يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
مومنو! پنهنجي اقرارن کي پورو ڪيو. اوهان لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا آهن. سواءِ انهن جي، جن بابت اوهان کي حڪم ٻڌائجي ٿو. مگر جڏهن احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار ڪرڻ حلال نه سمجهو. بيشڪ الله جيئن گهري ٿو، حڪم ڏئي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي مومنو! الله جي نالي وارين شين جي بي حرمتي نه ڪجو. نه ادب واري مهيني جي، نه (حج جي) قرباني جي، نه ڪعبي لاءِ پٽا وڌل جانورن جي ۽ نه ڪعبي ڏي ويندڙن جي، جي پنهنجي پالڻهار جي مهرباني ۽ سندس رضا طلب ڪن ٿا. جڏهن احرام لاهيو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ جنهن قوم اوهان کي عزت واريءَ مسجد کان روڪيو هو، ان جي دشمني اوهان کي حد کان اڪرڻ تي نه اڀاري. اوهين نيڪي ۽ خدا ترسيءَ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو پر گناهه ۽ ظلم ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
اوهان تي حرام ڪجن ٿا: مردار، رت، سوئر جو گوشت، جنهن کي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي نالي سڏيو وڃي، گهٽجي مئل، ڌڪ کائي مئل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، سڱ لڳي مئل ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانور کائي، سواءِ انهيءَ جي، جو ذبح ڪجي ۽ جيڪو آستانن تي ڪهجي ۽ پُکن جي تيرن سان ورهايل (به حرام آهن) اهي گناهه جا ڪم آهن. جن ڪفر ڪيو، سي اڄ اوهان جي دين کان نا اميد ٿي ويا، تنهنڪري انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو. اڄ مون اوهان جي دين کي اوهان لاءِ ڪامل ڪيو، مون اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ مون اوهان لاءِ اسلام جو دين پسند ڪيو. پر جيڪو بک جي ڪري لاچار ٿي گناهه ڏانهن لاڙو نه ڪرڻ واري حالت ۾ (ڪا حرام شيءِ کائي) ته الله بخشڻهار مهربان آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
توکان پڇن ٿا ته ”انهن لاءِ ڇا حلال آهي؟“ چئو ته اوهان لاءِ سڀ پاڪ شيون حلال آهن ۽ الله جي ڪيل حڪمن موجب اوهان جي سيکاريل شڪاري جانورن جون پڪڙيل به. پوءِ جيڪي اوهان لاءِ پڪڙي رکن، اُن مان کائو، ان تي (شڪار جي وقت) الله جو نالو وٺندا ڪريو ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ اوهان لاءِ سڀ پاڪ شيون حلال ڪيون ويون. اڳين ڪتابن وارن جو طعام اوهان لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام انهن لاءِ حلال آهي. ۽ پاڪدامن مومن عورتون ۽ اڳين ڪتابن وارن جون پاڪدامن عورتون به، جڏهن اوهين کين سندن مهر ڏيو. (مقصد) پاڪدامني هجي، نه بدڪاري ۽ نه ڳجهي ياراڻي ۽ جيڪو ايمان جو منڪر ٿيو، ان جا عمل چٽ ٿيا ۽ هو آخرت ۾ نقصان پائڻ وارن مان هوندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي مومنو! جڏهن نماز پڙهڻ جو ارادو ڪريو، ته پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئو، مٿي جو مک ڪريو ۽ پنهنجن پيرن کي ڌوئو ڀيڏين تائين ۽ جيڪڏهن مٿي ميرا هجو (ته وهنجي) پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو، يا مسافريءَ تي هجو، يا اوهان مان ڪو پائخانه کان ٿي آيو هجي، يا اوهان عورتن سان صحبت ڪئي آهي، پوءِ پاڻي نه لهي سگهو، ته پاڪ مٽيءَ مان ڪم وٺو ۽ پنهنجي منهن ۽ هٿن تي ان مان مک ڪريو. الله اوهان تي ڪنهن طرح تنگي ڪرڻ نٿو گهري، بلڪ هو گهري ٿو، ته اوهان کي پاڪ ڪري، ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت کي پورو ڪري ان لاءِ ته اوهين شڪرگذار ٿيو. |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
پاڻ تي الله جي ڪيل نعمت کي ياد ڪريو ۽ ان عهد کي به جو اوهان سان پڪو ڪيائين، جڏهن اوهان چيو هو ته ”اسان ٻڌو ۽ قبول ڪيوسون“ ۽ الله کان ڊڄندا رهو، بيشڪ الله دلين جا خيال ڄاڻي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي مومنو! الله لڳ انصاف جي گواهي ڏيڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيو ۽ ڪنهن ٽوليءَ جي دشمني اوهان کي انهيءَ تي نه اُڀاري، جو اوهين انصاف نه ڪريو. (هر حال ۾) انصاف ڪريو، اهو خدا ترسيءَ کي ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن کان خبردار آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا. الله انهن کي بخشش ۽ وڏي اجر جو وعدو ڏنو آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون، اُهي دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي مومنو! پاڻ تي الله جي ڪيل نعمت کي ياد ڪريو. جڏهن پوريءَ جماعت ارادو ڪيو هو، ته اوهان ڏانهن هٿ وڌائين، ته ان سندس هٿن کي اوهان کان روڪي ڇڏيو. الله کان ڊڄندا رهو ۽ مومنن کي ته الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
الله يهودين کان اقرار ورتو هو. ۽ انهن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيائين، پوءِ الله فرمايو ته ”آءٌ اوهان سان آهيان، جيڪڏهن اوهين نماز قائم رکندؤ، زڪواة ڏيندا رهندؤ، منهنجي رسولن تي ايمان آڻيندؤ، انهن جي مدد ڪندا رهندؤ، ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندا رهندؤ، ته آءٌ توهان کان اوهان جون بڇڙايون ضرور ميٽي ڇڏيندس، ۽ اوهان کي ضرور باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، پوءِ اوهان مان جنهن ان کان پوءِ انڪار ڪيو، سو سنئين واٽ کان برابر ڀٽڪي ويو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ اسان سندن عهد ٽوڙڻ جي ڪري مٿن ڦٽڪار وڌي ۽ سندن دلين کي سخت ڪري ڇڏيوسون، هو ڪتاب جي ڳالهين کي پنهنجي جاين تان بدلي ڇڏين ٿا جن ڳالهين جي کين نصيحت ڪئي وئي هئي، ان جو ڪجهه حصو وساري ويٺا، تون هميشه انهن جي ڪنهن نه ڪنهن ڪپت تي ڪن ٿورن کان سواءِ واقف ٿيندو رهين ٿو. تون سندن خطائون معاف ڪندو رهه ۽ انهن کان مڙي وڃ، بيشڪ الله نيڪو ڪارن کي پسند ٿو ڪري. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
انهن کان به اسان عهد ورتو هو، جي چون ٿا ته اسين عيسائي آهيون، مگر انهن به ان نصيحت جو ڪو حصو وساري ڇڏيو هو، جا کين ڪئي وئي هئي. تنهنڪري اسان انهن ۾ قيامت تائين دشمني ۽ ڪينو وجهي ڇڏيو ۽ جلد ئي کين انهن ڪمن (جي حقيقت) کان واقف ڪندو، جي هو ڪندا رهندا هئا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي ڪتاب وارؤ! اوهان وٽ اسان جو رسول آيو آهي جو جيڪو اوهين ڪتاب مان لڪائيندا هئا، ان کي کولي بيان ڪري ٿو ۽ گهڻين (ڳالهين) کان پاسو ڪري ٿو، بيشڪ اوهان وٽ الله کان روشني ۽ پڌرو ڪتاب اچي چڪو آهي. |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
جنهن سان الله پنهنجي رضا تي هلڻ وارن کي سلامتيءَ جا رستا ڏيکاري ٿو، پنهنجي حڪم سان انهن کي اونداهين مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ٿو، کين سڌي رستي جي واٽ ڏيکاري ٿو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
بيشڪ اُهي ڪافر آهن، جن چيو ته ”الله مريم جو پٽ مسيح آهي.“ (انهن کي) چئو ته ”جيڪڏهن مسيح پٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهن، تن سڀني کي الله ختم ڪرڻ گهري، ته پوءِ ڪنهن کي الله کان (بچائڻ) جو ڪجهه به اختيار آهي؟ آسمانن ۽ گهري زمين ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي ان سڀ تي خدا جي بادشاهي آهي، جيڪي وڻيس سو ٿو خلقي ۽ الله هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته ”اسين خدا جا پٽ ۽ سندس پيارا آهيون“ چؤ ته پوءِ هو اوهان کي اوهان جي گناهن ڪري ڇو عذاب ڏئي ٿو؟ بلڪ اوهين به سندس خلقيل ماڻهن مان آهيو. هو جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ٿو ۽ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي ان سڀ تي الله جي بادشاهي آهي ۽ (سڀني کي) ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي ڪتاب وارؤ! اسان جو رسول اوهان وٽ آيو آهي جو رسولن جي بند ٿي وڃن کانپوءِ اوهان کي (اسان جا حڪم) کولي ٻڌائي ٿو ان لاءِ ته اوهين ايئن نه چئو ته اسان وٽ ڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو. تنهن ڪري هاڻي اوهان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آهي ۽ الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
(ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ”اي منهنجي قوم! جيڪي الله اوهان تي احسان ڪيا آهن. سي ياد ڪريو، جو هن اوهان ۾ نبي پيد اڪيا، اوهان کي بادشاهه بڻايائين ۽ اوهان کي اهو ڏنائين، جو دنيا ۾ ڪنهن کي به نه ڏنائين. |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منهنجي قوم! (شام جي) پاڪ زمين ۾ داخل ٿيو. جا اوهان لاءِ مقرر ڪئي آهي ۽ پٺ ڏئي نه ڦري وڃو، نه ته نقصان ۾ پئجي ويندؤ.“ |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
چيائون ”اي موسي! اتي زبردست ماڻهو آهن. ۽ اسين ان ۾ هرگز نه گهڙنداسون. جيسين اُهي ان مان نڪري نه وڃن، (جي نڪتا ته) پوءِ اسين داخل ٿينداسون.“ |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
مگر جيڪي شخص الله کان ڊنا ٿي، انهن مان ٻه، جن تي الله جي عنايت هئي، سي چوڻ لڳا ته ”انهن تي دروازن کان حملو ڪريو. انهن تي حملي ڪرڻ سان اوهين ئي غالب ٿيندؤ ۽ جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ته الله تي ئي ڀروسو ڪريو.“ |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
چيائون ”اي موسي! جيسين اهي ماڻهو منجهس آهن، تيسين اسين ان ۾ نه گهڙنداسون. تون ۽ تنهنجو رب ٻئي وڃي وڙهو، اسين ته هتي ئي ويٺا آهيون.“ |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
چيائين ”اي منهنجا رب! منهنجو پاڻ تي ۽ پنهنجي ڀاءُ کانسواءِ ٻئي ڪنهن تي زور نٿو هلي، تنهنڪري تون اسان ۽ بدڪارن وچ ۾ فيصلو ڪر.“ |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
فرمايائين ”هاڻي اهو ملڪ مٿن چاليهه ورهيه حرام آهي، اتيئي برپٽ ۾ رلندا. تون اهڙن بدڪار انسانن تي افسوس نه ڪر! |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
اي نبي! تون انهن کي آدم جي ٻن پٽن جي سچي خبر پڙهي ٻڌاءِ، جڏهن ٻنهي هڪ هڪ قرباني ڪئي، ته هڪ جي قبول ٿي، ٻئي جي قبول نه پيئي، اُنهي چيو ته آءٌ توکي ضرور ماريندس“ چيائين ”الله پنهنجي ديندارن کان ئي (نياز) قبول ڪندو آهي. |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تون مون کي مارڻ لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندين، ته به آءٌ توکي مارڻ لاءِ پنهنجو هٿ نه هلائيندس. مون کي ته جهانن جي پالڻهار الله کان ڊپ ٿئي ٿو. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
آءٌ گهران ٿو ته تون پنهنجو ۽ منهنجو گناهه کڻين، ته دوزخين مان ٿي پوين ۽ ظالمن جي اهائي سزا آهي.“ |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
پوءِ سندس نفس کيس ڀاڻس جي خون لاءِ راضي ڪيو، کيس ماريائين ۽ ائين نقصان پائيندڙن مان ٿي پيو. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله هڪ ڪانگ کي موڪليو ته زمين کي کوٽي کيس ڏيکاري، ته ڪهڙيءَ ريت ڀاڻس جي لاش کي ڍڪي ڇڏي، چوڻ لڳو ته ”افسوس! جو آءٌ هن ڪانگ جهڙو به نه ٿيس، جو آءٌ پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي پوري ڇڏيان ها.“ پوءِ هو پشيمان ٿيو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
ان (قتل) جي ڪري اسان يهودين تي لازم ڪيو ته جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ناحق يا زمين ۾ فساد ڪرڻ کانسواءِ قتل ڪندو، ان ڄڻ سڀني ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ جنهن ڪنهنجي زندگي بچائي، ان ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي بچايو. بيشڪ انهن وٽ اسان جي رسولن روشن دليل آندا. ان کان پوءِ به انهن مان گهڻا ملڪ ۾ حد کان نڪري ويندا آهن. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
جيڪي شخص الله ۽ سندس رسول سان لڙائي ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪندا رهن ٿا، تن جي سزا اها آهي ته کين قتل ڪجي يا ڦاسيءَ چاڙهجي، يا سندن هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير ڪپجن يا کين ملڪ نيڪالي ڏجي. اها ته دنيا ۾ انهن جي خواري آهي ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
سواءِ انهن جي، جن اوهان جي هٿ اچڻ کان اڳ توبهه ڪئي ۽ ڄاڻو ته الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي مومنو! خدا کان ڊڄندا رهو، ان جي ويجهڙائي جو وسيلو طلبيو، ۽ ان جي واٽ ۾ هرڪا ڪوشش ڪريو، ته اوهانکي ڪاميابي حاصل ٿئي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، انهن کي جيڪي زمين ۾ (خزانا) آهن سي ۽ ايترا ٻيا به ملن، ته هو عيوض ڏيئي قيامت جي عذاب کان بچن، تڏهن به کانئن قبول نه ڪبا ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
هو گهرندا ته دوزخ جي عذاب کان ٻاهر نڪرن، مگر ان کان نه نڪري سگهندا ۽ انهن لاءِ دائمي عذاب آهي. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
چور مرد ۽ چور عورت جا هٿ ڪپيو. اها سزا سندن ڪمائي جي آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت آهي، الله غالب حڪمت وارو آهي. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
جيڪو گناهه کان پوءِ توبهه ڪندو ۽ نيڪ ٿيندو ته الله ان کي معاف ڪندو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا، تون نٿو ڄاڻين ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. جنهن کي وڻيس ته عذاب ڪري ۽ جنهن کي وڻيس ته بخشي. الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي رسول! تون انهن تي غمگين نه ٿيءُ، جي ڪفر (جي راهه) ۾ تيز قدم آهن خواهه اهي انهن مان هجن، جي وات سان چون ٿا ”اسان ايمان آندو“ مگر سندن دلين ايمان نه آندو ۽ خواهه يهودين مان. اهي شخص ڪوڙ تي ڪن ڏيڻ وارا آهن، هن لاءِ ته جيڪي تو وٽ نه آيا آهن، تن کي خبرون پهچائين، خدائي حڪمن کي سندن صحيح هنڌ کان ڦيرين ٿا. چون ٿا ته ”جي اوهان کي هي حڪم ملي، ته قبول ڪجو ۽ جي هي حڪم نه ملي ته ان کان بچو،“ جنهن کي الله آزمايش ۾ وجهڻ گهري، ته توهين الله جي طرفان ان لاءِ ڪو اختيار نٿا رکو. اهي ئي شخص آهن، جن جي دلين کي الله صاف ڪرڻ نٿو گهري، انهن لاءِ هن دنيا ۾ به ذلت آهي، آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
اهي ڪوڙ لاءِ جاسوسي ڪندڙ، حرام مال کائيندڙ آهن، جيڪڏهن تو وٽ (فيصلي لاءِ) اچن، وڻيئي ته سندن فيصلو ڪر، يا منهن موڙ ۽ جيڪڏهن تون انهن کان منهن موڙيندين ته به اُهي هرگز توکي ذرو به نقصان نه ڏيئي سگهندا ۽ جيڪڏهن تون انهن ۾ فيصلو ڪرين ته انصاف سان ڪر. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ هو ڀلا ڪيئن ٿا توکان فيصلو ڪرائين، جو وٽن به تورات پيو آهي، جنهن ۾ خدا پاڪ جا حڪم (بيان) ٿيل آهن، پوءِ به هو انهيءَ کان منهن ٿا موڙين! درحقيقت کين ايمان ئي ڪونهي. |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسان تورات کي نازل ڪيو، ان ۾ هدايت ۽ روشني آهي. خدا جي حڪم جا تابعدار نبي، خواهه خدا وارا ۽ عالم ان موجب يهودين جا فيصلا ڪندا رهيا، جو هو الله جي ڪتاب جا نگهبان مقرر ڪيا ويا هئا ۽ ان تي گواهه هئا. تنهنڪري ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄندا رهو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ٿورو ملهه نه وٺو. جيڪو الله جي نازل ٿيل ڪتاب موجب فيصلو نه ڪندو، ته اهڙا ئي ماڻهو ڪافر آهن. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان انهن لاءِ ان ۾اهو حڪم لکيو ته هو ته ”جان بدران جان، اک جي بدران اک، نڪ جي بدران نڪ، ڪن جي بدران ڪن، ڏند جي بدران ڏند ۽ زخمن جي بدران اهڙائي زخم.“ پوءِ جيڪو بدلو وٺڻ معاف ڪندو، اهو گناهن کان پاڪ ٿيندو ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل ڪتاب موجب فيصلو نه ڪندو، ته اهڙائي ماڻهو بي انصاف آهن. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
پوءِ انهن (نبين) جي طريقي تي اسان عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو، جو پاڻ اڳ ۾ آيل ڪتاب تورات جي تصديق ڪندڙ هو. کيس انجيل ڏنوسون، جنهن ۾ هدايت ۽ نور آهي، اهو پاڻ کان اڳ ۾ آيل ڪتاب توريت جي تصديق ڪندڙ آهي. (اهو) خدا ترسن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ نصيحت ڪندڙ آهي. |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ انجيل وارن کي گهرجي ته الله ان ۾ جيڪي حڪم نازل ڪيا آهن ان موجب فيصلا ڪن ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو بدڪار آهن. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
اسان توڏي سچائي سان ڪتاب موڪليو، جو پاڻ کان اڳين ڪتابن جي تصديق ڪندڙ ۽ انهن تي نگهبان آهي. تنهنڪري ماڻهن ۾ الله جي نازل ڪيل ڪتاب موجب فيصلو ڪر ۽ جيڪو حق تو وٽ آيو آهي، ان کي ڇڏي سندن خواهشن جي پيروي نه ڪر. اوهان مان هر هڪ ٽولي لاءِ اسان هڪ دستور (طريقو) مقرر ڪيو آهي. جيڪڏهن الله گهري، ته سڀني کي هڪ امت بڻائي ڇڏي، مگر اهو ان لاءِ آهي ته جيڪي اوهان کي ڏنو اٿس ان ۾ اوهان کي آزمائي، تنهنڪري نيڪي جي ڪمن ۾ هڪٻئي کان وڌڻ جي ڪوشش ڪريو. اوهان سڀني کي آخر الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي پوءِ جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف ڪندا هئا، انهن جي (حقيقتن جي) اوهان کي خبر ڏيندو. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
۽ تون انهن ۾ الله جي حڪم موجب فيصلو ڪر ۽ انهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر. انهن کان بچ، ته متان توڏانهن الله جي موڪليل ڪنهن حڪم کان توکي ٿيڙي وجهن. پوءِ جيڪڏهن ڦري وڃن، ته ڄاڻ ته الله انهن تي سندن گناهن ڪري مصيبت نازل ڪرڻ گهري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
ڇا، هو جاهليت وارو حڪم ٿا طلبين؟ مگر يقين رکندڙن لاءِ الله کان وڌيڪ چڱو حڪم ٻيو ڪهڙو آهي! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي مومنو! يهودين ۽ نصارن کي دوست نه بڻايو، جو اهي هڪ ٻئي جا دوست آهن. جيڪو اوهان مان انهن کي دوست بڻائيندو، اهو به انهن مان ٿيندو. بيشڪ الله ظالمن کي هدايت نه ٿو ڏئي. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
تون انهن کي جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي، انهن ڏانهن (وڃڻ ۾) جلدي ڪندو ڏسندين، چون ٿا ته ”اسين ڊڄون ٿا متان اسان تي ڪو زماني جو ڦيرو نه اچي.“ قريب آهي جو الله فتح آڻي، يا پاڻ وٽان ڪا ڳالهه (نازل ڪري) پوءِ جيڪي پنهنجي دلين ۾ لڪايائون ٿي. ان تي پشيمان ٿي رهندا. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ (ان وقت) مسلمان چوندا ته ”ڇا، هي اُهي آهن، جي الله جا سخت قسم کائيندا هئا، ته اهي اوهان سان آهن!“ سندن عمل چٽ ٿيا، پوءِ هو نقصان پائيندڙ ٿي پيا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي مومنو! جيڪو اوهان مان پنهنجي دين کان ڦرندو ته پوءِ الله جلد ئي اهڙا ماڻهو پيدا ڪندو، جن کي الله دوست رکندو ۽ اهي کيس دوست رکندا، جي مومنن تي نرم هوندا، ڪافرن تي سخت هوندا، الله جي واٽ ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن به ڇينڀيندڙ جي ڇينڀ کان نه ڊڄندا، اهو الله جو فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
اوهان جا مددگار ته فقط الله ۽ سندس رسول ۽ اهي مومن آهن، جي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ڏين ٿا ۽ (الله اڳيان) جهڪن ٿا. |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جنهن الله ۽ سندس رسول ۽ ايمان وارن کي پنهنجو مددگار بڻايو، ته بيشڪ الله جو ٽولو ئي غالب ٿيندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي مومنو! توهان کان اڳين ڪتاب وارن ۽ ڪافرن مان جن اوهان جي دين کي چرچو ۽ کيڏ بڻائي رکيو آهي، تن کي دوست نه بڻايو ۽ جيڪڏهن اوهين مومن آهيو ته الله کان ڊڄندا رهو. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن اوهين نماز لاءِ بانگ ڏيو ٿا ته اهي ان کي به چرچو ۽ کيڏ ڪري وٺن ٿا. اهو هن ڪري، جو هو سمجهه رکندڙ ماڻهو نه آهن. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
چؤ ته اي ڪتاب وارؤ! اوهين انهيءَ کان سواءِ ٻيو اسان کان ڇا جو وير ٿا وٺو؟ جو اسين الله تي ۽ اسان تي لٿل ڪتاب ۽ اسان کان اڳ لٿل ڪتاب تي ايمان رکون ٿا؟ ۽ هيءُ ته، گهڻا اوهان مان نافرمان آهن. |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
چؤ ته ڇا، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ته الله جي حضور ۾ ان کان به تمام بڇڙي بدلي پائڻ وارا ڪير آهن؟ اهي شخص جن تي الله لعنت ڪئي ۽ پنهنجو غضب لاٿو ۽ انهن مان ڪيترن کي باندر ۽ سوئر بڻايائين ۽ جي شرير قومن کي پوڄڻ لڳا. اهڙا ئي شخص بڇڙي ٺڪاڻي وارا آهن ۽ سنئين واٽ کان ڀٽڪيل آهن. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته چون ٿا ”اسان ايمان آندو“ پر درحقيقت هو ڪفر وٺي آيا هئا ۽ اهوئي وٺي نڪتا ۽ جن ڳالهين کي هو ڳجهو رکن ٿا. الله انهن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
۽ تون انهن مان گهڻن کي گناهه، ظلم ۽ حرام مال کائڻ ۾ جلدي ڪندو ڏسندين. بيشڪ هو جيڪي به ڪن ٿا سو بڇڙو آهي. |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
خدا وارا ۽ عالم سندن گناهن جي ڳالهين ۽ حرام کائڻ کان کين ڇو نه ٿا روڪن؟ جيڪي ڪن ٿا سو بيشڪ بڇڙو آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
يهودي چون ٿا ته ”خدا جو هٿ تنگ آهي“ پر هٿ ته سندن تنگ آهن. سندن ان چوڻ ڪري مٿن لعنت ڪئي وئي. بلڪ الله جا هٿ کليل آهن. جيئن وڻندو اٿس تيئن خرچ ڪندو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) توڏانهن تنهنجي رب وٽان نازل ٿيو آهي سو انهن مان گهڻن کي سرڪشيءَ ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو ۽ اسان سندن وچ ۾ دشمني ۽ ڪينو قيامت تائين وجهي ڇڏيو آهي. جڏهن به جنگ لاءِ باهه ٻاريندا آهن، الله ان کي اجهائيندو آهي ۽ اهي ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ الله فساد ڪندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا خدا ترس ٿين ها، ته اسين سندن گناهن کي ضرور ميٽي ڇڏيون ها ۽ انهن کي ضرور نعمت جي باغن ۾ داخل ڪريون ها. |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
جيڪڏهن اهي تورات ۽ انجيل کي ۽ جيڪي مٿن سندن رب وٽان نازل ٿيو آهي، ان کي قائم رکن ها، ته ضرور کين مٿان (آسمان کان) ۽ سندن پيرن هيٺان (زمين مان) روزي ملي ها پر انهن مان هڪ ٽولو وچٿرو آهي ۽ منجهائن گهڻا اهڙائي آهن جي بڇڙا ڪم ڪندا آهن. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي رسول! تو تي جيڪي به پنهنجي رب کان نازل ٿيو آهي ان کي (ماڻهن تائين) پهچاءِ ۽ جيڪڏهن تو ايئن نه ڪيو ته پوءِ تو سندن پيغام نه پهچايو ۽ الله توکي ماڻهن کان پناهه ڏيندو. بيشڪ، الله ڪافرن جي قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
چئو ته اي ڪتاب وارؤ! جيسين اوهين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي اوهان جي رب کان اوهان ڏانهن نازل ٿيو آهي، کي قائم نه ڪندؤ تيسين اوهين ڪنهن به واٽ تي نه آهيو ۽ جيڪي تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار کان نازل ٿيو آهي، سو انهن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وڌائيندو، تنهنڪري منڪر ماڻهن (جي حال) تي افسوس نه ڪر! |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
بيشڪ جيڪي مومن آهن ۽ جيڪي يهودي، صابي ۽ نصارا آهن (انهن مان) جنهن به الله تي۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته تن کي ڪو ڀؤ نه آهي ۽ نڪي اهي غم کائيندا. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
اسان يهودين کان پڪو انجام ورتو ۽ انهن ڏانهن گهڻا رسول موڪلياسون. جڏهن وٽن ڪو رسول اهڙو حڪم وٺي آيو ٿي، جو سندن خواهشن جي ابتڙ هو ته هنن انهن مان ڪن کي ڪوڙو بنايو ۽ ڪن کي قتل ڪيو. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ انهن سمجهيو ته ڪا آزمائش نه ٿيندي. پوءِ (حق کان) انڌا ۽ ٻوڙا ٿيا. وري (به) الله مٿن پنهنجي رحمت ڪئي، پوءِ (به) انهن مان گهڻا (حق کان) انڌا ۽ ٻوڙا ٿيا ۽ جيڪي هو ڪن ٿا، تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
بيشڪ انهن ڪفر ڪيو. جن چيو ته ”خدا مسيح پٽ مريم جو آهي“ ۽ مسيح چوندو هو ته ”اي يهوديو! الله جي عبادت ڪريو، جو منهنجو ۽ اوهان جو رب آهي ۽ بيشڪ جنهن الله جو ڪو ڀائيوار بنايو، ان تي الله جنت حرام ڪئي ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
اُهي بيشڪ ڪافر ٿيا، جن چيو ته ”الله ٽن مان هڪڙو آهي“ ۽ حقيقت ۾ هڪ الله کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ کي چوڻ کان نه روڪيندا ته منجهانئن ڪافرن کي ضرور ڏکوئيندڙ عذاب پهچندو. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
هو ڇو الله ڏانهن نه ٿا موٽن ۽ ان کان بخشش نٿا گهرن؟ الله ته بخشيندڙ مهربان آهي. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
مسيح پٽ مريم جو ته رڳو هڪ رسول هو، ان کان اڳ به رسول ٿي چڪا آهن ۽ سندس ماءُ سچي هئي، اُهي ٻئي کاڌو کائيندا هئا. ڏس، ته ڪيئن نه انهن لاءِ روشن دليل بيان ڪريون ٿا. پوءِ ڏس ته اهي ڪيڏانهن پيا ڀٽڪن! |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
چئو ته ڇا، اوهين الله کان سواءِ انهن جي بندگي ڪريو ٿا جي اوهان لاءِ نه نقصان ۽ نه نفعي جو اختيار رکن ٿا؟ ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
چئو ته اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين بابت حق کان وڌي نه وڃو ۽ انهن قومن جي خواهشن جي پيروي نه ڪريو، جي اوهان کان اڳ گمراهه ٿي چڪا آهن، گهڻن کي گمراهه ڪري چڪا آهن ۽ حق جي سنئين واٽ کانئن گم ٿي وئي. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
يهودين مان جن ڪفر ڪيو. انهن تي دائود ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي زبان سان ڦٽڪار پئي! هن ڪري، جو انهن نافرماني ڪئي ۽ حد کان لنگهندڙ هئا. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
هو جيڪي بڇڙا ڪم ڪندا هئا، تن کان هڪ ٻئي کي نه جهليندا هئا. اها بيشڪ وڏي بڇڙائي هئي جا هو ڪندا هئا. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
تون انهن مان گهڻن کي ڏسندين، ته هو ڪافرن سان دوستي رکندا آهن. اها ڪهڙي نه بڇڙي تياري آهي جا سندن نفس اڳي موڪلي آهي، جو مٿن الله جو غضب ٿيو ۽ هو عذاب ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪڏهن اهي الله، نبيءَ ۽ ان ڪتاب تي، جو نبي ڏانهن نازل ٿيو، ايمان آڻين ها ته هوند مشرڪن کي مددگار ڪري نه وٺن ها! پر گهڻا منجهانئن نافرمان آهن. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
تون مؤمنن جي دشمنيءَ ۾ سڀ کان زياده سخت يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين ۽ مومنن جي دوستيءَ ۾ سڀ کان ويجهو انهن کي ڏسندين جي چون ٿا ته اسين نصاريٰ آهيون، اهو ان ڪري، جو منجهن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آهن ۽ بيشڪ انهن کي گهمنڊ ڪو نه آهي. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن (عيسائي) رسول ڏانهن لاٿل ڪلام ٻڌن ٿا ته تون سندين اکين کي ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسين ٿو، هن ڪري، جو هنن حق سڃاتو آهي، چون ٿا ته ”اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو، تنهنڪري اسان کي پنهنجي شاهدن ۾ لک.“ |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
ڀلا اسين ڇو نه الله تي ۽ اسان وٽ آيل سچائيءَ تي ايمان آڻيون ۽ اها اميد رکون، ته اسان جو رب اسان کي صالحن سان گڏ (بهشت ۾) داخل ڪري؟“ |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
پوءِ الله سندن ان چوڻ جي بدلي کين اهڙا باغ ڏنا جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، تنهن ۾ هميشه رهندا ۽ اهو نيڪو ڪارن جو بدلو آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اهي دوزخي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي مومنو! الله جيڪي چڱيون شيون اوهان لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي حرام نه ڪريو ۽ حد کان نه وڌو، بيشڪ الله حد کان لنگهندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
الله اوهان کي جيڪو چڱو حلال رزق ڏنو آهي، ان مان کائو ۽ الله کان ڊڄو، جنهن تي ايمان رکو ٿا. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
الله اوهان جي ٺلهن قسمن کڻڻ تي اوهان کي پڪڙ نه ڪندو مگر اوهان کي پڪي ارادي سان قسمن کڻڻ تي پڪڙ ڪندو آهي. پوءِ ان جو ڏنڊ ڏهن مسيڪنن کي وچٿرو کاڌو کارائڻ آهي، جو اوهين پنهنجي عيال کي کارايو ٿا. يا انهن کي ڪپڙا ڏيڻ، يا هڪ غلام کي آزاد ڪرڻ آهي. جنهن کي اهو به موجود نه ٿئي، ته پوءِ ٽن ڏينهن جا روزا رکي. اهو اوهان جي قسمن جو ڏنڊ آهي جڏهن به اوهين قسم کڻي (ڀڃو). پنهنجي قسمن جي سنڀال ڪريو. ان طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون بيان ڪري ٿو ته اوهين شڪرگذار ٿيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي مومنو! شراب، جوا، بت ۽ سورتي ( (يا لاٽري) ناپاڪ ڪم، شيطان جي عملن مان آهن. تنهنڪري ان کان بچو ته اوهين ڪامياب ٿيو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
شيطان ته گهري ٿو، شراب ۽ جوا کان اوهان جي وچ ۾ دشمني وجهي ۽ اوهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان روڪي. پوءِ ڇا، اوهين باز نه ايندؤ؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
الله جو حڪم مڃيو، رسول جو حڪم مڃيو ۽ ڊڄندا رهو. جيڪڏهن اوهين منهن موڙيندؤ، ته پوءِ ڄاڻو ته اسان جي رسول تي رڳو حڪم پهچائڻ جو ڪم رکيل آهي. |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن جيڪي (اڳ) کاڌو، انهن لاءِ مٿن ڪو گناهه نه آهي، جڏهن اهي نيڪ ٿيا، ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون پوءِ وڌيڪ نيڪ ٿيا ۽ ايمان آندائون پوءِ اڃا وڌيڪ نيڪ ٿيا ۽ تمام چڱا ڪم ڪيائون ۽ الله نيڪو ڪارن کي پسند ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي مومنو! جنهن شڪار کي اوهان جا هٿ ۽ نيزا پهچي سگهن ٿا، ان بابت الله اوهان کي هڪ حڪم سان ضرور آزمائيندو، ته الله معلوم ڪري، ته ڪير ٿو پرپٺ سندس ڊپ رکي. پوءِ جيڪو انهيءَ کان پوءِ حد اُڪرندو ان لاءِ ڏک ڏيندڙ عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي مومنو! جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ آهيو، ته شڪار نه ڪريو ۽ جيڪو اوهان مان ڄاڻي ٻجهي شڪار ڪندو، ته ان تي شڪار ڪيل جانور جهڙو بدلو آهي. جو اوهان مان ٻه معتبر ماڻهو فيصلو ڪن، اهو ڪعبي ڏانهن نياز طور پهچائڻو آهي يا مسڪينن کي کاڌي کارائڻ جو يا ان جي برابر روزن رکڻ جو ڏنڊ آهي، ان لاءِ ته پنهنجي ڪئي جي سزا چکي. جيڪي اڳ ٿي چُڪو ان کي الله معاف ڪيو ۽ جيڪو اهڙو ڪم ڪندو، ته ان کان الله بدلو وٺندو ۽ الله غالب بدلو وٺندڙ آهي. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
اوهان لاءِ دريا جو شڪار حلال آهي ۽ ان جو کائڻ (به) اوهان لاءِ توڙي مسافر جي فائدي لاءِ آهي. ۽ جيسين اوهين احرام ۾ آهيو اوهان تي جهنگ جو شڪار حرام آهي. الله کان ڊڄندا رهو، جنهن وٽ سڀئي ڪٺا ڪيا ويندؤ. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله عزت واري گهر ڪعبي ۽ عزت وارن مهينن ۽ قربانيءَ ۽ (قربانيءَ لاءِ ڪنڌ ۾) پٽن ٻڌل جانورن کي ماڻهن لاءِ قائم رهڻ جو سبب بڻايو آهي. اهو هن لاءِ آهي، ته اوهين ڄاڻو ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ان (سڀ) کي الله ڄاڻي ٿو ۽ بيشڪ الله هر هڪ شيءِ کي ڄاڻي ٿو. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
ڄاڻو ته الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي ۽ هي (به) ته الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
رسول جي ذمي پيغام پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي، جيڪي پڌرو ڪريو ٿا يا لڪايو ٿا، الله ان کي ڄاڻي ٿو. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
چئو ته پاڪ ۽ ناپاڪ ٻئي برابر نه آهن، کڻي ناپاڪ جي گهڻائي توکي پسند ڇو نه اچي. اي عقلمندو! الله کان ڊڄندا رهو ته اوهين ڪامياب ٿيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي مومنو! اهڙين ڳالهين بابت سوال نه ڪريو، جو جيڪڏهن (حقيقت) ظاهر ٿئي ته اوهان کي بڇڙي لڳي ۽ جيڪڏهن انهن بابت قرآن جي نازل ٿيڻ وقت پڇندؤ ته اوهان تي (حقيقتون) ظاهر به ٿينديون. (هينئر) الله انهن کان درگذر ڪيو ۽ الله بخشيندڙ بردبار آهي. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
اوهان کان اڳين ماڻهن ايئن سوال پڇيا. پوءِ وري انهي سبب ڪفر ۾ پئجي ويا. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
الله جي طرفان نڪي بحيره، نڪي سائبه، نڪي وصيله ۽ نڪي حام (ٺهرائڻ) جو حڪم ڪيو ويو آهي. (يعني ڪو به حلال جانور جائز فائدي وٺڻ کان روڪيل يا پوکن پرڻ لاءِ آزاد ڇڏيل نه آهي) بلڪه ڪافر الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا ۽ انهن مان گهڻا عقل نه ٿا رکن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
جڏهن کين چئجي ٿو ته ”جيڪي الله نازل ڪيو آهي ان ڏانهن ۽ رسول ڏانهن اچو“ ته چون ٿا ته ”جنهن (رستي) تي ابن ڏاڏن کي ڏٺوسون، سو اسان لاءِ ڪافي آهي.“ پوءِ کڻي سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه ڄاڻندا هجن ۽ نڪي سڌي رستي تي هجن؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي مومنو! پنهنجي پاڻ جي سنڀال رکو. جڏهن اوهين سنئين رستي تي هوندؤ ته ڪو به گمراهه اوهان کي ڪو نقصان نه پهچائي سگهندو، اوهان سڀني کي الله ڏي وڃڻو آهي، پوءِ جيڪي ڪم ڪندا هئا، انهن بابت اوهان کي خبر ڏيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي مومنو! جڏهن اوهان مان ڪنهن مٿي موت اچي ته وصيت جي وقت گواهي لاءِ اوهان مان ٻه اعتبار جوڳا شاهد هجن يا جيڪڏهن اوهين سفر ۾ هجو، ۽ موت جي مصيبت اچي ۽ (مسلمان شاهد نه ملي) ته ٻيا ٻه غير مسلم گواهه ڪريو. جيڪڏهن اوهان کي (گواهيءَ ۾) شڪ هجي، ته انهن کي نماز کان پوءِ روڪيو. پوءِ اهي ٻئي الله جو قسم کڻي چون ته ”اسان پنهنجي قسم کي ڪنهن بدلي ۾ نه وڪيو آهي، کڻي ويجهو مائٽ ڇو نه هجي ۽ اسين الله جي سچي شاهدي هرگز نه لڪائينداسين نه ته ان وقت اسين گنهگار ٿينداسون.“ |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته ٻئي (ڪوڙ ڳالهائي) گهنگار ٿي چڪا آهن، ته انهن جي جاءِ تي ٻيا ٻه گواهه انهن ماڻهن مان کڙا ڪيا وڃن جن جو حق دٻايل آهي ۽ جي ميت کي وڌيڪ ويجها هجن، پوءِ اهي الله جو قسم کائي چون ”اسان جي گواهي اڳين گواهن جي گواهي کان وڌيڪ سچي آهي ۽ اسين ڪپت نٿا ڪريون، نه ته اسين ظالمن مان ٿينداسون.“ |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
ان طرح گواهن جي پوري پوري گواهي ڏيڻ جي اميد آهي. يا کين ڊپ ٿيندو ته سندن قسم انهن جي قسمن کان پوءِ رد نه ٿين. الله کان ڊڄو ۽ (ان جي حڪمن کي) ٻڌو ۽ الله نافرمان ماڻهن کي هدايت نه ٿو ڏئي. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
قيامت ڏينهن الله رسولن کي ڪٺو ڪندو پوءِ انهن کان پڇندو، ته ”اوهان کي ڪهڙو جواب مليو هو؟“ عرض ڪندا ته ”اسان کي ڪا خبر نه آهي.“ تون ئي غيب جي ڳالهين کان واقف آهين.“ |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
جڏهن الله فرمائيندو ته اي عيسيٰ پٽ مريم جا! منهنجي انهن نعمتن کي ياد ڪر، جي مون توتي ۽ تنهنجي ماءُ تي ڪيون، جڏهن مون توکي پاڪ روح جي مدد ڏني، تون ماڻهن سان پينگهي ۽ جوانيءَ ۾ ڳالهائيندو هئين، جڏهن مون توکي ڪتاب ۽ ڏاهپ، توريت ۽ انجيل سيکاريو، جڏهن تون منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل بڻائي، پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيندو هئين، پوءِ اهو منهنجي حڪم سان اڏامندڙ پکي ٿي پوندو هو. ڄائي ڄم واري انڌي ۽ ڪوڙهي کي منهنجي حڪم سان چڱو ڀلو ڪندو هئين ۽ جڏهن تون مئل کي منهنجي حڪم سان جيئرو ڪندو هئين ۽ مون تڏهن توکي يهودين کان بچايو جڏهن تون هنن وٽ صاف نشانيون وٺي آئين، پوءِ انهن مان ڪافرن چيو ته ”اهو پڌري جادو کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن مون حوارين ڏانهن حڪم موڪليو ته ”مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو“ انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد رهه، ته اسين تابعدار آهيون. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
۽ جڏهن حوارين چيو ته ”اي عيسيٰ پٽ مريم جا! ڇا، تنهنجو رب اسان تي آسمان مان هڪ خونچو (طعام جو) موڪلي سگهي ٿو؟“ چيائين ته ”جيڪڏهن اوهين مومن آهيو، ته الله کا ڊڄو.“ |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
انهن چيو ته ”اسين ان مان ڪجهه کائڻ گهرون ٿا ۽ اسان جي دلين کي دلجاءِ ٿئي ۽ اسان ڄاڻون، ته اسان کي سچ ٻڌايو آهي ۽ اسين ان تي گواهه رهون.“ |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
(تڏهن) عيسيٰ پٽ مريم جي چيو ته ”اي اسان جا رب! اسان تي آسمان مان (طعام جو) خونچو نازل ڪر، ته اسان جي اڳين ۽ پوين لاءِ عيد ٿئي، تو وٽان هڪ نشاني ٿئي. اسان کي رزق ڏي ۽ تون ئي سڀ کان بهتر روزي ڏيڻ وارو آهين.“ |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله فرمايو ته ”آءٌ ضرور ان کي اوهان ڏي موڪليندس. پوءِ جيڪو ان کان پوءِ ڪفر ڪندو ته ان کي اهڙو عذاب ڏيندس. جو دنيا مان ڪنهن کي به اهڙو عذاب نه ڏيندس.“ |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن الله چيو ته ”عيسيٰ پٽ مريم جا! ڇا، تون ماڻهن کي چيو هو، ته ”الله کان سواءِ مون ۽ منهنجي ماءُ جي به بندگي ڪريو؟“ چيائين ”تون پاڪ آهين، ڀلا آءٌ ڪيئن اهڙي ڳالهه چوندس!“ جنهن جي چوڻ جو مون کي حق نه هو؟ جيڪڏهن مون چيو هوندو، ته ضرور توکي معلوم هوندو. جيڪي منهنجي دل ۾ آهي تنهن کي تون ڄاڻين ٿو پر جيڪي تنهنجي دل ۾ آهي تنهن کي آءٌ نٿو ڄاڻان، بيشڪ تون ئي غيب جو ڄاڻندڙ آهين. |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
مون ان کان سواءِ انهن کي ٻيو ڪجهه نه چيو، جيڪو تو مون کي حڪم ڏنو ته ”الله جي عبادت ڪريو، جو منهنجو ۽ اوهان جو رب آهي“ ۽ جيسين آءٌ منجهس هوس ته آءٌ کين ڏسندو رهيس. پوءِ جڏهن تو مون کي فوت ڪيو، ته تون ئي مٿن نگهبان هئين ۽ تون هر هڪ ڳالهه کان واقف آهين. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڏيندين ته اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن تون انهن کي بخشين، ته تون غالب ڏاهپ وارو آهين! |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
الله فرمائيندو ”هي اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ سچن کي سندن سچ ئي فائدو ڏيندو. انهن لاءِ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، هو انهن ۾ هميشه رهندا، الله انهن کان خوش ۽ اُهي الله کان خوش آهن. اها وڏي ڪاميابي آهي.“ |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به انهن ۾ آهي، تن تي بادشاهي الله جي آهي ۽ هو هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. |