يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي ايمان وارو! (پنهنجن) انجامن کي پاڙيو. (ڏسو) توهان لاءِ چوپايو مال حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ ان کان جيڪي اوهان کي پڙهي ٻڌايو ويندو پر جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ خدا جيڪي گهري ٿو سو حڪم ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي ايمان وارو! (ڏسو) خدا جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪريو نه عزت واري مهيني جي ۽ نه قربانيءَ جي ۽ نه ڳچي ۾ پٽي ٻڌل جانورن جي (جن کي خدا جي نظر لاءِ نشان ڪري منى ۾ وٺي ويندا آهن) ۽ نه ڪعبي (جي طواف ۽ زيارت جو قصد ڪرڻ وارن جي، جيڪي پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي ۽ فضل (۽ ڪرم) جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن ۽ جڏهن اوهين احرام کوليو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني هن ڪري جو انهن اوهان کي عزت واري مسجد کان روڪيو، اوهان کان ائين هرگز نه ڪرائي جو حد کان لنگهي وڃو. (اوهان جو فرض ته هي آهي جو) ڀلائي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو. ۽ گناھ ۽ ظلم ۾ پاڻ ۾ ڪنهين جي به مدد نه ڪريو، ۽ خدا کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) بيشڪ الله جو عذاب تمام سخت آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
(انسانو!) اوهان کي مئل جانور ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن (جانور) تي (سير وجهڻ وقت) خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي ۽ گهٽو کائي مئل جانور ۽ ڌڪ سان ماريل جانور ۽ جو (کوھ وغيره ۾) ڪري مري ويل جانور ۽ سڱ سان مارجي ويل جانور ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانور کاڌو هجي، سواءِ ان جي جنهن کي اوهان (مرڻ کان اڳي) ذبح ڪيو هجي. ۽ جنهن (جانور) کي بتن (جي ٽڪاڻي) تي (نذر ڪري) ڪٺو ويو هجي. ۽ هي به (حرام ڪيل آهي) ته جوا جي تيرن سان پنهنجا حصا معلوم ڪريو. (مطلب ته اهي سڀ ڳاليهون اوهان تي حرام ڪيون ويون آهن) اها نافرماني آهي. (مسلمانو!) هاڻي ته ڪافر، اوهان جي دين (کان ڦري وڃڻ ڪري) نااميد ٿيا. پوءِ انهن کان نه ڊڄو (فقط مون کان ڊڄو) اڄ مون اوهان جي دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ اوهان جي (هن) دين اسلام کي پسند ڪيو. پوءِ جو شخص بک ۾ لاچار ٿئي (۽) گناھ ڏي مائل به هجي (۽ ڪا شيءِ کائي) ته خدا بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
(اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي (کين) چئو ته اوهان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن مان جن کي اوهان (شڪار ڪرڻ) سيکاريو هجي ۽ (اوهين) هجو به شڪار سيکارڻ وارا) جو ڪجھ خدا توهان کي سيکاريو آهي تنهن مان ڪجھ انهن کي سيکاريو ٿا، سي جو ڪجھ اوهان لاءِ جهلن تنهن مان کائو ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار ڇڏڻ وقت) الله جو نالو پڙهندا ڪيو ۽ الله (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ اوهان لاءِ (سڀ) سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ اهل ڪتاب واريون (خشڪ شيون اناج وغيره) اوهان لاءِ (حلال آهن ۽ اوهان جو کاڌو انهن لاءِ حلال آهي ۽ پاڪ دامن مسلمان زالون ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان پاڪ دامن زالون (به اوهان لاءِ حلال آهن) جڏهن انهن کي سندن مهر ڏيو پاڪدامنيءَ جا ڳولائو ٿي، شهوتراني جو خيال ڇڏي، ۽ نه لڪي ڇپي آشنائي ڪندڙ به نه هجو. ۽ جنهن شخص ايمان کان انڪار ڪيو تنهن جي نعمت برباد ٿي. ۽ اهو آخر ۾ نقصان وارن مان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارو! جڏهن نماز لاءِ اٿو ته ڌوئو پنهنجا منهن ۽ پنهنجا هٿ ٺوٺن تائين ۽ پنهنجي مٿن جو ۽ ڀيڏين تائين پيرن جو مسح ڪندا ڪيو ۽ جيڪڏهن تڙ پيو هجي ته غسل ڪريو. پر جيڪڏهن بيمار هجو يا مسافريءَ تي هجو يا اوهان مان ڪو پاخاني مان اچي يا زالن سان همبستري ڪئي هجيو ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪيو. يعني (ٻنهي هٿن کي مٽي تي هڻي ان سان پنهنجن منهن ۽ هٿن جو مسح ڪيو. (ڏسو ته خدا ڪهڙي نه آساني ڪري ڇڏي آهي) خدا جي ته اها (ڪڏهن به) مرضي نه آهي ته اوهان تي ڪنهن قسم جي سختي ڪري پر هو چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ پاڪيزه ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو. |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ سندس انجام به جو اوهان سان ٻڌو اٿس، جڏهن اوهان چيو هو ته اسان ٻڌو ۽ مڃو ۽ خدا کان ڊڄو. بيشڪ خدا دلين جي ڳالھ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي ايمان وارو! خدا جي خوشنودي جي لاءِ انصاف سان شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين ناانصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي. ۽ خدا (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. ڇو ته اوهين جو ڪجھ ڪيو ٿا (چڱو يا برو ڪم) خدا تنهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا (سٺا) ڪم (به) ڪيا، خدا انهن سان واعدو ڪيو آهي ته انهن لاءِ (آخرت ۾) ڇوٽڪارو ۽ تمام وڏو ثواب آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارو! خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن انهن کي ياد ڪريو (خاص ڪري اهي) جڏهن هڪ قبيلي اوهان سان ڏاڍ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ته خدا انهن جي هٿن کي اوهان (تائين پهچڻ) کان جهلي ڇڏيو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. ۽ مومنن کي (ته) خدا تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ هن ۾ به شڪ نه آهي جو خدا بني اسرائيلين کان (به ايمان جو) عهد ۽ انجام وٺي ڇڏيو هو ۽ اسان انهن ۾ ٻارنهن سردار (مٿن) مقرر ڪيا. ۽ خدا بني اسرائل کي فرمايو هو ته آءُ ته پڪ سان اوهان سان آهيان، جيڪڏهن اوهان به پابندي سان نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندو ۽ اسان جي پيغمبرن تي ايمان آڻيندو ۽ انهن جي مدد ڪندا رهو ۽ خدا (جي خوشنوديءَ لاءِ ماڻهن کي قرض حسنه ڏيندا رهو ته آءُ به اوهان جا گناھ اوهان کان ضرور پري ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان کي بهشت جي انهن (ساون) باغن ۾ پهچائي ڏيندس جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. پوءِ ان هوندي به اوهان مان جو شخص انڪار ڪري ته بيشڪ اهو سڌي سنئين گس کان ٿڙي ويو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ اسان سندن واعدي خلافي ڪري انهن تي لعنت ڪئي ۽ انهن جي دلين کي (ڄڻ ته) اسان خود سخت ڪيو جو (اسان جي) ڪلمات کي انهن جي اصلي مطلب کان ڦيري ٻين معنائن ۾ استعمال ڪن ٿا. ۽ جن جن ڳالهين جي کين نصيحت ڪيل هئي انهن مان وڏو حصو ويساري ويٺا. ۽ (اي رسول!) هاڻي هت تون انهن مان ٿورڙن ماڻهن کانسواءِ هڪ نه هڪ جي خيانت تي برابر خبردار ٿيندو رهين ٿو، ته تون هنن (جي غلطين) کي معاف ڪري ڇڏ ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن کي ضرور دوست رکي ٿو. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اسين نصارى آهيون انهن کان (به) اسان (ايمان جا) انجام اقرار ورتا هئا پر جن جي ڳالهين جي کين سمجهاڻي ڏني وئي هئي انهن مان (به) هڪ وڏي حصي (محمد جي نبوت کي) وساري ڇڏيو ته اسان به (انهن جي سزا ۾) قيامت تائين انهن ۾ عداوت ۽ دشمنيءَ جو بنياد وجهي ڇڏيو ۽ خدا کين جلد ئي (قيامت جي ڏينهن) ٻڌائيندو ته ڇا ڇا ڪندا هئا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي اهل ڪتاب! توهان وٽ اسان جو رسول (محمد) اچي چڪو آهي جيڪو (خدا جي) ڪتاب مان انهن جي ڳالهين کي، جن کي توهين لڪائيندا هئا ڪيترين کي ته کولي ٻڌائيندو ۽ ڪيترين کي (ڄاڻي واڻي) درگذر ڪندو. اوهان وٽ ته خدا جي طرف کان هڪ (چمڪندڙ) نور ۽ کليل بيان ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن به) اچي چڪو آهي. |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
جيڪي ماڻهو خدا جي خوشنوديءَ جا پابند آهن انهن کي ته ان جي وسيلي سان نجات جي هدايت ڪري ٿو ۽ پنهنجي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهي مان ڪڍي (ايمان جي) سوجهري ۾ آڻي ٿو ۽ کين سڌي رستي تي پهچائي ڇڏي ٿو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
جيڪي ماڻهو هن (ڳالھ) جا قائل آهن ته مريم جو پٽ مسيح خدا آهي، اهي پڪ ڪافر ٿي ويا (اي رسول!) انهن کان پڇو ته ڀلا جيڪڏهن خدا مريم جي پٽ مسيح ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن سڀني کي مارڻ چاهي ته ڪير اهڙو آهي جو خدا سان ڪنهين جو زور هلندو؟ (۽ جهلي سگهي؟) ۽ آسمان ۽ زمينن ۽ جو ڪجھ به انهن جي وچ ۾ آهي خدا جي حڪومت آهي. جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو. ۽ خدا ته سڀ شيءِ تي وس وارو آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ يهودي ۽ نصراني چون ٿا ته اسان ئي خدا جا پٽ ۽ سندس گهڻ گهريا آهيون (اي رسول!) تون چئين ته (جيڪڏهن ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن جي سزا ڇو ٿو ڏي؟ (توهان جو اهو خيال بيهودو آهي) پر اوهين به سندس مخلوق مان هڪ بشر آهيو. خدا جنهن کي گهرندو ته بخشيندو ۽ جنهن کي گهرندو (ته) سزا ڏيندو. آسمان هجن يا زمين يا جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ خدا جو ئي ملڪ آهي (سڀ کي) ان ڏي موٽي هلڻو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي اهل ڪتاب! جڏهن پيغمبرن جي اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي تڏهن اسان جو رسول اوهان ڏي آيو جيڪو خدا جي احڪام کي کولي ٻڌائي ٿو ته جيئن اوهين ائين نه چئو ته اسان ڏي نڪي ڪو به خوشخبري ڏيڻ وارو (پيغمبر) آيو نه (وري خدا ئي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آيو. هاڻي ته (ائين چئي نٿا سگهو ڇو ته) پڪ توهان وٽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) اچي ويو ۽ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
(اي رسول کين اهو وقت ياد ڏيارو ته) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! جيڪي نعمتون خدا توهان کي ڏنيون جن مان ساري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به نه ڏنيون. |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منهنجي قوم (شام جي) ان مقدس زمين ۾ وڃو جتي اوهان جي تقدير ۾ (حڪومت) لکي ڇڏي آهي ۽ (دشمن جي مقابلي ۾) پٺي نه ڪريو (ڇو ته) ان ۾ ته اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو. |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
هنن چيس ته اي موسى ان ملڪ ۾ ته وڏا زبردست (پهلوان) ماڻهو ٿا رهن! ۽ اسين ان ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسون جيستائين اهي ان مان نڪري (نه) وڃن، ها! جيڪڏهن اهي ماڻهو اتان نڪرن ته پوءِ اسين بيشڪ داخل ٿينداسون. |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
(پر) ٻه شخص (يوشع ۽ ڪالب) جيڪي (خدا جو) خوف رکندا هئا (۽) جن تي الله پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪيو هو، اهي بي دڙڪ چوڻ لڳا ته (اڙي) انهن تي حملو ڪري (بيت المقدس) جي ڦاٽڪ ۾ گهڙي پئو. پوءِ (ڏسو ته اهي اهڙا ڊڄڻا آهن جو) هيڏانهن اوهين در مان لنگهيا ته (اهي سڀ پيرن تي زور ڏئي ڪئين ٿا ڀڄن ۽) اوهان جي فتح ٿي ويندي. ۽ جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته پوءِ خدا تي ڀروسو رکو. |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
اهي چوڻ لڳا، اي موسى! (چاهي ڪجھ به هجي) جيستائين اهي ماڻهو اتي آهن. اسين ته اوڏانهن ڪڏهن پير به نه رکنداسون، ها! تون ۽ تنهنجو خدا (وڃو) ۽ اوهان ٻئي وڃي وڙهو، اسين ته هتي ئي کتا ويٺا آهيون. |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
(تڏهن موسى عرض ڪيو، خداوندا! تون سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿو ته منهنجي سر ۽ منهنجي ڀاءُ کانسواءِ ڪنهين تي اختيار نه آهي. پوءِ اسان جي هنن نافرمان ماڻهن جي وچ ۾ جدائي وجھ. (ڇو ته اسان ۽ هنن ۾ ساٿ ٿي نه سگهندو) |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
خدا فرمايو (چڱو) ته هنن جي سزا هيءَ آهي ته کين چاليھ سال تائين حڪومت نصيب نه ٿيندي. ۽ (ايتري عرصي تائين) اهي ماڻهو (مصر جي) جهنگل ۾ حيران پريشان ڦرندا رهندا ته پوءِ انهن ماڻهن تي افسوس نه ڪج. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
(اي رسول!) تون انهن ماڻهن کي آدم جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جو قصو پڙهي ٻڌاءِ. ته جڏهن انهن ٻنهين خدا جي نالي تي نياز ڪيو، ته هنن مان هڪ (هابيل) جو (نذر ته) قبول ڪيو ويو ۽ ٻئي (قابيل) جو قبول نه ڪيو ويو. (ته ساڙ کان هابيل کي چوڻ لڳو ته آءُ تو کي ضرور ماري ڇڏيندس. هن چيس ته (ادا، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي) خدا ته فقط پرهيزگارن جو نذر قبول ڪندو آهي. |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تون منهنجي قتل ڪرڻ جي ارادي سان مون تي وار ڪندين (ته خير هٿ وڌاءِ پر) تنهنجي مارڻ جي ارادي سان تو ڏانهن هٿ ڊگهو نه ڪندس. (ڇو ته) آءُ ان خدا کان جيڪو ساري جهان جو پاليندڙ آهي بلڪل ڊڄان ٿو. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
آءُ ته يقينا اهو گهران ٿو ته منهنجا گناھ ۽ تنهنجا گناھ سڀ تنهنجي سر تي ٿين ته (تون چڱي طرح) دوزخي ٿئين ۽ ظالم جي سزا به اها ئي آهي. |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
پوءِ سندس نفس کيس سندس ڀاءُ جي قتل ڪرڻ تي ڀڙڪايو آخر هن (بدبخت) کيس ماري ڇڏيو ته نقصان وارن مان ٿيو. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
(تڏهن کيس ڳڻتي ٿي ته هاڻي لاش کي ڪيڏانهن ڪريان) ته خدا هڪ ڪانءَ کي موڪليو جنهن زمين ۾ کڏ کوٽي هن لاءِ ته کيس ڏيکاري ته هو ڪئين پنهنجي ڀاءُ جي لاش لڪائي (اهو ڏسي) چوڻ لڳو ته مون کي پاڻ تي افسوس آهي. ڇا مون کان ايترو به نه ٿيو جو هن ڪانءَ جهڙو ٿيان. پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪايائين مطلب ته پوءِ (هن پنهنجي حرڪت تي) ڏاڍو پڇتايو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
ان لاءِ ته اسين بني اسرائيلين تي فرض ڪيو هو ته جو شخص ڪنهن کي نه جان جي بدلي ۾ نه ملڪ ۾ فساد پيدا ڪرڻ جي سزا ۾ (بلڪه ناحق) قتل ڪندو ته ڄڻ هن سڀني ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. ۽ جنهن هڪ ماڻهو کي جياريو (بچايو) ... ۽ انهن (بني اسرائيلين) ڏي ته اسان جا رسول (ڪهڙا ڪهڙا نه) ظاهر معجزا کڻي آيا. (پر) ان هوندي به يقينن هنن مان ڪيترائي زمين ۾ زيادتيون ڪندا رهيا. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
جيڪي شخص خدا ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ حڪمن کي نٿا مڃين ۽ فساد ڦهلائڻ جي ارادي سان هيڏانهنن (هوڏانهن) ملڪن ۾ ڊوڙندا وتن ٿا، انهن جي سزا ته بس اها ئي آهي جو (کين ڳولي ڳولي) يا ته ماري ڇڏجي يا هنن کي سوريءَ چاڙهيو وڃي. يا سندن هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيا وڃن، يا (وري) کين (پنهنجي وطن جي) سرزمين مان نيڪالي ڏني وڃي، اها سندن خواري ته (فقط) دنيا ۾ ٿي ۽ وري آخرت ۾ ته انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
پر هاءُ! جن اوهان جي قابوءَ ۾ اچڻ کان اڳ توبه ڪئي ته (هنن جا گناھ معاف ڪيا ويندا ڇو جو) ڄاڻو ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄندا رهو ۽ سندس (قرب حاصل ڪرڻ لاءِ) وسيلي (ذريعي) جي ڳولا ۾ رهو ۽ سندس راھ ۾ جهاد ڪيو ته جيئن اوهين ڪامياب ٿيو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ڪفر (احڪام خدا جو انڪار) ڪيو، تن وٽ جيڪڏهن اهو سڀ، جيڪي زمين ۾ (مال خزانو) آهي، سو ۽ ان سان گڏ ٻيو به اوترو (مال) ساڻ هجين ته اهي پاڻ کي قيامت جي ڏينهن عذاب کان بچائڻ لاءِ اهو عوض ڏين ته به اهو هنن کان قبول نه ڪيو ويندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
اهي ماڻهو چاهيندا آهن ته ڪنهن طرح دوزخ جي باھ مان نڪري ڀڄي وڃون. پر اتان اهي ڪٿي ٿا نڪري سگهن ۽ انهن لاءِ ته دائمي (هميشه هلندڙ) عذاب آهي. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
۽ چور چاهي مرد هجي يا عورت اوهين سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ هنن جو (سڄو) هٿ وڍي ڇڏيو. اها (انهن جي سزا) خدا جي طرف کان آهي. ۽ خدا ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
ها! جيڪو پنهنجي گناھ کان پوءِ توبھ ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي چال سڌاري ته بيشڪ خدا به سندس توبھ قبول ٿو ڪري. ڇو ته خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
(اي شخص) ڇا تو نه ڄاتو؟ ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي الله جي آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن کي چاهي ته معاف ڪري ۽ خدا ته هر ڳالھ تي قادر آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي رسول جيڪي ماڻهو ڪفر ۾ ڪاهي پون ٿا. تن جو غم نه ڪر. انهن مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جيڪي وات سان (سولائي) چون ٿا ته اسان ايمان آندو پر هنن جون دليون بي ايمان آهن ۽ ڪي يهودي اهڙا (به) آهن جيڪي (جاسوسي جي سنت سان) ڪوڙيون ڳالهيون ڏاڍو (مزو سان) ٻڌندا آهن ته جيئن ڪافرن جي ٻي جماعت کي جيڪي (اڃا تائين) اوهان وٽ نه آيا آهن ٻڌائن. اهي ماڻهو (توريت جي) لفظن کي چڱي طرح معنى (سمجهڻ کان) پوءِ به بدلائين ٿا. ۽ (وري ماڻهن کي) چون ٿا ته (اهو توريت جو حڪم آهي) جيڪڏهن (محمد جي طرف کان به) اوهان کي اهڙو حڪم ملي ان کي ته مڃجو پر جيڪڏهن اهو حڪم اوهان کي نه ڏنو وڃي ته ان کان الڳ رهجو. ۽ (اي رسول) جنهن کي خدا عذاب ڏيڻ ٿو گهري ته ان لاءِ خدا وٽ تنهنجو زور هلي نٿو سگهي. هي ماڻهو ته اهي آهن جن جي دلين کي خدا (گناهن کان) پاڪ ڪرڻ جو ارادو ئي نه ڪيو (بلڪه) هنن لاءِ ته دنيا ۾ به خواري آهي ۽ آخرت ۾ به انهن لاءِ تمام (ڳئورو) عذاب ٿيندو. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
