يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ! (الله تعالى سان سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ) پنھنجن وعدن کي پورو ڪريو، توهان جي لاءِ چَرندڙ چئن پيرن وارا جانور (يعني ڏاند، ڳئون، سانُ، مينھن، ٻڪر، ٻڪري، گهيٽو، رڍ، اٺ ۽ ڏاچي وغيره) حلال ڪيا ويا آهن، سواءِ انهن جانورن جي جن جي باري ۾ اڳتي هلي توهان کي ٻڌايو ويندو (ته هي حلال نه آهن). احرام جي حالت ۾ ڪنھن به قسم جو شڪار ڪرڻ حرام آهي، بيشڪ ماڻهن لاءِ الله تعالى جيڪو مناسب سمجهندو آهي، ان جو حڪم ڏيندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى جي نشانين، عزت وارن مھينن، قربانيءَ جي جانورن ۽ سُکا (يعني نذر) طور ويندڙ جانورن، جن جي ڳچين ۾ (نشانيءَ طور) پٽا ٻڌل آهن ۽ ڪعبة الله ڏانھن ايندڙ ماڻهن، جيڪي پنھنجي رب جو فضل ۽ راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، تن سڀني شعائر (يعني نشانين) جي ڪنھن به طرح سان بي حرمتي نه ڪريو. احرام ختم ٿيڻ کان پوءِ البته توهان لاءِ شڪار ڪرڻ حلال آهي ۽ جن ماڻهن اوهان کي ڪعبة الله کان روڪيو هو، انهن جي دشمني توهان کي ان ڳالهه تي نه اڀاري، جو اوهان انهن سان (هروڀرو) زيادتي ڪرڻ لڳو، نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪريو پر گناهه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون نه ڪريو، الله تعالى کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
توهان تي مئل جانور (يعني مردار)، رت، سوئر جو گوشت، ان حلال جانور جو گوشت جنھن کي الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي نالي تي (مشھور ڪري) ذبح ڪيو وڃي، گُهٽو ڏئي ماريل، ڌڪ سان مري ويل، مٿانھين جاءِ تان ڪري پاڻ مرادو مري ويل يا ڪنھن سان ٽڪرائجي مري ويل يا اهو جانور جنھن کي ڪنھن خونخوار درندي چيريو ڦاڙيو هجي پر جيڪڏهن اهو زخمي حالت ۾ زندهه مليو ۽ ان کي توهان ذبح ڪيو هجي (ته اهو حلال آهي) ۽ آستانن تي ذبح ڪيل جانور، تن سڀني جو گوشت کائڻ توهان تي حرام ڪيو ويو آهي ۽ تيرن جي ذريعي پنھنجي قسمت معلوم ڪرڻ (يعني فال وجهڻ)، اهي سڀ جا سڀ به گناهه وارا ڪم آهن، اڄ ڪافر توهان جي دين (کي مٽائڻ) کان مايوس ٿي چڪا آهن، تنھنڪري انهن کان (ڪڏهن به) نه ڊڄو، مون کان ئي ڊڄو، اڄ مان توهان جي لاءِ اوهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، توهان تي پنھنجي نعمت به مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ اوهان جي لاءِ اسلام کي بطور دين پسند فرمايو آهي (۽ ان کي نافذ ڪري ڇڏيو آهي، سو مٿين حرام ڪيل شين مان) جيڪڏهن ڪنھن انتھائي مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪا شيءِ کائي ورتي (شرط هي آهي ته کائڻ طرف سندس روح بغير ڪنھن مجبوريءَ جي آماده نه ٿيو هجي) ته ان جي اجازت آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
(اي نبي ﷺ!) ماڻهو توهان کان پڇن ٿا ته اسان جي لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي؟ کين چؤ ته توهان لاءِ سڀ پاڪ شيون حلال ڪيون ويون آهن، (ان کان علاوه) جن شڪاري جانورن کي شڪار ڪرڻ لاءِ توهان الله تعالى جي ڏسيل طريقي موجب هيرايو آهي ته جنھن (حلال) جانور کي هو اوهان جي لاءِ پڪڙين (۽ پاڻ نه کائين) ته توهان ان جانور جو گوشت به کائي سگهو ٿا، پر شرط هي آهي ته جڏهن هو شڪار لاءِ وڃي، ته مٿس بـسم الله، الله اَڪبر پڙهو الله تعالى کان ڊڄو، (خلاف ورزي ڪرڻ جي صورت ۾) بيشڪ الله تعالى فوراً حساب وٺڻ وارو آهي. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ توهان لاءِ (سڀئي) پاڪ شيون حلال ڪيون ويون آهن، اهل ڪتاب جو کاڌو ۽ اوهان جو کاڌو هڪ ٻئي جي لاءِ کائڻ حلال آهي ۽ پاڪدامن عورتون، مؤمن هجن يا اهل ڪتاب جي گروهه سان تعلق رکنديون هجن سي به توهان لاءِ حلال آهن، شرط اھو آهي ته انهن کي مھر ادا ڪري نڪاح ۾ آڻيو، نه ڪه انهن سان آزاد جنسي خواهش پوري ڪرڻ جو ارادو ڪريو، يا لِڪ ڇپ ۾ انهن سان دوستِي رکڻ جي ڪوشش ڪريو، هاڻي جيڪو به ايمان جو انڪار ڪندو ته سندس سڀ نيڪ عمل چَٽ ٿي ويندا ۽ قيامت واري ڏينھن سندس ڏيوالو نڪري ويندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان نماز لاءِ اٿو ته پھريائين وضو ڪريو، يعني منھن، ٺونٺين تائين هٿ، مٿي جو مک ۽ ڀيڏين تائين پير ڌوئو ۽ جيڪڏهن توهان ميري مٿي هجو ته وهنجي پاڪ ٿي وڃو، جيڪڏهن اوهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو حاجت کان فارغ ٿي آيو هجي يا اوهان عورتن سان قرب ونڊيو هجي ته انهن سڀني صورتن ۾ پاڻي نه ملڻ سبب پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو، ان ئي پاڪ مٽيءَ سان پنھنجي چھرن ۽ هٿن تي مک ڪريو، الله تعالى توهان کي زندگيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي تڪليف نٿو ڏيڻ چاهي، پر هو چاهي ٿو ته اوهان کي (ان طريقي سان) پاڪ ڪري ۽ پنھنجي نعمتن کي توهان جي مٿان پورو ڪري ته جيئن اوهان شڪرگذار ٻانها ٿي زندگي گذاريو. |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
توهان پنھنجي مٿان الله تعالى جي ڪيل نعمتن کي ياد ڪريو ۽ ان وعدي کي نه وساريو، جيڪو هن اوهان کان ورتو آهي. جنھن ۾ توهان چئي چڪا آهيو ته “اسان ٻڌوسين ۽ ان جي فرمانبرداري ڪئي سين” الله تعالى کان ڊڄو. بيشڪ الله تعالى دلين جي رازن کان خوب واقف آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى جي لاءِ ئي انصاف جي شاهدي ڏيڻ تي قائم رهو ۽ ڪنھن به قوم جي دشمني توهان کي انهن سان ناانصافي ڪرڻ تي نه اڀاري، اوهان انصاف ئي ڪريو جو انصاف ڪرڻ تقوى (۽ پرهيزگاريءَ) جي تمام ويجهو آهي، الله تعالى کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب باخبر آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
الله تعالى جو انهن ماڻهن سان وعدو آهي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن لاءِ گناهن جي معافي به آهي ۽ بدلي ۾ کين وڏو اجر به ملندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اهڙا ئي ماڻهو جھنمي آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى جي پاڻ تي ان نعمت کي ياد ڪريو، جڏهن هڪ گروهه توهان کي (گهيري ۾ آڻي) ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو پر الله تعالى انهن جي هٿن کي اوهان تائين پھچڻ کان اڳ ئي روڪي ڇڏيو. الله تعالى کان ڊڄو ۽ ايمان وارن کي ته الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
بيشڪ الله تعالى بني اسرائيل کان وعدو ورتو هو ۽ اسان انهن مان ذميدار مقرر ڪياسين، الله تعالى کين فرمايو ته بيشڪ مان توهان سان گڏ آهيان، جيڪڏهن اوهان نماز کي قائم رکيو، زڪوات ڏيندا رهيا، منھنجي رسولن تي ايمان آندو، انهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ۽ الله تعالى کي بهترين قرض ڏيندا رهيا ته (پوءِ) مان ضرور توهان جي براين کي اوهان جي اعمالنامي مان مٽائي ڇڏيندس ۽ توهان سڀني کي اهڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس، جتي (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون پر ان کان پوءِ جنھن ڪفر ڪيو، سمجهو ته اهو سڌي راهه کان ڀـٽڪي ويو. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ سندن وعدي ٽوڙڻ سبب اسان مٿن لعنت مسلط ڪري سندن دلين کي سخت ڪري ڇڏيوسين اهو ان ڪري به جو هو آسماني ڪتاب تورات ۾ اصل لفظن جي جاءِ تي، ٻين لفظن جي تبديلي ڪن ٿا ۽ کين ڪيل نصيحت جي گهڻي حصي کي وساري چڪا آهن. (اي نبي ﷺ!) تون انهن مان ٿورڙن کان سواءِ باقي سڀني جي علمي خيانت کان واقف ٿيندو رهين ٿو.تنهنڪري کين معاف ڪري درگذر ڪري ڇڏ. بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن کي پسند ڪندو آهي. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
۽ انهن مان جن چيو ته اسان عيسائي آهيون، انهن کان به اسان وعدو ورتوسين، انهن به ڪيل نصيحت جي گهڻي حصي کي وساري ڇڏيو جيڪا کين ڪئي وئي هئي. ان ڪري ئي اسان انهن جي اندر پاڻ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ ساڙ پيدا ڪري ڇڏيوسين ۽ سگهو ئي الله تعالى کين سندن ڪرتوتن کان آگاهه ڪندو. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي اهل ڪتاب! بيشڪ توهان وٽ اسان جو رسول اچي چڪو آهي، جيڪو اوهان جي گهڻين ڳالهين کي واضح ڪري ٿو، جن کي توهان ڪتاب مان لڪايو ٿا ۽ وري گهڻيون ڳالهيون نظرانداز به ڪري ٿو، اوهان وٽ الله تعالى جي طرفان روشني ۽ واضح ڪتاب اچي چڪو آهي. |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
جنھن جي ڪري الله تعالى انهن ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي، جن ماڻهن سلامتيءَ واري رستي تي رهي ان جي رضامنديءَ جي پيروي ڪئي تن کي هو پنھنجي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانھن آڻي کين سڌو رستو ڏيکاري ٿو. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
انهن ماڻهن (حقيقت ۾) ڪفر ڪيو جن چيو ته بيشڪ مسيح ابن مريم ئي الله آهي (اي محمد ﷺ!) کين چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى جي ذات، مسيح ابن مريم، ان جي ماءُ ۽ زمين ۾ رهندڙن سڀني کي مارڻ چاهي، ته ڪير آهي جيڪو ان کي ايئن ڪرڻ کان روڪي؟ آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ هر مخلوق ان جي ئي آهي، هو جيڪا شيءِ چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو ۽ بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
يھودين ۽ عيسائين چيو ته اسين الله تعالى جا پٽ ۽ ان جا لاڏلا آهيون، توهان کين چؤ ته (ڀلا) هو ( توهان جي ڪرتوتن جي ڪري) توهان کي عذاب ڇو ٿو ڪري؟ (حقيقت ۾) اوهان به انسان آهيو، جيئن هن ٻيا انسان پيدا ڪيا آهن، جنھن کي چاهي معاف ڪري ۽ جنھن کي چاهي هو عذاب ڏئي، آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ هر مخلوق ان جي ئي آهي ۽ سڀني کي ان ڏانھن ئي موٽي هلڻو آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي اهل ڪتاب! توهان وٽ اسان جو رسول اهڙي وقت آيو آهي، جو ڪجهه وقت لاءِ رسولن جي اچڻ جو سلسلو بند ٿي چڪو هو. هو اوهان کي واضح تعليم ڏئي ٿو پوءِ متان چؤ ته اسان وٽ ڪو به خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ نه آيو هو، سو توهان وٽ جنت جي خوشخبري ڏيندڙ ۽ جھنم جي عذاب کان ڊيڄاريندڙ اچي چڪو آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
۽ جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم! توهان پاڻ تي ڪيل الله تعالى جي نعمت کي ياد ڪريو، جو هن توهان ۾ نبي سڳورا پيدا ڪيا، اوهان کي بادشاهه مقرر ڪيو ۽ توهان کي اهو ڪجهه ڏنائين جيڪو جھانن وارن مان ڪنھن هڪ کي به نه ڏنائين. |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي منھنجي قوم! پاڪ سرزمين (يعني فلسطين ملڪ) ۾ داخل ٿي وڃو، جيڪا الله تعالى توهان لاءِ مقرر ڪئي آهي، سو توهان پٺي ڏيئي پوئتي نه هٽو، ( جيڪڏهن) ايئن ڪندا ته اوهان خساري ۾ پئجي ويندا. |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
انهن چيو ته اي موسى (ؑ)! ان زمين تي هڪ زور آور قوم جا ماڻهو رهن ٿا، اسان سندن اتان نڪري وڃڻ کان سواءِ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسين، ها! انهن جي نڪري وڃڻ کان پوءِ اسان ضرور داخل ٿينداسين. |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
انهن ڊڄندڙن مان ٻه ماڻهو اهڙا به هئا جن کي الله تعالى پنھنجي نعمتن سان نوازيو هو، تن (همت وڌائيندي) چيو ته انهن زور آورن جي دروازي مان ئي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن توهان دروازي کان داخل ٿي ويا ته سمجهو ته اوهان غالب ٿي ويا. جيڪڏهن توهان جي اندر ايمان آهي ته پوءِ الله تعالى تي ئي ڀروسو رکو. |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
(پر موسيٰ عليه السلام جي قوم ) چيو ته اي موسى (ؑ)! جيستائين هو زور آور اتي موجود آهن، اسان ان ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسين، تون ۽ تنھنجو رب ٻئي وڃي وڙهو، اسان ته هتي ئي ويٺا آهيون. |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
