يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي وِسهيا، جي وريام! پنهنجون ٻوليون پاريو، ڍور اوهان تي، وَهٽن مان، جائز ڪيا ويا جام، مگر اوهان تي مصحف ۾، پڙهجن، جي پيغام، نه ڪندڙ شوق شڪار جو، جڏهن آهيو، منجھ احرام، آگو ربُّ علام، حڪم هلائي، جيئن گُھري. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي جن مڃيو!، سي مالڪ جا، نه ٽوڙيو يادگار، نه مهينو پاڪ، نه مهديون ۽ نه گانا ڳچين هار، نه مِهت مُهت دارجا، پانڌوڙِي ڪنهن پار، جي گُھرن ڀال ڀلي جا، پڻ رضا ربَّ، ستار، ڪريو، پوءِ شڪار، جڏهن ڇِلو ڇوڙيو. ۽ ڪري نه ڪنهن قوم تي، کَڙو آن کي کار، ته آن کي، مسجد پاڪ کان، جَھليائون جُونجھار!، حڪم اِهو هيڪار، ته ليڪي کان نه لنگھيو. ۽ چاڙهيء چڱيء ۾ ڏيو ، تقوٰى تي تڪرار، نه مدد مَدِئ ۾ ڪريو، ڪنهن ڪُڌي منجھ ڪم ڪار، ڪَنبو ڀر قهار، سائين سزا ۾، سخت گھڻو. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
منع اوهان کي مردار، رت سِير ۽ ماس سُوئر جو، پڻ جا پُڪارِي ويئـِي، پاڪ پرور کان ڌار، گوگھاٽيل، مَڻڪي ڀڳل ۽ ڪِريل، ڀرڪنار، پڻ مُئل مورهين، اُ کل جي آڌار، ۽ مِرونءَ کاڌِي جا، مگر حلال ڪيان هيڪار، ڪُٺِي پَٿر، ڪِ پير تي، يا ڪَريو ڪا ڍاڻي ڪار، آهي اوهان هار، ڏِٺو وائـِٺو ڏوه اِهو. جي ڦريا اوهان جي دين کان، اَڄ ٿيا آسرپَل، پوءِ، اُنهن کان، نه ڊِڄو اصل، ڊِڄو مون کان، مورهين. اوهان لئي، اوهان جي دين کي، اَڄ ڪيم تَم تمام، ۽ پورو ڪَيم پَنهنجو، اوهان تي اِنعام، ۽ ڌئو ڀلارو دين مون، اوهان لئي اِسلام، پوءِ، جو بُک ۾ بيزار ٿيو، نه لَڙندڙ خطا ڏي خام، ته آگو ربُّ علام، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
پُڇنئـِي، ته پرور ڇا ڪيو، حلال اُنهن هار، چئو، چڱيون چوکيون اوهان لئي، جائز ڪيون جبار، پڻ جيڪي پاڻ پاليان، ڪُتا ڪاڻ شِڪار، سيکاريونِ، جو سيکاريان صاحب ربَّ، ستار، جو جَھليؤن اوهان لئي، تنهن منجھان، کائو خُوش گوار، ۽ ساريو سائينءَ پاڪ جو، نالو مَٿنِ نِروار، ۽ ڪَنبو ڀر قهار، هادِي تِکو حساب ۾. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
چڱا چيز اوهان تي، اڄ جائز ڪيا ويا جام، پڻ آن تي، اهل ڪتاب جو، روا طعام تمام، پڻ روا آهي، اوهان جو، تن ڪاڻ طعام، پڻ وَنِيون وِسهندڙن مان، پڻ ناريون نيڪ نام، اُنهن مان، ڪتاب جن کي، ٿيا آن کان اڳ اِنعام، جڏهن ڏِنان ڏان اُنهن کي، موجب عهد انجام، پرڻِيندڙ، نه پر ۾، ڪندڙ خطائون خام، نه وَٺندڙ تن وريام!، سَنگـتياڻيون ۽ ساهيڙيون. ۽ ڦِرندو جو ايمان کان، تِنهنجا ڪريا سڀ ڪم ڪار، ۽ هارِينِ مان هَچار، اُهو آهي آخرت ۾. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي اُهي، مڃيو جن!، جڏهن اُٿيا نيڪ، نماز تي، پوءِ ڌُئو مُنهن، ۽ هٿ پنهنجا، اِرڪيَنِ تائين تِن، پڻ مَکيو پنهنجي مَٿن، ۽ پَنهنجا پير ڳِرين سين. ۽ جي تَڙ آهي اوهان کي، ته وِهنجو پوءِ وِينجھار!، پوءِ جي اَ گھا آهيو، يا سفر منجھ سوار، يا آيو ڪو اوهان مان، ٻَڙو ڦرِي ٻَهار، يا لايان هٿ لاڏلِيين، پوءِ پاڻي نه لڌان ڪنهن پار، پوءِ کڻو خاڪ پاڪ کي؛ تَنهين سان تڪرار، مکيو مُنهن پَنهنجا، پڻ پنهنجا هٿ هيڪار، هرگز حرج اوهان جو، گُھري ڪين غفار، پر گھري ته اوهان کي، پاڪ ڪري ۽ ڏات سندس ڏاتار، پورِي ڪري پاڪ ڌڻِي، اوهان تي، آخرڪار، اِن آسري آڌار، ته ڳايو ڪِي ڳُڻ ڳالهيون. |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
پڻ ساريو پاڻ تي، ڏات سَندِي ڏاتار، پڻ ورتين اوهان کان واعدو سو ساريو قول ڪرار، سُئو سون ۽ مَڃيوسون، وَراڻيان جنهن وار، ۽ ڪَنبو ڀر قهار، دانا دِلين جو ڌڻِي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي جن آندو اعتبار!، عدل ۽ انصاف سان، هُجو شاهد حق جا، صاحب لڳ، ستار، ۽ نه ڪري ڪنهن قوم جو، کڙو اوهان کي کار، ته عدل نه ڪريو؛ عدل ڪريو؛ تقوٰى کي تڪرار، آهي اِهو اوڏڙو؛ ڪَنبو ڀر قهار، ڪريو جي ڪم ڪار، آگو آگاه اُن ڪنان. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
۽ واحد وعدو تن ڏِنو، مڃيو جن مذڪور، پڻ ڪيون نيڪ ڪمايون، اُنهن لاءِ ضرور، مره آهي مُور، پُڻ آھِ اُجورو وڏو. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جي ڦريا، ۽ اسان جون آيتون، ڪوٺيؤن ڪُوڙ، فتور، اُهي بي شڪ بي شعور، ڀاتي آهن باه جا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي جن مڃيو!، سي پاڻ سان، ساريو سُک ستار، جڏهن قوم قصد ڪيو، ته پکيڙينِ اوهان پار، پنهنجا هٿ هٿيارن سان؛ جَھليا پوءِ جبار، اُنهن جا هٿ اوهان کان؛ ۽ ڪَنبو ڀر قهار، پوءِ بارِي مٿي بار، مومن رکن مورهين. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ بني اسرائيل کان، قول، ورتو ڪلتار، ۽ ٻارهن ڪياسون، اُنهن منجھان، مقرر مَهندار، ۽ الله اُتو، ته اوهان سان، آئون ڀيڙو برقرار، جي پڙهيان نمازون پوريون ۽ لڌان سقيمن سار، ۽ مُنهنجي مُرسلن ۾، جي آندان اعتبار، ۽ آڌار ڏِنيان اُنهن کي، ۽ الله کي اوڌار، اوڌار صفا سُهڻي؛ ته اَهنجا بديون بار، ميٽيندو سان مِهر سان، پڻ توهان کي تڪرار، ڏيندس جاءِ جنت ۾، جِت ناليون وَهن نِبار، اِنهيان پوءِ، اوهان مان، ڪيو جنهن اِنڪار، تنهن پُوريو ٻي ڪنهن پار، وِيو لهِي وِچ واٽ تان. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ ڪارڻ ٽوڙڻ قول سندن، ڌڪاريوسونِ ڪنان در، ۽ ڪياسونِ قلب اُنهن جا، ڪارا ۽ ڪٽر، موڳا پنهنجي ماڳ تان، پِئا اڳ پوءِ ڪن اکر، ۽ وِساريون وانٽو، تِنهن منجھان، جو وعظ ٿئـِن وَر وَر، ۽ خان ! اُنهن جي، خيانت تي، سدا سربسر، واقف ٿيندين پِيو، وير! تون، مگر مختصر، پوءِ معاف ڪرينِ مورهين، ۽ ڪر مَٿِن مِهر نظر، پيار ڏي پرور، ڀَلو ڀلائيندڙن کي. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ جن پاٻوهيو اِن پر، ته اسين نصارا آهيون، ورتوسون، تن کان واعدو، مورهين مقرر، پوءِ وِساريؤن وانٽو، تنهن منجھان، جنهن جو وعظ ٿينِ وَر وَر، پوءِ وير، وُروڌتن ۾، هَياسون تا حشر، ۽ جلدِي جل جلالـهٗ، ڏيندنِ خُوب خبر، ڪوجھا ڪم، ڪمتر، جيڪِي ڪن جھان ۾. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
آيان اهل ڪتاب جا! اسان جو مُرسل مَڻياندار، گھڻيو تنهن مان گم ڪيان، جي آيتون اطهار، ڪري، سي ڪتاب مان، اوهان تي اِظهار، سُونهارو سردار، گھڻن کان گُذر ڪري. آيان ليک الله کان ۽ چِٽائـِي چوڌار، سَهائـٖي، سلامتي جو، پورو تنهن سان پار، |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
جنهن رکي رضا ربَّ جِي، ٿيو تهدِل تابعدار، ته اونداهِيان سندس اَمر سان، نينِ نُورپار، ۽ ڏَسي تن ڏاتار، مارڳ سُوڌو، ماڳ جو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
بلڪل ۽ بيشڪ، ڪافر ٿيا، جن ڪَهيو، ته الله آهي پڪ، عيسٰى پٽ مريم جو. چئو، ڪهڙو آهي، ڪير؟ پوءِ، جو جَھلي کان جبار، جي گُھري، ته عيسٰى پٽ مريم کي، ڪري ناس نبار، پڻ ماڻِس کي، ۽ ٻئا مِڙِئي، جي ڀُون ۾ بيشمار، ۽ اُڀ، ڀون سڀ الله جا، پڻ جيڪي مَنجھن جنسار، جيڪي گُھري جل شانہٗ، جوڙي جوڙڻ هار، ۽ صاحب ربَّ، ستار، قادر هر ڪم ڪار تي. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
يهودين ۽ نصارن، ڪڍيو ٻول ٻَهار، ته اسين پُٽ الله جا پڻ دادلا درٻار، چئو، اَهنجي ڏوهن ۾، پوءِ ڇو ڏِينِيان ڏُک ڏاتار، اَوهين، ته ماڻهون تن منجهان، جوڙيا، جي جبار، وڻيسِ تنهن سان وَڙ ڪري ۽ وڻيسِ ڏي آزار، ۽ اُڀ، ڀون مُلڪ الله جو، پڻ جيڪِي منجھن جنسار، ۽ اُن ڏي آخرڪار، هرگز آھِ هلڻو. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
آيان اهل ڪتاب جا!، اَسان جو مرسل مڻيادار، کولي اوهان تي خبرون، منجھ دَور، بنيان ڌار، هن لئي، ته اڳتي آکيو، ته نه آيو اسان پار، کيانتو، نه خابُرو، پوءِ آيان آخرڪار، کيانتو، ۽ خابرو، اڳتي جو آزار، صاحب ربُّ، ستار، قادر هر ڪم ڪارتي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
۽ جڏهن موسٰى، ڪَهيو قوم کي، ته اي برادر ڀار! ساريو، اوهان تي سائينءَ جون، نِعمتون نبار، جڏهن ڪيائين اوهان ۾ ڪرم سان، مُرسل مڻيادار، پڻ اوهان ۾ اَمير ڪَئين، ڪامل ڪلنگيدار، پڻ ڏِنان، سو ڏاتار، جو ڪنهن کي، نه ڏيهَن مان ڏِنو. |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي برادر ڀار!، گِھڙو پاڪ زمين ۾، جا الله لِکي اوهان لئي ۽ پَنهنجي پوئان ڏن پار، نه هَٽو پوءِ هيڪار، مور وڃائيندڙ مورهين. |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
چي، موسىٰ آهي اُن ۾، ڪاڏاڍِي ذات زَبر، ۽ جاسِين نه نِڪرن اِن منجھان، نه گھڙون اُن اَندر، پوءِ جڏهن ٻِيا ٿـِئـِن ٻَهڙ، ته اسين گِھڙڻا اُن گام ۾. |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
ٻن مردن چيو، تن منجھان، جي ڪَنبن قادر ڀر، الله ڪيون اُنهن تي، اِنعامون اَپر، ته گِھڙو اِنهن تي گھوٽيا!، ڌوڪي مَنجھان در، جي ڌوڪي گِھڙيا درمنجھان، ته آهيو زور زَبر، ۽ جي مُومن معتبر، آهيو، ته رکو الله تي. |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
چي، موسٰى اسين اُن ۾، نه گِھڙون سدائين، جيسين، هو هوندا هُنْ ۾، پوءِ تون ۽ تُنهنجو سائين، لَڙو وڃِي آئين، اِسين اِتئـِين ويٺا آهيون. |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
چي، سانيم! مون ۽ مُنهنجي ڀاءُ سوا، ٻيو وس نه منهنجي وار، پوءِ ڌڻيم! دُوري ڌار، مون ۽ ڪانئر قوم وِچان. |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
چي، چاليھ سال اُنهن تي، آهي اِهو حرام، رُلندا رهن روه ۾، بِنا گھر ۽ گام، پوءِ، نه وِجھل وَريام! اِنهيءَ ڪانهيارِي قوم کي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
۽ پَڙھ مَٿنِ، ٻن پٽن جو، آدم جي احوال، ڪيائون، جڏهن قُربانيون، پوءِ هڪ جِي ٿِي بحال، ۽ ٻئي جو خير خيال، منطور نه ٿيو مورهين. چي ماريندوسين مُورهين، تڏهين چيائين اِهڙي چال، ته ڀلن جو بحال، ٿو خاوند خير قبول ڪري. |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جي پَکيڙيو، تو پَنهنجو، مون ڏي هٿ اِن هار، ته قتل ڪرين مون کي، ته پَنهنجو هٿ تو پار، آئون نه کوليندڙ آهيان، ته ڪُهان تو ڪُهيار!، آئون ڏَران ڀر ڏاتار، جو پالڻهار پِر ٿڻين. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
آئون گُھران، ته گِرفتار، ٿِئـِين مُنهنجي ۽ پنهنجي پاپ ۾، پوءِ ڀاتينِ مان باھِ جي، هُجين تون هموار، اِهو آخرڪار، بَدلو بيدا دين جو. |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
نفس سندسِ سينگاريو، ڀاء جو قتل تنهن ڪاڻ، پوءِ پِره سان پاڻ، ٿيو هَڙ موڙِي هارِيندڙن مان. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ قادر مُڪو ڪانء، پيو کوٽي کَڏ خاڪ ۾، ته لَٽي لاش ڀاڻسِ جو، ڏيکاريسِ سو ڏانء، چي، افسوس وِيس عقل ۾، آئون هِن ڪانگ ڪنان!، پوءِ پنهنجي ڀاءُ جو، لَوڙھ لَٽيان مان، پوءِ پِرھ سان، پَڇتائيندڙن مان، پاڻ ٿيو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
موجب اِن مذڪور، لکيو سون بَنِي اسرائيل تي. ته جنهن حق حساب ري، يا ڀُون ۾ ڦوٽ فَتُور، ماريو ماڻهو هيڪڙو، ڪر مِڙئـِي مارئـِين مُور، جنهن جِياريو ضرور، هِڪ جِيءَ، ته سڀ جياريا. ۽ آينِ نبي اسان جا، کڻِي کُليا اُهڃان، بلڪل گھڻا ڀُون ۾، اُنهن مان اَڄاڻ، آهن اِن پڄاڻ، اَجايو اِسراف ۾. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
ربَّ ۽ سندس رسول سان، جي تَڙيل ڪن تڪرار، يا بِگڙين ڀُون کي، تن جِي سزا تڪرار، ته قتل ڪِجينِ، يا ڪِجين سُوري تي سوار، يا هٿ، پير اُنهن جا، ڪاٽِجن اُبتڙ، ڌاروڌار، يا ڏِجينِ نيڪالِي ڏيہ مان، اِهو اِن آڌار، ته خُوب خوارِي اُنهن لئي، مَنجھ نِپٽ ننڍِي ڄمار، ۽ آهي وڏو آزار، منجھ آخرت اُنهن لئي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
مگر جي موٽيا، اَ ڳي اِنهيان وار، ته اوهين ٿيو اُنهن تي، قادر سِرڪپار، سَمجھو ته ربَّ، ستار، مرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي آندو جن ايمان!، ڪَنبو ربَّ ڪريم کان، ۽ وٺو وسِيلو اُن جو، پڻ راه ۾ رحمان، ۽ لَڙو مَنجھ ميدان، ته من مُرادون ماڻيو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
ڦِريا جي فرمان کان، هوند، هُجن تن نال!، جيڪِي ڌن زمين ۾، ۽ ٻيا مَٿان، اُن مثال، ڏُ ک کان ڏينهن قِيام جي، بَدلو ڏينِ بحال، مُلھ نه وَٺبنِ، سي مال، ۽ ساڙ سندنِ لئي، سخت ڪو. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
ڀانئنِ، ته نِڪرن باه مان، ۽ مُنجھانسِ نه نڪرڻا مُور، ۽ سندنِ خاطر سُور، بلڪل بقادار ڪو. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
۽ چور مرد ۽ زال، ڪاٽِيو هَٿ اُنهن جا، جو ڪيون، تنهن جو، قادر کان، بدلو اِي بحال، ۽ بارِي بي مثال، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جو وَريو پنهنجي ظُلم پُٺيان، ۽ چڱِي ڌارئين چال، ته واحد ورندو تنهن مٿي، بخشِيندسِ بحال، بارِي بي مِثال، مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا؟ نه ڀانيئـِي ڀَڙ! ته اُڀ، ڀون مُلڪ الله جو، وڻيسِ وٺي تِنهن کي ۽ وڻيس ڪري وَڙ، ۽ هر ڪم ۾ آهي ڪَڙ، اَلله جل جلالہ. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي نبي! نه وِجھن توکي، اُنهن مان، منجھ ارمان، جي ڪوشش ڪن ڪُفر ۾؛ چيائون ساڻ زبان، ته آندوسون ايمان، ۽ اُنهن جي مَن، نه مڃيو مورهين. جي يهودِي ٿيا، تن مان ڪَن ڏيندڙ، ڪُوڙا ڪي، جُوڻتِ ٻِي جاتِيءَ جا؛ تو وٽ نه آيا سي، ته مَٽِين پنهنجي ماڳن تان، هاريا حرفن کي، چي پوري طرح پَڪڙيو، جي حڪم آيان هي، ۽ اِهي نه آيان جي، ته گوشي تي گُذاريو. ۽ الله گُھري جنهن لئي، ته پرک وٺيسِ پاڻ، ته صاحب کان سڄاڻ!، ڪير سنڀالي تنهن کي. اُهي آهن، سي صحِي، ته گُھريو ئـِي نه غفار، ته سندنِ قلب پاڪ ڪري، مَنجھ نِپٽ ننڍِي ڄمار، خُوارِي خوب طرح، آهي اُنهن هار، ۽ آهي وڏو آزار، آخرت ۾ اُنهن لئي. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
ڪوڙا ڏيندڙ ڪَن سرا، کِيندڙ ڍُوندن ڍير، تو وٽ آيا، ته اُنهن جو، نبي! نِياءُ نِبير، يا مُنهن تِنين کان موڙ تون، جي موڙينِ مُنهن مٿير!، ته توکي تنهن وير، ڪَس نه ڪسِيرو ڏِينِ ڪو. ۽ جي نِبيرِئي، ته نبير تون، اُنهن وچ عدل ساڻ، پِرت ڏي ٿو پاڻ، آگو اِنصافين کي. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ توکي امين ڪيئن ڪن، ۽ جڏهن توريت منجھنِ مور، اُن ۾ حڪم الله جا، تنهن بعدبي شعور، کائن ڦير فُتور، ۽ اُهي نه مڃيندڙ مورهين. |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