اهي (بدبخت) ڪوڙين ڳالهين کي وڏي (شوق سان) ٻڌڻ وارا ۽ وڏا حرام خور آهن. ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو تو وٽ (ڪو به معاملو کڻي) اچن ته (تو کي اختيار آهي ته) چاهي انهن ۾ فيصلو ڪريو يا انهن کان الڳ رهو ۽ جيڪڏهن تون هنن کان پاسو ڪندين ته (ڪجھ خيال نه ڪر) اهي ماڻهو اوهان جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نٿا سگهن. پر جيڪڏهن انهن ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان ڪريو، ڇو ته خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ جڏهن خود انهن وٽ توريت آهي ۽ ان ۾ خدا جو حڪم (موجود) آهي ته پوءِ تو وٽ فيصلي ڪرائڻ لاءِ ڇو ٿا اچن ۽ (مزي جي ڳالھ ته) تنهن کان پوءِ وري (تنهنجي حڪم کان) ڦري وڃن ٿا ۽ (سچي ڳالھ ته) اهي ماڻهو ايماندار ئي نه آهن. |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسان توريت نازل ڪيو جنهن ۾ (ماڻهن لاءِ) هدايت ۽ نور (ايمان) آهي انهيءَ وانگر خدا جا فرمانبردار بندا (بني اسرائيل جا) نبي يهودين کي حڪم ڏيندا رهيا ۽ خدا وارا ۽ (يهودين جا) عالم به خدا جي ڪتاب مان (حڪم ڏيندا رهيا) جنهن جا اهي محافظ بڻايا ويا ۽ اهي ان جا عالم به هئا. پوءِ (اي مسلمانو!) اوهين ماڻهن کان (ذرو به) نه ڊڄو (پر) مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن جي عوض (دنيا جو مال ۽ ذر در اصل تمام ٿوري قيمت آهي) نه وٺو ۽ (ياد رکو ته) جو شخص خدا جي نازل ڪيل (ڪتاب) وانگر حڪم نه ڏئي ته اهڙا ماڻهو ڪافر آهن. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
اسان (توريت) ۾ انهن (يهودين) تي هي (حڪم) فرض ڪري ڇڏيو هو ته ماڻهوءَ جو بدلو ماڻهو ۽ اک جو بدلو اک ۽ نڪ جو بدلو نڪ ۽ ڪن جو بدلو ڪن ۽ ڏند جو بدلو ڏند ۽ زخمن ۾ هڪجهڙائيءَ جو خيال رکڻو آهي، پوءِ جيڪو (مظلوم، ظالم جي) خطا معاف ڪري ته اهو سندس گناهن جو ڪفارو ٿي ويندو. ۽ جيڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڪري ته اهڙا ماڻهو ظالم آهن. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
۽ اسان انهن (فرمانبردار نبين) جي نموني تي (انهن جي پٺيان مريم جي پٽ عيسى کي موڪيلو جو تورات کي جو سندس اڳيان هو، سچو چوندڙ هو ۽ ان کي انجيل (به) عطا ڪيوسون جنهن ۾ (ماڻهن لاءِ هر قسم جي) هدايت ڪئي ۽ نور (ايمان ۽ اهو هن ڪتاب توريت جو جيڪو انجيل جي نازل ٿيڻ کان (اڳ ۾ ئي) موجود هو، تصديق ڪرڻ وارو ۽ پرهيزگارن جي هدايت ۾ نصيحت هو. |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ جيڪي الله ان ۾ نازل ڪيو آهي تنهن موجب انجيل وارن کي حڪم ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي ماڻهو حڪم نه ڪندا، سي ئي بدڪار آهن. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
۽ (اي رسول!) اسان تو ڏي به برحق ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪتاب ان کان اڳ (نازل ٿيو) آهي تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ ان تي نگهبان (به) آهي. پوءِ جيڪي الله تو تي نازل ڪيو ۽ جيڪو حق تو وٽ آيو آهي تنهن کي ڇڏي سندن خواهش تي نه هل. ۽ اسان اوهان (نبين) مان هر هڪ لاءِ (وقت وقت جي لحاظ مطابق) هڪ هڪ شريعت ۽ خاص (خاص) طريقا مقرر ڪيا. پر جيڪڏهن خدا چاهي ته اوهان سڀني کي هڪ ئي (شريعت جي) امت بڻائي ها. مگر (جدا جدا شريعتن ڪرڻ مان) خدا جي مرضي هي هئي ته جو ڪجھ اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن ۾ اوهان کي آزمائي. پوءِ چڱاين ڏي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو ۽ (پڪ ڄاڻو ته) توهان سڀني کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. پوءِ جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ (اي رسول! اسين وري چئون ٿا ته) جيڪي حڪم خدا نازل ڪيا آهن تون انهن موجب فيصلا ڪر. ۽ سندن اجائي نفساني خواهشن جي پيروي نه ڪر بلڪه ان (ڳالھ) کان پاسو ڪر (ائين نه ٿئي جو) جيڪو حڪم خدا تو تي نازل ڪيو آهي ان کان اهي ماڻهو تو کي ڦيرائي نه ڇڏين. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو تنهنجي حڪم کان منهن موڙين ته ياد رک (ڄڻ) ته خدا جي اها ئي مرضي آهي ته سندن ڪن گناهن سبب کين مصيبت ۾ وجهڻ گهري ٿو. ۽ ان ۾ شڪ نه آهي جو ڪيترائي ماڻهو بد چال آهن. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
ڇا، هي ماڻهو جاهليت جي زماني واري حڪم جي (تو کان به) تمنا رکن ٿا؟حالانڪه يقين ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ حڪم ۾ خدا کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪير هوندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي ايمان وارو! يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو سرپرست نه بنايو (ڇو ته) اهي ماڻهو اوهان جا مخالف آهن پر پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن. ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جنهن به انهن کي سرپرست بڻايو ته پوءِ اهو به انهن مان ئي ليکبو. بيشڪ خدا ظالمن کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
ته (اي رسول!) جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي تون هنن کي ڏسندين ته اهي ڊوڙي وڃي انهن ۾ ملن ٿا (۽ تو کي وري انهي جو سبب هي) ٻڌائن ٿا ته اسين ڊڄون ٿا ته (متان ائين نه ٿئي جو انهن سان نه ملڻ ڪري) زماني جي گردش ۾ نه اچي وڃن. ته جلد ئي خدا (مسلمانن جي) فتح يا ٻي ڪا ڳالھ پنهنجي طرفان ظاهر ڪندو، ڪڏهن اهي ماڻهو ان بدگماني تي جا پنهنجي دلين ۾ لڪائن ٿا پشيمان ٿيندا. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته ڇا هي اهي آهن جن پنهنجا پڪي ۾ پڪا قسم کنيا هئا ته اسين اوهان سان آهيون. (اڄ ان منافقي جي ڪري) سندن عمل برباد ٿيا ۽ سخت گهاٽي ۾ اچي ويا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي ايمان وارو! توهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو ته (ڪا پرواھ نه آهي ڀلي ڦري) جلدي ئي خدا اهڙن ماڻهن کي ظاهر ڪندو جن کي خدا دوست رکندو هوندو ۽ اهي ان کي دوست رکندا هوندا. ايمان وارن اڳيان نرم دل ۽ ڪافرن تي سخت، خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪرڻ واري جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو خدا جو فضل ۽ ڪرم آهي اهو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي ٿو ۽ الله (ڏيڻ ۾) ڪشادو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
