي الله لڳ شاهديءَ کي لڪائڻ وارا آهيون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته گناهگار ٿي پونداسون" |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پر جيڪڏهن پتو پئجي وڃي ته ٻنهي پاڻ کي گناهه ۾ وڌو آهي ته پوءِ انهن جي بدران ٻه ٻيا ماڻهو جيڪي انهن جي ڀيٽ ۾ شاهدي ڏيڻ جا وڌيڪ لائق هجن، انهن ماڻهن مان اٿن جن جو حق ماريو ويو آهي ۽ هو الله جو قسم کڻي چون ته "اسان جي شاهدي انهن جي شاهديءَ کان وڌيڪ حق جي آهي ۽ اسان پنهنجي شاهديءَ ۾ ڪابه بيجا ڳالهه نه ڪئي آهي، ڇو جو پوءِ ته اسان ظالم ٿي پونداسون" |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
انهيءَ نموني سان ان ڳالهه جي وڌيڪ اميد آهي ته ماڻهو پوري طرح شاهدي ڏيندا يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڊپ ٿيندنِ ته متان سندن قسمن کان پوءِ ٻين قسمن سان سندن ترديد نه ٿي وڃي. الله کان ڊڄو ۽ ٻڌي ڇڏيو ته الله بي فرماني ڪندڙن کي هدايت کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
جنهن ڏينهن الله سڀني رسولن کي گڏ ڪري پڇندو ته توهان کي ڪهڙو جواب مليو ته هو عرض ڪندا ته اسان کي ڪا خبر ڪانهي. تون ئي سڀني ڳجهين حقيقتن جو ڄاڻندڙ آهين |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
پوءِ تصور ڪريو ان موقعي جو جڏهن الله فرمائيندو ته "اي عيسيٰ پٽ مريم جا، ياد ڪر منهنجي انهيءَ نعمت کي، جيڪا مون توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي عطا ڪئي هئي. مون پاڪ روح سان تنهنجي مدد ڪئي. تون پينگهي ۾ به ماڻهن سان ڳالهائيندو هئين ۽ وڏيءَ عمر ۾ به. مان توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ توراة ۽ انجيل جي تعليم ڏني. تون منهنجي حڪم سان مٽيءَ جو پتلو پکيءَ جي شڪل جو ٺاهي ان ۾ ڦوڪ ڏيندو هئين ته اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿي پوندو هو. تون ڄائي ڄم جي انڌي کي ۽ ڪوڙهه واري کي منهنجي حڪم سان چڱو ڀلو ڪندو هئين. تون مــُـئن کي منهنجي حڪم سان جيئرو ڪندو هئين. پوءِ جڏهن تون بني اسرائيل وٽ چٽيون نشانيون کڻي پهتين ۽ جيڪي انهن مان حق جا منڪر هئا، تن چيو هو ته اهو ته رڳو پڌرو جادو آهي، ٻيو ڇا آهي! تڏهن مان ئي توکي انهن کان بچايو هو |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن مان حوارين جي دل ۾ وڌو ته مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو ته انهن چيو ته "اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد هــُـج ته اسان مسلم آهيون" |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
(حوارين جي حوالي سان) هيءُ واقعو به ڌيان ۾ آڻيو ته جڏهن حوارين چيو ته "اي عيسيٰ پٽ مريم جا، ڇا تنهنجو رب اسان تي آسمان مان ڪو کاڌي جو خونچو لاهي سگهي ٿو؟" ته عيسيٰ چين ته "الله کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو" |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
انهن چيو: "اسان ته بس اهو ٿا گهرون ته انهيءَ خونچي مان کاڌو کائون ۽ اسان جون دليون مطمئن ٿي وڃن ۽ اسان کي اهو معلوم ٿي وڃي ته جيڪي تو اسان کي ٻڌايو آهي، سو سچ آهي ۽ اسان پاڻ انهيءَ ڳالهه جا شاهد ٿي پئون" |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
تنهن تي عيسيٰ پٽ مريم جي دعا گهري: "اي الله اسان جا پالڻهار! اسان تي آسمان مان هڪڙو خونچو لاهه، جيڪو اسان لاءِ ۽ اسان جي اڳين توڙي پوين لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻجي ۽ تنهنجي طرف کان هڪڙي نشاني هجي ۽ اسانکي رزق عنايت ڪر، جو تون بهترين رزاق آهين" |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله موٽ ۾ چين: "مان اهو ته توهان تي لاهڻ وارو آهيان پر ان کان پوءِ توهان مان جيڪو ڪفر ڪندو، تنهنکي مان اهڙي سزا ڏيندس جهڙي دنيا ۾ ڪنهن کي به نه ڏني هوندي" |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
(اهي احسان ياد ڏياري) الله فرمائيندو ته "اي عيسيٰ پٽ مريم جا، ڇا تو ماڻهن کي چيو هو ته الله سان گڏ مونکي ۽ منهنجي ماءُ کي به خدا بڻايو؟" ته هو جواب ۾ عرض ڪندو: "پاڪ آهي تنهنجي ذات، مونکي اهو ڪيئن ٿي سونهيو جو مان اها ڳالهه چوان، جنهن جي چوڻ جو مونکي ڪو حق ئي نه هو، جيڪڏهن مان ائين چيو هجي ها ته توکي ضرور معلوم هجي ها، تون ته ڄاڻين ٿو جيڪي منهنجي اندر ۾ آهي، پر مان نٿو ڄاڻان جيڪي تنهنجي مــَـنَ ۾ آهي. تون ئي ته سمورين ڳجهه جي ڳالهين جو ڄاڻندڙ آهين |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
مون ته کين اهوئي چيو هو، جنهن جو تو مونکي حڪم ڏنو هو ته الله جي ٻانهپ ڪريو، جيڪو منهنجو به رب آهي ۽ توهان جو به رب، مان ايستائين سندن نظرداري ڪندڙ هوس، جيستائين جو منجهن موجود هوس، پوءِ جڏهن تو مونکي واپس گهرائي ورتو ته تون ئي مٿن چوڪسي رکندڙ هئين ۽ تون ته هر شيءِ جي نظرداري ڪندڙ آهين |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
هاڻي جيڪڏهن تون کين سزا ڏئين ته هو تنهنجا بندا آهن ۽ جيڪڏهن بخشي ڇڏينِ ته تون وڏيءَ طاقت وارو ۽ داناءُ آهين |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
تڏهن الله فرمائيندو: "هيءُ اهو ڏهاڙو آهي، جنهن ۾ سچن کي ئي سندن سچائي فائدو ڏيندي، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان واهيون وهن ٿيون ۽ انهن ۾ هو سدائين رهندا، الله انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا. اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن منجهه آهي، تنهن سڀ تي بادشاهي الله جي ئي آهي ۽ هو سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي |