يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
مومنو! پنهنجا معاهدا پورا ڪيو (پنهنجا سڀ فرض بجا آڻيو). توهان جي لاءِ ڍڳن ڍورن (جو گوشت کائڻ) حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن جي جن بابت (اڳي بيان ڪيل آهي ۽ اڳتي) حڪم ٻڌايو ويندو، پر جڏهن احرام جي حالت ۾ هجو تڏهن شڪار ڪرڻ حلال ناهي، بيشڪ الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو تنهن جو حڪم ڏئي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
مومنو! خدا جي شعائرن جي (يعني خدا پرستي جي مقرر ڪيل نشانين ۽ رسمن جي) بي حرمتي نه ڪريو، نڪي انهن مهينن جي (بي حرمتي ڪريو) جي حرمت جا مهينا آهن (ذي قعد،ذي الحج، محرم ۽ رجب مهينن ۾ جنگ ڪرڻ جائز ناهي ڇو ته انهن مهينن ۾ حاجين جي آمدرفت رهندي هئي) نڪي (حَج جي) قرباني جي (بيحرمتي ڪريو) ۽ نه انهن جانورن جي جن جي ڳچين ۾ (نشانيءَ طور) ڪنڍيون پاتل آهن ۽ پڻ انهن ماڻهن جي (بي حرمتي نه ڪيو، نڪي کين روڪيو نڪي نقصان پهچايو) جي بيت الحرام جو قصد ڪن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جو فضل ۽ راضپو ڳولين ٿا، ۽ جڏهن توهان احرام جي حالت کان ٻاهر اچو تڏهن شڪار ڀلي ڪيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو هڪ قوم جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه تي آماده ڪري جو توهان به زيادتي ڪرڻ لڳو. ڇو ته هنن اوهان کي ڪعبت الله کان روڪي ڇڏيو هو. (توهان جو دستور ته هي هئڻ گهرجي ته) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪريو، مگر گناه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو، ۽ (خبردار) الله کان ڊڄندا رهو، جو يقيناً (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
(مسلمانو) توهان تي (هي شيون) حرام ڪيون ويون آهن، مردار جانور، رت، سوئر جو گوشت، اهو جانور جنهن تي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو وٺجي، گردن گهٽي ماريل، ڌڪ هڻي ماريل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، ڪنهن جانورن جي سڱن سان مريل، جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور چيري، ڦاڙي کاڌو هجي، پر اهي (حرام ناهن) جن کي توهان (انهن جي مرڻ کان اڳي) ذبح ڪري وٺو. اهو جانور به حرام آهي جو ڪنهن غير الله جي پوڄا جي جاءِ تي ذبح ڪيو وڃي، ۽ جيڪي (گوشت يا ٻيون شيون ڪڻن جي نموني يا جوا طور) تيرن سان پاڻ ۾ ورهايو (جيئن عرب جا مشرڪ ڪندا هئا سو به حرام آهي). اها گناه جي ڳالهه آهي. (مسلمانو!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي هئي اهي هاڻي اوهان جي دين بابت نااميد ٿي ويا آهن (يعني ڏسن ٿا ته اسلام پڪي پايي تي قائم ٿي ويو آهي ۽ مسلمان زور وٺي ويا آهن) پوءِ توهان هنن کان بلڪل نه ڊڄو ۽ فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪيو) اڄوڪي ڏينهن مون توهان جي لاءِ توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بک کان لاچار هجي، ائين نه ته (ڄاڻي ٻجهي) گناه جو ڪم ڪرڻ چاهي (۽ لاچاري حالت ۾ ڪا حرام شيء کائي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحمت رکندڙ آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
(اي پيغمبر!) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کين حلال آهن؟ تون چئو ته، جيڪي به چڱيون شيون آهن، سي سڀ توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانور جن کي توهان شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني آهي ۽ (شڪار جو طريقو) جيئن خدا توها کي سيکاريو آهي (يعني خدا جي ڏنل عقل ۽ ذهن سان توهان ڳولي ڪڍيو آهي) انهن شڪاري جانورن کي سيکاريو ته پوءِ جيڪو شڪار هو پڪڙين ۽ توهان جي لاءِ رکن ته اهو توهان بيشڪ کائو، پر گهرجي ته (شڪاري جانور کي شڪار تي ڇڏڻ وقت) خدا جو نالو وٺو (جيئن ذبح ڪرڻ وقت وٺندا آهيو) ۽ (هر حال ۾) الله کان ڊڄندا رهو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ (عملن جو) حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ سڀ چڱيون شيون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن (اهل ڪتاب) جو تيار ڪيل طعام توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام هنن لاءِ حلال آهي. پڻ اوهان جي لاءِ مسلمان بيبيون ۽ اهل ڪتاب جون بيبيون حلال آهن، بشرطيڪ انهن جو مهر انهن کي ڏيو ۽ مقصود نڪاح ۾ آڻڻ جو هجي، نڪي نفس پرستيءَ لاءِ بدڪاري ڪئي وڃي، نڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪئي وڃي، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان کان منڪر ٿيو تنهنجا عمل ضايع ٿي ويا ۽ آخرت ۾ هو انهن منجهان هوندو جي تباه حال هوندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
مومنؤ! جڏهن نماز جي لاءِ تياري ڪيو تڏهن پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئيندا ڪريو ۽ مٿي تي (پاڻي سان آلو ڪيل) هٿ گهمايو ۽ پنهنجا ٻئي پير مرن تائين ڌوئي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن تڙ جي ضرورت هجي ته وهنجي صاف ۽ پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو ۽ (پاڻيءَ جو استعمال نقصانڪار هجي) يا سفر ۾ هجو (۽ پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ تڪليف هجي) يا توهان مان ڪو پائخاني مان ٿي آيو هجي يا عورت کي هٿ لاتو هجيس (همبستر ٿيو هجي) ۽ پاڻي نه ملي ته پوءِ (وضو ۽ غسل لاءِ پاڻيءَ بدران) پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو. (تيمم جو طريقو هي آهي ته) پاڪ مٽيءَ تي هٿ لڳائي هٿن کي منهن ۽ ٻانهن تي (ٺونٺين تائين) گهمايو. الله تعاليٰ نٿو چاهي ته توهان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ وجهي، بلڪ هو چاهي ٿو ته توهان کي (اهڙن عملن جي وسيلي) صاف ۽ پاڪ رکي ۽ پڻ چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي نعمت (هدايت) پوري ڪري ته توهان شڪرگذار رهو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪريو). |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
الله تعاليٰ جا نعمت اوهان تي ڪئي آهي، سا ياد رکو ۽ سندس عهد اقرار نه وساريو جو مضبوطيءَ سان اوهان کان وٺي ڇڏيو اٿس، جڏهن توهان (اسلام قبول ڪندي) چيو هو ته، اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي (۽ ڪندا رهنداسين) ۽ (جڏهن ته اهڙو عهد اقرار ڪري چڪا آهيو، تڏهن هر حال ۾) خد (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو، جيڪي جيڪي (اوهان جي) دلين ۾ لڪل آهي سو يقيناً الله تعاليٰ کي معلوم آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
مومنؤ! خدا (جي سچائيءَ) جي لاءِ مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ انصاف جي لاءِ (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو ڪن ماڻهن جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه لاءِ اڀاري ته توهان (ساڻن) انصاف نه ڪيو. (هر حال ۾) انصاف ڪيو. ڇو ته ائين ڪرڻ تقويٰ کي ويجهو آهي ۽ الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو، توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن سان الله تعاليٰ جو واعدو آهي، ته انهن جي لاءِ مغفرت ٿيندي ۽ کين وڏو اجر ملندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو سي دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
مومنؤ! پاڻ تي الله جي اها نعمت ياد ڪيو جو جڏهن هڪ قوم پڪو ارادو ڪري ورتو هو ته توهان تي (جنگ ۽ تباهي جو) هٿ وڌائي. تڏهن خدا (پنهنجي ڪرم ۽ فضل سان) هنن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيا (۽ توهان بنا وڏي نقصان جي غالب رهيؤ) ۽ الله کان ڊڄندا رهو، مومنن کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکن. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته الله تعاليٰ بني اسرائيلن کان (فرمانبرداريءَ جو) عهد ورتو هو ۽ هنن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيا هئا ۽ الله تعاليٰ (کين) فرمايو هو ته مان توهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد اوهان سان آهي) جيڪڏهن توهان نماز قائم رکي، زڪوات ڏيندا رهيؤ، منهنجي سڀني رسولن تي ايمان آندوَ ۽ انهن جي مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندا رهيؤ (يعني حق جي راه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا رهيؤ) ته پوءِ مان ضرور توهان مان توهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندس ۽ توهان کي ضرور (نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهنديون، پوءِ توهان مان جنهن هن کان پوءِ به ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي، تنهن يقيناً (ڪاميابيءَ واري واٽ) سڌي راه گم ڪري ڇڏي. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ هنن ماڻهن فرمانبرداري جو عهد ٽوڙيو، تنهن سبب اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ سندن دليون سخت ڪيونسين. (ڇو ته خدا جو قانون آهي ته جيڪو حق ۽ اطاعت کان ڦري ٿو وڃي تنهن جي دل ۽ دماغ سمجهه ۽ هدايت جي لائق نٿا رهن) جيئن ته هو (خدا جي) لفظن کي سندن اصلي جاءِ تان ڦيرائي ٿا ڇڏين (۽ پنهنجي دنيائي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون معنائون ٿا ٺاهين) تنهن ڪري جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪو فائدو وٺڻ، هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا، ۽ توهان (مسلمان هاڻي به) هنن جي (اهڙي) ڪنهن نه ڪنهن خيانت جو اطلاع حاصل ڪندا رهو ٿا (يعني ڏسو ٿا ته هو پنهنجي خدائي ڪتابن جا لفظ مٽائي ٻڌائين ٿا) اهي تمام ٿورا آهن جي ائين نٿا ڪن پوءِ (اي پيغمبر) تون هنن جي (خيانتن کان) درگذر ڪر ۽ هنن کي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جي نيڪ عمل ڪندڙ آهن. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ جيڪي ماڻهو پاڻ کي نصاريٰ (عيسائي) سڏائين ٿا، تن کان به اسان (ايمان ۽ عمل جو) عهد ورتو هو (پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪوبه فائدو وٺڻ هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا. (هو فرقا ٺاهي جدا جدا ٿي ويا) پوءِ اسان هنن جي (مختلف فرقن جي) وچ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ بغض جي باه ڀڙڪائي ڇڏي. (فرقا ٺاهڻ جو اهو قدرتي نتيجو آهي.) اهو وقت پري ناهي جڏهن الله تعاليٰ سندن ڪرتوتن جي حقيقت کين ٻڌائيندو. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي اهل ڪتاب! هيءَ حقيقت آهي ته اسان جو رسول اوهان ڏي اچي چڪو آهي خدائي ڪتاب (يعني تورات ۽ انجيل) جون گهڻيون ئي ڳالهيون جن کي توهان (نفساني خواهشن پورين ڪرڻ لاءِ) لڪائيندا رهيا آهيو، سي هو اوهان کي چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو ۽ گهڻيون ئي ڳالهين کان درگذر ڪري ٿو (جن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت نٿو ڏسي). الله جي طرف کان اوهان وٽ (حق جي) روشني اچي ويئي آهي ۽ چٽايون ڪندڙ روشن ڪتاب (قرآن مجيد) اچي چڪو آهي. |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
خدا ان (ڪتاب) جي وسيلي انهن ماڻهن لاءِ جي (نفساني خواهشن جي بجاءِ) خدا جي راضپي (وارن حڪمن) جي تابعداري ڪن ٿا، سلامتيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو (۽ کولي کولي ظاهر ڪري ٿو ڇڏي) ۽ پنهنجي حڪم سان (يعني پنهنجي مقرر قانون موجب) هنن کي اونداهين مان ڪڍي ٿو ۽ روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ (ڪاميابيءَ جي) سڌي راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
يقيناً انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته الله آهي مسيح بن مريم. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (هي ڪهڙي نه بي عقليءَ جي ڳالهه ٿا ڪيو؟) جيڪڏهن خدا مسيح پٽ مريم کي ۽ سندس ماءُ کي بلڪ روءِ زمين تي جيترا به انسان آهن تن سڀني کي فنا ڪرڻ چاهي ته ڪير آهي جو هن جي بادشاهيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي جرئت ڪري سگهي. آسمان ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله کي آهي. هو جيڪي به چاهي ٿو سو خلقي ٿو ۽ هو هر شيء تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته اسان خدا جا پٽ ۽ سندس پيارا آهيون (اسان ڪجهه به ڪيون ته به اسان لاءِ نجات آهي) تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خدا توهان جي بدعملين سبب اوهان کي (وقت به وقت) ڇو عذاب ڏيندو رهيو؟ (اها ڳالهه توهان پاڻ به قبول ڪيو ٿا ۽ توهان جا ڪتاب خدا جي ملامتن ۽ عذابن جي واقعن سان ڀريا پيا آهن) بلڪ حقيقت هي آهي ته سندن پيدا ڪيل انسانن مان توهان به انسان آهيو. (نجات الله جي هٿ ۾ آهي) هي جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي عذاب ڏئي. آسمانن جي، زمين جي ۽ انهن سڀني جي جيڪي انهن ۾ آهن مالڪي ۽ سلطاني فقط هن جي لاءِ آهي ۽ سڀني کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي اهل ڪتاب! اهڙيءَ حالت ۾ جو رسولن جو ظهور ڪيتريءَ ئي مدت کان وٺي بند هو، اسان جو رسول (پيغمبر اسلام) اوهان وٽ آيو. هو اوهان جي لاءِ (منهنجا حڪم) چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته توهان ائين نه چئي سگهو ته، اسان ڏي ڪو بشير (هدايت جي خوشخبري ڏيندڙ) ۽ نذير (گمراهيءَ کان خبردار ڪندڙ) ڪونه آيو (هاڻي ڏسو ته) توهان وٽ بشير ۽ نذير اچي ويو آهي. (يعني هاڻي توهان جي لاءِ ڪوبه عذر باقي ڪونه رهيو آهي) الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
۽ (اهو واقعو ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! الله جو پاڻ تي احسان ياد ڪيو، (جو هن اوهان تي وڏيون مهربانيون ۽ نعمتون ڪيون ۽) هن اوهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي آزاد ۽ حاڪم قوم بنايائين ۽ توهان کي اها (نعمت) عطا ڪيائين جا (اڳي) دنيا ۾ ڪنهن کي به نه عطا ڪيائين (يعني نبوت ۽ بادشاهي ٻئي گڏ اڳي ڪنهن به قوم کي نه مليا هئا). |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منهنجي قوم! (هاڻي) پاڪ زمين (فلسطين) ۾ داخل ٿيو جا زمين خدا توهان جي لاءِ لکي ڇڏي آهي. (يعني جنهن بابت اوهان کي واعدو ڏنل آهي ته اهو اباڻو ملڪ وري اوهان کي ملندو). متان (ڊپ ۾) پٺئين پير پٺي ڏئي هٽي وڃو ۽ (فتح ڪرڻ بدران) نقصان ۽ تباهي هيٺ اچي وڃو. |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
(تنهن تي) هنن جواب ڏنو ته اي موسيٰ! ان ملڪ ۾ وڏي طاقت وارا زبردست ماڻهو رهن ٿا (اسان کي هنن سان وڙهڻ جي طاقت ڪانهي). سو جيستائين اهي ماڻهو ان ملڪ مان پاڻهي نڪري نه وڃن تيستائين اسان ان ملڪ ۾ پير به نه پائينداسين. پر جيڪڏهن هو اتان نڪري ويندا ته پوءِ اسان ضرور داخل ٿي وينداسين. |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
تنهن تي ٻن ماڻهن جيڪي فقط خدا کان ڊڄڻ وارا هئا ۽ جن کي الله تعاليٰ (ايمان جي) نعمت عطا فرمائي هئي، تن انهن ماڻهن کي چيو ته، (اهڙا ڊڄڻا ڇو ٿيا آهيو همت ڪري انهن ماڻهن جي مٿان ڪاهي پئو ۽) دروازي کان داخل ٿي وڃو.جيڪڏهن توهان داخل ٿيندؤ ته يقيناً توهان غالب پوندؤ ۽ (فتح حاصل ڪندؤ) ۽ جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو ته خدا تي ڀروسو رکو. |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
تنهن تي هنن (ڊڄڻن) چيو ته، اي موسيٰ جيستائين هو (زبردست) ماڻهو اتي موجود آهن تيستائين اسان ڪڏهن به داخل ٿيڻ وارا ناهيون. (۽ جيڪڏهن تون اوڏاهين وڃڻ لاءِ اهڙو شائق آهين ته) تون پاڻ هليو وڃ ۽ تنهنجو خدا به توسان وڃي. اوهان ٻئي وڃي وڙهو. اسان ته هتي ئي ويهي ٿا رهون. |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
(هيءَ حالت ڏسي حضرت) موسيٰ چيو ته، اي منهنجا رب! مون کي پنهنجي جان ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي به اختيار ڪونهي. تنهن ڪري تون اسان ۽ هنن بي فرمان ماڻهن جي وچ ۾ (پنهنجي حڪم سان) فيصلو ڪري ڇڏ. |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
الله جو حڪم ٿيو ته (جنهن صورت ۾ هي ماڻهو اهڙا ڊڄڻا ۽ بي فرمان ٿيا آهن تنهن صورت ۾) هاڻي هنن تي اهو پاڪ ملڪ چالهين سالن تائين حرام ڪيو ٿو وڃي. (يعني چاليهن سالن تائين اهو ملڪ کين نه ملندو). هو هن ئي بيابان ۾ رلندا ڦرندا وتندا. تنهن ڪري (اي موسيٰ) تون هنن بي فرمان ماڻهن جي حالت تي غمگين نه ٿيءُ. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي آدم جي ٻن پٽن جو حال سچائيءَ سان ٻڌائي ڇڏ، جڏهن هنن (خدا جي قبوليت لاءِ) قرباني پيش ڪئي، تڏهن انهن مان هڪڙي (يعني هابيل) جي قبول پئي ۽ ٻئي جي قبول نه پئي (يعني قابيل جي قبول نه پئي، تنهن تي قابيل حسد ۽ ساڙ ۾ سڙي) چيو ته، مان توکي ضرور قتل ڪندس، (هابيل) چيو الله تعاليٰ فقط متقي ماڻهن جي قرباني قبول ٿو ڪري. (جيڪڏهن خدا تنهنجي قرباني قبول نه ڪئي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور)! |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ کڻندين ته (کڻ) پر مان توکي قتل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به هٿ نه کڻندس. مان الله کان ڊڄان ٿو جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
مان ته چاهيان ٿو ته (زيادتي تنهنجي طرف کان ٿئي ته ٿئي، پر منهنجي طرف کان نه ٿئي، ۽) تون منهنجا گناه ۽ پنهنجا گناه پنهنجي سر تي کڻين ۽ دوزخين منجهان ٿئين جو ظلم ڪرڻ وارن کي اهوئي بدلو ملڻو آهي. |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
پوءِ ڇا ٿيو جو) قابيل جي نفس کيس پنهنجي ڀاءِ جي قتل لاءِ تيار ڪيو. هن هابيل کي قتل ڪري وڌو. نتيجو هي نڪتو جو هو انهن منجهان ٿيو جي نقصان ۽ تباهي ۾ پيل آهن. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله تعاليٰ هڪڙي ڪانو کي موڪليو ۽ هو زمين کوٽڻ لڳو، انهيءَ لاءِ ته کيس (يعني قابيل کي) ڏيکاري ته ڪيئن پنهنجي ڀاءِ جو لاشو (زمين ۾) لڪائي ڇڏي. (اهو ڏسي قابيل) چيو ته افسوس! منهنجي حال تي جو مون کان ايترو به ٿي نه سگهيو جو ڪانو وانگر (زمين کوٽي) پنهنجي ڀاءِ جو لاش لڪائي ڇڏيان. مطلب ته هو ڏاڍو پشيمان ٿيو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
انهيءَ حالت جي مدنظر، اسان بني اسرائيلن جي لاءِ حڪم لکي ڇڏيو ته، جنهن به ماڻهوءَ سواءِ ان حالت جي جڏهن قصاص وٺڻو هجي يا ملڪ ۾ ڦرمار ۽ خونريزي ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ڪنهن ٻئي ماڻهو کي قتل ڪري وڌو، تنهن ڄڻ ته سڀني انسانن جو خون ڪيو، ۽ جنهن به ٻئي ڪنهن جي حياتي بچائي تنهن ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي حياتي ڏني، ۽ پوءِ هنن ڏي اسان جا رسول (هڪ ٻئي پٺيان) روشن دليلن سان ايندا رهيا (۽ ظلم ۽ خونريزيءَ کان) کين منع ڪندا رهيا) تنهن هوندي به انهن مان گهڻا اهڙا هئا جي ملڪ ۾ زيادتيون ڪندا هئا. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ ملڪ ۾ فساد مچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪن ٿا، (يعني رهزن ۽ ڌاڙيل آهن تن جي) سزا هيءَ آهي ته هنن کي قتل ڪيو وڃي يا ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي يا هنن جا هٿ پير مخالف طرفن کان وڍيا وڃن يا هنن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي (جيئن هر حالت ۾ مناسب ڏسڻ ۾ اچي). اها سزا هن لاءِ دنيا ۾ خوار خراب ڪندڙ آهي ۽ آخرت ۾ به هنن جي لاءِ وڏو عذاب آهي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
سواءِ انهن جي جيڪي توهان جي هٿ چڙهي وڃن ۽ توهان هنن کي گرفتار ڪريو تنهن کان اڳ ئي هو پشيمان ٿي (ظلم ۽ فساد کان) باز اچن. (اهڙن سان نرميءَ جي هلت ڪيو ۽ الله تعاليٰ به کين بخشيندو يقين ڪريو ته الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
مومنؤ! الله (جي نافرمانين جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ وٽس پهچڻ لاءِ حيلا وسيلا ڳوليندا رهو ۽ سندس راه ۾ ڪوشش ۽ جهاد ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪاميابي حاصل ڪيو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، تن جي قبضي ۾ جيڪڏهن روءِ زمين جو سڀ (مال متاع) موجود هجي ۽ اوترو ٻيو به کين ملي وڃي ۽ پوءِ اهو (سڀ مال متاع) قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان بچڻ لاءِ عيوضي طور ڏيئي ڇڏين تڏهن به اهو فديو قبول نه ڪيو ويندو، انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
هو چاهيندا ته دوزخ جي باه مان ٻاهر نڪري اچن، پر هو ڪڏهن به ٻاهر نڪري نه سگهندا، هنن جي لاءِ قائم رهڻ وارو عذاب هوندو. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
۽ جيڪي چور هجن مرد خواه عورتون تن جا هٿ وڍي ڇڏيو. اها هنن جي ڪِيئي جي سزا آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت جي نشاني آهي (جنهن کي ڏسي ٻيا چوري نه ڪندا) الله تعاليٰ (سڀني تي) غالب ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رڪندڙ آهي. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنهن اهڙي ظلم (يعني چوري) ڪرڻ بعد توبهه ڪئي (يعني چوري ڪرڻ کان هميشه لاءِ باز رهيو) ۽ پاڻ کي سڌاريائين، تنهن ڏانهن الله تعاليٰ به (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪندو، بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
(اي انسان تون خدا جي بخشش ۽ رحمت تي عجب نه کاءُ) ڇا توکي خبر ناهي ته آسمان ۽ زمين جي سڄي بادشاهي فقط الله جي آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ هو هر شيء تي قادر آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي پيغمبر! انهيءَ ٽوليءَ مان جن زبان سان ته چيو ته، اسان ايمان آندو پر هنن جون دليون ايمان کان خالي هيون ۽ پڻ انهيءَ ٽولي مان جي يهودي آهن، جيڪي به ڪفر جي واٽ تي تڪڙا ڊوڙيا تن جي حالت توکي غمگين نه ڪري. اهي ماڻهو ڪوڙ جي لاءِ ڪن ڏيئي ٻڌڻ وارا آهن (۽ هن لاءِ) ڪن ڏئي ٻڌندڙ آهن ته انهن ٻين ماڻهن کي (تنهنجون) ڳالهيون وڃي ٻڌائين جيڪي تو وٽ نه آيا آهن. اهي ماڻهو (تورات) جي لفظن کي باوجود انهن جو صحيح مطلب موقعن سان مناسب ثابت ٿيو هجي پنهنجي صحيح معنيٰ کان ڦيرائي ڇڏين ٿا. هو (ماڻهن کي) چون ٿا ته (جيڪو حڪم تورات) جو اسان توهان کي ٻڌايو اهڙوئي حڪم (حضرت ﷺ وٽان اوهان کي) ڏنو وڃي ته قبول ڪيو، نه ڏنو وڃي ته پاسو ڪيو. (اي پيغمبر! اهڙن فاسق ماڻهن جي حالت تي غم نه ڪر) جنهن به شخص لاءِ الله تعاليٰ چاهي ٿو ته آزمائش ۾ پوي (۽ سندس کوٽ ظاهر ٿي پوي) تنهن لاءِ تون خدا کان ڪجهه به (هدايت) حاصل ڪري نٿو سگهين. (يقين ڪر ته) اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي دلين کي الله تعاليٰ پاڪ ڪرڻ نٿو چاهي. (ڇو ته سندس قانون آهي ته جيڪو گندگي پسند ٿو ڪري تنهن جي لاءِ پاڪائي جي واٽ بند ٿي وڃي ٿي) انهن جي لاءِ دنيا ۾ به خواري خرابي آهي ۽ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
(اي پيغمبر!) هي ماڻهو ڪوڙ جي لاءِ ڪن لڳائڻ وارا ۽ بڇڙن طريقن سان (پرائو) مال کائڻ وارا آهن، پوءِ جيڪڏهن اهي تو وٽ اچن (۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪن) ته (توکي اختيار آهي ته) انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين يا هنن کان پاسو ڪرين. جيڪڏهن پاسو ڪندين ته هو توکي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندا، پر جيڪڏهن فيصلو ڪرين ته پوءِ هنن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪر (اهو خيال نه ڪر ته هو شرير يا ڪافر آهن) بيشڪ الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ هي ماڻهو ڪيئن ٿا توکان فيصلا ڪرائين جڏهن ته تورات هنن وٽ موجود آهي ۽ خدا جو حڪم ان ۾ موجود آهي. (ان جي مطابق پاڻ ڇو نه ٿا فيصلا ڪن؟) هو تورات هوندي به پنهنجو منهن (ان کان) موڙين ٿا ۽ حقيقت هي آهي ته (ان تي) ايمان ئي ڪونهين (ظاهري ته ايمان هون، پر اسان مسلمانن وانگر عمل ڪونه ڪندا هئا). |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو. ان ۾ هدايت ۽ روشني آهي، خدا جا نبي جيڪي (خدا جي حڪمن جا) فرمانبردار هئا، انهيءَ (تورات) جي مطابق يهودين کي حڪم ڏيندا هئا ۽ پڻ رِبي ۽ احبار (يعني يهودين جا علماء ۽ مشائخ) انهيءَ (تورات) تي عمل ڪندا هئا. ڇو ته هو انهيءَ الله جي ڪتاب جا محافظ ٺهرايا ويا هئا ۽ ان (جي حڪمن ۽ هدايتن) تي شاهد هئا، پوءِ (اي يهودين جي جماعت وارؤ! حق جي تابعداري ڪرڻ ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي (دنيائي فائدي جي) ٿورڙي بَها تي وڪڻي نه ڇڏيو. (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن، جي ڪافر آهن. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان (يهودين جي لاءِ تورات ۾) هي حڪم ڏنو هو ته جان جي عيوض ۾ جان، اک جي عيوض ۾ اک، نڪ جي عيوض ۾ نڪ، ڪن جي عيوض ۾ ڪن، ڏند جي عيوض ۾ ڏند ۽ زخمن جي عيوض ۾ اهڙائي زخم. پوءِ جيڪو بدلو وٺڻ معاف ڪري ڇڏي تنهن لاءِ اها اها (معافي سندس گناهن جو) ڪفارو ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
۽ پوءِ (انهن نبين جي پٺيان) انهن ئي جي نقش قدم تي اسان عيسيٰ ابن مريم کي پيغمبر ڪري موڪليو، ۽ تورات جو سندس سامهون موجود هو، تنهن جي تصديق ڪندڙ ڪري کيس موڪليوسين. ۽ اسان کيس انجيل ڏنو، جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي ۽ تورات جيڪو اڳيئي موجود هو تنهن جي تصديق آهي، ۽ پڻ متقي ماڻهن لاءِ (سعادت جي) راه کولي ڏيکارڻ وارو ۽ (اعليٰ نصيحتن سان ڀريل آهي.) |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
انجيل وارن (عيسائين) کي گهرجي ته جيڪي انجيل ۾ الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي تنهن موجب حڪم ڏين، ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته پوءِ اهڙائي ماڻهو آهن جي فاسق آهن. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
۽ (اي پيغمبر اهڙيءَ طرح) اسان توڏي سچائيءَ سان ڀريل ڪتاب موڪليو جو انهن ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪي اڳ ئي موجود آهن ۽ انهن تي نگهبان آهي، تنهن ڪري تون خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر، ۽ جيڪا سچائي تو وٽ اچي چڪي آهي، تنهن کي ڇڏي ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ. اوهان مان هرهڪ قوم لاءِ اسان هڪ ’’شرع‘‘ ۽ ’’منهاج‘‘ ٺهرايو (يعني مذهبي زندگيءَ جو طريقو مقرر ڪيو( جيڪڏهن خدا چاهي ها ته اوهان سڀني کي هڪ امت بنائي ها (يعني سڀ قومون هڪ حالت ۾ هجن ها ۽ مختلف طريقن جي ضرورت نه پوي ها) پر (الله تعاليٰ هن ڪري ائين نه ڪيو) ته جيڪي (توهان جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق وقت به وقت) اوهان کي ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ توهان کي آزمائي. (۽ توهان جي لاءِ ترقيءَ جون واٽون پيدا ٿين). پوءِ توهان نيڪيءَ جي راهه ۾ هڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو (جو سڀني شريعتن جو اصل مقصد اهوئي آهي) توهان سڀني کي آخر الله ئي ڏي موٽڻو آهي، پوءِ هو اوهان کي ٻڌائيندا ته جن ڳالهين ۾ توهان هڪ ٻئي سان اختلاف ڪند رهيا هئو تن جي حقيقت ڇا هئي. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ (اي پيغمبر) اسان توکي حڪم ڏنو ته جيڪي الله تعاليٰ تو تي نازل ڪيو آهي تنهن مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر ۽ هنن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ پڻ هنن بنسبت خبردار رهه، جو ائين نه ٿئي ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي، تنهن جي ڪنهن به حڪم (جي تعميل) ۾ تنهنجا قدم هو هٽائي ڇڏين، پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن موڙين (۽ الله جا حڪم نه مڃن) ته پوءِ يقين ڪر ته خدا کي اهائي ڳالهه منظور آهي ته هنن جي ڪن گناهن سببان مٿن مصيبت پوي، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته گهڻائي انسان (حق جي حڪمن جا) نافرمان آهن. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
پوءِ (جيڪي ماڻهو الله جا حڪم نٿا پسند ڪن سي ڇا ٿا چاهين؟) اهي جاهليت واري زماني جا حڪم ٿا چاهين ڇا؟ (جڏهن ماڻهو علم ۽ بصيرت کان محروم هئا ۽ پنهنجي وهمن ۽ بيوقوفين تي عمل ڪندا هئا) پر انهن ماڻهن جي لاءِ جي يقين رکندڙ آهن الله کان بهتر حڪم ڏيڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
مومنؤ! يهودين ۽ عيسائين کي (جيڪي توهان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن) پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو، هو (اوهان جي مخالفت ۾) هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ (هاڻي) توهان مان جيڪو هنن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنائيندو سو انهن مان سمجهيو ويندو. الله تعاليٰ انهيءَ قوم کي (ڪاميابي ۽ سعادت) جي واٽ نٿو ڏيکاري جيڪا ظلم ڪندڙ آهي. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جو) مرض آهي سي انهن (يهودين ۽ نصاريٰ) ڏي ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان ڊڄون ٿا ته متان (انهن ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ ڪري) ڪنهن مصيبت جي گهيري ۾ نه اچي وڃون. (يقين رک ته) جلد الله تعاليٰ (اوهان کي) فتح ڏيندو يا سندس طرف کان (ڪاميابي ۽ غلبي جي) ڪا ٻي ڳالهه ظهور ۾ ايندي ۽ پوءِ اهي (منافق) ماڻهو ان ڳالهه تي شرمندا ٿيندا جيڪا پنهنجي دلين ۾ لڪائي هئائون. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته، ڇا هي اهي ئي ماڻهو آهن جي زوردار نمونن سان الله جا قسم کڻي چوندا هئا ته اسان توهان سان شامل آهيون. (حالانڪه اهي منافق دشمن عيسائين ۽ يهودين سان شامل هئا) پوءِ(ڏسو ته) هنن جا سڀ عمل (انهيءَ نفاق سببان) ضايع ٿي ويا ۽ آخر تباه ۽ نامراد رهجي ويا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
مومنؤ! اوهان مان جيڪو به پنهنجي دين کان ڦري ويندو سو (ائين نه سمجهي ته سندس ڦري وڃڻ جي ڪري دين کي ڪو نقصان پهچندو) ممڪن آهي ته پوءِ الله تعاليٰ هڪ اهڙي قوم (سچن مؤمنن جي) پيدا ڪندو جن کي خدا حب ڪندو ۽ جيڪي خدا سان حب رکندا ۽ اهي مومنن سان نهايت نرم ۽ نماڻا هوندا، پر دشمنن جي مقابلي ۾ نهايت سخت هوندا. هو الله جي راه ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏئي. ۽ الله تعاليٰ (فضل ڏيڻ ۾) وڏي وسعت رکندڙ ُ (سڀني جو حال) ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
(مسلمانو!) اوهان جو مددگار ڪو آهي ته الله آهي، سندس رسول آهي ۽ پڻ اهي اوهان جا مددگار آهن، جيڪي ايمان وارا آهن. (جن جون خصلتون هي آهن) جو هو نماز قائم رکن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ (هر حال ۾) الله جي اڳيان جهڪيل رهن ٿا. |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله کي، سندس رسول کي ۽ ايمان وارن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايو، سو (الله جي جماعت ۾ داخل ٿيو ۽) بيشڪ الله جي جماعت غالب رهڻ واري جماعت ٿيندي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
مومنؤ! جن کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودين ۽ نصارن) ۽ (مڪي جي) ڪافرن مان جيڪي اوهان جي دين تي ٽوڪون مسخريون ڪري رهيا آهن، تن کي توهان پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن توهان نماز جي لاءِ سڏيو ٿا (يعني آذان ڏيو ٿا) تڏهن اهي ماڻهو ان کي کيل تماشو بنائن ٿا ۽ ان تي کل مسخري ڪن ٿا، اهو هن ڪري ٿا ڪن جو هو هڪ اهڙي جماعت آهي جا بلڪل بي سمجهه آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
(اي پيغمبر! تون انهن يهودين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب! اسان کان فقط هن ڳالهه لاءِ وير ٿا وٺو ڇا جو اسان الله تي ايمان ٿا رکون ۽ ان ڪتاب تي ايمان ٿا رکون جو اسان تي ناز ٿيو آهي ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان رکون ٿا جي اڳي نازل ٿيا هئا؟ ۽ پڻ هن ڪري (وير ٿا وٺو ڇا جو اسان چئون ٿا) ته توهان مان گهڻا (تورات جي حڪمن جا) نافرمان ٿي ويا آهن؟ |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
(اي پيغمبر تون کين) چؤ ته، مان توهان کي ٻڌايان ته الله وٽ جزا ۽ سزا جي لحاظ کان ڪير وڌيڪ بڇڙا ٿيا؟ اهي ماڻهو (وڌيڪ بڇڙا ٿيا) جن تي خدا لعنت ڪئي ۽ پنهنجو غضب نازل ڪيو ۽ انهن مان ڪيترن ئي کي باندرن ۽ سوئرن جهڙو ڪري ڇڏيو ۽ هي جي شيطاني طاقتن کي پوڄڻ لڳا، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سڀني کان بدتر درجي ۾ آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ، سڌي واٽ کان پري نڪري گمراه ٿي ويا آهن. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ (ڏسو ته) جڏهن اهي ماڻهو اوهان وٽ اچن ٿا تڏهن چون ٿا ته، اسان ايمان آندو آهي، حالانڪ هو ڪفر کڻي توهان وٽ آيا هئا ۽ ڪفر کڻي واپس ويا، ۽ جيڪي هو پنهنجي دلين ۾ لڪائين ٿا، تنهن کي خدا بهتر ڄاڻڻ وارو آهي. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
۽ توهان (مسلمان) انهن مان گهڻن کي ڏسندؤ ته گناه، ظلم ۽ حرام جي مال کائڻ ۾ تڪڙا آهن. (افسوس هنن جي ايمان جي دعويٰ تي) ڪهڙا بڇڙا ڪم آهن جي (رات ڏينهن) هو ڪندا رهن ٿا! |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
هنن جي عالمن ۽ بزرگن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هنن کي ڪوڙن ۽ گناه جي لفظن چوڻ کان ۽ حرام جي مال کائڻ کان نٿا روڪين؟ ڪهڙا ته اهي برا ڪرتوت آهن، جيڪي هو ڪري رهيا آهن! |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ يهودين چيو ته، الله جو هٿ (بخشش کان) ٻڌو پيو آهي. (حقيقت هيءَ آهي ته) سندن ئي هٿ ٻڌا پيا آهن ۽ جيڪي جيڪي هنن چيو تنهن سببان هنن تي لعنت پئجي ويئي آهي. خدا جا ته ٻئي هٿ کليل آهن. جيئن هو چاهي ٿو تيئن (پنهنجو فضل ۽ ڪرم) خرچ ڪري ٿو ۽ (توهان ڏسندؤ ته) خدا جي طرف کان جيڪي اوهان تي نازل ٿيو آهي سو هنن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ اڃا به وڌيڪ وڌائيندو. ۽ (انهيءَ ئي سرڪشيءَ جي ڪري) اسان منجهن دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي جو قيامت تائين ميٽجڻ وارو ناهي. جڏهن به هو لڙائي لاءِ باه دکائين ٿا تڏهن الله تعاليٰ ان کي وسائي ٿو ڇڏي. اهي ماڻهو ملڪ ۾ خرابي ۽ فساد پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا، پر الله تعاليٰ فساد ۽ خرابي پيدا ڪندڙن کي بلڪل پسند نٿو ڪري. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان ضرور هنن تان هنن جون خطائون (يعني خطائن جو اثر محو ڪري) ميساري ڇڏيون ها. ۽ ضرور کين نعمتن جي باغن ۾ داخل ڪيون ها. (پر هو نافرمان ٿيا ۽ نعمتن کان محروم ٿي ويا.) |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تورات ۽ انجيل کي ۽ جيڪي مٿن سندن پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي تنهن کي (سچائيءَ سان) قائم رکن ها ته ضرور هن کي مٿان (يعني آسمان مان) ۽ هيٺان (يعني زمين مان) نعمتون ملن ها. (پر هنن تورات جي تعليم ۽ حڪمن تي عمل نه ڪيو). (ايترو سو آهي ته) هنن ۾ هڪ جماعت بيشڪ وچون رستو (يعني چڱو رستو) وٺندڙ آهي پر گهڻا هنن ۾ اهڙا آهن جي جيڪي ڪن ٿا سو سراسر بڇڙائي آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي پيغمبر! تنهنجي پروردگار جي طرف کان جيڪي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن کي (خدا جي بندن تائين) پهچاءِ (۽ دشمنن جي پرواه نه ڪر) جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته پوءِ تو خدا جو پيغام نه پهچايو (يعني رسالت جي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي) ۽ الله توکي ماڻهن (جي شرارتن) کان بچائيندو هو انهيءَ ٽولي تي (ڪاميابي جي) واٽ نٿو کولي، جنهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
(اي پيغمبر) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي اهل ڪتاب! توهان وٽ ڪابه شيءِ ڪانهي (جنهن تي بيهي سگهو) جستائين ڪه تورات ۽ انجيل تي ۽ ان تي جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي، قائم رهو. ۽ (اي پيغمبر! تون ڏسندين ته) جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي سو (هنن کي هدايت ۽ نصيحت جو سبب ٿيڻ بدران) هنن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وڌائيندو (ڇو ته، کين توسان حسد ۽ ساڙ آهي). پوءِ تون انهيءَ انڪار ڪندڙ قوم جي حالت تي افسوس نه ڪر. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
بيشڪ! جن ماڻهن (قرآن مجيد تي) ايمان آندو آهي يا اهي ماڻهو جيڪي يهودي ۽ صابي ۽ عيسائي آهن، ڪير به هجن پر انهن مان جيڪو به الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ويساه رکندو ۽ صالح عمل ڪندو تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن قسم جو خوف خطرو هوندو، نڪا غمگيني هوندي. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
هيءَ حقيقت آهي ته اسان بني اسرائيل کان (ايمان عمل ۽ فرمانبرداريءَ جو) عهد اقرار ورتو ۽ (ان تي کين قائم رکڻ لاءِ) رسول موڪليا، پر جڏهن به ڪو رسول هنن وٽ اهڙو حڪم کڻي آيو جو سندن نفساني خواهشن جي خلاف هو تڏهن هنن ڪن رسولن کي ڪوڙو ڪوٺيو ۽ ڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
هنن سمجهيو ته ڪا آزمائش (عذاب) ڪونه ايندو، تنهن ڪري (جِهل، هٺ ۽ ساڙ ۾) انڌا ٿي پيا. پوءِ خدا تعاليٰ (رحم ڪري) سندن توبهه قبول ڪئي، پر وري به انهن مان گهڻا انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا ۽ (هاڻي به) الله تعاليٰ سندن عمل چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
يقيناً اهي به (حق جا) منڪر ٿيا جن چيو ته، خدا ته اهوئي مسيح مريم جو پٽ آهي ۽ (پاڻ حضرت عيسيٰ ته ائين بلڪل ڪونه سيکاريو) هن ته چيو ته، اي بني اسرائيلو! خدا جي بندگي ڪيو جو منهنجو ۽ اوهان جو (يعني سڀني جو) پروردگار آهي. يقيناً جنهن به خدا سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪيو تنهن تي الله تعاليٰ بهشت حرام ڪري ڇڏيو، انهيءَ جو مڪان دوزخ جي باه آهي ۽ ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
يقيناً اهي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا جن چيو ته، خدا ٽن خدائن مان ٽيون آهي (يعني هڪ خدا، ٻيو خدا جو پٽ عيسيٰ ۽ ٽيون روح القدس آهي، ٽيئي خدائون آهن) حالانڪ هڪ معبود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ (ڏسجو) جيڪي ڪجهه هي چون ٿا تنهن کان جيڪڏهن هو باز نه ايندا ته پوءِ انهن مان جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو تن کي سخت دردناڪ عذاب پيش ايندو. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
هنن کي ڇا ٿي ويو آهي جو الله تعاليٰ ڏي نٿا موٽن ۽ کانئس بخشش نٿا گهرن؟ حالانڪه هو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
مريم جو پٽ مسيح هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ته هو الله جو هڪ رسول آهي. هن کان اڳي به ڪيترائي رسول ٿي گذريا ۽ سندس والده صديقه هئي. (يعني تمام سچي هئي) اهي ٻئي (سڀني انسانن وانگر) کائيندا پيئندا هئا، (تنهن ڪري ظاهر آهي ته هو انسان هئا نه خدا) ڏسو ته ڪيئن نه اسان انهن ماڻهن (عيسائين) لاءِ دليل چٽا ڪري ٿا ڇڏيون ۽ وري ڏسو ته اهي ماڻهو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦيرا کائي رهيا آهن، (جو اهڙي چٽي ڳالهه به نٿا سمجهن). |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چيو ته، توهان خدا کي ڇڏي اهڙين هستين جي بندگي ڪيو ٿا ڇا، جي نڪي توهان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، نڪو ڪو فائدو ڏئي ٿا سگهن؟ ۽ فقط الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
(اي پيغمبر!) تون چؤ ته، اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ حقيقت جي خلاف حد کان ٻاهر نه وڃو ۽ انهيءَ ٽوليءَ جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو، جيڪي توهان کان اڳي گمراه ٿي چڪا آهن ۽ گهڻن ئي کي گمراه ڪري ڇڏيو اٿن ۽ حق جي سڌيءَ واٽ کان پري هٽي ويا آهن. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
(جيئن ڏسو ته) بني اسرائيلن مان جيڪي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا هئا تن تي (پهريائين) حضرت دائود ۽ (پوءِ) حضرت عيسيٰ بن مريم پنهنجي زبان سان لعنت ڪئي هئي، ڇو ته هو (خدا جي) نافرماني ڪندا هئا ۽ حدن کان ٻاهر نڪري ويندا هئا. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
هو (هڪ ڀيرو) براين ۾ پئجي ويندا هئا ته وري باز نه ايندا هئا (ضدي هئا). بيشڪ اها وڏي خرابي هئي جا هو ڪندا هئا. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
(اي پيغمبر) تون ڏسندين ته انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جي ڪافرن (مشرڪ عربن) سان دوستي ۽ مددگاريءَ جو رستو رکن ٿا. ڪهڙي نه وڏي برائي هنن پنهنجي آئنده لاءِ تيار ڪئي جو مٿن خدا جو عذاب آيو ۽ هميشه ان عذاب ۾ رهڻ وارا آهن! |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪڏهن هو الله تي ۽ (پنهنجي) نبي (موسيٰ) تي ۽ جيڪي مٿس نازل ٿيو (يعني تورات)تي ايمان رکندڙ هجن ها ته هو ڪڏهن به (مسلمانن جي خلاف) مشرڪن جا دوست ۽ مددگار نه بنجن ها. پر هنن مان گهڻا اهڙا آهن جي سچائيءَ جي حدن کان گهڻو پري نڪري ويا آهن. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
(اي پيغمبر!) تون مسلمانن سان دشمني ڪرڻ ۾ يهودين کي وڌيڪ سخت ڏسندين ۽ پڻ (عرب جي) مشرڪن کي ۽ مسلمانن سان دوستي رکڻ ۾ سڀني کان ويجهو انهن ماڻهن کي ڏسندين جي چون ٿا ته اسان عيسائي آهيون، هن ڪري جو هنن ۾ ڪي پادري آهن (جيڪي علم ۾ مشغول آهن) ۽ ڪي راهب (درويش) آهن (جي زهد ۽ عبادت ۾ مشغول آهن) ۽ هن ڪري جو هنن ۾ هٺ وڏائي ڪانهي. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن اهي (عيسائي) اهو ڪلام ٻڌن ٿا جو الله جي رسول تي نازل ٿيو آهي، تڏهن توهان ڏسو ٿا ته هنن جي اکين مان ڳوڙها وهي هلن ٿا، ڇو ته هنن (هن ڪلام جي) سچائي سڃاتي آهي ۽ هو (بي اختيار) چئي ڏين ٿا ته، اي خدا! اسان (هن ڪلام تي) ايمان آندو آهي. تنهن ڪري اسان جا نالا به انهن ماڻهن سان گڏ لکي ڇڏ. جي (تنهنجي سچائيءَ جي) شاهدي ڏيڻ وارا آهن. |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ (هو چون ٿا ته) اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسان الله تي ۽ انهيءَ ڪلام تي جو سچائيءَ سان اسان وٽ آيو آهي، ايمان نه آڻيون ۽ پنهنجي پروردگار ۾ اها اميد نه رکون ته هو اسان کي صالح ماڻهن جماعت ۾ داخل ڪري ڇڏي. |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
پوءِ الله تعاليٰ هنن کي ائين چوڻ ۽ مڃڻ جي اجر ۾ (دائمي نعمتن جا) باغ عطا فرمايا جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، هو هميشه انهن جنتن ۾ رهندا اهوئي بدلو آهي جو نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ مقرر ڪيل آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
پر جن ماڻهن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي (تڪبر ۽ حسد سببان) ڪوڙو ٺهرايو سي دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
مومنؤ! الله تعاليٰ جيڪي چڱيون شيون اوهان جي لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ (پاڻ کي روڪڻ ۾) حد کان ٻاهر نه وڃو. الله تعاليٰ انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ جيڪي جيڪي الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان چڱيون ۽ حلال شيون بيشڪ کائو ۽ انهيءَ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
الله تعاليٰ اوهان کان انهن قسمن بابت پڇاڻو يا سختي نه ڪندو جي خالي بڪواس ۽ بي معنيٰ آهن، پر انهن بابت باز پرس ڪندو جي ڄاڻي ٻجهي کنيا اٿو، پوءِ (جيڪڏهن اهڙو قسم ٽوڙڻو پوي ته) ان جو ڪفارو (عيوضو) آهي ڏهن مسڪينن کي ماني کارائڻ درمياني ماني جهڙي پنهنجي ٻارن ٻچن کي کارايو ٿا، يا (ڏهن مسڪينن کي) ڪپڙا پهرائڻ يا هڪڙو غلام آزاد ڪرڻ ۽ جيڪڏهن (انهن ٽن مان) ڪابه حاصل ٿي نه سگهي ته پوءِ لاڳيتا ٽي ڏينهن روزا رکجن. اهو توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي، جي توهان (ڄاڻي ٻجهي) کنيا آهن. پر توهان کي گهرجي ته پنهنجي قسمن جي پوري نگهباني ڪيو (جيئن ٽوڙڻا نه پون) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون اوهان جي لاءِ چٽيون ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته شڪرگذار رهو (۽ سندس هدايتن جو قدر ڪري انهن تي عمل ڪيو.) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
مومنؤ! بيشڪ شراب، جوا، باطل ديوتائن جا نشان (مثلاً پٿر) ۽ تيرن سان فال وجهڻ يا قسمت آزمائي ڪرڻ اهي سڀ شيطاني عملن جي گندگي آهن، تنهن ڪري انهن کان پري ڀڄو انهيءَ لاءِ ته ڪامياب ٿيو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان ته اهوئي چاهي ٿو ته شراب ۽ جوا جي وسيلي اوهان ۾ دشمني ۽ بغض پيدا ڪري ۽ اوهان کي خدا جي يادگيري ۽ نماز کان روڪي ڇڏي. پوءِ (ٻڌايو ته اهڙين بڇڙائين کان) باز ايندؤ يا نه؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ (ياد رکو) الله جي فرمانبرداري (ضرور) ڪيو ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري به ڪيو ۽ بڇڙاين کان بچندا رهو، پوءِ جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) هٽي ويندؤ ته يقين ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر جو ڪم ته اهي فقط پيغام پهچائڻ (عمل ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي. جهڙا عمل ڪندؤ تهڙا نتيجا ڏسندؤ). |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن (حرام ٿيڻ جي حڪم کان اڳي) جيڪي (حرام شيون) کاڌيون تن بنسبت مٿن گناه ڪونهي، جڏهن ته هو (آئنده جي لاءِ) پرهيزگار ٿيا، ايمان آندائون ۽ صالح عمل ڪيائيون ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه کان کين روڪيو ويو ته روڪجي پيا ۽ (الله جي حڪم تي) ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون، پوءِ به پرهيز ڪندا رهيا ۽ چڱايون ڪيائون (پوءِ بيشڪ هو صالح عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ چڱايون ڪندڙن کي حب ٿو ڪري. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
مومنؤ! شڪار بابت جنهن (جانور) تائين توهان جا هٿ ۽ نيزا (هٿيار) پهچن، خدا ضرور اوهان جي (فرمانبرداريءَ جي) هڪ حد تائين آزمائش وٺندو، انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿئي ته ڪير الله تعاليٰ کان غائبانه ڊڄي ٿو (۽ جهنگلن ۽ ميدانن ۾ جتي ڪوبه انسان کيس ڪونه ٿو ڏسي ته به پنهنجو هٿ روڪي ٿو ۽ ڪير هٿ نٿو روڪي) پوءِ جيڪو به هن (حڪم ملڻ) کان پوءِ به حد کان ٻاهر ويندو تنهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
مومنؤ! جڏهن توهان احرام جي حالت ۾ آهيو تڏهن شڪار جي جانور کي نه ماريو، ۽ جيڪو توهان مان ڄاڻي ٻجهي ماري وجهي تنهن کي گهرجي ته ان جو عيوضو ڏئي. (۽ اهو عيوضو هي آهي ته) جهڙو جانور ماريو اٿس ان جهڙو گهرو جانور (ٻڪري، ڍڳو ۽ اٺ وغيره) ڪعبي ۾ پهچائي قرباني ڪري ۽ ٻه انصاف ڪندڙ امين فيصلو ڪن ته ڪهڙو جانور قربان ڪيو وڃي، يا ڪفارو ڏئي (۽ اهو هي آهي ته) مسڪينن کي (اوتري قيمت وارو) طغام کارائي يا وري انهن مسڪينن جي عدد جيترا روزا رکي، انهيءِ لاءِ ته پنهنجي ڪئي جي جزا چکي. هن (حڪم) کان اڳي جيڪي ٿي چڪو سو الله تعاليٰ معاف ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪو (آئنده) وري ائين ڪندو تنهن کان الله تعاليٰ (سندس نافرمانيءَ جو) بدلو وٺندو ۽ الله تعاليٰ (پنهنجي ڪمن ۾) قادر ۽ (هر عمل جو) بدلو وٺندڙ آهي. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
اوهان جي لاءِ درياهه ۽ سمنڊ جو شڪار ۽ کائڻ جون شيون (جي بنا شڪار جي هٿ اچن مثلاً مڇي، جا پاڻيءَ مان نڪري آيل هجي احرام جي حالت ۾ به) حلال آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان کي به فائدو پهچي ۽ قافلو به فائدو وٺي. پر خشڪيءَ جو شڪار تيستائين توهان جي لاءِ حرام آهي جيستائين احرام جي حالت ۾ آهيو. پوءِ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ڇو ته (آخر) انهيءَ ڏانهن اوهان کي جمع ڪري آندو ويندو. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله تعاليٰ ڪعبي کي جو حرمت جو گهر آهي ماڻهن جي لاءِ (امن امان ۽ گڏ ٿيڻ کي) قائم رکڻ جو وسيلو ٺهرايو آهي، پڻ حرمت جي مهينن کي ۽ (حج جي) قرباني کي ۽ (قربانيءَ جي) انهن جانورن کي جن جي ڳچين ۾ (نشاني طور) ڪنڍيون وجهندا آهن (سو ڪعبي جي حرمت قائم رکو ۽ ڪعبي متعلق سڀني رسمن ۽ آدابن جي به حرمت قائم رکو) هي (سڀ) انهيءَ لاءِ آهي ته توهان کي معلوم ٿئي ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سڀ جو حال الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ هر هر شيء جو علم رکندڙ آهي. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
(يقين سان) ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي، ۽ (ان سان گڏ) بخشيندڙ ۽ رحمت وارو به آهي. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
خدا جي رسول جي ذمي فقط هيءَ ڳالهه آهي ته هو (سندس) پيغام (ماڻهن کي) پهچائي. (عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي) ۽ جيڪي توهان کليو کلايو ڪيو ٿا يا لڪي لڪي ڪيو ٿا سو سڀ خدا (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، پاڪ شيون ۽ گنديون شيون هڪٻئي جي برابر ٿي نه ٿيون سگهن اگرچه اوهان کي گندي شيء جو گهڻو هئڻ پسند اچي. پوءِ اي سمجهه وارؤ! الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، انهيءَ لاءِ ته (نقصان ۽ تباهيءَ جي بدران) ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
مؤمنو! (اجايا ۽ اونها خيال پچائي) انهن شين بابت سوال نه پڇو جي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائجن ته توهان کي تڪليف ٿئي، جيڪڏهن انهن شين بابت سوال پڇو جن بابت جڏهن قرآن نازل ٿي رهيو آهي ته پوءِ توهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ويندو (پر توهان جي لاءِ چڱو نه ٿيندو هاڻي ته) الله تعاليٰ (اهو قصور) معاف ڪيو آهي (پر آئنده خيال رکو) ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ بردبار آهي. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
اوهان کان اڳي هڪڙي قوم (بني اسرائيل) اهڙا سوال پڇيا هئا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو هو (خدا جي حڪمن جا ئي) منڪر ٿي پيا. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
بحيره ۽ سائبه ۽ وصيله ۽ حام مان ڪابه ڳالهه خدا ڪا نه ٺهرائي آهي، پر جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي تن الله تي ڪوڙ هڻي ٺهرايون آهن. ۽ انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جي بلڪل بي سمجهه آهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ڳالهه تي اچو جا خدا نازل ڪئي آهي ۽ پڻ الله جي رسول طرف رجوع ڪيو تڏهن هو چون ٿا ته اسان جي لاءِ ته اهو طريقو ڪافي آهي، جنهن تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺوسين. (انهن کان پڇو ته) جيڪڏهن اوهان جا ابا ڏاڏا علم کان محروم هئا ۽ سڌيءَ واٽ تي هلندڙ نه هئا (تڏهن به اوهان انهن جي انڌي تقليد ڪندا رهندا ڇا؟) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
مومنؤ! (ياد رکو) توهان تي فقط پنهنجي جان جي ذميواري آهي. (نڪي توهان ٻين جي ڪمن جا ذميوار آهيو نڪي ٻيا اوهان جي ڪمن جا) جيڪڏهن اوهان پاڻ سڌي رستي تي قائم رهندؤ ته ڪنهن ٻئي جو گمراه هجڻ اوهان کي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندو (۽ آخر) اوهان سڀني کي الله ئي جي طرف موٽڻو آهي ۽ (انهيءَ ڏينهن) هو اوهان کي ٻڌائيندو ته اوهان ڪهڙ ڪهڙا ڪم (هن دنيا ۾) ڪيا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
مومنؤ! جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت جي گهڙي اچي وڃي (۽ وصيت ڪرڻ چاهي) ته وصيت جي وقت شاهديءَ لاءِ اوهان مان ٻه معتبر عادل ماڻهو شاهد ٿيڻ گهرجن، پر جيڪڏهن اوهان سفر ۾ هجو ۽ موت جي گهڙي پيش اچي وڃي (۽ مسلمان شاهد نه ملي سگهن) ته (مسلمان شاهدن جي بدران) غيرمسلم شاهد به ٿي سگهن ٿا. (پوءِ جيڪڏهن انهن شاهدن جي سچائيءَ ۾ ڪنهن طرح جو شڪ پئجي وڃي ته) انهن کي نماز بعد (مسجد ۾) روڪيو. هو الله جو قسم کڻي چون ته، اسان پنهنجو قسم ڪنهن به عيوضي لاءِ ڪونه وڪيو آهي. اگرچه (فائدو وٺندڙ) اسان جو ويجهو مائٽ هجي (ته به اسان ڪوڙ ڳالهائي قسم ڪونه ڀڃنداسين) اسان خدا ڪارڻ سچي شاهدي ڪڏهن به نه لڪائينداسين، جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته گناه اسان تي آهي. |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته انهن ٻنهي شاهدن گناه جو ڪم ڪيو آهي (۽ ڪوڙ ڳالهايو اٿن) ته پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻيا ٻه شاهد انهن ماڻهن مان اٿي ڪڙا ٿين جن جو حق (پهرين) شاهدن مان هرهڪ دٻائڻ چاهيو هو، ۽ اهي (ٻيا) شاهد انهن مان هجن جي (مظلوم ڌر سان) ويجهڙائي رکندڙ هجن، پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻي چون ته اسان جي شاهدي پهرين شاهدن جي شاهديءَ کان وڌيڪ سچي آهي. اسان شاهدي ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي زيادتي ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن زيادتي ڪيون ته ظلم جو گناه اسان جي گردن تي آهي. |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
هن طرح جي قسم مان وڌيڪ اميد رکي سگهجي ٿي ته شاهد سچي شاهدي ڏيندا يا (گهٽ ۾ گهٽ) هنن کي هن ڳالهه جو انديشو ٿيندو ته متان اسان جي قسمن کي ٻي ڌر جي قسمن بعد رد نه ڪيو وڃي. (بهرحال) الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ سندس حڪم ٻڌو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ نافرمانن لاءِ هدايت واري واٽ نٿو کولي. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
جنهن ڏينهن الله تعاليٰ سڀني رسولن کي جمع ڪندو ۽ پڇندو ته، توهان کي (توهان جي قومن وٽان حق جي دعوت متعلق) ڪهڙو جواب مليو (يعني هنن ڪيتري قدر ان تي عمل ڪيو؟) تنهن ڏينهن هو چوندا ته اسان کي ته ڪجهه به خبر ناهي، فقط تون ئي آهين جو غيب جون خبرون چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهين. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
جڏهن (انهيءَ ڏينهن) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، اي عيسيٰ بن مريم! مون توتي ۽ تنهنجي ماءُ تي جيڪي نعمتون ڪيون سي ياد ڪر، ڏس مون روح القدس (پاڪ روح يا پاڪ فرشتي) جي وسيلي توکي قوت ڏني. تون ماڻهن سان ننڍي عمر ۾ پينگهي ۾ به ڳالهائيندو هئين ۽ وڏي عمر ۾ به (ماڻهن کي وعظ نصيحت ڪندو هئين) مون توکي ڪتاب ۽ حڪمت (عقل) ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريو هو، تون منهنجي حڪم سان مٽي کڻي پکيءَ جي شڪل جهڙي شيء ٺاهيندو هئين ۽ ان ۾ ڦوڪ ڏيندو هئين ۽ اها منهنجي حڪم سان پکي ٿي پوندي هئي. تون منهنجي حڪم سان انڌن ۽ ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪندو هئين، منهنجي ئي حڪم سان تون مئلن کي موت جي حالت مان ٻاهر آڻيندو هئين، مون بني اسرائيلن جون شرارتون جي تنهنجي خلاف ڪندا هئا توکان روڪي ڇڏيون (۽ توکي نقصان پهچائي نه سگهيا) اهو زمانو اهو هو جڏهن تو (سچائيءَ جا) روشن دليل هنن جي آڏو پيش ڪيا هئا، ۽ انهن مان جن ڪفر جي راه اختيار ڪئي هئي تن چئي ڏنو ته (اهي معجزا ناهن) اها ظاهر ظهور جادوگري آهي. |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ (اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن مون تنهنجي حوراين (مڃيندڙن) تي الهام موڪليو هو ته مون تي ۽ منهنجي رسول (مسيح) تي ايمان آڻيو تڏهن هنن چيو ته، اسان ايمان آندو آهي ۽ (اي خدا) تون شاهد رهه ته اسان مسلمان (يعني فرمانبردار ٻانها) آهيون. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
(۽ ڏسو جڏهن هيئن ٿيو هو جو) حوارين چيو هو ته، اي عيسيٰ ابن مريم! ڇا تنهنجو پروردگار ائين ڪري سگهي ٿو ته آسمان مان اسان ڏي هڪڙو دسترخوان نازل ڪري (يعني اسان جي غذا جي واسطي آسمان مان غيبي سامان پيدا ڪري ڏئي) تڏهن حضرت عيسيٰ فرمايو ته، خدا کان ڊڄو (اهڙي طلب نه ڪريو) جيڪڏهن توهان ايمان رکندڙ آهيو. |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
هنن چيو ته، (اسان جو مطلب اهو ناهي ته الله جي قدرت جو امتحان وٺون پر) اسان چاهيون ٿا ته (اسان کي غذا ملي ۽) اسان ان مان کائون ۽ اسان جي دلين کي آرام اچي، ۽ اسان کي معلوم ٿئي ته تو جيڪي ٻڌايو سو سچ هو ۽ اسان ان تي شاهد ٿيون. |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
(تنهن تي) عيسيٰ بن مريم دعا گهري ته اي الله سائين! اسان جا پروردگار! هڪڙو دستر خوان موڪل جو اسان جي لاءِ ۽ اسان جي اڳين ۽ پوين لاءِ عيد ٿئي ۽ تنهنجي طرف کان (تنهنجي فضل ۽ ڪرم جي) هڪ نشاني ٿئي. (اي خدا) اسان کي رزق ڏي، تون سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهين. |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله تعاليٰ فرمايو ته، مان توهان جي لاءِ دسترخوان موڪليندس، پر جيڪو شخص ان کان پوءِ به (حق جي راهه کان) انڪار ڪندو تنهن کي مان (بدعملن جي عيوض ۾) عذاب ڪندس ۽ عذاب به اهڙو جهڙو سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ڏنو ويندو. |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ (پوءِ ڇا ٿيندو جو) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، اي عيسيٰ ابن مريم تو ماڻهن کي چيو هو ڇا ته، الله کي ڇڏي مون کي ۽ منهنجي والده کي خدا سمجهو ۽ (اسان جي عبادت ڪيو). حضرت عيسيٰ (جواب ۾) عرض ڪندو ته، پاڪائي هجي تنهنجي مون کان ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو اهڙي ڳالهه چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي حق ئي ڪونهي. جيڪڏهن مان ائين چوان ها ته ضرور توکي خبر پوي ها. تون منهنجي دل جون ڳالهيون به ڄاڻين ٿو، پر مون کي تنهنجي ضمير جو علم ڪونهي، تون ئي آهين جو غيب جون سڀ ڳالهيون ڄاڻندڙ آهين. |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
مان ته هنن کي فقط اها ڳالهه چئي جنهن جي چوڻ جو تو حڪم ڏنو هو، يعني ته الله جي بندگي ڪيو جو منهنجو ۽ اوهان جو پروردگار آهي، جيستائين مان انهن سان هيس تيستائين ته انهن جي حالت ڏسندو رهيس، پر جڏهن تو مون کي انهن مان کڻي ورتو تڏهن تون ئي انهن جو نگهبان هئين ۽ تون هر شيء کي ڏسندڙ ۽ ان جي نگهباني ڪندڙ آهين. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي عذاب ڏئين ته (تنهنجو ئي اختيار آهي ڇو ته) هو تنهنجا ئي (خلقيل) ٻانها آهن، ۽ جيڪڏهن هنن کي بخشي ڇڏين ته (اها بخشش ضرور مناسب هوندي ڇو ته) تون ئي سڀني تي غالب ۽ سڀني ڪمن ۾ حڪمت رکندڙ آهين. |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
(پوءِ) الله تعاليٰ فرمائيندو ته اڄ اهو ڏينهن آهي جڏهن سچن انسانن کي انهن جي سچائي ڪم ايندي. انهن جي لاءِ باغ هوندا جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا. الله تعاليٰ هنن کان راضي هوندو ۽ هو به الله تعاليٰ (جي رحمت) کان خوش هوندا. اهائي آهي (انسان جي لاءِ) سڀني کان وڏي ڪاميابي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
آسمانن جي ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله جي لاءِ آهي، ۽ هو هر شيء تي قادر آهي. |