تنھن تي (موسى ؑ) چيو ته اي منھنجا رب! مان پاڻ ۽ پنھنجي ڀاءُ کان سواءِ ڪنھن تي به زور نٿو رکي سگهان، (بس!) اسان جي ۽ هن نافرمان قوم جي وچ ۾ هاڻي جدائي فرماءِ. |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
الله تعالى فرمايو ته هن قوم تي اها زمين (يعني فلسطين) هاڻي چاليهه سالن تائين حرام ڪئي وئي آهي. هي قوم ٻئي هنڌ وڃي در در جون ٺوڪرون کائيندي رهندي، (بھرحال) تون (اي موسى!) نافرمان قوم تي افسوس نه ڪر. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
(اي نبي ﷺ!) هنن ماڻهن کي آدم (ؑ) جي ٻن پٽن جو صحيح واقعو ٻڌايو، جڏهن هنن ٻنهي (الله تعالى جي لاءِ) قربانيءَ طور پنهنجون شيون پيش ڪيون ته ٻنهي مان هڪ (يعني هابيل) جي قربانيءَ کي قبوليت جو درجو مليو ۽ ٻئي (يعني قابيل) جي قربانيءَ کي قبوليت جو درجو نه ملي سگهيو. تنھن تي قابيل چيو ته مان توکي ضرور قتل ڪندس. جواب ۾(هابيل) چيو ته (ادا) الله تعالى ته پرهيزگارن جي قربانيءَ کي قبوليت جو درجو ڏيندو آهي. |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ وڌائيندين ته مان بھرحال توکي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ نه وڌائيندس، ڇو ته مان الله تعالى کان ڊڄان ٿو جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
بيشڪ مان چاهيان ٿو ته (مان گناهه نه ڪريان) بلڪه تون منھنجو ۽ پنھنجو گناهه پنھنجي سر تي کڻي جھنم ۾ پؤ، ظالم ماڻهن کي اهو ئي بدلو ملندو آهي. |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
آخرڪار (قابيل کي) سندس نفس پنھنجي ڀاءُ (هابيل) کي قتل ڪرڻ تي آماده ڪري ورتو ۽ هن کيس قتل ڪري ڇڏيو، سو ايئن هو خساري وارن مان ٿي ويو. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله تعالى هڪ ڪانءُ موڪليو، جيڪو زمين کوٽي کيس ڏيکاري پيو ته پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي هن طريقي سان لڪاءِ (ڪانءَ کي ڏسي) قابيل چوڻ لڳو ته مار! مون کي ته ڪانءَ جيترو به عقل نه آيو جو مان پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي دفنائي لڪايان ها (بھرحال هاڻي) هو افسوس جا هٿ مليندو ئي رهيو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
انهيءَ (قتل جي) ڪري ئي اسان بني اسرائيل تي لازم ڪري ڇڏيوسين ته جنھن به ڪنھن ماڻهوءَ کي ناحق قتل ڪيو يا زمين ۾ فساد ڦھلايو ته ڄڻ ان سمورن انسانن کي قتل ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪنھن هڪ انسان جي زندگي بچائي ورتي ته ڄڻ هن سمورن انسانن جي زندگي بچائي ورتي. اسان جا رسول سڳورا انهن وٽ اسان جون واضح هدايتون کڻي ايندا رهيا، پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ملڪ ۾ حد کان لنگهندڙ هئا. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان وڙهن ٿا ۽ هو (هر وقت) زمين ۾ فساد ڦھلائڻ جي پويان هوندا آهن، اهڙن ماڻهن جي اها سزا آهي ته کين قتل ڪيو وڃي يا ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي يا انهن جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير ڪاٽيا وڃن يا کين ملڪ نيڪالي ڏني وڃي، اها ته رڳو انهن لاءِ دنيا جي خواري آهي ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
سواءِ انهن ماڻهن جي، جن گرفتار ٿيڻ کان اڳ ۾ توبہ ڪئي (تن لاءِ ڪا به سزا نه آهي) توهان کي يقين ڪرڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄندا رهو ۽ ان جي درٻار ۾ (سھڻي طريقي سان) حاضر ٿيڻ جو ذريعو ڳوليو ۽ ان جي راهه ۾ (هرقسم جو) جھاد ڪريو (اهڙي طريقي سان ئي) توهان ڪامياب ٿيندا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، جيڪڏهن اهڙن ماڻهن وٽ زمين جا سمورا خزانا به هجن، ان سان گڏ ان جيترو اڃا به (خزانو) هجي ۽ هو چاهين ته قيامت جي ڏينھن اُهي سڀ خزانا بدلي ۾ ڏئي عذاب کان جان ڇڏائين، ته به انهن جي ان بدلي کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ تڪليف وارو ئي عذاب آهي. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
هي ماڻهو باهه مان نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا پر هو ان مان (ڪڏهن به) نه ڀڄي سگهندا ۽ انهن لاءِ هميشه وارو عذاب آهي. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
چور مرد هجي يا چور عورت، ٻنهي جا هٿ ڪٽيو. اها سندن ڪيل ڪڌي ڪم جي سزا ۽ الله تعالى جي طرفان عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ عذاب آهي. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنھن پنھنجي ظلم کان توبہ ڪئي ۽ پنھنجي عمل کي سڌاريو ته مٿس الله تعالى مھرباني ڪندو. بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا توهان کي خبر ناهي ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي ئي آهي هو جنھن کي چاهي عذاب ڏي ۽ جنھن کي چاهي بخش ڪري ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي رسول (ﷺ!) انهن ماڻهن جو ڏک نه ڪر جيڪي ڪفر ۾ وڏي ڦڙتي ڏيکارين ٿا، چاهي منافق هجن يا يھودي (انهن جي اها ئي عادت آهي ته) هو سدائين ڪوڙ ٻُڌڻ لاءِ بي قرار هوندا آهن ۽ ويھي ٻين جي جاسوسي ڪندا رهن ٿا، تو وٽ (ڪڏهن به) نٿا اچن، هي آسماني ڪتاب تورات ۾ اصل لفظن جي جاءِ تي ٻين لفظن جي تبديلي ڪري ماڻهن کي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان کي اسان جو ٻڌايل حڪم ملي ته ان کي مڃجو ورنه ان کان علاوه ڏنل حڪم کان بچجو. جيڪڏهن الله تعالى ڪنھن کي آزمائش ۾ وجهڻ چاهي ته تون به ان کي الله تعالى جي آزمائش کان نٿو بچائي سگهين، هي اهي (بد روح) آهن جن جي دلين کي الله تعالى پاڪ ڪرڻ ئي نه چاهيو، انهن لاءِ دنيا ۾ به خواري آهي ۽ آخرت ۾ به انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
هي سدائين ڪوڙ ٻُڌڻ وارا ۽ حرام جو مال کائڻ وارا آهن، جيڪڏهن هي تو وٽ (ڪو معاملو کڻي) اچن ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪر يا کين سڌو جواب ڏي، جيڪڏهن کين سڌو جواب ڏيندين ته به هو تو کي ڪنھن به قسم جو نقصان نٿا پھچائي سگهن ۽ جيڪڏهن توهان انهن جو فيصلو ڪريو، ته انهن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪجو، ڇو ته بيشڪ الله تعالى انصاف سان فيصلي ڪرڻ وارن کي ئي پسند ڪندو آهي. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
(تعجب آهي ته) هي ماڻهو توهان کان فيصلو ڪرائڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيا آهن؟ حالانڪه انهن وٽ ته تورات موجود آهي ۽ ان ۾ الله تعالى جا احڪام ڏنل آهن، پوءِ به هو انهن کي پٺي ڏين ٿا، (حقيقت ۾) هي سڀ بي ايمان ماڻهو آهن. |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو آهي. جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي. الله تعالى جا سڀ نبي سڳورا جيڪي فرمانبردار هئا ۽ جيڪي يھودين لاءِ ان تورات مطابق فيصلا ڪندا هئا ۽ درويش ۽ عالم به ان مان (ڏسي ڪري) فيصلو ڪندا هئا، ڇو ته انهن کي الله تعالى جي ڪتاب جي نگھباني ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، هي سڀ ماڻهو ان ڳالهه جا شاهد هئا. (اي موجود يھوديو!) توهان فيصلو ڪرڻ وقت ماڻهن کان نه ڊڄو، بلڪه مون کان ئي ڊڄو ۽ (ماڻهن کان ڊڄي) منھنجي آيتن کي ٿورڙي قيمت تي نه وڪڻو ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه ڪن ته (حقيقت ۾) اهي ئي ڪافر آهن. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان يھودين کي تورات ۾ حڪم ڏنو ته ماڻهوءَ جي بدلي ۾ ماڻهو، اک جي بدلي ۾ اک، نڪ جي بدلي ۾ نڪ، ڪن جي بدلي ۾ ڪن، ڏند جي بدلي ۾ ڏند ۽ زخم جي بدلي ۾ اوترو ئي زخم آهي، پر جيڪڏهن ڪير صدقي (يعني نيڪيءَ) جي نيت سان انهن کي معاف ڪري ته انهن لاءِ اهو گناهن جو ڪفارو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه ڪن ته (حقيقت ۾) اهي ئي ظالم آهن. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
پوءِ اسان انهن (فرمانبردار) پيغمبرن جي پويان عيسى ابن مريم کي انهن جي نموني تي موڪليوسين، ان جي سامهون جيڪو تورات ۾ لکيل هو، هو ان جي تصديق ڪندڙ هو ۽ اسان کيس انجيل عطا ڪيوسين. ان ۾ به هدايت ۽ روشني هئي ۽ انجيل تورات کي سچو چـوندڙ هو ۽ ان ۾ پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت هئي. |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ انجيل تي ايمان آڻيندڙن کي گهرجي ته الله تعالى جيڪي ان ۾ احڪام نازل ڪيا آهن، ان مطابق ماڻهن جا فيصلا ڪن ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه ڪن ته (حقيقت ۾) اهي ئي نافرمان آهن. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
(اي نبي ﷺ!) اسان تنھنجي مٿان (به) هي سچو ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ (پوين ڪتابن مان) جيڪو ڪتاب ان جي سامهون آهي ان کي سچو چـوندڙ ۽ ان جي حفاظت ڪندڙ آهي پوءِ جيڪو ڪتاب الله تعالى تنھنجي مٿان نازل ڪيو آهي، ان موجب توهان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ۽ جيڪو حق توهان وٽ آيو آهي، ان کي ڇڏي انهن يھودين ۽ عيسائين جي خواهشن جي پيروي نه ڪريو، اسان توهان مان هرهڪ لاءِ هڪ شريعت ۽ هڪ رستو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته اوهان سڀني کي هڪ امت ٺاهي ها پر هن توهان کي جيڪي به حڪم ڏنا آهن سي ان لاءِ ڏنا آهن ته جيئن انهن ۾ توهان جي آزمائش ڪري، سو توهان ڀلائيءَ جي ڪم ۾ اڳڀرائي ڪريو، توهان سڀني کي الله تعالى ڏانھن ئي موٽڻو آهي، جنھن ڳالهه ۾ توهان اختلاف ڪندا آهيو (پوءِ اتي) هو اوهان کي حقيقت ٻڌائيندو. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
(اي نبي ﷺ!) انهن جي وچ ۾ الله تعالى جي موڪليل قانون مطابق فيصلو ڪر، انهن جي تمنائن جي پيروي نه ڪر ۽ انهن کان هوشيار رهه ته جيئن هي ماڻهو توکي ڪنھن آزمائش ۾ وجهي الله تعالى جي نازل ڪيل ڪنھن حڪم کان هٽائي نه ڇڏين، پوءِ جيڪڏهن هو نازل ڪيل حڪم کان منھن موڙين ته سمجهي ڇڏيو ته الله تعالى کين سندن ئي ڪن گناهن جي ڪري تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ماڻهن مان ته گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
هي ماڻهو الله تعالى جي مقرر ڪيل قانون کي ڇڏي (اڃا به) جاهليت واري دؤر جو فيصلو گهرن ٿا؟ پر يقين رکڻ وارن لاءِ صحيح فيصلي ڪرڻ وارو الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير آهي؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي ايمان وارؤ! يھودين ۽ عيسائين کي پنهنجو دوست نه بڻايو، هي ته پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي جا دوست آهن، پوءِ توهان مان جيڪو به کين پنهنجو دوست بڻائيندو، ته هو به انهن مان ئي ليکيو ويندو. بيشڪ الله تعالى ظالم ماڻهن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
توهان منافقن کي ڏسو ٿا ته هو انهن سان ملڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته اسان ان شيءِ کان ڊڄون ٿا ته ڪٿي اسان تي ڪو زماني جو ڦيرو نه اچي وڃي، پر اهو وقت گهڻو پري ناهي جڏهن الله تعالى توهان کي مڪمل فتح نصيب ڪري يا پنھنجي طرفان ڪو ٻيو ڪجهه ظاهر ڪري، پوءِ هي منافق جن پنھنجي دلين ۾ منافقت لڪائي آهي، ڏاڍا لڄي ٿيندا. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
ان وقت ايمان وارا چوندا ته ڇا هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي الله تعالى جا وڏا وڏا قسم کڻي چوندا هئا ته اسان توهان سان گڏ آهيون، انهن سڀني جا عمل چٽ ٿي ويا ۽ هو خساري وارن مان ٿي ويا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي ايمان وارؤ! (ياد رکو ته) توهان مان جيڪو پنھنجي دين تان ڦرندو ته الله تعالى ان جي جاءِ تي اهڙي (پسنديده) قوم کي آڻيندو، جيڪا الله تعالى سان محبت ڪندي ۽ هو انهن سان محبت ڪندو. اها قوم مؤمنن لاءِ انتھائي نرم دل ۽ ڪافرن لاءِ انتھائي سخت دل هوندي، هو الله تعالى جي راهه ۾ جھاد ڪندي ۽ کين ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت جو ڪوبه خوف نه هوندو. اها سراسر الله تعالى جي مھرباني آهي، هو جنھن کي چاهي عطا ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى عطا ڪرڻ ۾ وڏو ڪشادو ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
(اي مؤمنو!) توهان جا دوست ته الله تعالي، ان جو رسول (ﷺ) ۽ اهي ايمان وارا آهن، جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ رڪوع ڪن ٿا. |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
پوءِ جيڪو الله تعالى، سندس رسول (ﷺ) ۽ ايمان وارن کي دوست ٺاهيندو ته پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعالى جي جماعت ئي غلبو حاصل ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي ايمان وارؤ! اهل ڪتاب مان جن ماڻهن توهان جي دين کي کيل ۽ تماشو بنايو آهي، انهن ۽ ڪافرن کي (ڪڏهن به) دوست نه بڻايو. جيڪڏهن توهان جي اندر ايمان آهي ته الله تعالى کان ڊڄو. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن توهان نماز لاءِ سڏيندا آهيو ته هو ان کي به کيل ۽ تماشو سمجهندا آهن. اهو ان ڪري آهي جو هو بي عقل آهن. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان رڳو اسان کان هن ڳالهه تي نفرت ڪريو ٿا ته اسان الله تعالى تي ايمان آندو ۽ جيڪو اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو ۽ جيڪو اڳ ۾ نازل ڪيو ويو، ان تي به ايمان آندو آهي. بيشڪ توهان مان گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
کين چؤ ته ڇا مان توهان کي ٻڌايان ته الله تعالى وٽ نافرمانن کان به وڌيڪ برو انجام ڪنھن جو ٿيندو؟ ان جو ٿيندو جن تي الله تعالى لعنت ڪئي، ان تي ڏمريو ۽ انهن مان ڪن کي باندر ڀولو ٺاهيائين، ڪن کي سوئر بنايائين ۽ جن ماڻهن باغين جي پوڄا ڪئي. بدترين جاءِ حاصل ڪرڻ وارا اهي ئي ماڻهو آهن ۽ هو سڌي رستي کان گهڻو پري ڀٽڪيل آهن. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
(اهڙا ماڻهو) جڏهن توهان وٽ اچي چون ٿا ته اسان ايمان آندو، حالانڪه هو ڪفر جي حالت ۾ داخل ٿيا ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي واپس ٿيا، جيڪو هو لڪائين ٿا الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
توهان انهن ماڻهن مان گهڻن کي گناهه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ ڪوشش ڪندي ڏسندا. هو هميشه حرام مال کائڻ جي پويان لڳا پيا هوندا آهن، جيڪو به هو ڪن ٿا سو تمام برو آهي. |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
انهن جا درويش ۽ عالم کين ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ حرام کائڻ کان ڇو نٿا روڪين؟ (بھرحال) هو جيڪو ڪجهه ڪن ٿا سو تمام برو آهي. |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
يھودي چون ٿا ته الله تعالى جو (ڏيڻ وارو) هٿ (اسان جي لاءِ) بند آهي (بلڪل نه) بلڪ انهن جا پنھنجا هٿ بند ڪيل آهن ۽ اهڙي بيھوده ڳالهه ڪرڻ تي مٿن لعنت پئي، الله تعالى جا هٿ انتهائي ڪشادا آهن، هو پنھنجي مرضيءَ سان خرچ ڪندو آهي، جيڪو ڪجهه تنھنجي مٿان تنھنجي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، اهو انهن ماڻهن مان گهڻن لاءِ بغاوت ۽ ڪفر ۾ واڌاري جو سبب بڻجندو ۽ اسان انهن جي وچ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ نفرت وجهي ڇڏي آهي. جڏهن به هو جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته الله تعالى ان باهه کي وسائي ڇڏي ٿو ۽ هي ماڻهو زمين ۾ رڳو فساد ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن (تنھنڪري) الله تعالى فسادين کي پسند ئي نه ڪندو آهي. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
جيڪڏهن اهل ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگاري اختيار ڪن ها ته اسان سندن براين کي مٽائي ڇڏيون ها ۽ کين نعمتن واري جنت ۾ داخل ڪريون ها. |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
جيڪڏهن هي (اهل ڪتاب) تورات، انجيل ۽ جيڪو ڪجهه انهن ڏي پنھنجي رب جي طرفان نازل ڪيو ويوآهي، تنھن کي نافذ ڪن ها ته انهن لاءِ مٿان کان به رزق نازل ٿئي ها ۽ زمين به انهن لاءِ (برڪت ڀريو) رزق ٻاهر ڪڍي ها، انهن مان ڪجهه ماڻهو وچٿري طبيعت وارا آهن باقي انهن مان گهڻا ماڻهو بدعمل آهن. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي رسول (ﷺ!) جيڪو تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي، تنھن کي ماڻهن تائين پھچاءِ پر جيڪڏهن تو ايئن نه ڪيو ته (سمجهو ته) توهان پنھنجي رسالت جو حق ادا نه ڪيو، توهان کي ماڻهن (جي برائيءَ) کان الله تعالى جي ذات ئي بچائيندي. بيشڪ الله تعالى ڪفر ڪندڙ قوم کي سڌي راهه نه ڏيکاريندو آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان سڌي رستي تي اچي نٿا سگهو، جيستائين توهان تورات، انجيل ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڏي پنھنجي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، تنھن کي نافذ نه ڪريو. (اي نبي ﷺ!) هي جيڪو ڪجهه تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي، اهو انهن مان گهڻن ماڻهن جي بغاوت ۽ ڪفر جي واڌاري جو سبب بڻجندو. تنھنڪري ڪافر قوم تي افسوس جو اظهار نه ڪر. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو سي يھودي هجن، صابي (يعني ستارن جي پوڄا ڪندڙ) هجن يا عيسائي، جيڪو به الله تعالى ۽ قيامت واري ڏينھن تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته ان لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه هوندي. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
بيشڪ اسان بني اسرائيل کان پختو وعدو ورتو ۽ انهن ڏانھن ڪيترائي رسول موڪليا پر جڏهن به انهن رسولن سندن خواهشن جي ابتڙ ڪجهه آندو ته ڪن انهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن ته وري رسولن کي ئي قتل ڪري ڇڏيو. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
پنھنجي ليکي انهن اهو گمان ڪيو ته اسان جي مٿان ڪا به آزمائش نه ايندي تنھنڪري هو انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا پوءِ الله تعالى انهن جي توبہ قبول ڪئي. پر انهن مان گهڻا ( ٻيهر) انڌا ۽ ٻوڙا ئي رهيا ۽ انهن جو هر عمل الله تعالى جي نظر ۾ آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته بيشڪ مسيح ابن مريم الله ئي آهي (حالانڪه) مسيح ته کين اهو چيو هو ته اي بني اسرائيل! توهان (ان) الله تعالى جي بندگي ڪريو جيڪو منھنجو ۽ توهان جو رب آهي، بيشڪ جنھن الله تعالى سان ڪنھن کي شريڪ ڪيو ته الله تعالى ان تي جنت حرام ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي جاءِ جھنم آهي ۽ ظالمن جو ڪير به مددگار نه آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
بيشڪ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته الله ٽن مان هڪ آهي، حالانڪه هڪ معبود کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هو جيڪو ڪجهه چون ٿا جيڪڏهن ان کان باز نه آيا ته انهن مان جن به ڪفر ڪيو تن کي انتھائي تڪليف وارو عذاب ملندو. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
هي ماڻهو الله تعالى ڏي توبہ ڪرڻ ۽ پنھنجا گناهه بخشرائڻ لاءِ ڇو نٿا موٽن؟ الله تعالى ته وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
رسول هجڻ کان سواءِ مسيح ابن مريم جي ٻي ڪا به حيثيت نه هئي، ان کان پھريائين به ڪيترائي رسول گذري چڪا آهن ۽ ان جي ماءُ (سڳوري) انتھائي سچ ڳالهائڻ واري عورت هئي، هو ٻئي کاڌو کائيندڙ هئا، توهان ڏسو ته انهن جي سامهون اسان ڪهڙي طرح نشانيون واضح ڪريون ٿا ۽ (وري) انهن جي رويي کي به ڏسو ته ڪيئن ابتا ڦرندا وڃن ٿا؟ |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته ڇا توهان اهڙن جي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي اوهان کي ڪو به نفعو ۽ نقصان نٿا پھچائي سگهن؟ بيشڪ الله تعالى ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
کين چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان پنھنجي دين ۾ حد کان وڌيڪ وڌاءُ نه ڪريو ۽ اهڙي قوم جي خيالن جي پيروي به نه ڪريو جيڪا خود پھريائين گمراهه ٿي چڪي آهي، هن ٻين گهڻن کي به گمراهه ڪيو ۽ سڌي رستي کان به گهڻو پري ڀٽڪي ويا. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
بني اسرائيل مان جن به ڪفر ڪيو هو تن تي دائود (ؑ) ۽ عيسى ابن مريم جي ذريعي لعنت ڪئي وئي. (اها لعنت ان ڪري ڪئي وئي جو) هو حد کان لنگهندڙ هئا. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
هو هڪ ٻئي کي برن ڪمن کان نه روڪيندا هئا انهن جو اهو عمل انتھائي برو هو. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
توهان انهن ماڻهن مان گهڻن کي ڏسندا ته هو ڪفر ڪرڻ وارن سان دوستي رکن ٿا انهن جيڪا ڪمائي اڳتي موڪلي آهي، سا انتھائي بري آهي انهيءَ ڪري ته الله تعالى (انهن کان) ناراض آهي ۽ هو هميشه عذاب ۾ رهندا. |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
جيڪڏهن هو الله تعالى، نبي (ﷺ) ۽ قرآن شريف تي پختو ايمان رکن ها ته کين ڪڏهن به دوست نه بڻائين ها (بھرحال) انهن مان گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
توهان انهن ماڻهن مان ايمان وارن سان دشمنيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ يھودين ۽ مشرڪن کي سخت ڏسندا ۽ ايمان وارن سان وڌيڪ ويجهڙائپ واري محبت رکڻ ۾ انهن ماڻهن کي ڏسندا جن چيو ته بيشڪ اسان عيسائي آهيون، اهو ان ڪري جو انهن عيسائين ۾ اهڙا درويش ۽ عالم موجود آهن جيڪي غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا نه آهن. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
اهي (عيسائي درويش ۽ عالم) جڏهن تنھنجي مٿان نازل ٿيندڙ ڪلام (قرآن مجيد) کي ٻڌن ٿا ته توهان ڏسو ٿا ته حق کي سڃاڻڻ جي ڪري، سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته اي اسان جا رب ! اسان ايمان آندوسين (بس! تون هاڻي) اسان جو نالو (توحيد ۽ رسالت جي) شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ. |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
۽ (پنھنجي ليکي) چون ٿا ته آخر اسان الله تعالى تي ڇو ايمان نه آڻيون ۽ جيڪو حق جو پيغام اسان وٽ پھتو آهي، ان کي ڇو نه مڃون؟ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو رب اسان کي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪندو. |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
انهن جي ان چوڻ تي الله تعالى کين باغ عطا ڪيا، جنھن ۾ (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون، هو ان ۾ هميشه رهندا، نيڪ ماڻهن جو اهو ئي بدلو هوندو آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اهڙا ئي ماڻهو جھنم جا حقدار آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى توهان لاءِ جيڪي پاڪ شيون حلال ڪيون آهن، تن کي حرام نه ڪريو ۽ حد کان اڳتي نه وڌو، بيشڪ الله تعالى حد کان اڳتي وڌندڙن کي پسند ئي نه ڪندو آهي. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
الله تعالى توهان کي جيڪو پاڪ رزق ڏنو آهي، ان مان کائو ۽ ان الله کان ڊڄو جنھن تي توهان ايمان آندو آهي. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
الله تعالى توهان جي اجاين قسمن کڻڻ تي پڪڙ نٿو ڪري پر جيڪي قسم توهان سچي نيت سان کڻو ٿا ان تي ضرور پڪڙ ڪندو. اهڙن قسمن کي ٽوڙڻ جو ڪفارو ڏهن مسڪينن کي وِچولي درجي جو کاڌو کارائڻ آهي، جيڪو توهان پنھنجي گهر وارن کي کارايو ٿا يا انهن کي ڪپڙا پھرايو يا هڪ ٻانهو آزاد ڪريو پر جيڪو ( انهن ٽنهي شين جي) طاقت نه ٿو رکي ته پوءِ ٽي ڏينهن روزا رکي. اهو توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي، توهان پنھنجي قسمن جي حفاظت ڪريو. اهڙي طريقي سان الله تعالى توهان لاءِ پنھنجون آيتون واضح ڪري ٿو ته جيئن توهان شڪر ادا ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي ايمان وارؤ! بيشڪ شراب، جوا، پوڄا پاٺ جا آستانا ۽ فال وجهڻ، هي سڀ ناپاڪ ۽ شيطاني ڪم آهن، انهن کان بچو ته جيئن (انهن کان بچڻ جي ذريعي ئي) توهان ڪامياب ٿي وڃو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
بيشڪ شيطان چاهي ٿو ته شراب ۽ جوا جي ذريعي توهان جي اندر دشمني ۽ نفرت پيدا ڪري ۽ توهان کي الله تعالى جي ياد ۽ نماز کان روڪي. ڇا توهان (منھنجو حڪم مڃي) انهن شين کان رڪجي ويندا؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي اطاعت ڪريو ۽ انهن (مٿي بيان ڪيل) ڪمن کان بچو پر جيڪڏهن توهان حڪم جي نافرماني ڪئي ته سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ اسان جي رسول سڳوري جي مٿان رڳو واضح طريقي سان پيغام پھچائڻ جي ئي ذميداري آهي. |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن اڳ ۾ جيڪي ڪجهه منع ڪيل شيون کاڌيون، ته انهن تي ڪو به گناهه نه آهي، شرط هي آهي ته هو (آئنده اهڙين منع ڪيل شين کان) بچندا رهن، ايمان تي قائم رهن، نيڪ عمل ڪن ۽ (اڳتي هلي) جن شين کان منع ڪيو وڃي، انهن کان به بچندا رهن ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪندا رهن. الله تعالى نيڪوڪارن کي ئي پسند ڪندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ! (هوشيار!) الله تعالى توهان کي شڪار جي صورتن مان ڪنھن به هڪ صورت ۾ ضرور آزمائش ۾ وجهندو. اهو شڪار (سمجهو ته) توهان جي هٿن ۾ ئي هوندو ته جيئن الله تعالى ڏسي ته (واقعي) هن کان غائبانه طور ڪير ٿو ڊڄي؟ (هوشيار ڪرڻ کان پوءِ به جيڪو ) الله تعالى جي مقرر ڪيل حد کان لنگهندو ته ان لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي ايمان وارؤ! احرام جي حالت ۾ شڪار کي نه ماريو، توهان مان جيڪو ڄاڻي واڻي ايئن ڪندو ته ان شڪار جي بدلي ۾ هڪ چوپايو جانور نذراني طور قربان ڪرڻو پوندو، ان (جانور جي چونڊ ڪرڻ) جو فيصلو توهان مان ٻه انصاف پسند ماڻهو ڪندا پوءِ اهو جانور نذراني طور ڪعبة الله پھچائبو (۽ اتي ذبح ڪري ان جو گوشت مڪي پاڪ جي مسڪينن ۾ ورهائبو) يا مسڪينن کي کاڌو کارائڻ جو ڪفارو ادا ڪندو يا انهن مسڪينن جي تعداد جي برابر روزا رکندو، اهو تعداد اهي ئي ٻه انصاف پسند ماڻهو مقرر ڪندا، اهو ان ڪري آهي ته جيئن هو الله تعالى جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو مزو چکي. جيڪو اڳ ٿي چڪو الله تعالى ان کي معاف ڪيو، پر جيڪڏهن وري ٻيھر ڪير اهڙي حرڪت ڪندو ته الله تعالى ان کان بدلو وٺندو. بيشڪ الله تعالى زبردست ۽ چڱيءَ طرح بدلو وٺندڙ آهي. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
سامونڊي جانورن جو شڪار ڪرڻ ۽ انهن جو گوشت کائڻ توهان ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ حلال ڪيو ويو آهي پر خشڪيءَ جو شڪار احرام جي حالت ۾ هجڻ تائين حرام ڪيو ويو آهي. ان الله کان ڊڄو جنھن جي سامهون توهان سڀني کي گڏ ڪيو ويندو. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله تعالى عزت واري گهر ڪعبي کي ماڻهن جي لاءِ هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ، حرام مھينن، ڪعبي ڏانھن موڪليل جانورن ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌل پٽن وارن جانورن کي به احترام ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي، ته جيئن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته بيشڪ الله تعالى هر ان شيءِ کي ڄاڻي ٿو، جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان پوريءَ طرح باخبر آهي. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
(اهو به سمجهي ڇڏيو ته) بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ ۽ وري وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ به آهي. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
رسول (سڳوري) تي رڳو (الله تعالى جو پيغام) پھچائڻ جي ذميداري هوندي آهي، الله تعالى هر ان شيءِ کان باخبر آهي جيڪا توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪا لڪايو ٿا. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته پاڪ ۽ ناپاڪ برابر نه آهن، چاهي ناپاڪيءَ جي گهڻائي توهان کي حيران ڪري ڇڏي. اي عقل وارؤ! الله تعالى جي نافرمانيءَ کان بچو (نافرمانيءَ کان بچڻ جي صورت ۾ ئي) توهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي ايمان وارؤ! (هروڀرو) اهڙين شين جي باري ۾ سوال نه ڪندا ڪريو، جو جيڪڏهن اهي شيون ظاهر ڪيون وڃن ته توهان کي برِيون لڳنديون پر جيڪڏهن اوهان انهن شين بابت قرآن شريف جي نازل ٿيڻ دوران پڇندا ته توهان تي اهي ظاهر ڪيون وينديون. الله تعالى اوهان جي ان غلطيءَ کي معاف ڪيو ۽ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
توهان کان اڳ ۾ هڪڙي قوم اهڙي قسم جون ڳالهيون پڇندي هئي، نتيجي ۾ اها قوم انهن ڳالهين جي ڪري ڪافر بنجي وئي. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
الله تعالى بحيرهه،سائبه، وصيله ۽ حام جي لاءِ ڪوبه حڪم جاري نه ڪيو آهي. ڪافر ته (الله تعالى جو نالو وٺي ان تي عمل ڪن ٿا. حقيقت ۾ هو) الله تعالى تي ڪوڙ هڻن ٿا. انهن (ڪافرن) مان اڪثر بيوقوف آهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو، ان شيءِ ڏانھن جيڪا الله تعالى نازل فرمائي آهي ۽ رسول ڏانھن ته هو چون ٿا، ته اسان جي لاءِ اهو ئي طريقو صحيح آهي، جيڪو اسان کي اَبن ڏاڏن کان مليو آهي، ڇا هو ابن ڏاڏن جي انڌي پيروي ڪندا رهندا، چاهي هو ڪجهه به نه ڄاڻندا هجن ۽ کين صحيح رستي جي ڪا خبر به نه هجي؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي ايمان وارؤ! سڌي رستي جو فڪر ڪريو، جيڪڏهن توهان سڌي رستي تي آهيو ته پوءِ ڪو به گمراهه ماڻهو توهان کي نقصان نه پھچائي سگهندو. توهان سڀني کي الله تعالى ڏانھن ئي موٽڻو آهي پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڪهڙا ڪم ڪندا رهيا آهيو؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان مان ڪير موت جي ويجهو پھچي ته هو وصيت ڪرڻ وقت توهان مان ٻه قابل اعتبار ماڻهو شاهد طور مقرر ڪري، يا جيڪڏهن اوهان سفر واري حالت ۾ هجو ۽ اتي موت جي تڪليف پيش اچي ته ٻين ماڻهن (يعني ڌارين) مان ئي ٻه شاهد مقرر ڪريو پر جيڪڏهن انهن ٻنهي تي دل مطمئن نه ٿئي ته کين نماز کان پوءِ روڪيو ۽ (ويھاري الله تعالى جي نالي جو) قسم وٺو، جنھن ۾ هو ٻئي چون ته اسان شاهديءَ جي بدلي ۾ ڪا به رقم نه وٺنداسين، چاهي هو اسان جو مائٽ ئي ڇو نه هجي ۽ نه ئي الله تعالى واسطي واري شاهديءَ کي لڪائينداسين، جيڪڏهن اسان ايئن ڪيو ته بيشڪ اسان گنهگارن ۾ شامل ٿي وينداسين. |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پر جيڪڏهن انهن جي باري ۾ خبر پئجي وڃي ته هو ٻئي ڪوڙ ڳالهائي ڏوهي ٿي چڪاآهن ته پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻه ٻيا اعتبار وارا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن، جيڪي مظلوم ڌر جا مائٽ به هجن ۽ شاهدي ڏيڻ جا وڌيڪ اهل به هجن، اهي ٻئي الله تعالى جو قسم کڻي چون ته اسان شاهديءَ ۾ ڪا به زيادتي نه ڪئي آهي، جيڪڏهن اسان ايئن ڪيو ته بيشڪ اسان ظالمن ۾ شمار ٿينداسين. |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
اهو طريقو ان ڪري مقرر ڪيو ويو آهي جو شاهد (هميشه) سچي شاهدي ڏين يا کين پنھنجي قسم جي رد ٿيڻ جو خوف هجي ته متان اسان جي قسم کڻڻ کان پوءِ ٻيو ڪير اسان جي خلاف قسم نه کڻي. الله تعالى کان ڊڄندا رهو ۽ هي ڳالهيون غور سان ٻڌو. بيشڪ الله تعالى نافرمان قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
جنھن ڏينهن الله تعالى سڀني رسولن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پڇندو، ته توهان جي امتين توهان کي ڪھڙو جواب ڏنو؟ هو چوندا ته اسان کي (ماڻهن جي دلين جي) ڪا به خبر نه هئي، بيشڪ تون ئي ڳجهين ڳالهين کي ڄاڻندڙ آهين. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
جڏهن الله تعالى عيسى ابن مريم کي چوندو ته منھنجي انهن نعمتن کي ياد ڪر جيڪي مون تنھنجي ۽ تنھنجي والده جي مٿان ڪيون هيون. جڏهن مان پاڪ روح سان تنھنجي مدد ڪئي هئي، ته تون ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي هوندي هڪ ئي انداز ۾ ڳالهائيندو هئين، جڏهن مون توکي ڪتاب، حڪمت، تورات ۽ انجيل جي تعليم سيکاري هئي، جڏهن تون مٽيءَ جا پکي ٺاهي انهن ۾ ڦوڪ ڏيندو هئين ته هو منھنجي حڪم سان (اصل) پکي ٿي اڏري ويندا هئا، تون ڄائي ڄم کان انڌڙن ۽ ڪوڙهه جي بيمارن کي منھنجي حڪم سان صحتياب ڪندو هئين، تون مئلن کي منھنجي حڪم سان جيئرو ڪندو هئين ۽ جڏهن تون اهي معجزا کڻي بني اسرائيل کي ڏيکاريا ته انهن مان جن ڪفر ڪيو تن چيو ته هي معجزا رڳو پڌرو جادو آهن (ته پوءِ مون تو کي انهن جي دشمنيءَ کان به بچايو). |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن مون حوارين جي دل ۾ وحي ڪئي ته هو مون تي ۽ منهنجي رسول (يعني عيسى ؑ) تي ايمان آڻين ته انهن فوراً چيو ته اسين ايمان آندوسين ۽ تون شاهد رهه ته بيشڪ اسان مسلمان آهيون. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
۽ حوارين چيو ته اي عيسى ابن مريم! ڇا تنھنجو رب اسان جي لاءِ آسمان مان کاڌي جو دسترخوان نازل ڪري سگهي ٿو. (ان تي حضرت عيسى ؑ) کين چيو ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته الله تعالى کان ڊڄو (بي صبري نه ڪريو). |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
ان تي حوارين چيو ته اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته اسان ان دسترخوان مان ڪجهه کاڌو کائي ڏسون ته جيئن اسان جون دليون مطمئن ٿي وڃن ۽ اسان کي اڃا به پختو يقين اچي وڃي ته تو اسان کي واقعي سچ ٻڌايو آهي ۽ پوءِ اسان ان جا پڪا شاهد ٿينداسين. |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
(ان تي) عيسى ابن مريم چيو اي الله! اسان جا پالڻھار! اسان لاءِ آسمان مان هڪ کاڌي جو دسترخوان نازل فرماءِ ته جيئن اسان ۽ اسان جي اڳين ۽ پوين لاءِ عيد ۽ تنھنجي طرفان هڪ معجزو ٿي وڃي. تون اسان کي روزي عطا فرماءِ. بيشڪ تون ئي بھتر روزي ڏيندڙ آهين. |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
الله تعالى فرمايو، (ٺيڪ آ) مان توهان جي مٿان اهو (دسترخوان) نازل ڪريان ٿو پر جيڪڏهن ان معجزي کي ڏسي توهان مان ڪنھن (منھنجي ڳالهه جو) انڪار ڪيو ته پوءِ مان توهان کي اهڙي (تاريخي) سزا ڏيندس جيڪا ان جھڙي سزا دنيا ۾ ڪنھن ٻئي کي نه ڏني هوندي. |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
۽ جڏهن الله تعالى (قيامت جي ڏينهن) فرمائيندو ته اي عيسى ابن مريم! ڇا تو ماڻهن کي چيو هو ته مون کي ۽ منھنجي ماءُ کي به الله تعالى کان سواءِ معبود بنايو. هو چوندو ته يا الله! تون پاڪ آهين، مون کي اهو نٿو جڳائي جو مان اهڙي ڳالهه چوان، جنھن جي چوڻ جو مون کي ڪو حق ئي نه هو، جيڪڏهن مان چيو هوندو ته بيشڪ تون ان ڳالهه کي خوب ڄاڻين ٿو، تون ته منھنجي دل جي هر ڳالهه چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، پر مان تنھنجي اندر جي ڳالهه کي سمجهي ئي نٿو سگهان. بيشڪ تون ئي ڳجهين ڳالهين کي وڏو ڄاڻندڙ آهين. |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
مون ته رڳو اهو ئي چيو هو، جيڪو توهان مون کي حڪم فرمايو هو ته الله تعالى جي بندگي ڪريو، جيڪو منھنجو ۽ توهان سڀني جو رب آهي، مان ته انهن جو اوستائين شاهد آهيان جيستائين انهن سان گڏ هئس، پوءِ جڏهن تو مون کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ته تون ئي انهن جو نگھبان هئين، تنھنجي ذات ئي هر شيءِ تي شاهد آهي. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
(هاڻي) جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڪندين ته بيشڪ هو تنھنجا ٻانها ئي ته آهن پر جيڪڏهن تون کين معاف ڪندين ته بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين. |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
(تنھن تي) الله تعالى فرمائيندو ته هي اهو ڏينھن آهي جو سچن ماڻهن کي سندن سچائي فائدو ڏيندي. انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون، ان ۾ هو هميشه رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿي ويو ۽ هو الله تعالى کان راضي ٿي ويا. (حقيقت ۾) اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
آسمانن، زمين ۽ انهن جي اندر جيڪو ڪجهه آهي، سو سڀ الله تعالى جو آهي ۽ هو هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. |