يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي مؤمنو توهان پنهنجن ڪيل وعدن کي پورو ڪريو، توهان لاءِ چؤپايا جانور حلال ڪيا ويا مگر اُهي جانور جيڪي توهان تي قرآن ڪريم ۾ حرام ڪيا ويا ۽ احرام جي صورت ۾ شڪار حلال نه سمجهو، بيشڪ الله تعالى جيڪو چاهي حڪم ڪري ٿو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي مؤمنو! توهان حج جي احڪامن ۾ رڪاوٽ نه وجهو ۽ حج جي مهينن ۾ جنگ کي حلال نه سمجهو ۽ قربانيءَ جي جانورن کي نه روڪيو (خصوصا) نشان ڪيل قرباني ۽ نه انهن حاجين کي روڪيو جيڪي بيت الله (جي حاضري ) لاءِ اچن ٿا، اهي الله جي فضل ۽ رضامندي جا طلبگار آهن، ۽ جڏهن احرام لاهيو پوءِ ڀلي شڪار ڪريو ۽ توهان کي قوم جي دشمني نه اُڀاري جو توهان انهن کي بيت الله (جي زيارت) کان روڪي حد کان وڌو، ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪريو، ۽ گناه ۽ زيادتي تي هڪ ٻئي سان تعاون نه ڪريو، ۽ الله تعالى جو خوف ڪريو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
توهان جي مٿان حرام ڪيو ويو مردار (جانور) ۽ سِير وارو رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن جانور جي ڪُهڻ وقت غير الله جو نالو ورتو ويو ۽ گهٽو ڏنل جانور ۽ مڏي اوزار سان مئل جانور ۽ ڪِري مئل جانور ۽ سنڱ سان مئل جانور ۽ جنهن جانور کي ٻئي ڦاڙيندڙ جانور کاڌو ، مگر جيڪڏهن توهان انهن جانورن کي حلال ڪري ورتو. ۽ جيڪو جانور بت جي نالي ڪيو ويو اهو به حرام آهي ۽ تيرن سان قسمت آزمائي ڪرڻ حرام آهي، اهي ڪم سرڪشيءَ جا آهن، اڄ ڏينهن ڪافر توهان جي دين کان نا اميد ٿي ويا پوءِ توهان ڪافرن کان نه ڊڄو ۽ خالص الله کان ڊڄو، اڄ ڏينهن الله تعالى مدد فرمائي توهان لاءِ توهان جي ديني احڪامن کي مڪمل ڪيو ۽ توهان تي الله پنهنجون نعمتون پوريون ڪيون ۽ توهان لاءِ دينِ اسلام پسند فرمايو، پوءِ جيڪو ماڻهو مجبور ٿي حرام کائي ٿو بک جي صورت ۾ نه لاڙو ڪندڙ گناه جي طرف، پوءِ بيشڪ الله غفور رحيم آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
اي حبيب ! توهان کان سوال ڪن ٿا ڪهڙيون شيون انهن لاءِ حلال ڪيون ويون، توهان فرمايو پاڪ شيون توهان لاءِ حلال ڪيو ويون، ۽ جن جانورن کي توهان شڪار سيکاريو ٿا (انهن جو ڪيل شڪار به حلال آهي) توهان انهن کي سيکاريو ٿا جيئن توهان کي الله سيکاريو آهي، پوءِ توهان کائو جيڪو انهن جانورن پڪڙيو ۽ الله جو نالو انهيءَ تي وٺو، ۽ الله کان خوف ڪريو، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آهي |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ ڏينهن توهان لاءِ پاڪ لذيذ شيون حلال ڪيو ويون ۽ اهلِ ڪتاب جي ڪُٺِي (بِسم الله، الله اڪبر سان ڪُهن ته) توهان لاءِ حلال آهي ۽ توهان جا طعام انهن لاءِ حلال آهن، ۽ پاڪ دامن عورتون مؤمنن مان يا اهلِ ڪتاب مان توهان مسلمانن لاءِ حلال آهن، جڏهن توهان انهن جا مهر ادا ڪريو نيڪوڪار هجن نه بدڪار نه پوشيده دوستي رکندڙ، ۽ جيڪو ماڻهو شريعت اسلاميءَ جو انڪار ڪري ٿو پوءِ ان جا سڀ عمل چٽ ٿي ويا ۽ آخرت ۾ اهو نقصان وارن مان آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي مؤمنو ! توهان نماز پڙهڻ جو ارادو ڪريو پوءِ توهان پنهنجن مُنهن کي ڌؤ ۽ ٻانهُن کي ٺوٺين سميت ڌؤ ۽ پنهنجي مٿن جي مکُ ڪريو ۽ پنهنجن پيرن کي ٽِڻِي سميت ڌؤ، ۽ جيڪڏهن توهان غسل جي حالت ۾ آهيو پوءِ سموري بدن کي پاڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان مريض آهيو يا توهان مسافر آهيو يا توهان مان ڪو قضا حاجت ڪري آيو هجي يا توهان گهر وارين سان همبستري ڪئي هجي پوءِ توهان کي پاڻي نه ملي پوءِ پاڪ مٽيءَ سان توهان تيمم ڪريو پوءِ پنهنجن مُنهن ۽ ٻانهُن جي انهيءَ مٽيءَ سان مکُ ڪريو، الله تعالى توهان جي تنگي نٿو چاهي ۽ پر الله تعالى چاهي ٿو ته توهان کي پاڪ ڪري ۽ توهان تي پنهنجون نعمتون پوريون فرمائي تان جو توهان شڪر گذار ٿيو |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
۽ توهان پنهنجي مٿان الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ الله سان ڪيل پڪي وعدي کي به ياد ڪريو جيڪو توهان کان پڪي طرح ورتو ويو، جڏهن توهان چيو اسان حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانداري ڪنداسين ۽ الله کان ڊڄو بيشڪ الله سيني جي اندر رازن کي ڄاڻندڙ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي مؤمنو! الله جي احڪامن تي پورا رهو انصاف سان شاهدي ڏيو ۽ توهان کي دشمن قوم جي دشمني نه اُڀاري جو توهان انصاف نه ڪريو، توهان انصاف ڪريو، انصاف ڪرڻ پرهيزگاريءَ کي ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توهان جي عملن کان خبردار آهي |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