اسان توريت اُتاريو، منجھسِ نِسورو نور، صحي سُونهپ واٽ جِي، جنهن ساب يهودين لئي ضرور، نبين نِياءَ نِبيريا، جن مڃيا حڪم حضور، الله لوڪ ۽ عالم، موجب تنهن مذڪور، جو ڪيون ياد ضرور، قادر جي ڪتاب مان. ۽ هُئا شاهد اُن مٿي، برابر بحال، پوءِ ماڻهنِ کان نه ڊڄو، ۽ منهنجو رکو خوف خيال، ۽ نه وٺو منهنجي حڪمن تان، مُلھ ٿورو ڪو مال، ۽ نِياءُ، جنهن نه نبيريو، جو الله لاٿو اُن نال، پوءِ ڪافر، سي ڪُلال، مُنڪر آهن مورهين. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ اُن ۾، اهو فيصلو، لکيو سون مٿنِ لاشڪ، ته جِيء، جِيء سان، اک ، اک سان، ۽ نڪ جو بدلو نڪ، ۽ ڌڪ، جيترو ڌڪ، ۽ ڏند، بدلو ڏند جو. پوءِ، جنهن خُوشيان خير ڪيو، ته ڪَفارو انهيء ڪاڻ، ۽ جنهن اُن سان، نه نياءُ نبيريو، جو پرور لاٿو پاڻ، ته اُهي اناڙي اَڄاڻ، منڪر آهن مورهين. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
۽ لايوسون عيسٰى اُنهن پٺيان، مريم جو ٻچو، صحِي ڪندڙ سچو، اِنهيان اڳ تورات کي. ۽ ڏنوسون اِنجيل ان کي، جنهن ۾ هدايت، نور، اِنهيان اڳ تورات جي، وٺندڙ پرک پرور، ۽ موچارن لئي مور، آهي نصيحت نورسو. |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ عالم اهل انجيل جا، دائم تِنهن دستور، قضا ڪندا هئا، تنهن مٿي، جي لاٿا حڪم حُضور، ۽ جو قضا نه ڪري اُن مٿي، جو مُڪو مالڪ مُور، ته اُهي ظاهر ۽ ظهور، ليڪو اُ کـتل لوڪ ۾. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
۽ اسان اتاريو تو مٿي، ڪامل! حق ڪتاب، ڪندڙ اڳين ڪتابن کي، صحي برصواب، ۽ بيشڪ هر ڪنهن باب، تائيد ڪندڙ تن جو. پوءِ تن وچ نبي! نِبير، اَلله جيئن اُتاريو، ۽ سندنِ سَڌن پٺيان، پٽِئَ نه پائج پير، تو وٽ جنهن وير، حق حقاني آئيو. هر اُمت لئي، اسان ڪيا، ڌرم ڪرم ڌار، ڪيو سُونِيان اُمت هيڪڙي، جي گھريو هوند غفار، پر، تان پرکِينيان، اُن ۾، ڏِنان جو ڏاتار، پوءِ چلو چڱاين ڏي، تڪڙ ڪريو تڪرار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، هڪ ئـِي پرور پار، پوءِ پورا ڏِيندان پار، جنهن ۾ جھيڙا ٿا ڪريو. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ تن وچ نبي! نياءَ، نير، الله جيئن اُتاريو، ۽ سندن سڌن پٺيان، پٽِيءَ نه پائج پير، ۽ ڊڄ، متان ڪجھ، اُن ڪنان ڀلائنِئ ڀلير!، مٿي تو مَٿير!، الله جو اُتاريو. پوءِ جي ڏنائون پُٺ، پوءِ سمجھ ته سائين ٿو گُهري، ته ڏي ڪنهن ڏوھ سندن کان، مٿن مصيبت کي مُٺ، ۽ اڪثر ماڻهون اُٺ، لِيڪو اُ کـتل لوڪ کان. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
ڇا نِياءَ نادانيءَ جا، گُھرن ٿا گھمراه ؟ ۽ ڪهڙِي ڪسر نياءَ ۾، آهي ڪنان الله، جي پڪو رکن ويساه، ڪارڻ تنهن قوم جي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي جن مڃيو! دوست نه ڌاريو، يهود، نصارا، آهن هيڪ ٻين جا، سڄڻ سي سارا، ۽ جو آن مان ڌاري دوست تن، اُهو اُنهن منجھارا، جي اصل ئي اَسارا، سائين نه سُهائي تن سنئين. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
پوءِ اکيين ڏسين اُنهن کي، مرض جن جي مَن، اُهي مَنجھون منجھ، اُن لئي پئا ڪوشش ڪن، چي، ڊِڄون، ته متان اسان تي، ڀِرِي اچي ڪو ڀَن، سائين سَگھي سوڀ ڏِيو، تڪڙِي مٿي تن، يا آڻي اَمر ٻيو ڪو، پاڻ وٽان مَنجھ پَن، پوءِ جا طمع رکيائون تَن، تنهن تي پريشان پِره ۾. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
ڇا؟ هي سي، جن زور ڪري، ٿي کنيا قسم الله، ته اسين اوهان سان آهيون، همہ تن همراه، ٿيا تن جا، ڪم تباه، پوءِ سُڃا سويرا ٿِي رهيا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي آندوجن ايمان!، جو اواهان مان، اُٿلي دين کان، ته سِگھو آڻيندو ساٿ ٻئو، سَٻاجھو سُبحان، هونديسِ حُب تن سان، پڻ هونديَنْ حب حنان، مهربان مؤمنن تي ، ڪرارا سر ڪفران، لڙندا ربَّ جي راه ۾ مانجھي منجھ ميدان، ۽ خوف نه رکن خان، ڪنهن ڇينڀيندڙ جي ڇينب جو. اهو ڀال ڀلي جو وڻيس ڪري، تنهن نال، ۽ بي شڪ وڏي ڀال، دانا آهي، پاڪ ڌڻي. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
اَهنجو مددگار، ربُّ، ۽ رسول ان جو، ٻانهن ٻيلي سي ٻيا، جن آندو اعتبار، پڙهن نمازون پوريون ۽ قائم برقرار، ۽ لهن سقيمن سار، ۽ اُهي جھڪندڙهونِ جبار کي. |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جو ربَّ ۽ سندس رسول کي، پڻ آندو جن ايمان، دِليؤَن ڌاري دوست ٿو، ڏي مدد منجھ ميدان، پوءِ غالب بي گمان، لشڪر لاشريڪ جو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي آندو جن ايمان، دوست نه تن کي ڌاريو، جن اوهان جي دين کي، کِل ۽ کيل بنايو خان!، اُنهن مان، جن اڳي، مليا ڪتاب، ۽ ڪفران، ۽ ڌاريو ڊپ دَيان، جي مومن آهيو مورهين. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن سَڏيانِ، نماز پار، ته کِل ۽ کيل بنايؤن اُن کي، اِهو اِن آڌار، ته هِي ساٿ ئـِي، سوچي ڪين ٿو. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
چئو، اي اهل ڪتاب!، ٻئو وير نه اسان کان واريو، مگر، ته مڃيوسون ربَّ کي، ۽ ٻيا سَنِيهابرصواب، جي اسان ڏي، ڪِ اڳي اُتريا، پاران پاڪ جناب، ۽ خارج ۽ خراب، آهن، اوهان مان گھڻا. |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
چئو، ڪِ اوهان کي، آئون ڏيان کولي خبر چار؟ مالڪ وٽ موٽڻ ۾، وڌيڪ خراب خوار، جنهن کي ڌڻيءَ ڌِڪاريو، ۽ ڏَمريو مٿسِ ڏاتار، ۽ ڀُولُو بنائين اُنهن منجھان، ۽ ڪي ڪارا مِرون ڪَنڌار، ۽ گھڻُو، گمراهن جا، پوڄارِي پينار، اُهي، آسڻ اُنهن جا، بلڪل بَدبُودار، ۽ ڀُليل اِهي بدڪار، وِرسيل وِچولِيءَ واٽ کان. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ جڏهن اوهان وٽ آئـِيا، چي آندوسون ايمان، ۽ ڪاهي پِيا ڪُفر ۾ ۽ ان سان نِڪتا نادان، ۽ سمجھندڙ سبحان، جيڪي لِڪائين لوڪ کان. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
ڏِسندِين گھڻا اُنهن مان، ته تڪڙ ڪن تڪرار، بَدِي ۽ بِيدِيءَ ۾، پڻ مال کِيڻ مُردار، جيڪي ڪن ڪم ڪار، اُهي بلڪل آهن بُڇڙا. |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
جيڪر جھلين، اُنهن کي، عالم ۽ الله لوڪ، گناه جي گُفتار کان، پڻ مُردارکائڻ موڪ، ٿُو کَـٽاسي ٿوڪ!، جيڪي ڪن جھان ۾. |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ يهودين بيهودن چيو، لُولهو هٿ الله، اُٽلو لُولها اُنهن جا، هَٿـڙا هميشاه، ۽ جو آکيؤن، تِنهن آکيل تان ڌِڪيا، کان درگاه، اُٽلو هٿ الله جا، ٻئـِي خوب کُليل واه!، بارِي بادشاه، وڻيسِ، تيئن ڏي وَٺي. ۽ جو توڏي لَٿو، تنُهنجي سائينءَ ڪنان سچ، سو ڪفر ۽ مونجھارو، تن منجھان، ڳچ جو ڪندو ڳچ، ۽ وير وِڌو سون تن وِچ، ۽ ڪُلفت ڏينهن قيام سينِ. جڏهن جڏهن جنگ لئى، ٻاريؤن ڀنڀٽ باھ، ته الله اُجھايو اُن کي، ۽ ٿا گوڙ وِجھن گمراھ، ۽ ڀُون ۾ بي گناه، وِڻاه نه وَڻن ربَّ کي. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ ڪر، اهل ڪتاب مڃيو، ۽ ڪنبيا ڀر قهار، ته ميٽياسُون سندنِ مداين، بلڪل بديون بار، ۽ داخل دِل قرار، ڪيوسونِ باغ بهشت ۾. |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
توريت ۽ انجيل کي، هوندپُورو بِهاريون پاڻ، پڻ سائين سندنِ کان، اُنهن ڏي، اُتريا جي اُهڃاڻ، ته کاڌئون مٿان پنهنجي، ميوا مزي ساڻ، ۽ سُجهندي سِج سانجاڻ، پيرن هيٺان پنهن جي. آهي امت اُنهن مان، ڪا موچارِي مَلوڪ، ۽ بلڪل بدسُلوڪ، اڪثر هلن انهن مان. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي مرسل مڻياندار!، پُهچاءِ پيغام سي، جي توڏي، پنهنجي ربَّ کان، نازل ٿيا نِبار، ۽ نه ڪئـِي، ته پيغام اُن جا، نه پُهچايئـِي، پوءِ پار، بَچائيندئـِي ماڻهن کان، مالڪ، ربُّ مُختيار، قادر قوم ڪُفارَ، سَنئين سُنهائي ڪا نه ڪا. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
چئو، نه آهيو اهل ڪتاب جا!، مٿي ڪنهن ڪم ڪار، تان توريت ۽ اِنْجِيلَ کي، ۽ جو اُتريو اوهان جي پار، پاران پالڻهار، برجاءِ، سَڀ بِيهاريو. جو توڏي لَٿو، تُنهجي، سائينءَ ڪنان سَچ، سو گھڻو تن مان گھڻن ۾، ڪندو ڪُفر ڪچ، پوءِ ڳَڻتِي، نه کائـِج ڳچ، ڪا انهيء ڪافر قوم تي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
جي مومن مسلمان ٿيا، يا يهودي ذات، ۽ عِيسائـِي ۽ اَثِيرِي، جن کي تارن سندي تات، جنهن الله ۽ آخر ڏينهن مڃيو، ڪيا خير خيرات، تن کي، نه ڀو ڪنهن بات، نه ڳڻتِي کين، ڪنهن ڳالھ جِي. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
بي شڪ بني اسرئيل کان، ورتاسون قول قرار، تن ڏي مُڪاسون، مورهين مُرسل مڻيادار، پوءِ جڏهن به آندِي، اُنهن ڏي، پيغمبر پچار، جنهن کي، نه گُھرن جِيء اُنهن جا، ته ڪنهن ٻاريءَ کي ٻِيهار، ڪوڙو ڪَهن ڪُفار، ۽ ڪن کي ڪُهن پئا، قصور ري. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ ڀانيئون، ته بدلو ناھِ ڪو، پوءِ ڪور ٿيا ۽ ڪَر، ورِي تن سان وَڙڪيو، ڪيو واحد مٿن وَر، ورِي به اَنڌا ۽ ٻوڙا ٿيا، اُنهن مان اڪثر، ۽ جيڪي عمل ڪن اَبتر، سي ڏسندڙ آهي، ڏيہ ڌڻي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
ڪٽا ڪافر اُو ٿيا، جن ٻوليو ٻول ٻِيهار، ته الله، عيسٰى آهي اِهو، مريم پٽ مَهندار، ۽ عيسىٰ، ته چيو اُنهن کي، ته اي بني اسرئيل ڀار!، ته ٿيو هڪ الله جا، پوڄارِي پينار، مون ۽ اوهان جو، آھِ، سو پڌرو پالڻهار، ڌاريان ڌڻي پاڪ سان، جن ڀانيا ڀائيوار، هرگز مٿِن حرام ڪيو، جنت کي جبار، ۽ آگ اُنهن جو ماڳ ٿئـِي ۽ هاڃيڪارن هار، نه يار، نه مددگار، نه ڪِي وسيلا، واهرُو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
ڪٽا ڪافر اُو ٿيا، جن هي حرف چيا هيڪار، ته الله ٽِن مان ٽِيو، مُٿاهون مُختار، ۽ ڌڻي ڌوڙِي ناھِ ڪو، هيڪ ڌڻِي کان ڌار، ۽ جي توبه نه ڪيائون، تنهن ڪنان، جا تڙيل ڪن تنوار، ته لاشڪ لڳندو تن کي، جن اِنهن مان، ڪيو اِنڪار، آزاريل آزار، سورن ڀريو ساڙڪو. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
پوءِ اُٿلن، ڇو نه الله ڏي ۽ معافي گهرنسِ مور، ۽ ذات پاڪ ضرور، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
عيسٰى پٽ مريم جو، مٿي ناھِ مور، مگر مُرسل؛ جِھا، مرسل ڪَئين مشهور، وَڄائي وارا وِيا، ان کان اڳي اَهڳور، ۽ ماڻسِ سڳورِي سچِي؛ هُئا کيندا کاڄ ضرور، ڏِس ڪِيئن کوليون خوب طرح، مٿنِ اسين مذڪور، ورِي ڏس، ته سي وَهلور، ڪيڏانهن وڃن پئا ڪاهيا. |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
چئوڪِ پانڌيا!، پوڄيو اُنهن کي، الله ڌار؟ جيڪي جوکو نه ڏِينِيان، ۽ نه منجھن وَٽابو وار، ۽ سُڻندڙ اُهو ستار، پڻ سمجھندڙ سُبحانہٗ. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
چئو اي اهل ڪتاب جا!، نه وَڌايو وَهلور، بنا دليل دين ۾، ذرو ڪو ضرور، ۽ نه لڳو ڪُوڙن تي، قوم جي، جي مُوڙها اَڳ مَغرور، ۽ گھڻن منجھايون مور، ۽ وِرسيا وِچٿرا واٽ کان. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
اسرائيل جي اولاد مان، ڪيو جن ڪُفران، دائود جي زبان تي؛ تن لڳِي لعنت لعان، پڻ عيسٰى پٽ مريم مُنهان؛ جو فائق جا فرمان، ڀڳــئون بي گمان، هلن ٻاهرحُڪمن کان. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
جو بُرو ڪيائون، ڪم ڪو، تنهن کان، منع نه ڪنداهئا مور، جي ڪن ٿا فِعل فُجور، اُهي بلڪل آهن بُڇڙا. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
ڏسين جَجھاتن منجھان، ته جي ڦريا کون فرمان، سڄڻ سارينِ تن کي، جو سنباهِيو سامان، تِن جي تَنْ، تنِ لئي، سو بڇڙو بي گمان، هِي ته ڏاڍو ڏَمريو، مٿنِ ربُّ، رحمان، ۽ هميشه حيران، ساڪن سخت عذاب ۾. |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جي مڃين ربَّ رسول کي، پڻ جو اُتريو اُنهن پار، ته پڪ نه پڪڙيو اُنهن کي، ڪري يار، مددگار، پر بُڇڙا ۽ بدڪار، اڪثر آهن، اُنهن منجھان. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
ماڻهن منجھان، تن لئى، مڃيو جن مذڪور، ڏاڍا ڏِسندين وير ۾، يهودِي ضرور، ۽ ٻِئا، سي بي شعور، جن پرورسين پتيار ڪيا. ۽ جن مڃيو، اوڏا انهن کي، لَئون ۾ لهندين پاڻ، جن اُتو، ته نصارا آهيون، اِهوئي انهيء ڪاڻ، ته ڪي عابد، زاهد اُنهن ۾، ڪي سالڪ سُرت سُڄاڻ، ۽ ربَّ سان روح رِهاڻ، پڻ نه پَڏائـِن پاڻ کي. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن ٻُڌائون مذڪور، جو نازل ٿيو نبيء تي، اکيون ٽِمن تن، آب سان، پئو ظاهر ڏِسين ضرور، جنهن سبب سُڃاتـئون سچ کي، چي مڃيون سون مور، پوءِ شاهدن منجھ شَڪور!، آگاه لک اسان کي. |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ ڇا کـئون، نه اسين الله تي، آڻيون اعتبار، پڻ تِنهن صفاسچ تي، جو آيو اسان پار، ۽ اسين رکون ٿا آسرو، ته ڪري شل ڪلتار، داخِل دِل قرار، صالحن سندي ساٿ ۾. |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
پوءِ، جيڪي چيؤن، ان جو، الله ڏننِ اجر، بَنگلا، باغ بهشت جا، جن هيٺان وَهن جر، ساڪِن اُن سُکن ۾، سدا سربسر، ۽ بَدلو اِهو بِهتر، سندو ڀال ڀلائيندڙين. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جي ڦِريا ۽ اسان جو آيتون، ڪوٺيؤن ڪري ڪوڙ، هرگز اُهي هُوڙ، ڀاتِي آهن، باھ جا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي وسهيا، جي وريام! چڱا چوکا چيزڪي، هادي جي حلال ڪيان، هرگز نه ڪريو حرام، ۽ لنگھيو ڪين لام کان؛ جيڪي لنگھيا لام، ته آگو ربُّ علام، دوست نه ڌاري تن کي. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ کائو پاڪ، حلال سو، ڏِنان جو ڏتار، ۽ ڪنبو ڀر قهار، جنهن کي، مڃيندڙ آهيو. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
يااُنهن جِي اوڍڻِي، يا صحي ڇڏائن سِر، پوءِ جو نه پهتو اُن کي، ته روزا ٽي مُقرر، اِي ڪَفارت ان جِي، جڏهن کَنيان قسم قادر، پوءِ سُونهن اوهان جا سارِيو، بي سود سونهَنْ ۾، قادر وٺندان ڪين، پر پڪ پَڪڙِيندان اُن ۾، جي ٻَڌان ٻول يقين، پوءِ ڪَفارت تِنهن، قُوت ڏهن، مُقرر مِسڪين، پَنهنجي اَهل ۾ اَمين!، جو واپرايو وِچٿرو. آگو اوهان سر، پاڪ پروانا پنهنجا، پرور اِنهيء پر، کولي اُن خاطر، ته ڳايو، ڪي ڳُڻ ڳالهيون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي جن مڃيو! ڄاڻو مورهين، ته نَشا، جوا ۽ ٿان، ۽ سوڻ ڳنڍڻ سڀ گندگِي، منجھان شر شيطان، تنهن کان ڀَڄو بي گمان، ته صحِي سوڀارا ٿيو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان گُھري، ته شراب سان، پڻ جُو اسان ضرور، وير وُروڌ اوهان ۾، وجھي، سو وَهلور، ۽ روڪِينِيان ربَّ جي ذِڪر کان، پڻ نماز مقرر کان مور، پوءِ ڪِيئن آهيو اهل شعور!، ان پَليدِي کان پَلجڻان. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ مڃيو ربَّ ۽ رسول کي، ۽ رکو خوف خيال، پوءِ، جي پُٺيرا ٿيا، ته سمجھو صفا ڳالھ، ته اصل ناھِ اسان جي، نبي سِرِ نِهال، ٻئو ڪو بار بحال، ري پُهچائڻ پَڌري. |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
اُنهن تي نه ڪو اِلزام جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تِنهن ۾ جو، طعام ملين، جڏهن تقوٰى ڪيون تمام، ۽ مڃيؤن ۽ چڱا ڪم ڪيؤن، موٽِي پڻ مدام، سِيل سلامت رکيؤن پڻ وِسهيا وريام، وري به سلامت سِيل رکيؤن ۽ احسان ڪيائون عام، ۽ آگو ربُّ علام، ڀانئي ڀَلو ڀَلائيندڙِين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
مالڪ پَرکيندان مومنو!، ڪِي ڪُجھ منجھ شڪار، جنهن کي وٺنِ، هٿ اوهان جا، پڻ اوهان جا اوزار، تان جو پَرپُٺ ڊِڄي اُن کان، سَمجھي تِنهن ستار، تِنهن پُڄاڻا پوءِ ورِي، جو وِيو وِک ٻَهار، ته آهي اُنهيء هار، سُورن ڀَريو ساڙڪو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي جن آندو اعتبار!، ڪُهو ڪين شڪار کي، آهيو جڏهن اِحرام ۾؛ پوءِ ڪُٺو جنهن شڪار، ڄاڻي ٻُجھي اوهان مان، ته بدلو مٿسِ بار، اُن جھڙو جانورن مان؛ ڪندا اِهو آچار، ٻه ايماندار اوهان مان؛ قُربانيءَ ڪعبي پار، پُهچندڙ؛ يا بي پُهچ جو؛ قُوت ڪفارت سار، يا روزو عيوض اُن جو؛ اِهو اِن آڌار، ته چَکي سندسِ چُوڪ جو، بدلو برقرار، بخشيسِ بَخشڻهار، جيڪِي وَهيو واپريو. جو موٽيو، ته مالڪ اُن سان، پوءِ پاڙِيندو پار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ پاڙو جَھاڙ پارڻو. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
حلال اوهان نال ٿيو، درياءَ جو شڪار، پڻ طعام تيار اُن جو، نفعو اِهو نروار، آهي اوهان هار، پڻ قافلي قطار لئي.۽ اوهان تي اِحرام ۾، بَر جو شڪار بند، ۽ رکو خوف خداوند، جنهن ڏي، مِڙئـِي ميڙبا. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
ڪعبي کي ڪلتار، بلڪل ڀلو گَھر ڪيو، اِنسانن جي انتظام لئي، ٻَڌي لئي ٻيهار، ۽ پاڪ مهينو، مَهديون، ۽ ڳانا ڳچِيء هار، اِن لئي، ته اوهان کي پوي، سڀڪا سماچار، ته جيڪي اڀن، زمين ۾، سمجھي سڀ ستار، ۽ سائين سَمجهدار، حال هر ڪنهن ٽول جو. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
سمجھ ته ربُّ ستار، آهي سزا ڏيڻ ۾ سخت گھڻو، بارِي بخشڻهار، پڻ مِڙنيان مهربان گھڻو. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
ري پهچائڻ، پيغمبر تي، بلڪل نه ٻيو بار، ۽ سمجھي ربُّ، ستار، جو کوليو، ڪِ لِڪايو لوڪ کان. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
چئو پليد، پاڪ پاڻ ۾، مَٽ نه ٿينِ مور، ۽ توڻي واڌ پليد جِي، هر کايئـِي حُضور!، ڊِڄو اهل شُعور، ربَّ کان، ته راحت ماڻيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي آندو جن ايمان!، سي پُڇوم، تن ٽولن جو، ته ڌاڍو لڳـنيان ڏُ کيو، جي کُلن اوهان تي خان!، ۽ جي پُڇندا اوهين اُنهن جو، جڏهن لهي پيو قُرآن، ته کُلنديون اوهان تي، خوب سي؛ پوءِ مَرهيان ربُّ منان، ۽ مالڪ مِهربان، پڻ خاوند کانڌِيرو گھڻو. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
اوهان کان اڳي، قوم ڪنهن، ساڳي ڪيو سوال، پوءِ پره سان پيمال، ٿيا اِنڪارِي، اُن ڪنان. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
مالڪ مقرر ڪين ڪيون، ڪن چِيريل ۽ مِهريون مور، نه وارا اُٺ وهڻ جا، ۽ نه جاڙا جوڙا تُور، پر ٻَڌن ڪوڙ ڪريم تي، وِرسيا جي وهلور، ۽ پوري رِيت پروڙ، اڪثر نه رکن، انهن منجھان، |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن چئجي انهن کي، ته اچو اُنهيء پار، الله، جو اُتاريو، ۽ مُرسل ڏي، مختيار، چي، جنهن پَرتي، لڌاسون، پنهنجا، پِيء، وڏا وِينجھار، اُهو بس اسان لئي؛ توڻي پِڻنِ سُڌ، نه سار، ۽ نه واريان وَرِن ڪنهن وار، سِڌِي سنواٽِي واٽ ڏي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي اُهي، جن مڃيو! اوهان تي، اوهان جو بار، جو ويو وڃڻ کي، واٽ کان، سو وِنگو نه ڪندان وار، هوندا پورا پاڻ اوهين، واٽ مٿي، جنهن وار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، آهي، پرور پار، پوءِ ڪريو، جي ڪم ڪار، تِنهنجون، کولي ڏِيندان خبرون. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي جن آندواعتبار!، ساک اوهان جي، وِچ ۾، موت اوهان، مان ڪنهن مٿي، جڏهن حاضر ٿيو هيڪار، وقت وصيت، اوهان مان، ٻه شاهد ايماندار، يا بيا ڪير، ٻه ڄڻا، جڏهن وياٻِي وَلهار، پوءِ آئـِي اوهان تي اوچتِي، سندِي موت مار، بنديونِ بعد نماز جي، پوءِ کڻنِ قسم ڪلتار، جي هِنيون هَيان؛ ته هِن تان نه وٺون مُلھ مِقدار، ۽ مَرهجن مِٽ، نه لِڪايون، سچِي ساک ستار، آهيون اُنهيءَ وار، اسين ڏاڍن ڏُهارِين مان. |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پوءِ، جي ڀانتا وِيا بدڪار، ته تن بدران بيهنِ، ٻِئاٻه ڄڻا، اُنهن مان، ٻه اوڏا اُنهن کي، جن حق ڇڪيو هيڪار، پوءِ کڻن قسم ڪريم جو، ته اُنهن جو اِظهار، ٻن اڳين جي اظهارکان، سَچو سچ نِبار، ۽ نه وَڌايون سون هڪ وار، نه ته هونداسون هَڙ ٻوڙن مان. |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
اُنهن کي اوڏي اِي، ته صحِي ساک ڏينِ سي، ياڪَنبن، ته قسم، قسمن مان، پٺيان ٿيندن رَدرِئـِي، پوءِ سُڻو، ۽ صاحب کان، ڀانيو ڀوء ڀَئـِي، ۽ سائين سَنئين صحِي، نه ڏَسي ڏُهاري قوم کي. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
جڏهن قادر ڪَٺي ڪندو، مُرسل مڻياندار، چوندو، ته ڇا چيو وِيان؟ چي اسان سُڌ نه سار، تون واحد وقفڪار، ڳُجھ جي، سڀ ڳالهين جو. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
واحدچيو جنهن وار، ته اي عيسىٰ! پٽ مريم جا، تو ۽ تنهنجي ماء سان، جي سُک ڪيم، سي سار، توکي روح پاڪ سان، عطاڪيم آڌار، پيو ڳالهائين پينگھي ۾، ماڻهن سان مَهندار!، توڻي ٻالڪ ٻارتون، يا ڪامل! ڪَرڙ ڄمار، ۽ ليک سيکاريمِ لال! تو، پڻ حڪمت ۽ هوشيار، توريت ۽ انجيل ۾، ڪيم قابل ڪار، جڏهن مورت مِٽيء مان، جوڙيين، پِکيءَ جھڙا پار، سندمِ حڪم سان، ساھ منجھسِ، وجھين پيو وينجھار!، پوءِ پکي ٿئي پَڌرو، سندمِ حڪم سان هيڪار، اُٿيارين مُنهنجي اَمر سان، ڪوڙهيا، انڌا اِظهار، پُڻ مئا مُنهنجي اَمر سان، پيو ٻهڳن!، ڪڍين ٻَهار، ۽ جڏهن بني اسرائيل کي، توکان جھليمِ جونجهار!، آئين کڻي خير سان، جڏهن نِشانيون نروار، پوءِ ڪَهيو، جن ڪيو، انهن مان اِنڪار، هِي نظربندِي نِبار، ڪارو ڪُو ڪٽ آھِ ڪو. |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن حوارين ڏي، موڪليم مذڪور، ته مون ۽ منهنجي رسول کي، مڃيو آئين مور، چيائون چشمن سان، مِڙوئـِي منظور، ۽ شاهد ٿي ضرور، اسين مڃيندڙآهيون. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
جڏهن چيلن چيو اِن چال، ته اي عيسى! پٽ مريم جا، تنُهنجي پرور پاڪ کان، ڇا پُهچندِي هِيءَ ڳالھ؟ ته خاصو خُنچو اُڀ کان، ڪري نازل، اسان نال، چي، بارِي کان بحال، مُڙو، جي مومن آهيو. |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
چي، اَٿئون خواهش خان!، ته کِيون اُن خُنچي منجھان، ۽ قلب به قرار وَٺنِئون، ۽ معلوم ڪريون مَانِ، ته سچ چئـِي سلطان!، پڻ اُن سر ساکين مان هجون. |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
عيسٰى، مريم پٽ اُتو، ته سانيمِ، ربَّ سبحان!، اُتار اسان تي خُنچو، ڪنان آسمان، اسان جي اڳين ۽ پوين لئي، عيد عجب عيان، ۽ توڙان نِشانِي تُنهنجي، ڏي روز اسان رحمان!، ۽ تون بِهتر بي گمان، روزِي رسائيندڙن ۾. |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله چيو، ته اوهان ڏي، آئون موڪليندڙ مور، اِنهيان پوءِ، اوهان مان، جو ٿيو بي شڪر، بي شعور، ته ڏيندس سَزا اُن کي، زبردست ضرور، ڪنهن کي نه ڏِيندس سُور، جنهن جھڙو جھانن مان. |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ جڏهن چيو جبار، ته عيسٰى پٽ مريم جا!، توڪِ ماڻهن کي چيو، ته ٻانهپ ڪريو ٻِيهار، مون ۽ مُنهنجي ماء جِي، ڌُر ڌڻيءَ کان ڌار؟، چي، پڪ آهين پاڪ تون، هرگز نه هُجن مون هار، ته چوان، جنهن چوڻ جو، مون کي نه حق هيڪار، جي چيو هوندمِ، ته هوندِي تو، سڀڪا سماچار، جيڪِي مُنهنجي جِيءَ ۾، سو ڄاڻين ڄاڻڻهار!، آئون نه ٻُجھان، جو تُنهنجي جِيء ۾، جِي جِيار!، ڳُجھ جي، سڀ ڳالهين جو، تون واحد!، واقفڪار، |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
نه چيو مينِ، جو چئـِي مون، تنهن چوڻ ڌار، جو مالڪ مون ۽ اوهان جو، سو پوڄيو پالڻهار، جان هُئس مَنجھنِ، تان هُئس، اُنهن تي نظردار، پوءِ پورا جڏهن پاڻ ڪئـِي، مُنهنجا ڏينهن، ڏاتار!، پوءِ تون ئـِي هُئين، تن مٿي واهِي ويرو تار، ۽ همه مٿي هموار، تون ساکي سڀ ڪنهن ڳالھ ۾. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
وٺندينِ، ته بَندا تُنهجا، بي واه، تو وٽ بَند، ۽ جي کِمندينِ خداوند!، ته صحِي سَٻر، سٻَوجھ تون. |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
والِي چيو، تِنهن وار، ته سچ ڏيندو، سچن کي فائدو، بنگلا، باغ بهشت جا، آهن اُنهن هارِ، هميشه هيٺان جن جي، ناليون وَهن نبار، سدا ساڪن اُن ۾؛ ٿيو سَرهو کانئنِ ستار، ۽ اُهي راضي اُن کان، اِي آس وڏِي اَپار، |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
اُڀ، ڀون مُلڪ الله جون، پڻ جيلي مَنجھنِ جنسار، ۽ اُهو ڏيہ ڏاتار، قادر هر ڪنهن ڪم مٿي. |