يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! بندشن جي پائبندي ڪيو. توهان لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا آهن سواءِ انهن جي جيڪي توهان کي (اڳتي) ٻڌايا ويندا، مگر جڏهن توهان احرام ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ الله جو چاهي حڪم فرمائي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ! الله جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪيو ۽ نه عزت وارن مهينن (يعني رجب، ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم) جي ۽ نه (حرمِ ڪعبه ڏانهن موڪليل) قرباني جي جانورن جي ۽ نه ڳچين ۾ (قرباني جي ) نشاني طور پَٽو ٻڌل جانورن جي ۽ نه عزت واري گهر (مسجد الحرام) ڏانهن ارادو ڪري ايندڙ ماڻهن (جي عزت مال ۽ جان) جي (بي حرمتي ڪجو جيڪي) پنهنجي پالڻهار جي فضل ۽ رضا جا طالب آهن. ۽ جڏهن احرام کولي ڇڏيو ته پوءِ شڪار ڪري سگهو ٿا. ۽ توهان کي ڪنهن قوم جي (اها) دشمني جو انهن اوهان کي مسجد الحرام کان روڪيو هيو هن ڳالهه تي نه اُڀاري جو توهان (انهن سان) زيادتي ڪيو. ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي سان مدد ڪيو ۽ گناهه ۽ زيادتي ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪيو ۽ الله کان ڊڄو. بلاشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
توهان تي مردار جانور حرام ڪيو ويو آهي ۽ (سِيرَ جو) رَت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جيڪو جانور (ذبح جي وقت) غير الله جو نالو وٺي ڪُٺو ويو هجي ۽ گهُٽي سان مُئل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ (ڪنهن جانور جي ) سِڱ هڻي ماريل ۽ جنهن جانور کي ڦاڙيندڙ جانور کائي ويو سواءِ ان جي جنهن کي اوهان ذبح ڪري ورتو (اهو حلال آهي) ۽ (اهو جانور به حرام آهي) جيڪو ڪنهن (بت جي) آستاني تي ذبح ڪيو ويو ۽ جو توهان تيرن سان تقسيم ڪيو. اهي سڀ ڪم گناهه آهن. اڄ ڪافر اوهان جي دين کان مايوس ٿي ويا پوءِ انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو. اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ڇڏي ۽ اوهان لاءِ اسلام کي (بطور) دين پسند ڪيم. پوءِ جيڪو بک ۽ اڃ جي شدت ۾ مجبور هجي (هن شرط سان ته) گناهه ڏانهن لاڙو ڪندڙ نه هجي (۽ بيان ڪيل حرام شين مان ڪجھه کائي) ته پوءِ بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
توکان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڪهڙيون شيون حلال ڪيون ويون آهن؟چؤ ته اوهان لاءِ سڀ پاڪيزه شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن جو شڪار جن کي اوهان سِکيا ڏني آهي شڪار تي ڊوڙائيندي اوهان انهن کي ائين سيکاريو ٿا جيئن اوهان کي الله علم ڏنو آهي، پوءِ ان (شڪار) مان کائو جيڪو (شڪاري جانور) توهان لاءِ پڪڙي رکن ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار لاءِ ڇڏيندي) الله جو نالو وٺو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله حساب ۾ جلدي ڪرڻ وارو آهي. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ اوهان لاءِ سڀ پاڪيزه شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ انهن ماڻهن جو کاڌو (يعني ذبيحو) اوهان لاءِ حلال آهي جن کي ڪتاب ڏنو ويو ۽اوهان جو کاڌو (ذبيحو) به انهن لاءِ حلال آهي، ۽ پاڪدامن مؤمنياڻيون (به اوهان لاءِ حلال آهن) ۽ پاڪدامن عورتون انهن مان جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو (حلال آهن) جڏهن اوهان انهن جا مهر ادا ڪيو نڪاح ڪندڙ هجو نه ظاهر بدڪاري ڪندڙ ۽ نه ئي ڳجهي آشنائي رکندڙ هجو. ۽ جيڪو ايمان (جي رستي تي هلڻ) جو انڪار ڪندو ته بيشڪ ان جو سارو عمل برباد ٿي ويو ۽ اهو آخرت ۾ به نقصان وارن مان هوندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان نماز لاءِ اٿو (۽ اوهان بي وضو هجو) ته پوءِ (وضو لاءِ) پنهنجي چهرن کي ڌوئو ۽ پنهنجن هٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنهنجي مٿن جي مک ڪيو ۽ پنهنجي پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو.) ۽ جيڪڏهن توهان تڙ وارا هجو ته (وهنجي) سهڻي نموني پاڪ ٿيو ۽ جي توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو قضاء حاجت کان آيو هجي ته يا توهان عورتن سان جماع ڪيو هجي پوءِ جي پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪيو. پوءِ (تيمم هي آهي جو) ان (پاڪ مٽي) سان پنهنجي چهرن ۽ پنهنجي (ٺوٺين تائين) هٿن جي مک ڪيو. الله نه ٿو چاهي جو اوهان مٿان سختي ڪري ۽ پر چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري من اوهان شڪر گذار ٿيو. |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
۽ پنهنجي مٿان الله جي نعمت کي ياد ڪيو ۽ سندس معاهدو (به ياد ڪيو) جيڪو توهان کان پڪي طرح ورتو هئائين، جڏهن اوهان چيو هيو ته: ”ٻڌو سين ۽ مڃيو سين“ ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! الله جي حڪم تي قائم رهندي انصاف سان شاهدي ڏيندڙ هجو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني اوهان کي هن ڳالهه تي نه اڀاري جو (ان سان) انصاف نه ڪيو (بلڪه دشمن سان به) انصاف ڪيو. اهو پرهيزگاري جي وڌيڪ ويجهو آهي. ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله خبروار آهي توهان جيڪي عمل ڪيو ٿا. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
الله انهن ماڻهن سان وعدو ڪيو آهي جن ايمان آڻي پوءِ صالح عمل ڪيا ته انهن لاءِ بخشش آهي ۽ زبردست اجر آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون اُهي دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جي اُها نعمت ياد ڪيو جڏهن (ڪافر) قوم پڪو پهه ڪيو ته (اوهان کي مارڻ لاءِ) اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگها ڪن ته پوءِ انهن جا هٿ اوهان کان روڪيائين. الله کان ڊڄندا رهو. ۽ مؤمنن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ الله بني اسرائيل کان پڪو عهد ورتو هيو ۽ اسان انهن مان ٻارهن سردار مقرر ڪيا. ۽ الله فرمايو ته آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. جي اوهان نماز قائم رکندؤ ۽ زڪواة ڏيندا رهندؤ ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻيندؤ ۽ انهن جي مدد ڪندا رهندؤ . (راهِ دين ۾ مال خرچ ڪري) الله کي سٺو قرض ڏيندؤ ته آءٌ اوهان کان ضرور اوهان جا گناهه ميٽيندس ۽ اوهان کي ضرور اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. پوءِ هن کان پوءِ به اوهان مان جنهن به (معاهدي جو) انڪار ڪيو ته بيشڪ اهو سڌي راهه کان هٽي ويو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ سندن عهد ٽوڙڻ سببان اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ اسان سندن دلين کي سخت ڪري ڇڏيو. (ان سخت دلي سبب آسماني ڪتابن جا) الفاظ انهن جي جاين کان مٽائن ٿا ۽ جا کين نصيحت ڪئي وئي هئي ان جو وڏو حصو وساري ڇڏيائون ۽ هميشه تون انهن جي ڪنهن نه ڪنهن خيانت تي واقف ٿيندو رهندين سواءِ انهن مان ڪن ٿورن ماڻهن جي سو تون انهن کي معاف ڪري ڇڏ ۽ درگذر ڪر. بيشڪ الله احسان ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ (اهڙي طرح) انهن ماڻهن مان جن چيو ته اسان نصارا آهيون اسان انهن کان به عهد ورتو هيو پوءِ جا کين نصيحت ڪئي وئي هئي ان جو وڏو حصو وساري ڇڏيائون. پوءِ (ان بدعملي جي سزا طور) اسان انهن جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض قيامت تائين وجهي ڇڏيو. ۽ جلد الله انهن کي خبر ڏيندو جيڪي بنائيندا رهندا هئا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي ڪتاب وارؤ! بلاشڪ اوهان وٽ اسان جو رسول آيو آهي جو اوهان لاءِ گهڻيون اُهي ڳالهيون پڌريون ڪري ٿو جيڪي اوهان ڪتاب مان لڪائيندا هئا ۽ گهڻين ڳالهين کان درگذر به ڪري ٿو. بيشڪ اوهان وٽ الله وٽان نور ۽ روشن ڪتاب (قرآن) آيو آهي. |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
الله ان جي ذريعي انهن کي جيڪي سندس رضا جا طالب آهن سلامتي جي واٽن جي هدايت ڏئي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي حڪم سان (گمراهي جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشني طرف وٺي وڃي ٿو ۽ انهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
البته بيشڪ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته: ”بيشڪ الله اهو مسيح پٽ مريم ئي آهي“. چؤ ته: ” ته ڪير آهي جو الله کان انهن کي بچائي سگهندو؟جيڪڏهن الله چاهي ته عيسى پٽ مريم ۽ سندس ماءُ ۽ جيڪي به زمين ۾ آهن انهن سڀني کي هلاڪ ڪري ڇڏي. ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي. اهو جيڪي چاهي پيدا ڪري ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ يهودين ۽ نصارن چيو ته: ”اسان الله جا پُٽ ۽ ان جا محبوب آهيون“. انهن کان پڇ (جي ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن سزا ڇو ٿو ڏئي؟ بلڪه (حقيقت هي آهي ته) اوهان به (خلقيل) ماڻهو آهيو ان جي پيدا ڪيل مخلوقات مان. اهو جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي عذاب ڪري. ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اوهان وٽ اسان جو رسول آيو آهي جيڪو اوهان لاءِ (اسان جا احڪام) پڌرا ڪري ٿو(سندس آمد) رسولن جي آمد جي (سلسلي جي هڪ مدت کان) منقطع ٿيڻ بعد ٿي آهي اهو هن لاءِ ته متان اوهان چئو ته اسان وٽ نه ڪو خوشخبري ڏيندڙ آيو. ۽ نه ڪو ڊيڄاريندڙ آيو پوءِ بيشڪ اوهان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اچي ويو آهي. ۽ الله سڀني شين تي سگھه رکڻ وارو آهي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اي منهنجي قوم! پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪيو جڏهن ان اوهان ۾ نبيءَ پيدا ڪيا ۽ اوهان کي بادشاهه بنايائين ۽ اوهان کي اها (نعمت) ڏنائين جيڪا جهانن ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين. |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منهنجي قوم (شام ملڪ جي) مقدس سرزمين ۾ داخل ٿيو جيڪا الله اوهان لاءِ لکي ڇڏي آهي ۽ پُٺي ڏئي پوئتي نه موٽجو نه ته توهان خساري وارن مان ٿي موٽندؤ“. |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
چيائون: ”اي موسى بلاشڪ ان ۾ ته ڏاڍي طاقتور قوم (رهندڙ) آهي ۽ اسان ان ۾ تيستائين داخل نه ٿينداسين جيستائين اُهي ان مان نه نڪرندا پوءِ جي اُهي ان مان نڪرندا ته اسان داخل ٿيڻ وارا آهيون“. |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
انهن (الله کان) ڊڄڻ وارن مان ٻه ڄڻا اهڙا به هئا جن کي الله نعمت سان نوازيو هيو تن چيو ته: ”انهن (قومِ جبارين) تي دروازي مان داخل ٿيو. پوءِ جڏهن توهان داخل ٿي ويندؤ ته پوءِ پڪ سان اوهان غالب آهيو ۽ الله مٿان ئي ڀروسو رکو جي اوهان ايمان وارا آهيو“. |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
چيائون: ”اي موسى! جيستائين اُهي اتي آهن اسان هرگز اتي داخل نه ٿينداسين پوءِ تون ۽ تنهنجو رب وڃي جنگ ڪيو اسان ته هتي ويٺا آهيون“. |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
(موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! آءُ پنهنجي سر ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کان سواءِ ڪنهن جو به مالڪ نه آهيان سو تون اسان جي ۽ نافرمان قوم جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏ“. |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
(الله) فرمايو: ”پوءِ اُها (زمين) چاليهه سال مٿن حرام ڪئي وئي آهي ڌرتيءَ ۾ (خانه بدوش) ڀٽڪندا رهندا پوءِ (اي موسى!) تون بي فرمان قوم تي افسوس نه ڪجانءِ“. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
۽ (اي نبي!) انهن کي آدم جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جي خبر پڙهي ٻڌاءِ جا بلڪل سچي آهي. جڏهن ٻنهين (الله اڳيان) قرباني پيش ڪئي پوءِ انهن مان هڪ (هابيل) جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي (قابيل) جي قبول نه ڪئي وئي ته (قابيل ساڙ ۾) چيو ته: ”آءُ تو کي ضرور قتل ڪندس“. (هابيل) چيو ته: ”بيشڪ الله پرهيزگارن کان ئي قبول ڪري ٿو“. |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
(هابيل) چيو جيڪڏهن تون پنهنجو هٿ مون کي مارڻ لاءِ مون ڏانهن وڌائيندين (ته به) آءُ پنهنجو هٿ تو کي قتل ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن نه وڌائيندس، بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو جيڪو جهانن جو پروردگار آهي. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
بلاشڪ منهنجو ارادو آهي ته منهنجي گناهه کي ۽ پنهنجي گناهه کي تون ئي پنهنجي مٿان کڻين پوءِ تون جهنمين مان ٿي پوين ۽ اِها ئي ظالمن جي سزا آهي“. |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
پوءِ ان (قابيل) جي نفس ان لاءِ سندس ڀاءُ (هابيل) کي قتل ڪرڻ آسان بنايو سو ان کي ماري وڌائين پوءِ نقصان وارن مان ٿي پيو. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله هڪ ڪانؤُ موڪليو جيڪو زمين کوٽڻ لڳو هن لاءِ ته جيئن کيس ڏيکاري ته پنهنجي ڀاءُ جو لاش ڪيئن لڪائي؟ (اهو ڏسي) چيائين ته: ”هاءِ افسوس! ڇا آءُ عاجز ٿي پيس جو هن ڪانؤ جهڙو ٿيان جو پنهنجي ڀاءُ جو لاش لڪايان“. پوءِ پشيمانن مان ٿي پيو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
..ان جي ڪري.. اسان بني اسرائيلن تي (تورات ۾) لکي ڇڏيو ته: ”جنهن ماڻهو ڪنهن کي بنا قصاص (يعني خون جي بدلي خون) يا زمين ۾ فساد (پکيڙڻ جي سزا) جي قتل ڪيو ته ان ڄڻڪ سڀ انسانذات کي قتل ڪيو. ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڪ جي زندگي بچائِـــي ته ان ڄڻڪ ساري انسانذات جي زندگي بچائي. ۽ بيشڪ انهن وٽ اسان جا رسول چِٽن دليلن سان آيا پوءِ ان کان بعد به بلاشڪ انهن مان گهڻا زمين ۾ زيادتيون ڪرڻ وارا آهن. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد (پکيڙڻ) جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي سزا اهائي آهي جو اُهي قتل ڪيا وڃن يا ڦاهي چاڙهيا وڃن يا انهن جا هٿ ۽ انهن جا پير مخالف طرفن ۾ ڪاٽيا وڃن (يعني هڪ طرف جو هٿ ۽ ٻئي طرف جو پير) يا ڌرتي کان ڌار ڪيا وڃن. (يعني کين ملڪ نيڪالي ڏني وڃي) اِها انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
سواءِ انهن ماڻهن جي جن اوهان جي قابو ۾ اچڻ کان اڳ توبه ڪئي. پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان ڏانهن (ويجهڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ) وسيلو وٺو ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪيو من توهان ڪامياب ٿي وڃو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ته جيڪڏهن ساري دنيا جي دولت انهن جي قبضي ۾ هجي ۽ ان جيتري ٻي به گڏ هجي ته اهي قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان (بچڻ لاءِ اها سڀ) بدلي ۾ ڏين ته به انهن کان قبول ڪونه ڪئي ويندي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
چاهيندا ته اهي جهنم مان ٻاهر نڪرن ۽ اُهي ان مان نڪرڻ وارا ناهن ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
۽ چوري ڪندڙ مرد ۽ چوري ڪندڙ عورت پوءِ ٻنهين جا هٿ وڍيو ان (ڏوهه) جي سزا ۾ جيڪو ڪيائون اها الله پاران عبرت ناڪ سزا آهي. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنهن ماڻهو پنهنجي ڪيل ظلم بعد توبه ڪئي ۽ اصلاح ڪيائين ته پوءِ بلاشڪ الله ان جي توبه قبول ڪندو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. اهو جنهن کي چاهي عذاب ڪري ۽ جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي. ۽ الله هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي پيغمبر! تو کي اُهي ماڻهو غمزده نه ڪن جيڪي ڪفر ۾ تيزي سان ڪوشان آهن (توڙي) انهن (منافق) ماڻهن مان هجن جيڪي واتن سان ته چون ٿا ته ”اسان ايمان آندو“، حالانڪه انهن جي دلين ايمان نه آندو آهي ۽ (توڙي انهن) يهودين مان هجن جيڪي ڪوڙ گھڙڻ لاءِ گهڻو ٻڌندڙ آهن اهي ٻي قوم جي لاءِ گھڻو ٻڌندڙ آهن جيڪي تو وٽ (اڃا) آيا ناهن. اهي (الله جي) الفاظن کي انهن جي جاين کان مَٽائن ٿا، چون ٿا ته: ”جي اوهان کي هي (حڪم) ڏنو وڃي ته پوءِ ان کي قبول ڪجو، ۽ جي اهو (حڪم) نه ڏنو وڃي ته ان کان ڪنارو ڪجو. ۽ الله جنهن کي فتني ۾ وجهڻ جو ارادو ڪري ته تون ان جي لاءِ الله (جي ارادي کان بچڻ لاءِ) ڪنهن شيءِ جي مالڪي نه لهندين. اِهي ئي آهن جو الله انهن جي دلين کي پاڪ ڪرڻ نه ٿو چاهي. دنيا ۾ انهن لاءِ خواري آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
اهي گهڻو ٻڌندڙ آهن ڪوڙ گهڙڻ لاءِ گهڻو حرام کائيندڙ آهن. پوءِ جي اهي تو وٽ (فيصلي لاءِ) اچن ته (تو کي اختيار آهي) انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين يا انهن کان مُنهن موڙين، ۽ جي تون انهن کان مُنهن موڙيندين ته توکي ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ جي تون فيصلو ڪرين ته انهن جي وچ ۾ عدل سان فيصلو ڪر. بيشڪ الله عدل وارن سان محبت رکي ٿو. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ اهي تو کي حاڪم ڪيئن مڃندا؟ حالانڪه انهن وٽ تورات موجود آهي، جنهن ۾ الله جو حڪم (لکيل) آهي پوءِ اهي ان کان پوءِ به ڦري وڃن ٿا. ۽ اهي ايمان رکڻ وارا ئي نه آهن. |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي، ان مطابق نبيءَ (سڳورا) جيڪي الله جا فرمانبردار هئا يهودين جا فيصلا ڪندا هئا ۽ الله وارا ۽ عالم به (ان مطابق فيصلا ڪندا هئا) ان ڪري جو اُهي الله جي ڪتاب جا محافظ بنايا ويا هئا ۽ اهي ان تي شاهد هئا. پوءِ اوهان ماڻهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي ٿورڙي مُلهه تي نه وڪڻو. ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون جي مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي ڪافر آهن. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان انهن تي ان (تورات) ۾ هي حڪم لکي ڇڏيو هيو ته جان جي عيوض جان ۽ اک جي عيوض اک ۽ نڪ جي بدلي نڪ ۽ ڪن جي بدلي ۾ ڪن ۽ ڏند جي عيوض ڏند ۽ زخمن جو (به) بدلو آهي. پوءِ جيڪو هن (قصاص) کي صدقو ڪري (يعني معاف ڪري) ته اهو ان جي (گناهن) لاءِ ڪفارو آهي. ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون جي مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي ظالم آهن. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
۽ اسان انهن (نبين) جي طريقي تي پُٺيان مريم جي پٽ عيسى کي موڪليو جيڪو تورات مان جو ڪجھه سندس اڳيان (موجود) هيو ان جي تصديق ڪندڙ هيو، ۽ اسان کيس انجيل عطا ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ روشني هئي ۽ اهو (به) سندس اڳيان واري (ڪتاب) تورات مان جو ڪجھه (موجود) هيو ان جي جي تصديق ڪندڙ هيو ۽ سراسر هدايت ۽ نصيحت ڪندڙ هيو پرهيزگارن لاءِ. |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ (اسان جو حڪم هيو ته) انجيل وارا به ان قانون مطابق فيصلو ڪن جيڪو الله ان ۾ نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي نافرمان آهن. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
۽ (اي نبي) اسان تو ڏانهن حق سان ڪتاب نازل ڪيو آهي جيڪو پاڻ کان اڳين ڪتاب مان جو ڪجھه سندس اڳيان (موجود) آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ ان تي محافظ آهي سو تون انهن جي وچ ۾ ان قانون مطابق فيصلو ڪر جيڪو الله لاٿو آهي ۽ انهن جي سَڌُن جي پيروي نه ڪر ان حق کي ڇڏي جيڪو تو وٽ آيو آهي. اسان اوهان مان هرهڪ لاءِ هڪ دستور ۽ هڪ راهِ عمل بنائي آهي. ۽ اگر الله چاهي ها ته اوهان کي هڪ ئي امت بنائي ها ۽ پر جيڪي اوهان کي ڏنائين ان ۾ اوهان کي آزمائي ٿو پوءِ نيڪين ۾ جلدي ڪيو. اوهان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن آهي پوءِ اوهان کي آگاهه ڪندو جن (ڳالهين) ۾ اوهان پاڻ ۾ اختلاف ڪندا هئا. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪر ان قانون مطابق جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ انهن جي سَڌن جي پيروي نه ڪر ۽ انهن کان هوشيار رهه متان اُهي تو کي ان (حڪم) کان هيڏي هوڏي نه ڪن جيڪو الله تو ڏانهن لاٿو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙن ته پڪ ڄاڻ ته الله انهن کي انهن جي ڪن گناهن سبب سزا ڏيڻ چاهي ٿو. ۽ بلاشڪ ماڻهن مان گهڻا نا فرمان آهن. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
ڇا جاهليت ( جي دور) جو قانون چاهين ٿا؟ حالانڪه يقين رکندڙ قوم لاءِ الله کان بهتر فيصلو ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي ايمان وارؤ! يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نه بنائي وٺو. اُهي هڪ ٻئي جا يار آهن. ۽ اوهان مان جيڪو انهن سان دوستي رکندو ته بلاشڪ اُهو (به) انهن منجهان آهي. بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
پوءِ تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي ته اُهي ڊوڙي انهن سان ملن ٿا چون ٿا ته: ”اسان ڊڄون ٿا ته اسان تي (زماني جي) ڪا گردش نه اچي وڃي“. پوءِ پڪ آهي جو الله فتح آڻي يا پاڻ وٽان ڪو حڪم آڻي ته پوءِ انهن پنهنجي دلين ۾ جيڪو (نفاق) لڪايو آهي ان تي پشيمان ٿي پوندا. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ (ان وقت) ايمان وارا هيئن چوندا ته: ”ڇا هي اُهي ماڻهو آهن جن پڪا پختا الله جا قسم کنيا هئا ته بيشڪ اُهي اوهان سان گڏ آهن“ (پر) انهن جا سڀ عمل برباد ٿي ويا پوءِ اُهي نقصان وارا ٿيا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي ايمان وارؤ! اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦري ٿو ته (ڀلي ڦري) جلد الله اهڙي قوم آڻيندو جن سان اهو (الله خود) محبت رکندو ۽ اُهي (به) ان سان محبت ڪندا. اهي مؤمنن مٿان نرم هوندا ڪافرن مٿان سخت هوندا. الله جي راهه ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو الله جو فضل آهي جنهن کي چاهي ٿو عطا ڪري ٿو. ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
بلاشڪ اوهان جو دوست ته صرف الله ۽ ان جو رسول آهي ۽ اُهي ايمان وارا جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏيندا رهن ٿا ۽ اُهي رڪوع ڪندڙ آهن. |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول ۽ ايمان وارن کي دوست بنائيندو ته بلاشڪ الله جي جماعت وارا ئي غالب آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن کي دوست بنائي نه وٺو جن اوهان جي دين کي ڀوڳ ۽ راند (تماشو) ڪري ورتو آهي (اُهي) انهن مان آهن جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو ۽ (ٻيا) ڪافر آهن (انهن کي به دوست نه بنايو). ۽ الله کان ڊڄندا رهو جي اوهان مؤمن آهيو. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن اوهان نماز لاءِ (بصورت اذان) سڏيو ٿا ته اهي ان کي ڀوڳ ۽ راند (تماشو) بنائي وٺن ٿا. اهو هن ڪري جو اُهي (بنهه ) بي عقل قوم آهن. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
چؤ: ”اي ڪتاب وارؤ! توهان کي اسان جي ڪهڙي ڳالهه ڏُکي لڳي آهي! سواءِ هن جي جو اسان ايمان آندو آهي الله تي ۽ ان تي جيڪو اسان تي نازل ڪيو ويو آهي ان تي ۽ جيڪو اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ بلاشڪ اوهان مان گھڻا نافرمان آهن“. |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
چؤ ته: ”ڇا اوهان کي خبر ڏيان ته الله وٽ انهن (فاسقن) کان به بري انجام ڪرڻ وارو ڪير آهي؟اهو شخص جنهن تي الله لعنت ڪئي ۽ ان تي ڏمريو ۽ انهن مان ڪيترن کي باندر ۽ سوئر بنايائين ۽ اهو جنهن شيطان جي پوڄا ڪئي. اهي ئي بري ٽڪاڻي وارا آهن ۽ سنئين راهه کان گهڻو ڀٽڪيل آهن“. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ جڏهن اهي اوهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا اسان ايمان آندو آهي. حالانڪه اُهي (اوهان وٽ) ڪفر سان داخل ٿيا ۽ اُهي ان (ڪفر) سان ئي نڪتا. ۽ جيڪي اُهي لڪائن ٿا الله ان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
۽ تون انهن مان گهڻا اهڙا ڏسندين جيڪي گناهه ۽ ظلم ۽ حرامخوري ۾ جلدي ڪن ٿا. البته ڏاڍو خراب آهي جيڪي عمل ڪن ٿا. |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
انهن کي ڇو نه ٿا روڪن الله وارا ۽ عالم! سندن گناهه جي ڳالهين کان ۽ سندن حرام کائڻ کان. البته ڏاڍو برو آهي جيڪو تيار ڪري رهيا آهن. |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ يهودين چيو ته الله جو هٿ ٻَڌَلُ آهي (يعني بخيل آهي) ٻڌا ويا انهن جا هٿ! ۽ جيڪي چيائون انڪري مٿن لعنت ڪئي وئي. بلڪه الله جا ٻئي هٿ (عطائن ۾) کُليل آهن اهو جيئن چاهي ٿو خرچ ڪري ٿو. ۽ (اي نبي!) تو ڏانهن جيڪو تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو انهن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو. ۽ اسان انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن تائين بغض ۽ دشمني وجهي ڇڏي. جڏهن به اُهي جنگ جي باهه ڀڙڪائن ٿا ته الله ان کي اجهائي ڇڏي ٿو ۽ اُهي زمين ۾ فساد جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ الله فسادين کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ اگر ڪتاب وارا (سرڪشي جي بجاءِ) ايمان آڻن ها ۽ تقوى اختيار ڪن ها ته اسان انهن کان سندن گناهن کي ميٽي ڇڏيون ها ۽ انهن کي ضرور نعمت وارين جنتن ۾ داخل ڪيون ها. |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اُهي تورات ۽ انجيل کي ۽ انهن (احڪامن) کي جيڪي انهن ڏانهن سندن پالڻهار پاران نازل ڪيا ويا هئا قائم رکن ها ته پنهنجي مٿان کان ۽ پنهنجي پيرن جي هيٺان کان (رزق) کائن ها. انهن مان هڪ جماعت وچٿري آهي. ۽ انهن مان گھڻا جو ڪجھه ڪري رهيا آهن سو نهايت برو آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي پيغمبر! جو ڪجهه تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار طرفان نازل ٿيو آهي سو پهچاءِ. ۽ جي تو ائين نه ڪيو ته تو (ڄڻڪ) ان جو پيغام پهچايو ئي ڪونه. ۽ الله تو کي ماڻهن کان بچائڻ وارو آهي. بيشڪ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! توهان (دين ۽ حق مان) ڪنهن شيءِ تي نه آهيو جيستائين توهان تورات ۽ انجيل ۽ جيڪي ڪجهه اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار پاران نازل ڪيو ويو آهي ان کي قائم (۽ نافذ) نه ڪندؤ ۽ (اي نبي!) تو ڏانهن جيڪو تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو انهن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو. پوءِ تون ڪافرن جي قوم تي افسوس نه ڪر. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
بلاشڪ جن ماڻهن ايمان آندو (يعني مسلمان) ۽ جي يهودي ٿيا ۽ صابي (ستارن کي پوڄڻ وارا) ۽ نصارى (انهن مان) جن به الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا ته نه انهن مٿان ڪو خوف آهي نه اُهي غمگين ٿيندا. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
البته تحقيق اسان بني اسرائيل کان پڪو عهد ورتو ۽ انهن ڏانهن (گهڻا) رسول موڪلياسين. (پر) جڏهن به انهن وٽ ڪو رسول اهڙو حڪم کڻي آيو جنهن کي سندن دلين پسند نه ٿي ڪيو ته (نبين جي) هڪ جماعت کي ڪوڙو چيائون ۽ هڪ جماعت کي قتل ڪيائون. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ سمجهيائون ته (انهن بدعملين سبب) ڪا سزا نه ايندي پوءِ (حق کان) انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا پوءِ (وري به) الله انهن جي توبه قبول ڪئي پوءِ (به) انهن مان گهڻا انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا . ۽ جيڪي عمل ڪن ٿا الله ان کي ڏسندڙ آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
البته تحقيق انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته بيشڪ ”الله“ ته مريم جو پٽ مسيح ئي آهي ۽ مسيح چيو ته: ”اي بني اسرائيل! الله جي عبادت ڪيو جيڪو منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پالڻهار آهي“. بيشڪ ڳالهه هي آهي ته جيڪو الله سان شرڪ ڪندو ته بلاشڪ ان مٿان الله جنت حرام ڪئي آهي ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي. ۽ (اهڙن) ظالمن جا ڪي به مددگار نه آهن. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
بيشڪ اُهي ماڻهو ڪافر ٿي ويا جن چيو ته: ”الله ٽن (معبودن) مان ٽيون آهي“. حالانڪه ڪو به معبود نه آهي سواءِ هڪ معبود جي. ۽ جيڪڏهن انهن (ناشائسته ڳالهين) کان نه رُڪيا جيڪي چون ٿا ته انهن مان جن جن ڪفر ڪيو انهن کي ضرور دردناڪ سزا ڏني ويندي. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
ڇا پوءِ اهي الله ڏي نه ٿا موٽن! ۽ ان کان بخشش (نه ٿا) گهرن؟ حالانڪه الله بخشڻهار وڏي ٻاجهه وارو آهي. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
مسيح پٽ مريم رسول ئي آهي (يعني نه الله نه الله جو پُٽ نه الله جو شريڪ آهي) پڪ سان ان کان اڳ به گھڻا رسول گذري چڪا آهن. ۽ ان جي ماءُ هڪ سچار (عورت) هئي. اهي ٻئي کاڌو کائيندا هئا. ڏس ڪيئن نه اسان انهن لاءِ کولي کولي آيتون بيان ڪيون ٿا وري ڏس ته اهي ڪيئن (حق کان) ڦريا وڃن ٿا. |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
چؤ: ”ڇا الله کي ڇڏي ان جي عبادت ڪيو ٿا جيڪو توهان لاءِ نه ڪنهن نقصان جو مالڪ آهي نه نفعي جو. ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي“. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
چؤ : ”اي ڪتاب وارؤ! اوهان پنهنجي دين ۾ ناحق وڌاءُ نه ڪيو ۽ اهڙي قوم جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو جيڪي پهريان پاڻ گمراهه ٿيا ۽ (پوءِ) ٻين گهڻن کي به گمراهه ڪيائون ۽ اهي سنئين واٽ کان ڀٽڪي ويا. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
بني اسرائيل مان جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن تي دائود ۽ عيسى پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي وئي. اهو هن لاءِ جو انهن بي فرماني ڪئي ۽ اهي حدون اورانگهيندا هئا. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
اهي هڪ ٻئي کي ان بد ڪمن کان نه روڪيندا هئا جيڪي ڪم ڪيا هئائون. اُهي جيڪي ڪندا هئا سو نهايت برو هيو. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
تون انهن مان گهڻن کي ڏسندين ته ڪافرن سان دوستي رکن ٿا. ڪيڏو برو آهي جيڪو انهن پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليو جو الله انهن مٿان ڏمريو ۽ اُهي عذاب ۾ هميشه رهندا. |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جي ايمان آڻن ها الله تي ۽ نبي (محمد ﷺ) تي ۽ جيڪو (ڪتاب) ان تي نازل ڪيو ويو آهي (ان تي) ته انهن (ڪافرن) کي دوست نه بنائن ها ۽ پر انهن مان گهڻا نافرمان آهن. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
ضرور تون مؤمنن جو سڀني کان وڌيڪ سخت دشمنُ يهودين کي لهندين ۽ انهن کي جن شرڪ ڪيو (يعني يهودي ۽ مُشرڪ مسلمانن جا سخت دشمن رهندا) ۽ ضرور تون مؤمنن جي دوستي ۾ سڀني کان وڌيڪ ويجهو انهن کي لهندين جن چيو اسان نصارى آهيون. اهو هن ڪري جو انهن ۾ عالم ۽ الله لوڪ آهن ۽ بلاشڪ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن اهي ان ڪلام (قرآن) کي ٻڌن ٿا جيڪو رسول (عربي ﷺ) ڏانهن لاٿو ويو آهي ته تون انهن جي اکين کي ڏسندين ڳوڙها ڳاڙن ٿيون هن ڪري جو انهن حق کي سڃاتو. چون ٿا ته: ”اي اسان جا مالڪ! اسان ايمان آندو پوءِ اسان کي (حق جي) شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ. |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ اسان کي ڇا آهي؟ جو اسان الله تي ۽ جيڪو حق اسان وٽ پهتو آهي ان تي ايمان نه آڻيون. حالانڪه اسان اها اميد رکون ٿا ته اسان جو پالڻهار اسان کي نيڪ ماڻهن ۾ داخل فرمائي“. |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
پوءِ الله انهن کي سندن ان ڳالهه سبب ثواب ۾ اهڙا باغَ ڏنا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اهو ئي نيڪوڪارن جو بدلو آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون ته اهي (ئي) جهنمي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي ايمان وارؤ! (انهن) پاڪيزه شين کي حرام نه ڪيو جيڪي الله اوهان لاءِ حلال ڪيون آهن ۽ حد نه اورانگهيو. بيشڪ الله حد اورانگهيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ کائو ان مان جيڪي حلال ۽ پاڪيزه شيون الله اوهان کي رزق بنائي ڏنيون آهن. ۽ الله کان ڊڄندا رهو جنهن مٿان اوهان ايمان رکو ٿا. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
الله اوهان جي اجاين قَسمن ۾ اوهان جي پڪڙ نه ڪندو ۽ پر اوهان کي (انهن تي) پڪڙيندو جيڪي پڪي نيت سان اوهان قسم کنيا. (اگر قسم ڀڃي ڇڏيو ته) پوءِ ان جو ڪفارو ڏهه مسڪينن کي کارائڻ آهي اهڙو وچولو (کاڌو) جيڪو پنهنجي گهروارن کي کارايو ٿا. يا انهن (مسڪينن) کي ڪپڙا ڍڪائڻا آهن. يا هڪ ڪنڌُ (يعني غلامُ) آزادُ ڪرڻ آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو اهي (ٽئي شيون) نه لهي ته پوءِ ٽي ڏينهن جا روزا رکڻ آهي. اهو توهان جي قَسمن جو ڪفارو آهي جڏهن توهان قسم کڻي (وري ڀڃي) ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي قَسمن جي حفاظت ڪيو. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان شڪر ڪيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي ايمان وارؤ! شراب ۽ جوا۽ (پوڄا لاءِ) کڙا ڪيل بت ۽ ڍارا (قسمت معلوم ڪرڻ لاءِ فال جا تير) ته صرف بڇڙا شيطاني ڪم آهن پوءِ انهن کان بچو ته جيئن اوهان ڪاميابي ماڻيو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان ته صرف اهو ئي چاهي ٿو ته شراب ۽ جُوا جي سبب اوهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجهي ۽ اوهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان روڪي. ڇا پوءِ اوهان (انهن ڪمن کان) رڪجڻ وارا آهيو؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (بي فرمانين کان) بچو، پوءِ جي توهان منهن موڙيو ته پڪ ڄاڻو اسان جي رسول مٿان صرف روشن پيغام پهچائڻ آهي. |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن تي ان جو ڪو گناهه ناهي جيڪو (حڪم نازل ٿيڻ کان اڳ) کائي چڪا جڏهن جو پرهيزگار ٿيا ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري ڊڄندا رهيا ۽ ايمان آندائون پوءِ وري به پرهيزگار ٿيا ۽ احسان ڪيائون. ۽ الله احسان ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ! الله اوهان کي شڪار جي ڪنهن شيءِ سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين توهان جا هٿ ۽ توهان جا نيزا پهچن ٿا هن لاءِ ته الله ان ماڻهو جي سُڃاڻ ڪرائي جيڪو ان کان پرپُٺ ڊڄي ٿو. پوءِ ان کان پوءِ جيڪو حد اورانگھيندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي ايمان وارؤ! (وحشي) شڪار کي قتل نه ڪيو جڏهن اوهان احرام جي حالت ۾ هجو. ۽ اوهان مان جنهن به ان کي ڄاڻي واڻي ماريو ته ان جو بدلو جانورن مان ان (جانور) جي برابر آهي جنهن کي ماريائين جنهنجو فيصلو اوهان مان ٻه انصاف وارا ڪن ان کي هديه طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو. يا ان جو ڪفارو ڪجهه مسڪينن جو کاڌو آهي. يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن تان جو اُهو پنهنجي ڪئي جي سزا چکي. جو ڪجهه گذري چڪو الله اهو معاف ڪيو. ۽ جيڪو دوبارو ائين ڪندو ته پوءِ الله ان کان بدلو وٺندو. ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
توهان لاءِ درياء جو شڪار ۽ ان جو کائڻ حلال ڪيو ويو آهي ۽ اهو اوهان (رهائشِيُن) ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ آهي، ۽ خشڪي جو شڪار اوهان لاءِ حرام ڪيو ويو آهي جيستائين اوهان احرام جي حالت ۾ آهيو. ۽ الله کان ڊڄندا رهو جنهن ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندؤ. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
عزت واري گهر ڪعبي کي الله ماڻهن جي قيام جو ذريعو بنايو آهي ۽ عزت واري مهيني کي ۽ ڪعبي جي قرباني کي ۽ ڳچيءَ ۾ نشاني طور پٽي ٻڌل جانورن کي به (عزت وارو بنايو آهي) اهو هن لاءِ ته اوهان ڄاڻو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ بلاشڪ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
ڄاڻي وٺو ته بلاشڪ الله سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي ۽ بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
پيغمبر تي ته رڳو پيغام پهچائڻ آهي. ۽ الله سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿا. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
چؤ ته : ناپاڪ ۽ پاڪ (پاڻ ۾) برابر ناهن. توڙي جو توکي ناپاڪن جي گهڻائي سُٺي لڳي. پوءِ الله جي بي فرماني کان بچندا رهو اي عقل وارؤ تان ته توهان ڪامياب ٿي وڃو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي ايمان وارؤ! اهڙين شين جي باري ۾ نه پڇو جيڪي اگر اوهان لاءِ ظاهر ٿين ته اوهان کي خراب لڳن، ۽ جي انهن جي باري ۾ ان وقت پڇندؤ جنهن وقت قرآن نازل ٿي رهيو آهي ته (اُهي) اوهان لاءِ ظاهر ڪيون وينديون. الله ان کان (جي سوال ٿي چڪا) معاف ڪيو آهي ۽ الله بخشڻهار بردبار آهي. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
بيشڪ اوهان کان اڳ هڪ قوم اهڙين ڳالهين بابت پڇيو هيو (جڏهن بيان ٿيون ته) پوءِ ان جا انڪاري ٿي ويا. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
الله نه بحيره (يعني ڏهه دفعا ڦَــرُ ڏيڻ واري ڏاچِي) نه سائبه (يعني پنج دفعا ڦَرُ ڏيڻ واري ڏاچي) ۽ نه وصيلة (يعني هڪ ئي دفعي نر ۾ مادي سان ڦرجڻ واري ٻڪري) ۽ نه حام (يعني اهو نَــرُ اُٺُ جنهن ڏهن ڏاچين کي ڦريو هجي انهن جانورن ) کي (شرعي طور حُرمت وارو) مقرر ڪيو آهي (جيئن جاهل پنهنجي وهمن ۾ سمجھن ٿا) ۽ پر جن ڪفر ڪيو سي الله مٿان ڪوڙو بهتان ٻَـــڌن ٿا. ۽ انهن مان گهڻا عقل نه ٿا رکن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته: ”اچو ان (قرآن) ڏانهن جيڪو الله لاٿو آهي ۽ رسول (ﷺ) ڏانهن“! ته چون ٿا ته: ”اسان لاءِ اهو (طريقو) ڪافي آهي جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو“. ڇا جيتوڻيڪ انهن جا ابا ڏاڏا ڪجهه به نه ڄاڻندا هجن ۽ نه هدايت تي هجن؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي ايمان وارؤ! اوهان تي پنهنجي سرن جو سانگو ڪرڻ لازم آهي، جيڪو گمراهه ٿي ويو اهو توهان کي ڪو نقصان نه ڏيندو جيڪڏهن اوهان هدايت وارا ٿي ويا. توهان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن آهي پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو توهان جيڪي عمل ڪندا هئا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي ايمان وارؤ! اوهان جي وچ ۾ شاهدي (جو نصاب) هي آهي جو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت (جي مَهَلَ) اچي وڃي (۽ اهو وصيت ڪري رهيو هجي) ته وصيت ڪرڻ وقت اوهان (جي جماعت) مان ٻه عدل وارا ماڻهو هجن. يا جيڪڏهن اوهان زمين ۾ سفر ڪري رهيا آهيو (ان حال ۾) اوهان تي موت جي مصيبت اچي پهچي ته توهان جي غيرن مان ٻه شخص شاهد ڪيا وڃن اگر اوهان کي انهن ۾ شڪ پوي ته انهن ٻنهين کي نماز کان پوءِ (شاهديءَ لاءِ) روڪيو ۽ اهي ٻئي الله جو قسم کڻن ته : ”اسان ان (شاهدي) جي عيوض ڪا قيمت نه وٺنداسين توڙي ويجهو قرابت دار هجي ۽ نه اسان شاهدي لڪائينداسين (اگر لڪايون ته) اسان ان وقت گنهگارن مان ٿينداسين“. |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته اُهي ٻئي (شاهدي لڪائڻ سبب) گنهگار ٿي چڪا آهن ته پوءِ ٻه ڄڻا ٻيا (ميت جا ويجھا مائٽ) انهن جي جاءِ تي بيهاريا وڃن جن جو حق پهرين ٻن (شاهدن) لڪايو آهي پوءِ الله جو قسم کڻن ته: ”اسان جي شاهدي انهن ٻنهين جي شاهدي کان وڌيڪ سچي آهي ۽ جي اسان حد ٽپياسين ته ان وقت اسان ظالمن مان ٿينداسين“. |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
اهو (طريقو) ان لاءِ ويجهو آهي ته (ماڻهو) صحيح طرح شاهدي ڏين يا اُهي ڊڄن ته متان سندن قَسَمَ ٻين جي قَسَمَن کان پوءِ رد نه ٿين. ۽ الله کان ڊڄو ۽ (ان جا حڪم) ٻڌو ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
جنهن ڏينهن الله سڀ رسولن کي گڏ ڪندو ۽ فرمائيندو ته: ”توهان کي (امتن پاران) ڪهڙو جواب ڏنو ويو هيو“؟ چوندا ته: ”اسان کي ڪا خبر نه آهي بيشڪ تون ڳجهين ڳالهين جو خوب ڄاڻڻ وارو آهين“. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
جڏهن الله فرمائيندو: اي عيسى پُٽ مريم جا! تون پاڻ تي ۽ پنهنجي ماءُ تي منهنجو ٿورو ياد ڪر. جڏهن مون پاڪ روح (جبريل) جي ذريعي تنهنجي مدد ڪئي، تو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر ۾ پئي ڳالهايو، ۽ جڏهن مون توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريو. ۽ جڏهن تو منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل بنائي ان ۾ ڦوڪ هنئي ٿي ته اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿي پيو ٿي ۽ ڄائي ڄم واري انڌي کي ۽ ڪوڙهئي کي منهنجي حڪم سان چڱو ڀلو ڪيئي ٿي ۽ جڏهن تو مُئلن کي منهنجي حڪم سان (قبر مان) زنده ڪري ڪڍيو ٿي. ۽ جڏهن مون بني اسرائيل کي توکان (يعني تنهنجي قتل کان) روڪيو جڏهن تو انهن وٽ چِٽيون نشانيون آنديون ته انهن مان ڪافرن چيو: ”اهو کلي جادو کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي“. |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن مون حوارين جي دلين ۾ وڌو ته توهان مون تي ۽ منهنجي رسول (عيسى) تي ايمان آڻيو. انهن چيو: ”اسان ايمان آندوسين ۽ تون شاهد رهه ته بيشڪ اسان فرمانبردار آهيون“. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
۽ جڏهن حوارين چيو ته: ”اي عيسى پُٽ مريم جا! ڇا تنهنجو پروردگارائين ڪري سگهي ٿو جو اسان تي آسمان مان دسترخوان (طعام جو) لاهي“؟ (عيسى) چيو ته: ”الله کان ڊڄو جي اوهان ايمان وارا آهيو“. |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
چيائون: ”اسان چاهيون ٿا ته ان مان کائون ۽ اسان جون دليون مطمئن ٿين ۽ ڄاڻون ته تو اسان کي سچ ٻڌايو آهي ۽ اسان ان جا شاهد ٿيون“. |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
عيسى پُٽ مريم چيو ته:”اي الله اي اسان جا پالڻهار! اسان تي آسمان کان خونچو لاهه. ته (اهو ڏينهن) اسان لاءِ عيد ٿئي اسان جي اڳين لاءِ ۽ اسان جي پوين لاءِ (به ۽) اهو تنهنجي طرفان نشاني هجي ۽ اسان کي رزق ڏي ۽ تون سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهين“. |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله فرمايو:”بيشڪ آءُ اهو اوهان تي نازل ڪرڻ وارو آهيان، پوءِ جيڪو ان کان پوءِ اوهان مان ناشڪري ڪندو ته پڪ سان آءُ ان کي اهڙو عذاب ڪندس جو جهان وارن مان ڪنهن کي اهڙو عذاب نه ڪندس“. |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ جڏهن الله فرمائيندو ته: ”اي عيسى پُٽ مريم جا! ڇا تو ماڻهن کي چيو هيو ته مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي الله کان سواءِ معبود بنائي وٺو“؟ عرض ڪندو: ”تون پاڪ آهين مون کي اهو (لائق) ناهي جو اها ڳالهه چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي حق ناهي. اگر مون اها ڳالهه چئي هجي ها ته تو کي ضرور اها معلوم هوندي. جو ڪجهه منهنجي جيءَ ۾ آهي تون ان کي ڄاڻين ٿو ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان جيڪي تنهنجي جيءَ (يعني علم) ۾ آهي. بيشڪ تون ئي وڏو غيب جي ڳالهين جو ڄاڻندڙ آهين. |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
مون انهن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چيو هيو جنهن جو تو مون کي حڪم ڏنو هيو ته الله جي عبادت ڪيو جيڪو منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو پالڻهار آهي ۽ آءٌ جيستائين انهن ۾ رهيس انهن تي خبر رکندڙ هيس پوءِ جڏهن تو مون کي کڻي ورتو تڏهن تون ئي انهن تي نگهبان هئين ۽ تون هر شيءِ تي گواهه آهين“. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڪندين ته پوءِ بيشڪ اُهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جي تون انهن کي معاف ڪندين ته پوءِ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين“. |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
الله فرمائيندو: ”هي ڏينهن آهي جنهن ۾ سچن کي سندن سچ فائدو ڏيندو. انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ اُهي ان کان راضي ٿي ويا. اها زبردست ڪاميابي آهي“. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي. ۽ اهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي. |