الله تعالى نيڪوڪار مؤمنن سان بخشش ۽ اجرِ عظيم جو وعدو فرمايو آهي |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جن آيتن کي نه مڃيو اِهي جهنمي آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي مؤمنو! الله جي نعمت کي ياد ڪريو (جيڪا توهان کي عطا ٿي) جڏهن هڪ قوم ارادو ڪيو ته توهان کي تباه ڪن، الله تعالى توهان کان انهن جا هٿ روڪيا، ۽ الله کان توهان ڊڄو ۽ الله تي پوءِ ڀلي ته مؤمن توڪل ڪن |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ الله تعالى بني اسرائيل کان وعدو ورتو، ۽ اسان انهن مان ٻارهن اڳواڻ مقرر ڪيا، ۽ الله تعالى فرمايو بيشڪ آئون توهان سان گڏ آهيان، جيڪڏهن توهان نماز پڙهي ۽ زڪوات ادا ڪئي ۽ منهنجن رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن جي تعظيم ڪئي ۽ (جيڪڏهن) توهان الله جي راه ۾ خرچ ڪريو ٿا ته ضرور آئون توهان جا گناه معاف ڪندس ۽ ضرور آئون توهان کي بهشت ۾ داخل ڪندس جنهنجي هيٺان نهرون وهن ٿيون پوءِ جنهن ماڻهو اُن بعد توهان مان رسولن جو انڪار ڪيو، پوءِ بيشڪ اهو سڌي رستي تان گمراه ٿيو |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ وعدي خلافي سببان اسان انهن کي پنهنجي رحمت کان پري ڪيو ۽ اسان انهن جون دليون سخت ڪيون، رسولِ عربي جي تعريف تورات مان لڪائن ٿا، ۽ گھڻو حصو نصيحت جو وساري ڇڏيو ۽ هميشه رسولِ عربي، انهن جي خيانتن تي واقف آهن، مگر ٿورا يهودين مان ايمان آڻين ٿا، پوءِ توهان انهن کي معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ ڪي ماڻهو اُهي آهن جيڪي چون ٿا ته تحقيق اسان عيسائي آهيون اسان انهن کان رسولِ عربي تي ايمان آڻڻ جو وعدو ورتو، پوءِ اها نصيحت وساري ڇڏيائون، پوءِ قيامت تائين اسان انهن جي پاڻ ۾ دشمني ۽ حسد لازم ڪري ڇڏيو، ۽ الله تعالى جلدي انهن کي ٻڌائيندو جيڪي ڪجھه ڪندا هئا |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي اهلِ ڪتاب جا بيشڪ توهان وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا، پاڻ ڪريم بيان ڪن ٿا توهان لاءِ گھڻيون شيون جيڪي توهان ڪتاب (تورات ۽ انجيل) مان لڪايو ٿا ۽ گھڻيون ڳالهيون توهان کي معاف فرمائن ٿا، بيشڪ توهان وٽ آيا الله جي طرفان رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
الله تعالى رسولِ عربي جي معرفت هدايت فرمائي ٿو انهي ماڻهو کي جنهن رسولِ عربي تي ايمان آندو ۽ شريعت پاڪ تي هليو ۽ الله تعالى انهن ماڻهن کي اونداهي مان ڪڍي روشني ڏانهن پنهنجي حڪم سان آڻي ٿو ۽ انهن ماڻهن کي سنئين رستي تي هلڻ جي توفيق فرمائي ٿو |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
تحقيق ڪافرن چيو بيشڪ الله تعالى ئي، عيسيٰ پٽ مريم جو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو پوءِ الله کان ڪير بچائي سگھي ٿو جيڪڏهن ارادو فرمائي الله تعالى، عيسيٰ پٽ مريم ۽ سندس والده کي هلاڪ ڪرڻ جو ۽ جيڪي شيون زمين ۾ آهن، ۽ الله تعالى لاءِ ملڪيت آهي آسمانن ۽ زمينن جي ۽ جيڪي ڪجھه انهن جي وچ ۾ آهي. اُهو الله جيڪو چاهي پيدا فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ يهودين ۽ نصارن چيو اسين الله جا پٽ ۽ پسنديده آهيون، اي حبيب ! توهان فرمايو پوءِ ڪهڙي سببان الله تعالى توهان کي گناهن جي ڪري عذاب ٿي ڪيو، بلڪه توهان الله جا پيدا ڪيل انسان آهيو جنهنکي چاهي بخش ڪري ۽ جنهنکي چاهي عذاب ڪري ٿو، ۽ الله تعالى لاءِ ملڪيت آهي آسمانن ۽ زمينن جي ۽ جيڪي ڪجھه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
۽ الله ڏانهن موٽڻو آهي. اي اهلِ ڪتاب جا تحقيق توهان وٽ آيو رسولِ عربي خاتم النبيين ٿي جيڪو توهان لاءِ بيان ڪري ٿو، متان توهان چئو نه آيو اسان وٽ ڪو پيغمبر، پوءِ بيشڪ توهان وٽ بشير ۽ نذير تشريف فرما ٿيو ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو اي منهنجي قوم توهان الله جون نعمتون ياد ڪريو جو توهان مان پيغمبر پيدا ڪيائين ۽ توهان مان بادشاهه پيدا ڪيائين ۽ اهي نعمتون توهان کي ڏنائين جو ان دور ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
(موسيٰ فرمايو) اي منهنجي قوم توهان بيت المقدس ۾ داخل ٿيو، الله تعالى توهان لاءِ (بيت المقدس ۾ رهڻ) فرض ڪيو آهي ۽ نه موٽو توهان پُٺي ڀر پوءِ توهان موٽندا نقصان واري حالت ۾ |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
عرض ڪيائون اي موسيٰ بيشڪ انهي شهر ۾ طاقت واري قوم رهندڙ آهي، ۽ بيشڪ اسين هرگز داخل نه ٿينداسين جيستائين اهي انهي شهر مان نه نڪرن، پوءِ جيڪڏهن اِهي اِتان نڪتا پوءِ بيشڪ اسين داخل ٿينداسين |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
انهن مان ٻن ماڻهن چيو جن الله کان خوف ڪيو ٿي (۽) الله انهن تي نعمت ڪئي، (انهن چيائون) توهان شهر جي دروازي ۾ داخل ٿيو، پوءِ جنهن وقت توهان داخل ٿيا پوءِ بيشڪ توهان غالب آهيو، ۽ الله تي توڪل ڪريو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
عرض ڪيائون اي موسيٰ اسين هرگز نه داخل ٿينداسين هميشه جيستائين اهي طاقتور انهي شهر ۾ هوندا پوءِ تون ۽ تنهنجو رب وڃي انهن کي قتل ڪريو بيشڪ اسين هتي ويهندڙ آهيون |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ آئون نٿو مالڪ ٿيان مگر پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) جو پوءِ اسان کي ۽ اسان جي گنهگار قوم کي جدا ڪر |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
الله تعالى فرمايو پوءِ بيشڪ اسان انهن تي چاليهه سال بيت المقدس ۾ داخل ٿيڻ حرام ڪيو، پريشان ڦرندڙ (تيهه جي) زمين ۾، پوءِ توهان ڏک نه ڪريو گنهگار قوم تي |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