(اي ايمان وارو! اوهان جا مالڪ سرپرست بس اهي ئي آهن، خدا ۽ سندس رسول ۽ مومن جيڪي پابندي سان نماز ادا ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪوات ڏين ٿا. |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول ۽ (انهن) ايمان وارن کي پنهنجو سرپرست بنايو ته (خدا جي لشڪر ۾ اچي ويو ۽) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته خدا جو لشڪر ئي غالب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي ايمان وارو! جن ماڻهن (يهودي ۽ نصارن) کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنا ويا آهن تن مان جن ماڻهن اوهان جي دين کي مسخري ۽ راند بڻايو تن کي ۽ ٻين ڪافرن کي پنهنجو سرپرست نه بنايو ۽ جيڪڏهن اوهان سچا ايماندار آهيو ته بس خدا کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ (هن جي شرارت ايستائين پهتي آهي جو) جڏهن اوهان (آذان ڏئي) نماز لاءِ (ماڻهن کي) سڏيو ٿا ته اهي نماز کي کيل بڻائين ٿا. اهو ان لاءِ ته (اهي ماڻهو بلڪل بي عقل آهن ۽) ڪجھ نه ٿا ڄاڻن. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
(اي رسول! اهل ڪتاب کي) چئو ته آخر اوهين اسان ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪهڙو عيب لائي سگهو ٿا ته اسان خدا تي ۽ جو (ڪتاب) اسان ڏي موڪليو ويو آهي ۽ جيڪي اسان کان اڳ موڪليو ويو ايمان آندو آهي. ۽ اوهان مان گهڻا نافرمان آهن. |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
(اي رسول) تون چئين ته آءُ اوهان کي خدا وٽ سزا ۾ ان کان بڇڙو عيب ٻڌايان؟ (چڱو ته ٻڌو) جنهن تي خدا لعنت ڪئي هجي ۽ مٿس ڪاوڙيو هجي ۽ انهن مان ڪن کي (مسخ ڪري) ڀولڙا ۽ (ڪن کي) سوئر ڪيو هجي ۽ هن (خدا کي ڇڏي) شيطان جي پوڄا پرستش ڪئي هجي. پوءِ اهي ماڻهو درجي ۾ گهڻو بدتر ۽ سڌي راھ کان ٽڙي سڀ کان وڌيڪ پري وڃي ڪريا آهن. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ (مسلمانو!) جڏهن اهي ماڻهو اوهان وٽ اچن ٿا. چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي حالانڪه انهن پاڻ سان ڪفر کي ئي ساڻ ڪري آيا هئا ۽ وري نڪتا به ته ساڻ هون. ۽ جا (منافقي) لڪايل هين خدا ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
(اي رسول!) تون انهن مان ڪيترن کي ئي ڏسندين ته گناھ ۽ سرڪشيءَ ۽ حرام خوري ڏي ڪاهي پون ٿا. جيڪي ڪم هي ڪن ٿا سو ڏاڍو بڇڙو آهي. |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
الله وارا ۽ عالم انهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ حرام خوريءَ کان ڇو ڪين ٿا روڪين. جو (درگذر) اهي ماڻهو ڪندا رهيا اهو تمام برو آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ يهودي چون ٿا ته الله جو هٿ ٻڌل (بخيل) آهي انهن جا هٿ ٻڌل هجن ۽ سندن (ان) چوڻ تي خدا جي لعنت ڀلا خدا جو هٿ ڇو ٻڌجڻ لڳو) پر سندس ٻئي هٿ کليل (ڪشادا) آهن، جيئن گهري ٿو تئين خرچ ڪري ٿو. ۽ جو (ڪتاب) تو ڏي نازل ڪيو ويو آهي (ان جي ساڙ ۽ حسد ڪري) انهن (يهودين) مان گهڻن جي سرڪشيءَ ۽ ڪفر ضرور وڌائيندو. ۽ (ڄڻ ته) اسان پاڻ انهن ۾ قيامت جي ڏينهن تائين دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. اهي جڏهن به جنگ لاءِ باھ ٻارين ٿا ته الله ان کي اجهائي ٿو ۽ ملڪ ۾ فساد لاءِ ڊوڙندا وتن ٿا. ۽ خدا فساد ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان ضرور سندن گناهن کان درگذر ڪريون ها ۽ کين نعمت ۽ آرام (بهشت) جي باغن ۾ پهچايون ها. |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تورات ۽ انجيل ۽ جي (صحيفا) انهن ڏي سندن پروردگار جي طرفان نازل ڪيل هوا. (انهن جي حڪمن تي) قائم رهن ها ته ضرور (سندن) مٿان ۽ پيرن جي هيٺيان (روزي ڏاڍي مزي سان) کائن ها. انهن مان ڪجھ ماڻهو ته سڌي رستي تي هلندڙ آهن (پر) هنن مان گهڻا جو ڪجھ به ڪن ٿا برو ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي رسول! جو حڪم پنهنجي پروردگار جي طرفان تو ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو پهچاءِ. ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪيو ته (سمجھ ته) تو سندس ڪو به پيغام ئي نه پهچايو. ۽ (تون نه ڊڄ) خدا تو کي ماڻهن جي شرارت کان بچائيندو. خدا ڪڏهن به ڪافر قوم کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
(اي رسول) تون چوين ته اي ڪتاب وارو! (جيستائين اوهان توريت ۽ انجيل ۾ جيڪي (صحيفا) اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿيا آهن انهن (جي حڪمن) تي نه هلندو تيستائين اوهان جو مذهب ڪجھ به نه آهي ۽ (اي رسول!) جيڪو (ڪتاب) تو ڏي توهان جي پروردگار جي طرفان موڪليو ويو آهي (ان جي ساڙ ۽ حسد کان) انهن مان گهڻن جي سرڪشيءَ ۽ ڪفر کي اڃا به وڌائيندو. پوءِ تون ڪافرن جي گروھ تي افسوس نه ڪج. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
بيشڪ مسلمان هجن يا يهودي، حڪمانه خيال جا پابند لامذهب توڙي نصارى هجن (مطلب ته ڪجھ به هجن) جيڪو خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، تن تي نه ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
اسان بني اسرائيلين کان انجام اقرار ورتو هو ۽ هنن ڏي ڪيترائي رسول به موڪليا هئا (تنهن هوندي به) جڏهن به ڪنهن رسول سندن خواهشن جي خلاف حڪم آندو ته هنن (ڪم بخت) ماڻهن ڪنهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيائون. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ ڄاتئون ته(ان ۾ اسان جي لاءِ) خرابي ڪانهي. پوءِ (ڄڻ ته) اهي ماڻهو (حق جي ڳالھ کان) انڌا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا (تنهن هوندي به جڏهن انهن توبھ ڪئي) ته وري خدا سندن توبھ قبول ڪئي. (پر) وري (تڏهن به) انهن مان ڪيترائي انڌا ۽ ٻوڙا بنجي پيا. ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا (تنهن کي) خدا ڏسي ٿو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
بيشڪ اهي ڪافر ٿيا جن چيو ته مريم جو پٽ عيسى مسيح، بيشڪ خدا آهي. هوڏانهن مسيح پاڻ چيو هو ته اي بني اسرائيلو! فقط ان خدا جي عبادت ڪريو جو منهنجو ۽ اوهان جو پالڻهار آهي. ڇو ته (ياد رکو!) جنهن به خدا جو شريڪ بنايو ان تي خدا بهشت کي حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
جيڪي ماڻهو چون ٿا ته خدا ٽن مان هڪ آهي، سي بيشڪ ڪافر ٿي ويا (ياد رکو ته) خدا واحد کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ۽ (خدا جي باري ۾) اهي ماڻهو جيڪي بڪواس ڪن ٿا جيڪڏهن باز نه آيا ته (سمجهي ڇڏين ته) جيڪي انهن مان ڪافر رهجي ويا انهن تي ضرور تمام سخت عذاب نازل ٿيندو. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
هي ماڻهو خدا جي بارگاھ ۾ توبه ڇو نه ٿا ڪن ۽ ڇو نه پنهنجي (خطائن لاءِ) معافي گهرن ٿا هوڏانهن خدا ته (گهڻو) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
مريم جو پٽ مسيح ته فقط هڪ رسول آهي ۽ ان کان اڳ ۾ (ٻيا به) ڪيترائي رسول آيا. ۽ سندن ماءُ به (خدا جي سچي) فرمانبردار هئي ۽ اهي ٻئي (ٻين ماڻهن وانگر) کاڌو کائيندا هئا. (اي رسول!) ڏس ته اسان جا پنهنجا احڪام ڪئين نه کولي ڪري ٻڌايون ٿا وري ڏس ته (تنهن هوندي به) اهي ڪئين ابتا وڃن ٿا. |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
(اي رسول!) چوين ته ڇا اوهين الله کانسواءِ اهڙي شيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جا اوهان کي ڪنهن نفعي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نٿي رکي. ۽ الله ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
(اي رسول!) تون چوين ته ڪتاب وارو! ناحق پنهنجي دين (جي ڳالھ) ۾ وڌاءُ نه ڪريو ۽ نه وري انهن (پنهنجن وڏن) جي نفساني خواهشن تي هلو جيڪي اڳي گمراھ ٿي چڪا ۽ (ٻين) گهڻن کي (به) گمراھ ڪري ويا ۽ سڌي رستي کان پري وڃي پيا. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
بني اسرائيلين مان جيڪي ماڻهو ڪافر هئا تن تي دائود ۽ مريم جي پٽ عيسى جي زبان سان لعنت ڪئي وئي آهي. اهو هن ڪري جو (هڪ ته) انهن نافرماني ڪئي ۽ (وري هر ڳالھ ۾) حد کان وڌي ويندا هئا. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
پر بڇڙي ڪم کان جو به انهن ماڻهن ڪيو ته (وري) مڙندا ئي ڪو نه هئا (بلڪه نصيحت ڪرڻ هوندي به نه مڙندا هئا) جو ڪم اهي ڪندا هئا ڪهڙو نه بڇڙو هو. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
(اي رسول) تون انهن (يهودين) مان گهڻن ئي کي ڏسندين ته ڪافرن سان دوستي اٿن. جيڪي سندن نفسن پاڻ لاءِ اڳ ئي درست ڪيو آهي بيشڪ بڇڙو ڪم آهي، اهو هي ته (دنيا ۾ به) خدا هنن تي ڪاوڙيو ۽ (آخرت ۾ به) هميشه عذاب ۾ ئي رهندا. |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو الله ۽ رسول تي ۽ جيڪو مٿس نازل ڪيو ويو آهي ايمان رکن ها ته جيڪر (ڪافرن کي) دوست نه بڻائين ها. پر هنن مان گهڻا بدڪار آهن. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
(اي رسول!) تون ايمان وارن جو دشمن سڀني کان وڌيڪ يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين ۽ ايمان وارن جو دوست هجڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجهو ضرور انهن ماڻهن کي لهندين جيڪي پاڻ کي نصارى چون ٿا، ڇو ته تن (نصارن) مان بيشڪ ڪيترائي عالم ۽ عابد آهن ۽ هن ڪري ته اهي وڏائي نه ٿا ڪن. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ تون ڏسين ٿو ته جڏهن اهي ماڻهو (قرآن) کي ٻڌن ٿا جو اسان جي رسول تي نازل ڪيو ويو آهي ته سندن اکين مان يڪدم ڳوڙها وهڻ لڳن ٿا ڇو ته هنن حق کي سڃاتو آهي (۽) عرض ڪن ٿا ته اي اسان جا خدا اسان ته ايمان آندو آهي سو تون (رسول) جي تصديق ڪرڻ وارن مان اسان کي به لکي ڇڏ. |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسين، خدا ۽ جا حق سچ جي ڳالھ اسان ڏي اچي چڪي آهي ان تي ته ايمان نه آڻيون ۽ (وري) خدا کان اها اميد رکون ته اهو اسان کي نيڪ بندن سان گڏ (بهشت) ۾ موڪليندو. |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
ته خدا به سندن سچي دل سان عرض ڪرڻ ڪري کين اهي (ته سرسبز) باغ عطا ڪيا جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا (۽) اهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ (سچيءَ دل سان) نيڪي ڪرڻ وارن جو اهڙو ئي عيوض آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي ماڻهو دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي ايمان وارو! جيڪي پاڪ شيون الله اوهان تي حلال ڪيون آهن تن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ حد کان نه وڌو. ڇو ته حد کان وڌي وڃڻ وارن کي خدا ڪڏهن به دوست نٿو رکي. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
الله اوهان کي جيڪو سٺو حلال رزق ڏنو آهي تنهن مان کائو ۽ جنهن خدا تي اوهان ايمان آندو آهي (ان جي نافرمانيءَ) کان پاسو ڪندا رهو. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
الله اوهان جي اجاين قسمن کڻڻ تي اوهان کي (خير) نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوهان پڪي نيت سان کنيا (۽ انهن کي نه پارڻ سبب) ته ضرور اوهان جي خبر وٺندو. (چڱو ٻڌو) ان جو جرمانو (هي آهي ته) اوهين جيڪو کاڌو پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کارائيندا هجو ان جو وچ ٿرو کاڌو ڏهن مسڪينن کي کارائڻ يا انهن کي ڪپڙا پهرائڻ يا هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي پوءِ جنهن کان اهي سڀ نه ٿي سگهن ته ٽن ڏينهن جا روزا رکن، جڏهن اوهين قسم کڻو (۽ ڀڃو ته پوءِ) اهو اوهان جي قسمن جو ڪفارو آهي. ۽ پنهنجن قسمن (جي پارڻ) جو خيال رکو. خدا پنهنجا حڪم اوهان لاءِ اهڙي طرح کولي بيان ڪري ٿو ته من اوهين شڪر ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي ايمان وارو! شراب ۽ جوا ۽ بت ۽ ڍارا (ناپاڪ) بڇڙا شيطاني ڪم آهن. ۽ انهن کان پاسو ڪندا رهو ته جيئن ڪامياب ٿيو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان جي ته بس اها ئي مرضي آهي ته اوهان جي وچ ۾ شراب ۽ جوا سان ٻيائي ۽ دشمني وجهائي پڻ خدا جي ياد ڪرڻ ۽ نماز کان روڪي ته ڇا اوهين باز اچڻ وارا آهيو؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ خدا جو حڪم مڃو ۽ رسول جو حڪم مڃو ۽ (نافرمانيءَ) کان ڊڄو. تنهن هوندي به جيڪڏهن اوهان (خدا جي حڪم کان) منهن ڦيريو ته پوءِ ياد رکو ته اسان جي رسول تي بس کولي پيغام ڏيڻ فرض آهي. |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي کائي چڪا تنهن جو گناھ نه آهي، جڏهن (آينده لاءِ) ڊنا ۽ ايمان آندائون چڱا ڪم ڪيائون وري ڊڄندا رهيا ۽ يقين ڪيائون وري پرهيزگاري ڪيائون ۽ ڀلائي ڪيائون ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي ايمان وارو! الله اوهان کي شڪار جي هڪ ڳھ سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين توهان جا هٿ ۽ توهان جا نيزا پهچن ٿا ته جيئن خدا ڏسي ته انکان ڏسڻ وائسڻ کانسواءِ ڪير ٿو ڊڄي پوءِ جيڪو ان کانپوءِ به زيادتي ڪندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي نه ماريو ۽ جيڪو اوهان مان ان کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنهن تي ان ماريل جانور جهڙو بدلو چوپائي مال مان آهي جنهن جو اوهان مان ٻه انصاف وارو فيصلو ڪندا. ان کي نياز طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو يا (ان جي قيمت جو) ڪفارو ڪجھ مسڪينن جو کاڌو يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن هن لاءِ ته پنهنجي ڪيي جي سزا چکي جيڪي ٿي چڪو تنهن کي ته خدا درگذر ڪيو ۽ وري جيڪو اهڙي حرڪت ڪندو ته کيس خدا ان جي سزا ڏيندو. خدا تمام سخت بدلو وٺڻ وارو آهي. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
دريا جو شڪار ۽ ان جو کاڌو اوهان ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن پر خشڪي جو شڪار احرام جي حالت ۾ اوهان تي حرام ڪيو ويو آهي. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو جنهن ڏي اوهين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ويندو. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
خدا جي ڪعبي کي جو سندس عزت وارو گهر آهي ۽ عزت وارن مهينن ۽ قرباني کي ۽ ان جانور کي جنهن جي ڳچي ۾ قرباني لاءِ پٽو ٻڌل هجو. ماڻهن جي امن قائم رکڻ جو سبب ڪيو، اهو هن ڪري ته اوهان کي معلوم ٿئي ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو ۽ هي به (سمجهو ته) بيشڪ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي ۽ هي (به) ته خدا گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
(اسان جي) رسول تي پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ (فرض) نه آهي ۽ اوهين جو ڪجھ ظاهر بظاهر ڪريو ٿا يا جيڪي لڪ ڇپ ۾ ڪيو ٿا خدا سڀ ڄاڻي ٿو. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
(اي رسول!) چوين ته ناپاڪ (حرام) ۽ پاڪ (حلال) برابر نٿا ٿي سگهن. جيتوڻيڪ پليت جي گهڻائي اوهان کي سٺي ڇو نه لڳي. اي عقل وارو! خدا کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهين ڪامياب ٿيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي ايمان وارو! اهڙين شين جي متعلق (رسول کان) نه پڇو جن کي جيڪڏهن اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيو وڃي ته اوهان کي بڇڙيون لڳن. ۽ انهن بابت جڏهن قرآن جي نازل ٿيڻ وقت پڇندو ته اهي اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيون وينديون. (پر توهان کي نه وڻندو جيڪي سوال اوهان ڪيا آهن) خدا انهن کان درگذر ڪيو ۽ خدا گهڻو معاف ڪندڙ بردبار آهي. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
تو کان اڳ ۾ به ماڻهن اهڙيون ڳالهيون (پنهنجي پنهنجي زماني جي پيغمبرن کان) پڇيون هيون پوءِ (جڏهن تحمل ڪري نه سگهيا ته وري) ان جا انڪاري ٿي ويا. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
خدا نڪي بحيرا (ڪن ڦاٽل ڏاچي) مقرر ڪئي آهي نڪي سائبه (سان) نڪي وصيله (جڙوان ٻچا) نڪي ”هام“ (پوڙهو سان) پر ڪافر خدا تي اجايو بيجا ڪوڙ بهتان ٿا ٻڌن، انهن مان گهڻا نٿا سمجهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي ان ڏي ۽ رسول ڏي اچو ۽ اهو جيڪي چوي سو ٻڌو ۽ مڃو. چون ٿا ته اسان جنهن (رنگ) ۾ پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي ڏٺو اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي.ڇا (اهي ماڻهو لڪير جا فقير ٿي رهندا؟) جيتوڻيڪ سندن پي ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هئا ۽ نڪي هدايت حاصل ڪيل هين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي ايمان وارو! توهين پنهنجي خبر وٺو جڏهن اوهين سڌي واٽ تي آهيو ته ڪير به گمراھ ٿي اوهان کي ڪجھ به نقصان پهچائي نٿو سگهي. اوهان سڀني کي الله ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن (اتي نيڪ بد) جيڪي (دنيا ۾) ڪندا هئا اوهان کي خبر ڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهان مان ڪنهن (جي سر) تي موت اچي بيهي ته وصيت وقت اوهان (مومنن) مان ٻن عادل شاهدن جو هجڻ ضروري آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين اوچتو ڪنهن طرف سفر ڪيو ۽ (سفر ۾ ئي) اوهان کي موت جي مصيبت رسي ته (به) ٻه شاهد غير (مومن) ئي سهي (۽) جيڪڏهن اوهان کي شڪ ٿئي ته انهن ٻنهين کي نماز کان پوءِ روڪي ڇڏيو پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻن ته اسين هن (شاهديءَ) جو عوض ڪجھ به نه وٺنداسين (جيتوڻيڪ جنهن جي اسين شاهدي ڏيون ٿا اسان جو) عزيز (ڇو نه) هجي ۽ اسين خدا ڪاڻ شاهدي نه لڪائينداسون. جيڪڏهن ائين ڪريون ته اسين بيشڪ گنهگار آهيون. |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته اهي ٻئي (ڪوڙي قسم ڪري) گناھ جا مستحق ٿيا آهن ته ٻيا ٻه آدمي انهن ماڻهن مان جنهن جو حق دبايو ويو آهي ۽ (ميت جا) ويجها عزيز هجن (انهن کي ڪوڙ ڪرڻ لاءِ) انهن جي جاءِ تي بيهن پوءِ ٻه نوان شاهد خدا جو قسم کڻن ته اڳين ٻن شاهدن کان اسان جي شاهدي زياده سچي آهي ۽ اسان (حق کان تر به) وڌيڪ نه ڪيو پر جيڪڏهن ڪيوسين اسين بيشڪ ظالم آهيون. |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
اهو وڌيڪ سٺو آهي ته اهڙي طرح (آخرت جي خوف کان) بلڪل سچي شاهدي ڏين يا (وري دنيا جي خواريءَ جو) خوف ٿئي ته متان اسان جا قسم ٻي ڌر جي قسمن کان پوءِ رد نه ڪيا وڃن. (مسلمانو!)خدا کان ڊڄو ۽ (خيال سان) ٻڌو، خدا بدچال ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
(ان وقت کي ياد ڪريو) جنهن ڏينهن خدا (پنهنجي) پيغمبرن کي گڏ ڪري پڇندو ته اوهان کي (اوهان جي امت وٽان اسلام جي تبليغ جو (ڪهڙو جواب ڏنو ويو؟ عرض ڪندا ته اسين ته (ڪن ظاهري ڳالهين کانسواءِ) ڪجھ نٿا ڄاڻون ته تون خود وڏو غيبدان آهين. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
(اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن خدا فرمائيندو ته اي مريم جا پٽ عيسى، اسان جيڪي احسان تو تي ۽ تنهنجي ماءُ تي ڪيا انهن کي ياد ڪر. جڏهن اسان روح المقدس (جبرائيل) سان تنهنجي تائيد ڪئي ته تون پينگهي ۾ (ستي) ۽ اڌيڙ (عمر ۾) ٿي ڪري (هڪجهڙو) ڳالهائڻ لڳين ۽ اسان جڏهن تو کي لکڻ ۽ عقد ۽ دانائي جون ڳاليهون پڻ تورات ۽ انجيل (اهي سڀ شيون سيکاريون ۽ جڏهن تون منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکي جهڙو (جانور) بنايو ته پوءِ ان ۾ تو (ڪجھ ڦوڪيو ته پوءِ اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ ماءُ جي پيٽ ڄايل انڌي ۽ ڪوڙهي کي منهنجي حڪم سان تون چڱو ڀلو ڪيو ٿي. ۽ جنهن وقت تو مئلن کي (جيئرو ڪري قبرن مان) ڪڍي ٻاهر ڪيو ٿي ۽ جنهن وقت مون تو کان بني اسرائيلن (جي شر) کي روڪيو جنهن وقت تو انهن وٽ نشانيون آنديون پوءِ انهن مان جيڪي ڪافر ٿيا سي چوڻ لڳا ته هي ته رڳو پڌرو جادو آهي. |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن مون حوارين کي الهام ڪيو ته مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو. انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد ٿي ته اسين تنهنجا فرمانبردار آهيون. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
(اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن حوارين (عيسى کي) عرض ڪيو ته اي مريم جا پٽ عيسى ڇا تنهنجو خدا ان ڳالھ تي قادر آهي ته اسان تي آسمان مان (طعام جو) خونچو نازل ڪري؟ عيسى چيو جيڪڏهن اوهين (سچا) ايمان وارا آهيو ته خدا کان ڊڄو (اهڙي فرمائش جنهن مان امتحان معلوم ٿئي نه ڪريو). |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
اهي عرض ڪرڻ لڳا اسين ته (فقط) اهو گهرون ٿا ته ان مان (تيرڪا) ڪجھ کائون ۽ اسان جي دل کي (اوهان جي رسالت جي پوري پوري) دلجاءِ ٿئي ۽ پڪ ڪريون ته اوهان، اسان کي (جيڪو چيو هو) سو سچ فرمايو آهي ته اسين ماڻهو ان تي شاهد رهون. |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
تڏهن مريم جي پٽ عيسى (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، خداوند، اي اسان جا پالڻهار! اسان تي آسمان مان هڪ خونچو (طعام جو) نازل فرماءِ ته جيئن اهو ڏينهن اسان جي لاءِ اسان جي اڳين لاءِ ۽ اسان جي پوين لاءِ عيد جو ڏينهن مقرر ٿئي، پڻ تنهنجي طرفان (اسان جي لاءِ) هڪ وڏي نشاني ٿئي ۽ تون اسان کي رزق ڏي ۽ تون سڀني روزي ڏيڻ وارن کان بهتر آهين. |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
خدا فرمايو: آءُ خونچو ته توهان تي ضرور نازل ڪندس پر (ياد رهي ته) پوءِ اوهان مان جو شخص ان کان پوءِ ڪافر ٿيندو ته آءُ پڪ (کيس) اهڙي سخت عذاب سان سزا ڏيندس جو سموري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به اهڙو (سخت) عذاب نه ڪندس. |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن (قيامت۾ عيسى کي) خدا فرمايندو ته (ڇا!) اي مريم جا پٽ عيسى تو ماڻهن کي هئين چيو هو ڇا ته خدا کي ڇڏي مون کي ۽ منهنجيءَ ماءُ کي خدا بنايو؟ عيسى عرض ڪندو سبحان الله! منهنجي ته اها مجال نه هئي جو آءُ اهڙي ڳالھ وات سان چوان جنهن جو مون کي ڪو حق نه آهي. (چڱو) جيڪڏهن مون چيو هوندو، تو کي ضرور معلوم ئي هوندو ڇو ته تون منهنجيءَ دل جو (سڀ حال) ڄاڻين ٿو. پر آءُ تنهنجي جيءُ جو حال نٿو ڄاڻيان. تحقيق تون ئي غيب جي ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو. |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
تو جيڪي مون کي حڪم ڏنو ان کان سواءِ مون کين (وڌيڪ) ڪجھ به نه چيو (۽ اهو هي ته فقط) خدا جي عبادت ڪريو جو منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پالڻهار آهي ۽ جيستائين آءُ انهن ۾ هيس سندن نظرداري ڪندو رهيس. پوءِ جڏهن تو مو کي (دنيا مان) کنيو ته تون ئي سندن نگهبان هئين. ۽ تون ئي هر ڳالھ جو شاهد (موجود) آهين. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
تون جيڪڏهن مٿن عذاب ڪندين ته (تون مالڪ آهين) هي تنهنجا بندا آهن ۽ جيڪڏهن کين بخشيندين ته (ڪو به دخل نه ڏيندو ڇو ته) تون بيشڪ زبردست حڪمت وارو آهين. |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
خدا فرمائيندو اڄوڪي ڏينهن سچن ٻانهن کي سندن سچائي ڪم ايندي انهن لاءِ (سٺا سٺا چهچ بهشت جا) اهي باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان نهرون جاري آهن (۽) اهي اتي سدائين رهندا. خدا هنن کان راضي ۽ اهي خدا کان راضي. اها ئي ته تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
سڀ آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي سڀ خدا جي ئي حڪومت آهي ۽ اهو ئي هر ڳالھ تي قادر (۽ وس وارو) آهي. |