۽ اي حبيب ! توهان يهودين کي(حضرت) آدم جي ٻن پٽن جي خبر پڙهي ٻڌايو، جڏهن انهن مان هر هڪ قرباني پيش ڪئي پوءِ هابيل جي قرباني قبول ٿي ۽ قابيل جي قبول نٿي، قابيل چيو قسم سان آئون توکي ضرور قتل ڪندس هابيل چيو الله فقط پرهيزگارن کان قرباني قبول ڪري ٿو |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تو پنهنجي هٿ کي منهنجي طرف قتل ڪرڻ لاءِ وڌايو ته آئون تو ڏانهن هٿ نه وڌائيندس انهي لاءِ جو توکي قتل ڪريان، بيشڪ آئون الله رب العالمين کان خوف ڪريان ٿو |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
بيشڪ آئون ارادو ڪريان ٿو ته تون منهنجي قتل جي گناه ۾ ۽ بي فرماني ۽ حسد سببان گرفتار ٿين پوءِ تون جهنمين مان ٿيندين ۽ اها جزا آهي ظالمن جي |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
نيٺ قابيل کي پنهنجي ڀاءُ هابيل جي قتل تي سندس نفس اڀاريو پوءِ ان کي قتل ڪيائين پوءِ پاڻ ڦري ٿيو |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
نقصان وارن مان، پوءِ الله تعالى هڪ ڪانگ کي موڪليو (زمين تي) ان ڪانگ زمين کي کوٽيو ان لاءِ ته قابيل ڏسي ته پنهنجي ڀاءُ جو لاش ڪيئن دفن ڪجي، قابيل چيو افسوس ڪاش آئون هن ڪانگ جهڙو هجان ها، پوءِ آئون به پنهنجي ڀاءُ جو لاش پوريان ها، پوءِ (ڀاءُ جي قتل سببان) ڦري پشيمان ٿيو |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
انهي سببان اسان بني اسرائيل تي لکي ڇڏيو ته جنهن ماڻهو (ارادي سان) ٻئي ماڻهو کي قتل ڪيو بغير قصاص جي يا زمين ۾ فساد جي، پوءِ گوياڪه انهي سڀئي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا، ۽ جنهن شخص هڪ ماڻهو جي جان بچائي ان گوياڪه سڀني ماڻهن کي بچايو ۽ بيشڪ آيا انهن وٽ پيغمبر اسان جا چٽن دليلن سان پوءِ بيشڪ انهن مان گھڻا ماڻهو پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ به زمين ۾ يقيناً حد کان وڌندڙ آهن |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
هي سزا انهن ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي الله تعالى ۽ رسولِ عربي جي دوستن سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا ته انهن کي قتل ڪيو وڃي يا ڦاسي ڏني وڃي يا انهن جي هڪ پاسي جو هٿ ۽ ٻئي پاسي جو پير ڪٽيو وڃي يا انهن کي شهر نيڪالي ڏني وڃي، اهو (عذاب) انهن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
مگر اهي ماڻهو جيڪي توبه تائب ٿيا گرفتار ٿيڻ کان اڳ ۾. پوءِ توهان معلوم ڪريو بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي مؤمنو! الله تعالى کان ڊڄو ۽ الله جي دربار ۾ پنهنجي لاءِ وسيلو طلب ڪريو ۽ الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (بالفرض) جيڪڏهن اهي زمين ۾ جيڪي شيون آهن اهي سڀئي ۽ انهي جيتريون ٻيون شيون الله جي عذاب کان جيڪو قيامت جي ڏينهن ڪيو ويندو فديو ڏين ته به انهن کان قبول نه ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
جهنم جي باه کان نڪرڻ جو ارادو ڪندا حالانڪه اهي جهنم مان نڪرندڙ ناهن ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
چوري ڪندڙ مرد هجي يا عورت، پوءِ توهان انهن جا هٿ ڪٽيو اها جزا سندن عملن جي آهي (۽) الله جي طرفان عذاب آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جيڪو شخص توبه تائب ٿيو ظلم ڪرڻ کان پوءِ نيڪي ڪئي پوءِ بيشڪ الله تعالى انهي تي مهربان ٿئي ٿو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا توهان معلوم نه ڪيو ته بيشڪ الله تعالى لاءِ مُلڪ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو، جنهنکي چاهي عذاب ڪري ۽ جنهنکي چاهي بخش فرمائي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي رسولِ عربي توهان کي ڏک نه ٿئي انهن ماڻهن جو جيڪي ڪفر ۾ تڪڙ ڪن ٿا انهن ماڻهن مان جيڪي پنهنجي زبانن سان چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ نٿا ايمان آڻن قلب انهن جا ۽ انهن ماڻهن مان جيڪي يهودي ٿيا، اهي چڱي طرح (پادرين جي) ڪوڙن کي ٻڌن ٿا ۽ ٻين ماڻهن جا ڪوڙ چڱي طرح قبول ڪن ٿا، ۽ رسولِ عربي وٽ نٿا اچن، الله تعالى جي حڪمن کي تبديل ڪن ٿا پنهنجي جاءِ تان. يهودي چون ٿا جيڪڏهن (زنا متعلق) ڪَوڙن هڻڻ جو حڪم رسولِ عربي ڏي ته قبول ڪجو ۽ جيڪڏهن سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏي ته قبول نه ڪجو، ۽ جنهنکي الله گمراه ڪرڻ چاهي ٿو پوءِ توهان هرگز الله جي ڪنهن شيءِ جا انهن لاءِ مالڪ نٿا ٿيو. اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ الله تعالى نٿو چاهي جو انهن جون دليون صاف ڪري، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
(اهي) گھڻو ڪوڙ ٻڌندڙ وڏا حرام کائيندڙ آهن، پوءِ (بالفرض) جيڪڏهن اهي توهان وٽ اچن پوءِ توهان انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمايو يا انهن کي جواب ڏيو ۽ جيڪڏهن توهان انهن کي جواب ڏنو ته توهان کي ڪنهن شيءِ جو نقصان نه ڏئي سگھندا ۽ جيڪڏهن توهان فيصلو ڪريو ته پوءِ انصاف موجب انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ ڪيئن توهان کان فيصلو ڪرائن ٿا، حالانڪ انهن وٽ تورات موجود آهي انهيءَ ۾ الله جا حڪم آهن، اُهي احڪامن پهچڻ کان پوءِ به مُنهن موڙين ٿا، ۽ اهي مؤمن ناهن |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسان تورات نازل فرمايو جنهن ۾ هدايت ۽ احڪامات آهن، فيصلو ڪيائون ٿي انهيءَ سان فرمانبردار پيغمبرن، عبادت گذار ماڻهن، ۽ ڄاڻو ماڻهن، يهودين لاءِ، انهيءَ ڪري يهودين کان تورات جي حفاظت طلب ڪئي وئي ۽ اهي انهيءَ ڳالهه تي شاهد هئا، پوءِ توهان (اي يهوديو) ماڻهن کان نه ڊڄو ۽ خاص مون کان ڊڄو ۽ منهنجن آيتن جي عيوض ٿورڙو ملهه نه وٺو، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل حڪم موجب فيصلو نٿا ڪن پوءِ اُهي اُهي ڪافر آهن |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان تورات ۾ يهودين تي فرض مقرر ڪيو ته بيشڪ ماڻهو جي عيوض ماڻهو (قتل ڪيو ويندو) اک جي عيوض اک ۽ نَڪَ جي عيوض نَڪُ ۽ ڪَنَ جي عيوض ڪَنُ ۽ ڏَندَ جي عيوض ڏَندُ ۽ زخمن ۾ به قصاص آهي، پوءِ جيڪو ماڻهو خوشيءَ سان معاف ڪري ٿو پوءِ الله تعالى معاف ڪندڙ جا گناه معاف فرمائي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل حڪم موجب فيصلو نٿا ڪن پوءِ اُهي اُهي ظالم آهن |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
۽ انهن پيغمبرن کان پوءِ اسان عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو جنهن پاڻ کان اڳ ۾ آيل تورات جي تصديق ڪئي، ۽ اسان عيسيٰ کي انجيل عطا فرمايو انهي ۾ هدايت ۽ نور آهي ۽ انجيل تصديق ڪندڙ آهي پاڻ کان اڳ ۾ آيل تورات جي ۽ پرهيزگارن لاءِ انجيل ۾ هدايت ۽ نصيحت آهي |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ ڀَلي فيصلو ڪن ها (انهيءَ زماني ۾) انجيل وارا انهن حڪمن سان جيڪي الله انجيل ۾ نازل فرمايا هئا ۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل حڪم موجب فيصلو نٿا ڪن پوءِ اُهي اُهي گنهگار آهن |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
۽ اسان نازل فرمايو رسولِ عربي ڏانهن قرآن ڪريم حق سان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي اڳين ڪتابن جِي ۽ شاهد آهي انهن تي پوءِ رسولِ عربي توهان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو قرآن موجب ۽ توهان انهن جي سَڌُن جي تابعداري حق اچڻ کان پوءِ نه ڪريو، ۽ اسان توهان سڀني لاءِ (مختلف) شريعتون ۽ (جدا جدا) رستا مقرر ڪيا ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته توهان کي هڪ شريعت تي ڪري ها پر توهان کي آزمائي ٿو انهن حڪمن ۾ جيڪي توهان کي ڏنا اٿس پوءِ چڱن ڪمن ۾ اڳرائي حاصل ڪريو الله تعالى ڏانهن توهان سڀني جو موٽڻ آهي پوءِ ضرور توهان کي خبر ڏيندو جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هئا |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ توهان يهودين جي وچ ۾ الله جي حڪم موجب فيصلو ڪريو ۽ انهن جي سَڌن جا تابع نه ٿيو ۽ انهن کان خوف ڪريو متان توهان کي الله جي ڪن حڪمن کان ڦيرائي وجھن، پوءِ جيڪڏهن توهان کان مُنهن موڙين پوءِ توهان يقين ڪريو الله تعالى ارادو فرمائي ٿو ته انهن جي ڪجھه گناهن جي عيوض انهن تي عذاب ڪري، ۽ بيشڪ يهودين مان گھڻا ماڻهو گنهگار آهن |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
ڇا توهان کان جاهليت جا فيصلا طلب ڪن ٿا، ۽ الله تعالى جي فيصلي کان وڌيڪ سهڻو فيصلو ڪير ڪري ٿو، انهيءَ قوم لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي مؤمنو! توهان يهودين ۽ عيسائن سان دوستي نه رکو، اهي هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ جيڪو ماڻهو توهان مؤمنن مان انهن سان دوستي رکي ٿو پوءِ بيشڪ اهو انهن مان آهي، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو فرمائي |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
پوءِ رسولِ عربي ڏسي ٿو انهن کي جن جي دلين ۾ مرض آهي، اهي (يهودين ۽ عيسائن) سان دوستي رکڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا، چون ٿا اسان کي خوف آهي متان اسان کي زماني جي گردش پهچي پوءِ ويجھو آهي جو الله مسلمانن کي فتح عطا فرمائي يا يهودين جي پاڙ پٽي پوءِ ڦري پشيمان ٿيندا، انهن ڳالهين کان جيڪي دل ۾ لڪائيندا هئا |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ مؤمن (فتح جي ڏينهن عجب سان) چوندا ڇا اِهي اُهي آهن جن الله تعالى جا پڪا قسم کنيا ته اسين توهان مؤمنن سان گڏ آهيون، چَٽُ ٿيا عمل انهن جا، پوءِ ڦِري ٿيا نقصان وارن مان |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي مؤمنو جيڪو توهان مان پنهنجي دين کان مرتد ٿيو پوءِ جلدي الله تعالى آڻيندو ٻِي قوم کي جنهن سان الله پيار ڪندو ۽ اُهي الله سان محبت رکندا، مؤمنن تي مهربان هوندا ۽ ڪافرن تي سخت هوندا، الله جي راه ۾ جهاد ڪندا، ۽ ملامت ڪندڙن جي ملامت جو ڪو خوف نه ڪندا، اهي (وصفون) الله جا احسان آهن جنهنکي چاهي عطا فرمائي ٿو، ۽ الله گھڻون احسان ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
توهان مؤمنن جو مددگار الله تعالى ۽ الله جو رسول ۽ مؤمن آهن. اهي مؤمن نماز پڙهن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي رڪوع ڪندڙ آهن |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ رسول ڪريم ۽ مؤمنن کي دوست بنائي ٿو پوءِ بيشڪ (اها) الله جي جماعت ئي غالب آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي مؤمنو! انهن ماڻهن سان دوستي نه رکو جيڪي توهان جي دين سان مذاق ۽ راند ڪن ٿا. چاهي اُهي توهان کان اڳيان اهلِ ڪتاب مان هجن يا ڪافر هجن. ۽ الله کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جنهن وقت انهن کي (منافقن کي) نماز لاءِ پڪارجي ٿو ته نماز کي مذاق ۽ راند سمجھن ٿا، اهو انهي سببان آهي جو بيشڪ اِها قوم بي سمجھه آهي |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب جا ڇا توهان اسان کي عيب لڳايو ٿا جو اسان ايمان آندو آهي الله تعالى ۽ قرآن ڪريم ۽ اڳين مقدس ڪتابن تي، ۽ بيشڪ توهان مان گھڻا گنهگار آهن |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
اي حبيب ! توهان ارشاد فرمايو ڇا آئون توهان کي انهيءَ کان زياده خراب ڳالهه جي خبر ڏيان جيڪا الله وٽ آهي، اُهي جن تي الله لعنت موڪلي ۽ انهن تي ناراض ٿيو ۽ انهن مان باندر ۽ سوئر ۽ شيطان جا فرمانبردار پيدا ڪيائين، (اِها) انهن جي جاءِ تمام خراب آهي ۽ اهي سنئين راه کان تمام گھڻا گمراه ٿيا |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ رسولِ عربي وٽ جڏهن يهودي اچن ٿا چون ٿا اسان ايمان آندو حالانڪ تحقيق داخل ٿيا ڪفر ۾ ۽ مجلس مان نڪتا ته به ڪافر هئا ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪجھ لڪائن ٿا |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
۽ توهان انهن مان گھڻن کي ڏسندا ته گناه ۽ زيادتيءَ جي ڪمن ۾ تڪڙ ڪندا ۽ حرام کائيندڙ هوندا، سندن عمل تمام گھڻا خراب آهن |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
ڇو نه منع ڪيائون يهودين کي سندن درويشن ۽ پادرين ڪُوڙ ڳالهائڻ کان ۽ حرام کائڻ کان (اهي) يقيناً تمام خراب ڪم ڪري رهيا آهن |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ يهودين چيو الله تعالى جو دستِ قدرت بند آهي (في الحقيقت) يهودين جا هٿ بند ڪيا ويا ايئن چوڻ جي ڪري، بلڪه الله تعالى جا دستِ قدرت کليل آهن جيئن چاهي خرچ فرمائي ٿو، اي حبيب ! توهان جي مٿان رب جي طرفان قرآن نازل ٿيڻ جي ڪري يهودين جي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور زيادتي ٿيندي ۽ اسان انهن جي وچ ۾ دشمني ۽ بُغض قيامت جي ڏينهن تائين وجھرائي ڇڏيو. جڏهن به انهن باه جنگ لاءِ ٻاري، الله تعالى ان کي وِسائي ڇڏيو ۽ زمين ۾ فساد جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ الله تعالى نٿو محبت رکي فساد ڪندڙن سان |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن تحقيق اهي يهودي، رسولِ عربي تي ايمان آڻن ها ۽ الله کان ڊڄن ها ته ضرور اسين انهن جا گناه ميٽي ڇڏيون ها ۽ ضرور انهن کي بهشت ۾ داخل ڪريون ها |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن تحقيق اهي تورات ۽ انجيل جا حڪم مڃن ها ۽ جيڪي ڪجھه الله تعالى انهن ڏانهن موڪليو ته يقيناً انهن کي آسمان ۽ زمين مان رزق ملي ها، انهن مان ڪجھه ماڻهو انصاف پسند آهن ۽ انهن مان گھڻن جا عمل خراب آهن |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي رسولِ عربي توهان پهچايو (ماڻهن تائين) جيڪي ڪجھه توهان تي نازل فرمايو ويو توهان جي رب طرفان، ۽ (بالفرض) جيڪڏهن توهان ايئن نه ڪيو ته توهان تبليغ جو حق ادا نه ڪيو، ۽ الله تعالى توهان کي (اي حبيب) ماڻهن کان حفاظت ۾ رکندو. بيشڪ الله ڪافر قوم کي هدايت نٿو ڏئي |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب توهان جي دين تي اعتبار ناهي ايستائين جو تورات ۽ انجيل جي حڪم موجب مون تي ۽ قرآن ڪريم تي ايمان آڻيو، ۽ قرآن ڪريم نازل ٿيڻ جي ڪري ضرور زياده ٿيندي گھڻن يهودين کي سرڪشي ۽ ڪفر، پوءِ (تبليغ دوران) توهان ڪافر قوم تي ڏک نه ڪريو |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو زباني ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي يهودي هئا ۽ ستارن کي پوڄيندڙ ۽ عيسائي هئا انهن مان جن به سچي دل سان ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ سٺا ڪم ڪيائون پوءِ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
تحقيق اسان بني اسرائيل کان پڪو وعدو ورتو ۽ انهن ڏانهن رسول موڪلياسين، جڏهن ڪڏهن به انهن جي خواهش جي خلاف رسول تشريف فرما ٿيا هڪ ٽولي رسولن کي ڪُوڙو ڪيو ۽ هڪ ٽولي رسولن کي شهيد ڪيو. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ يقين ڪيائون ته انهي ڪري انهن تي عذاب نه ٿيندو ان کان پوءِ ٻوڙا ۽ گونگا ٿيا پوءِ (توبه تائب ٿيا) الله انهن جي توبه قبول ڪئي وري گھڻا انهن مان ٻوڙا ۽ گونگا ٿيا ۽ الله انهن جي عملن (هيرا ڦيري) کي ڏسندڙ آهي |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
تحقيق ڪفر ڪيو انهن ماڻهن جن چيو بيشڪ الله ته عيسيٰ پٽ مريم آهي، ۽ عيسيٰ فرمايو اي بني اسرائيل توهان الله جي عبادت ڪريو جيڪو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي، بيشڪ جنهن الله تعالى سان شرڪ ڪيو پوءِ تحقيق الله تعالى ان تي بهشت حرام ڪيو ۽ اُن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
تحقيق انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو الله تعالى ٽِن خدائن مان هڪ خدا آهي، ۽ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي مگر هڪ الله تعالى ، ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي عقيدي کان باز نه آيا ته ضرور جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن مان دردناڪ عذاب چکندا |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
ڇا پوءِ الله تعالى ڏانهن توبه تائب نٿا ٿين ۽ الله تعالى کان بخشش طلب نٿا ڪن حالانڪ الله تعالى بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهي |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
ناهي عيسيٰ پٽ مريم جو مگر رسول، تحقيق ان کان اڳ رسول ٿي گذريا، عيسيٰ جي والده نهايت سچي آهي، عيسيٰ ۽ مريم طعام کائيندا هئا، توهان ڏسو ڪهڙي طرح اسين انهن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا تنهن کان پوءِ ڏسو ڪيئن ڦري وڃن ٿا |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
توهان فرمايو ڇا غيرالله (بتن وغيره) جي عبادت ڪريو ٿا،جيڪي توهان کي نفعو يا نقصان نٿا پهچائي سگھن، ۽ الله تعالى هميشه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب جا توهان ناحق پنهنجي دين ۾، حد کان نه وڌو ۽ نه تابعداري ڪريو ان قوم جي جيڪي گمراه ٿيا اڳ ۾ ۽ گھڻن ماڻهن کي گمراه ڪيائون ۽ رسولِ عربيءَ جي آمد کان پوءِ به اسلام نه آندائون |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
لعنت ڪيا ويا بني اسرائيل مان، اُهي جن ڪفر ڪيو (حضرت) داؤد ۽ (حضرت) عيسيٰ بن مريم جي زبان سان اهو بدلو آهي سندن بي فرماني ۽ حد کان وڌڻ جو |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
خراب ڪم کان هڪ ٻئي کي نه روڪيندا هئا، تمام خراب ٿيو جيڪو عمل ڪندا هئا |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
توهان انهن مان گھڻا ڏسندا جيڪي ڪافرن سان دوستي رکن ٿا، يقيناً اهو بڇڙو ٿيو عمل جيڪو اڳتي پنهنجي لاءِ موڪليائون جو الله جو غضب انهن تي ٿيو ۽ عذاب ۾ اُهي هميشه هوندا |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪڏهن اهلِ ڪتاب الله تعالى ۽ رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ها ته مشرڪن کي دوست نه بنائن ها ۽ پر گھڻا انهن مان گنهگار آهن |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
ضرور توهان لهندا مسلمانن جا سخت دشمن يهودي ۽ مشرڪ ۽ ضرور توهان لهندا مسلمانن جي دوستي ۾ تمام ويجھا انهن ماڻهن کي جيڪي چون ٿا اسين نصاريٰ آهيون، اها دوستي انهي سببان آهي جو ڪي انهن ۾ ڄاڻو ۽ درويش آهن ۽ بيشڪ اهي تڪبر نٿا ڪن |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن اهي قرآن ڪريم ٻُڌن ٿا ته انهن جي اکين کي توهان ڏسندا ته لُڙڪن سان ڀرجي اچن ٿيون انهي سببان جو انهن قرآن ڪريم کي سڃاتو، چون ٿا اي اسان جا رب اسان ايمان آندو رسولِ عربي تي پوءِ تون اسان کي رسولِ عربي جي اُمت مان پاڻ وٽ لِک |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ اسان کي ڇا هي جو اسين الله تعالى ۽ قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻيون ۽ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو رب اسان کي چڱن ماڻهن سان بهشت ۾ داخل فرمائيندو |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
پوءِ الله تعالى سندن انهي چوڻ جي ڪري کين باغ عطا ڪيا جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اهي هميشه انهيءَ ۾ هوندا، ۽ اهو نيڪوڪارن جو بدلو آهي |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله تعالى جي آيتن کي ڪُوڙو سمجھو اهي جهنمي آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي مؤمنو! پاڪ شين کي حرام نه سمجھو اهي شيون جيڪي توهان لاءِ الله تعالى حلال فرمايون آهن ۽ حد کان نه وڌو، بيشڪ الله تعالى حد کان وڌندڙن سان محبت نٿو رکي |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ توهان کائو حلال پاڪ شيون جيڪي الله تعالى توهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن ۽ انهي الله تعالى کان ڊڄو جنهن تي توهان کي ايمان آهي |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
توهان جي اجاين قَسمن کڻڻ جي ڪري الله توهان تي پڪڙ نٿو فرمائي ۽ پر پڪڙ فرمائي ٿو انهن قَسمن تي جيڪي توهان سوچي سمجھي کنيان آهن پوءِ اهڙي قَسم جي عيوض ڏهن مسڪينن کي درميانه قِسم جو طعام کارايو جيڪو توهان پنهنجي گھر وارن کي کارايو ٿا يا انهن کي ٽي ڪپڙا ڍڪايو يا ٻانهون آزاد ڪريو، پوءِ جيڪو مذڪوره شين کي نه لهي ته پوءِ ٽي ڏينهن روزا رکي، اهو عيوض توهان جن قَسمن جو آهي جڏهن پورا نٿا ڪريو، ۽ پنهنجن قَسمن جي حفاظت ڪريو، اهڙي طرح بيان فرمائي ٿو الله تعالى توهان لاءِ شريعت جا احڪام، ته من توهان شڪرگذار ٿيو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي مؤمنو! شراب ۽ جُوئا ۽ بُت ۽ ڍارا پليد شيطاني ڪم آهن پوءِ توهان انهن ڪمن کان پرهيز ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان چاهي ٿو ته توهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي شراب پيئڻ جي ڪري ۽ جُوا رهڻ جي ڪري ۽ توهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان روڪي، ڇا پوءِ توهان (ان جي چوڻ تي) روڪبا |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري ڪريو ۽ هوشيار ٿيو، پوءِ جيڪڏهن توهان ڦريا پوءِ توهان يقين ڪريو اسان جن پيغمبرن تي فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
انهن ماڻهن تي گناه ناهي جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا جيڪي انهن (شڪار مان) کاڌو جنهن وقت انهن خوف ڪيو ۽ ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ان کان پوءِ خوف ڪيائون ۽ ايمان آندائون ان کان پوءِ خوف ڪيائون ۽ نيڪي ڪيائون، ۽ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي مؤمنو! ضرور توهان کي الله تعالى آزمائيندو اُن شڪار سان جنهنکي توهان جا هٿ ۽ نيزا پهچن ٿا. انهيءَ لاءِ ته پر پُٺ خوف ڪندڙ کي چٽو فرمائي پوءِ جيڪو ماڻهو حڪم اچڻ کان پوءِ حد کان وڌي پوءِ انهيءَ لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي مؤمنو نه ماريو توهان شڪار کي حالانڪ توهان احرام ۾ آهيو، ۽ جنهن ماڻهو توهان مان (احرام ۾) ڄاڻي واڻي شڪار ڪيو پوءِ اُن جي عيوض اُهڙو چؤپايو ڏئي توهان مان ٻه عادل ماڻهو اُن جو فيصلو ڪن اها قرباني حرم ۾ ذبح ڪئي وڃي يا اُن جي عيوض مسڪينن کي طعام کارائي يا ان جي برابر روزا رکي انهيءَ لاءِ ته بي فرمانيءَ جي سختي چکي، الله تعالى معاف فرمايو جيڪو ٿي گذريو، ۽ جيڪو احرام ۾ شڪار ڪري ٿو پوءِ الله ان کان بدلو وٺندو ۽ الله غالب انتقام وٺندڙ آهي |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
توهان لاءِ حلال ڪيو ويو سمنڊ جو شڪار (فقط مڇي) ۽ انهيءَ جو کائڻ توهان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ، ۽ حرام ڪيو ويو توهان تي خشڪي جو شڪار جيستائين توهان احرام ۾ آهيو، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو انهي ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندا |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله تعالى ڪعبه شريف کي ماڻهن لاءِ، دين ۽ دنيا جي بهتريءَ جو ذريعو ڪيو آهي ۽ حج وارن مهينن کي ۽ قرباني کي ۽ نشان ڏنل قرباني جي جانورن کي، اهو انهي لاءِ ته توهان معلوم ڪريو بيشڪ الله ڄاڻي ٿوجيڪو ڪجھه آسمانن ۾ ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي ۽ بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
توهان معلوم ڪريو بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ ۽ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
رسولِ عربيءَ جي ذميداري فقط پيغام پهچائڻ آهي. ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو ٿا |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
اي حبيب ! توهان فرمايو برابر نٿا ٿين پليد ۽ پاڪ ۽ جيتوڻيڪ توهان کي حيرت ۾ وجھي پليد جي گھڻائي، پوءِ الله تعالى کان خوف ڪريو اي عقلمندو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي مؤمنو رسولِ عربي کان انهن شين بابت سوال نه پڇو جو جيڪڏهن توهان لاءِ ظاهر ڪيون وڃن ها ته توهان کي ڏکيون لڳن ها ۽ جيڪڏهن توهان سوال ڪريو ٿا انهن شين بابت جڏهن قرآن ڪريم نازل ٿئي ٿو ته ظاهر ڪيون وينديون توهان لاءِ، الله تعالى توهان جا سوال ڪرڻ معاف فرمايا ۽ الله تعالى بخشيندڙ بردبار آهي |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
بيشڪ اهڙين شين بابت اڳين قومن به سوال پڇيا انهي کان پوءِ اهي سوالن سببان ڦِري ٿيا ڪافرن مان |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
الله تعالى قطعاً حرام نه ڪئي ڪَن چيريل ڏاچي ۽ نه ميدان ۾ کليل ڏاچي ۽ نه ٻه ڦر ڏيندڙ رڍ ۽ نه سانهه اٺ کي. پر اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو اهي الله تعالى تي ڪُوڙ مڙهين ٿا، (انهن حلال جانورن کي حرام سمجھن ٿا) ۽ انهن مان گھڻا نٿا سمجھن |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو توهان اچو الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي حڪمن طرف، چون ٿا اسان لاءِ اهو دين ڪافي آهي جنهن تي اسان جا پيءُ ڏاڏا هئا، ڇا جيتوڻيڪ انهن جا پيءُ ڏاڏا نٿا ڄاڻن ته هي هدايت وارا نه ٿيندا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي مؤمنو توهان جي مٿان پنهنجين جانين جو اصلاح ڪرڻو آهي، نٿو نقصان ڏئي توهان کي ڪنهنجو گمراه ٿيڻ جڏهن توهان هدايت وارا آهيو، الله تعالى ڏانهن توهان سڀني جو موٽڻ آهي پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي ضرور خبر ڏيندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي مؤمنو توهان جي پاڻ ۾ شاهدي آهي جڏهن توهان مان ڪنهنکي موت اچي وصيت ڪرڻ وقت توهان مان ٻه ماڻهو انصاف وارا هجن يا ٻيا ماڻهو شاهد هجن جيڪڏهن توهان مسافر آهيو پوءِ توهان کي موت جو حادثو پيش اچي، (ٻن شاهدن کان قَسم کڻايو) ٽيپهري نماز کان پوءِ اهي ٻئي شاهد الله جو قَسم کڻن جيڪڏهن شڪ هجي ته، اُهي چون، نٿا وٺون اسان ڪُوڙي قسم جي عيوض ڪنهن مُلهه کي جيتوڻيڪ اسان جا مائٽ هجن ۽ الله جي شاهدي اسان ڳجھي نٿا ڪريون |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
بيشڪ اسان شاهدي لڪائڻ وقت گنهگارن مان ٿينداسين پوءِ جيڪڏهن اطلاع ملي ته اِهي شاهد حق وڃائيندا ته پوءِ ٻه ٻيا شاهد (عادل) انهن شاهدن جي عيوض مقرر ڪيا وڃن (جيڪي ميت کي ويجھا هجن)، پوءِ ٻئي شاهد قسم کڻن ته اسان ٻنهيءَ جي شاهدي پَهرين جي شاهدي کان وڌيڪ صحيح آهي ۽ اسان حق کان تجاوز نه ڪيو آهي (اگر اسان ايئن ڪيو ته) بيشڪ اسان ان وقت ظالمن مان ٿينداسين |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
اهي مذڪوره احڪام انهيءَ لاءِ آهن جو شاهدي صحيح نموني سان ادا ڪن يا انهن کي خوف هجي ته اسان جا قَسم ٻين جي قَسمن جي ڪري رد ڪيا ويندا ۽ الله تعالى کان ڊڄو (خيانت ڪرڻ ۽ ڪُوڙن قسمن کڻڻ ۾) ۽ الله تعالى گنهگار قوم کي هدايت نٿو فرمائي |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
قيامت جي ڏينهن الله تعالى سڀني رسولن کي گڏ ڪري سوال پڇندو توهان کي پيغام پهچائڻ وقت ڪهڙو جواب مليو، چوندا اسان کي ڪو علم ناهي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ آهين |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
جنهن وقت الله تعالى عيسيٰ پٽ مريم کي فرمائيندو ته تون منهن جون نعمتون ياد ڪر جيڪي مون تنهنجي ۽ تنهنجِي والده تي ڪيون، جڏهن اسان توکي جبريل امين جي مدد سان مضبوط بنايو، تمام ننڍپڻ ۾ تو گفتگو ڪئي ۽ پڪي عمر ۾ تو تبليغ ڪئي، ۽ انهيءَ وقت اسان توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل جو علم عطا ڪيو، ۽ جنهن وقت تو مٽيءَ مان منهنجي حڪم سان پکي جي مورتي تيار ڪئي ٿي پوءِ تو انهيءَ ۾ ڦوڪ ڏني ٿي پوءِ منهنجي حڪم سان (اها مورتي ) پکي بنجي وئي ٿي ۽ تو شفا ڏني ٿي ماءُ جي پيٽان انڌي ٻار کي ۽ ڪوڙهه واري مريض کي، ۽ جنهن وقت قبرن مان مُئل زندهه ڪري ٿي ڪڍيا منهنجي حڪم سان، ۽ جنهن وقت بني اسرائيل کي اسان تو کان روڪيوسين جڏهن تو انهن وٽ معجزا آندا پوءِ انهن مان ڪافرن چيو ناهي هيءُ مگر صاف جادو |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن اسان حوارين جي دلين ۾ وڌو ته اسان تي ۽ تو تي ايمان آڻن، چيائون اسان ايمان آندو ۽ تون شاهدي ڏي بيشڪ اسان مسلمان آهيون |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
جڏهن حوارين سوال ڪيو اي عيسيٰ پٽ مريم جا ڇا تنهنجي رب کي توفيق آهي جو اسان جي مٿان نازل ڪري آسمان مان (طعام جو) دسترخوان عيسيٰ فرمايو الله کان خوف ڪريو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
چيائون اسان ارادو ڪريون ٿا ته انهيءَ مان اسين کائون ۽ اسان جون دليون مطمعن ٿين ۽ اسين معلوم ڪريون ته تون نبوت ۾ سچو آهين ۽ اسين انهيءَ ڳالهه تي گواهن مان هجون |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
عيسيٰ پٽ مريم عرض ڪيو اي اسان جا الله اسان جي مٿان (طعام جو) دسترخوان آسمان مان نازل فرماءِ جيڪو اسان لاءِ باعث خوشي ٿئي پهرين کائيندڙ ۽ پوين کائيندڙن لاءِ تنهنجي طرفان نشاني ٿئي ۽ تون اسان کي رزق ڏي ۽ تون بهترين رزق ڏيندڙ آهين |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله فرمايو بيشڪ آئون دسترخوان کي توهان تي نازل ڪريان ٿو پوءِ جنهن ماڻهو توهان مان انهي کان پوءِ به ڪفر ڪيو پوءِ بيشڪ آئون اُن تي سخت عذاب ڪندس جو اهڙو عذاب دنيا ۾ ڪنهن تي نه ٿيو هوندو |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ توهان ياد ڪريو جڏهن الله تعالى فرمائيندو (قيامت جي ڏينهن) اي عيسيٰ پٽ مريم جا ڇا توهان چيو هو ماڻهن کي ته مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي ٻه خدا ڪري مڃو الله تعالى کان سواءِ، (حضرت) عيسيٰ عرض ڪندو تون پاڪ آهين منهنجي لاءِ مناسب ناهي جو آئون اهو چوان جيڪي مون کي حق ناهي، جيڪڏهن مون چيو هوندو (بالفرض) پوءِ بيشڪ توکي معلوم هوندو تون ڄاڻي ٿو جيڪي منهنجي دل ۾ آهي ۽ نٿو ڄاڻان آئون جيڪو توکي معلوم آهي بيشڪ تون ئي گھڻو غيب ڄاڻندڙ آهين |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
نه چيو آهي مون انهن کي مگر جيڪو تو مون کي حڪم ڪيو ته اهي عبادت ڪن الله جي جيڪو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي، ۽ جيستائين آئون انهن ۾ رهيس اوستائين آئون انهن تي نگران هُيس، پوءِ جڏهن تو مون کي کڻايو، پوءِ تون انهن تي نگاهه رکندڙ هئين ۽ تون هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهين |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
جيڪڏهن تون انهن تي عذاب ڪندين پوءِ بيشڪ اهي تنهنجا ٻانها آهن، ۽ جيڪڏهن تون انهن کي بخش ڪندين پوءِ بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
الله تعالى فرمائيندو هيءُ ڏينهن آهي جو نفعو ٿو ڏئي مؤمنن کي سندن ايمان آڻڻ. انهن مؤمنن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي هوندو ۽ اهي مؤمن رب ڪريم کان راضي هوندا، اها وڏي ڪاميابي آهي |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
الله تعالى لاءِ آهي مُلڪ آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي ڪجھه انهن ۾ آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي |