يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَوفوا بِالعُقودِ أُحِلَّت لَكُم بَهيمَةُ الأَنعٰمِ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم غَيرَ مُحِلِّى الصَّيدِ وَأَنتُم حُرُمٌ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ ما يُريدُ (آيت : 1) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! لڳايل بندشن جي پائبندي ڪريو توهان جي لاءِ چوپايو مال سڀ حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن جي جن لاءِ اڳتي هلي توهان کي ٻڌايو ويندو، پر شڪار کي (احرام جي حالت ۾) حلال نه ڪريو. بيشڪ الله جيئن چاهي حڪم ڏيندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحِلّوا شَعٰئِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهرَ الحَرامَ وَلَا الهَدىَ وَلَا القَلٰئِدَ وَلا ءامّينَ البَيتَ الحَرامَ يَبتَغونَ فَضلًا مِن رَبِّهِم وَرِضوٰنًا وَإِذا حَلَلتُم فَاصطادوا وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ أَن صَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ أَن تَعتَدوا وَتَعاوَنوا عَلَى البِرِّ وَالتَّقوىٰ وَلا تَعاوَنوا عَلَى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 2) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بي حرمتي نه ڪريو خدا پرستي جي نشانين جي، ۽ حرمت وارن مهينن مان ڪنهن کي حلال نه ڪريو ۽ هٿ چراند نه ڪريو (ڪعبي ڏي موڪليل قرباني جي جانورن سان) ۽ نه انهن جانورن ڏانهن هٿ وڌايو جن جي ڳچين ۾ الله لاءِ نذراني طور پٽا پيل هجن، ۽ نه انهن ماڻهن کي تنگ ڪريو جيڪي پنهنجي رب جي فضل ۽ راضپي لاءِ تعظيم واري گهر (ڪعبي) وڃي رهيا هجن. ۽ ها جڏهن احرام واري حالت ختم ٿي وڃي ته توهين شڪار ڪري سگهو ٿا ۽ ڏسو، هڪ ٽولي توهان تي رستو بند ڪيو آهي مسجد حرام جو، ته انهن تي غصو ڪريو توهان سندن مقابلي ۾ زيادتيون ڪريو، نه! نيڪي ۽ خدا ترسيءَ ۾ سڀني سان تعاون ڪريو، ۽ ڪوبه تعاون نه ڪريو گناهه ۽ زيادتي جي ڪمن ۾، ۽ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله جي سزا تمام سخت آهي. |
حُرِّمَت عَلَيكُمُ المَيتَةُ وَالدَّمُ وَلَحمُ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ وَالمُنخَنِقَةُ وَالمَوقوذَةُ وَالمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطيحَةُ وَما أَكَلَ السَّبُعُ إِلّا ما ذَكَّيتُم وَما ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَستَقسِموا بِالأَزلٰمِ ذٰلِكُم فِسقٌ اليَومَ يَئِسَ الَّذينَ كَفَروا مِن دينِكُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونِ اليَومَ أَكمَلتُ لَكُم دينَكُم وَأَتمَمتُ عَلَيكُم نِعمَتى وَرَضيتُ لَكُمُ الإِسلٰمَ دينًا فَمَنِ اضطُرَّ فى مَخمَصَةٍ غَيرَ مُتَجانِفٍ لِإِثمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 3) |
حرام ڪيو ويو آهي توهان تي مردار، ۽ رت ۽ گوشت سوئر جو، ۽ اهو جانور جيڪو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي نالي تي ڪٺل هجي، اهو جيڪو گلي گُهٽجڻ سان يا چوٽ لڳڻ سان يا مٿاهين تان ڪِرڻ سان يا ٽڪر کائي مئو هجي يا جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور ماريو هجي، سواءِ ان جي جنهن کي جيئرو ڏسي ذبح ڪيو ۽ اهو جيڪو ڪنهن آستاني تي ذبح ڪيل تيرن وسيلي قسمت معلوم ڪيل ناجائز آهي، اهي گناهه جا ڪم آهن. اڄ پوري طرح مايوس آهن ڪافر توهان جي دين جي طرفان، تنهن ڪري توهان انهن کان نه ڊڄو، پر مون کان ڊڄو. اڄ مون توهان لاءِ مڪمل ڪري ڇڏيو توهان جو دين ۽ مڪمل ڪيم توهان تي پنهنجون نعمتون، ۽ توهان جي لاءِ اسلام کي توهان جي دين جي حيثيت سان قبول ڪيو البته جيڪو بک کان مجبور ٿي انهن مان ڪا شيءِ کائي ۽ بنا گناهه جي ارادي سان، ته بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي. |
يَسـَٔلونَكَ ماذا أُحِلَّ لَهُم قُل أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَما عَلَّمتُم مِنَ الجَوارِحِ مُكَلِّبينَ تُعَلِّمونَهُنَّ مِمّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ فَكُلوا مِمّا أَمسَكنَ عَلَيكُم وَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 4) |
ماڻهو پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا حلال ڪيو ويو آهي؟ (اي نبي!) چئو توهان لاءِ سڀ پاڪ شيون حلال آهن، ۽ جن شڪاري جانورن کي توهان هيرايو هجي جن کي خدا جي ڏنل علم مان توهان شڪار جي سکيا ڏيندا آهيو، پوءِ اهي کائو جنهن جانور کي توهان لاءِ جهلي رکن، البته ان تي الله جو نالو وٺو، ۽ الله جو قانون ٽوڙڻ کان ڊڄو، بيشڪ الله کي دير نٿي لڳي حساب وٺڻ ۾. |
اليَومَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ وَطَعامُ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حِلٌّ لَكُم وَطَعامُكُم حِلٌّ لَهُم وَالمُحصَنٰتُ مِنَ المُؤمِنٰتِ وَالمُحصَنٰتُ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ وَلا مُتَّخِذى أَخدانٍ وَمَن يَكفُر بِالإيمٰنِ فَقَد حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 5) |
اڄ توهان تي سڀ پاڪ شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ انهن ماڻهن جو کاڌو به توهان جي لاءِ حلال آهي جن تي ڪتاب لاٿو ويو آهي، ۽ توهان جو کاڌو انهن جي لاءِ پڻ، ۽ محفوظ (پاڪدامن) عورتون به توهان جي لاءِ حلال آهن، پوءِ اهي مؤمنياڻين مان هجن يا انهن قومن مان جن کي ڏنو ويو ڪتاب توهان کان اڳي، پر شرط اهو آهي ته توهان کين سندن (حق) مهر ڏئي نڪاح ۾ آڻي سندن محافظ بڻجو، ۽ ائين نه جو ڇڙواڳيءَ سان شهوت پوري ڪريو، يا لڪ چوري ناتا رکو، ۽ ڪنهن به ايمان جي راهه تي هلڻ کان انڪار ڪيو ته سندس زندگيءَ جي ڪمائي ناس ٿيندي ۽ آخرت ۾ وڏي خساري ۾ هوندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قُمتُم إِلَى الصَّلوٰةِ فَاغسِلوا وُجوهَكُم وَأَيدِيَكُم إِلَى المَرافِقِ وَامسَحوا بِرُءوسِكُم وَأَرجُلَكُم إِلَى الكَعبَينِ وَإِن كُنتُم جُنُبًا فَاطَّهَّروا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم مِنهُ ما يُريدُ اللَّهُ لِيَجعَلَ عَلَيكُم مِن حَرَجٍ وَلٰكِن يُريدُ لِيُطَهِّرَكُم وَلِيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 6) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن اٿو نماز جي لاءِ ته پنهنجا ڌوئيو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين (ڌوئيو)، ۽ مسح (مک) ڪريو مٿن تي ۽ پنهنجا پير ڀيڏين تائين (ڌوئيو) ۽ جيڪڏهن توهان تڙ ڪرڻ جي حالت ۾ آهيو ته وهنجي پاڪ ٿيو، ۽ جيڪڏهن بيمار آهيو يا سفر جي حالت ۾ آهيو يا ڪوبه جاءِ حاجت (واش روم) مان ٿي اچي، يا توهان ڇهيو آهي زالن کي (همبستري ڪئي آهي) ۽ نٿو ملي پاڻي ته پوءِ تيمم ڪريو، پاڪ مٽيءَ مان ڪم وٺو، ان تي هٿ هڻي منهن ۽ هٿن پنهنجن تي ڦيريو. الله حياتي تنگ ڪرڻ نٿو گهري توهان تي پر هو چاهي ٿو ته توهان کي پاڪ صاف ڪري، ۽ پوري ڪري پنهنجي نعمت توهان تي ته من توهان شڪرگذار بڻجو. |
وَاذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم وَميثٰقَهُ الَّذى واثَقَكُم بِهِ إِذ قُلتُم سَمِعنا وَأَطَعنا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
۽ پورو خيال رکو ان نعمت جو جيڪا الله توهان کي عطا ڪئي آهي ۽ ان عهد کي نه وساريو جيڪو هن توهان کان انجام ورتو، يعني هي چوڻ ته ”اسان ٻڌو ۽ اطاعت قبول ڪئي“ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله ته اهو به ڄاڻي ٿو جيڪي (راز) توهان جي دلين ۾ آهن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ لِلَّهِ شُهَداءَ بِالقِسطِ وَلا يَجرِمَنَّكُم شَنَـٔانُ قَومٍ عَلىٰ أَلّا تَعدِلُوا اعدِلوا هُوَ أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، الله ڪارڻ سچ تي قائم رهندڙ ۽ انصاف جي شاهدي ڏيندڙ بڻجي وڃو، ۽ ڪنهن به ٽولي جي دشمني توهان کي ايترو ڀڙڪائي نه جو انصاف کان هٽي وڃو، انصاف ڪريو، اهو خدا ترسيءَ کي تمام ويجهو آهي، الله کان ڊڄي ڪم ڪريو، جيڪي ڪجهه توهان ڪريو ٿا، الله ان کان پوريءَ طرح واقف آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 9) |
وعدو آهي الله جو انهن ماڻهن سان جيڪي ايمان آڻين ۽ نيڪ ڪم ڪن، انهن لاءِ مغفرت هوندي ۽ وڏو اجر ملندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 10) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي ڪفر ڪندا ۽ اسان (الله) جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو، ته اهي دوزخ ۾ وڃڻ وارا آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ هَمَّ قَومٌ أَن يَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم فَكَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ياد ڪريو الله جي انهيءَ احسان کي جيڪو هاڻي (تازو) توهان تي ڪيو، جڏهن هڪ ٽولي توهان تي هٿ وڌائڻ جو ارادو ڪيو هو، پر سندن هٿ توهان تي کڄڻ کان روڪيا ويا، الله کان ڊڄو، الله تي ئي ڀروسو مؤمنن کي ڪرڻ گهرجي. |
وَلَقَد أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَبَعَثنا مِنهُمُ اثنَى عَشَرَ نَقيبًا وَقالَ اللَّهُ إِنّى مَعَكُم لَئِن أَقَمتُمُ الصَّلوٰةَ وَءاتَيتُمُ الزَّكوٰةَ وَءامَنتُم بِرُسُلى وَعَزَّرتُموهُم وَأَقرَضتُمُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَلَأُدخِلَنَّكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ فَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 12) |
۽ ورتو هو پڪو عهد الله بني اسرائيل کان ۽ انهن ۾ ٻارهن مقرر ڪيا هئا نگران، ۽ انهن کي چيو هو ته آئون (الله) توهان سان گڏ آهيان، جيڪڏهن توهان قائم رکيو نماز کي ۽ زڪوات ادا ڪندا رهيا، ۽ ايمان آندو منهنجي رسولن تي ۽ انهن جي مدد ڪئي، ۽ قرض ڏيندا رهيا الله کي سهڻو ته پڪ ڄاڻو توهان جي برائين کي توهان تان ميساريندس ۽ داخل ڪندس توهان کي اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، پر ان بعد جيڪڏهن ڪنهن ڪفر ڪيو ته حقيقت ۾ اهو ڀٽڪي ويو سڌي واٽ (سواءِ السبيل) کان. |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم لَعَنّٰهُم وَجَعَلنا قُلوبَهُم قٰسِيَةً يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ وَلا تَزالُ تَطَّلِعُ عَلىٰ خائِنَةٍ مِنهُم إِلّا قَليلًا مِنهُم فَاعفُ عَنهُم وَاصفَح إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 13) |
پوءِ اهو سندن ڪيل عهد کي ٽوڙڻ ئي هو جنهن ڪري اڇليو ۽ اسان کين پنهنجي رحمت کان پري ۽ سندن دلين کي سخت ڪري ڇڏيو. هاڻي هو لفظن کي ڦيرائي ڪٿان جو ڪٿي کڻي وڃن ٿا ۽ جيڪا تعليم کين ڏني وئي هئي سا گهڻي ڀاڱي وساري چڪا آهن ۽ تون سندن ڪنهن نه ڪنهن خيانت کان واقف ٿيندو رهين ٿو ٿورا ماڻهو آهن جيڪي انهيءَ عيب کان بچيل آهن. ان ڪري کين معاف ڪري درگذر ڪر، بيشڪ الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو جيڪي احسان ڪندڙ آهن. |
وَمِنَ الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ أَخَذنا ميثٰقَهُم فَنَسوا حَظًّا مِمّا ذُكِّروا بِهِ فَأَغرَينا بَينَهُمُ العَداوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ وَسَوفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 14) |
اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جن چيو هو ته ”اسان نصاريٰ آهيون“ انهن کان به پڪو عهد ورتو هو پر انهن کي به جيڪو سبق ياد ڪرايو ويو هو، ان جو وڏو حصو وساري ڇڏيائون، نيٺ سندن وچ ۾ هڪ ٻئي سان ساڙ ۽ دشمنيءَ جو ٻج قيامت تائين جو پوکجي ويو، ۽ ضرور هڪ وقت ايندو جڏهن کين ٻڌائيندو الله ته دنيا ۾ هو ڇا ڪندا رهيا آهن. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم كَثيرًا مِمّا كُنتُم تُخفونَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَعفوا عَن كَثيرٍ قَد جاءَكُم مِنَ اللَّهِ نورٌ وَكِتٰبٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
اي اهلِ ڪتاب! توهان وٽ اچي ويو آهي اسان جو رسول جيڪو الله جي گهڻين ئي انهن ڳالهين کي توهان جي آڏو پڌرو ڪندو جن تي توهان پردو وجهندا رهيا ڪتاب مان، ۽ توهان جي ڪيترين ڳالهين کي نظرانداز به ڪري ٿو، توهان وٽ الله جي طرفان روشني اچي وئي آهي حق کي پڌرو ڪندڙ ڪتاب. |
يَهدى بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَهُ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِهِ وَيَهديهِم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 16) |
جنهن جي ذريعي الله رهبري ڪري ٿو انهن ماڻهن جي جيڪي سندس رضا جا طالب آهن سلامتيءَ جي لاءِ ۽ انهن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏي پنهنجي حڪم سان آڻي ٿو ۽ رهنمائي ڪري ٿو سڌي واٽ ڏانهن. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ قُل فَمَن يَملِكُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ أَن يُهلِكَ المَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما يَخلُقُ ما يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
ڪفر ڪيو انهن ماڻهن جن چيو ته بيشڪ الله اهو ئي مسيح پٽ مريم آهي. (اي نبي!) چؤ ته جيڪڏهن الله گُهري ته ناس ڪري ڇڏي مسيح پٽ مريم کي ۽ سندس ماءُ ۽ زمين وارن سڀني کي، ته ڪير آهي جيڪو کيس روڪي؟ الله ئي ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي ان جو مالڪ آهي، جيڪي چاهي سو پيدا ڪري ۽ الله ئي هر چيز تي قدرت رکي ٿو. |
وَقالَتِ اليَهودُ وَالنَّصٰرىٰ نَحنُ أَبنٰؤُا۟ اللَّهِ وَأَحِبّٰؤُهُ قُل فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنوبِكُم بَل أَنتُم بَشَرٌ مِمَّن خَلَقَ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ چون ٿا يهودي ۽ نصاريٰ ته اسان پٽ آهيون الله جا ۽ کيس پيارا آهيون، انهن کي چؤ (اي نبي) پوءِ هو توهان کي سزا ڇو ٿو ڏئي گناهن تي؟ اصل ۾ توهان اهڙا ئي انسان آهيو جهڙا خدا خلقيا آهن، هو جنهن کي گُهري معاف ڪري ٿو ۽ جنهن کي گُهري سزا ڏئي ٿو، ۽ الله جي ئي ملڪيت آهي هر چيز جيڪا آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهي، ۽ ان ڏي ئي وڃڻو آهي سڀني کي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ قَد جاءَكُم رَسولُنا يُبَيِّنُ لَكُم عَلىٰ فَترَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَن تَقولوا ما جاءَنا مِن بَشيرٍ وَلا نَذيرٍ فَقَد جاءَكُم بَشيرٌ وَنَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 19) |
اي اهلِ ڪتاب! توهان ڏانهن آيل اسان جو رسول اهڙي وقت توهان ڏي آيو آهي ۽ دين جي واضح تعليم ڏئي پيو جڏهن ته رسول جي اچڻ جو سلسلو بند هو، جيئن چئي نه سگهو ته اسان وٽ نه آيو بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ، ڏسو اهو بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اچي ويو، ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي. |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جَعَلَ فيكُم أَنبِياءَ وَجَعَلَكُم مُلوكًا وَءاتىٰكُم ما لَم يُؤتِ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 20) |
۽ ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! خيال ڪريو الله جي ان نعمت جو جيڪا هن توهان کي عطا ڪئي هئي، هن توهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي حڪمران بڻايو، ۽ توهان کي اهو ڪجهه ڏنو، جيڪو دنيا ۾ ڪنهن کي به نه ڏنو هئائين. |
يٰقَومِ ادخُلُوا الأَرضَ المُقَدَّسَةَ الَّتى كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَلا تَرتَدّوا عَلىٰ أَدبارِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 21) |
اي قومي ڀائرو! داخل ٿيو ان سر زمين مقدس ۾ جيڪا لکي ڇڏي آهي الله توهان جي کاتي ۾ ۽ پوئين پيرين نه ڦرو، نه ته موٽندؤ ناڪام ۽ نامراد ٿي. |
قالوا يٰموسىٰ إِنَّ فيها قَومًا جَبّارينَ وَإِنّا لَن نَدخُلَها حَتّىٰ يَخرُجوا مِنها فَإِن يَخرُجوا مِنها فَإِنّا دٰخِلونَ (آيت : 22) |
انهن جواب ڏنو: اي موسي! اتي ته وڏا زبردست ماڻهو رهن ٿا، ۽ اسين اوڏانهن هرگز نه وينداسين جيستائين اهي اتان نڪري نه وڃن، ها! جيڪڏهن اهي اتان نڪري ويا ته پوءِ اسان اندر وڃڻ لاءِ تيار آهيون. |
قالَ رَجُلانِ مِنَ الَّذينَ يَخافونَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِمَا ادخُلوا عَلَيهِمُ البابَ فَإِذا دَخَلتُموهُ فَإِنَّكُم غٰلِبونَ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 23) |
انهن ڊڄندڙ ماڻهن مان ٻه اهڙا به هئا جن کي الله پنهنجي نعمت سان نوازيو هو، انهن چيو: هنن ڏاڍن جي مقابلي ۾ دروازي مان گهڙي پئو، جڏهن توهان اندر پهچي ويندؤ ته توهان ئي غالب ٿي ويندؤ. الله تي ڀروسو رکو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو. |
قالوا يٰموسىٰ إِنّا لَن نَدخُلَها أَبَدًا ما داموا فيها فَاذهَب أَنتَ وَرَبُّكَ فَقٰتِلا إِنّا هٰهُنا قٰعِدونَ (آيت : 24) |
پر انهن وري به چيو ته: اي موسيٰ! اسان ان ۾ داخل نه ٿينداسين، جيستائين اهي اتي موجود آهن، سو تون ۽ تنهنجو رب ٻئي وڃي لڙو، اسان هتي ئي ويٺا آهيون. |
قالَ رَبِّ إِنّى لا أَملِكُ إِلّا نَفسى وَأَخى فَافرُق بَينَنا وَبَينَ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 25) |
تنهن تي موسيٰ چيو اي منهنجا رب! منهنجو وس ته ڪنهن تي به نٿو هلي، سواءِ منهنجي پنهنجي سر ۽ پنهنجي ڀاءُ جي، سو تون ئي اسان کي جدا ڪري ڇڏ انهن بي فرمان ماڻهن کان. |
قالَ فَإِنَّها مُحَرَّمَةٌ عَلَيهِم أَربَعينَ سَنَةً يَتيهونَ فِى الأَرضِ فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
(الله) فرمايو، چڱو، پوءِ ته حرام آهي اهو ملڪ انهن ماڻهن تي چاليهن سالن تائين اهي زمين ۾ ٿاٻا کائيندا وتندا، تون هرگز ترس نه کاءُ انهن بي فرمانن تي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ ابنَى ءادَمَ بِالحَقِّ إِذ قَرَّبا قُربانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِما وَلَم يُتَقَبَّل مِنَ الءاخَرِ قالَ لَأَقتُلَنَّكَ قالَ إِنَّما يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 27) |
۽ انهن کي اهو قصو ٻڌاءِ آدم جي ٻن پٽن جو جيئن آهي تيئن حق سان، جڏهن انهن ٻنهي قرباني ڪئي ته انهن مان هڪڙي جي قرباني قبول پئي ۽ نه پئي ٻئي جي، ان چيو: آئون توکي ضرور قتل ڪندس. ان جواب ڏنو، قبول ڪندو آهي الله ته پرهيزگارن جا نذرانا. |
لَئِن بَسَطتَ إِلَىَّ يَدَكَ لِتَقتُلَنى ما أَنا۠ بِباسِطٍ يَدِىَ إِلَيكَ لِأَقتُلَكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيريندين ته به آئون هٿ نه کڻندس، توکي قتل ڪرڻ لاءِ، آئون ته خوف کايان ٿو الله رب العالمين کان. |
إِنّى أُريدُ أَن تَبوأَ بِإِثمى وَإِثمِكَ فَتَكونَ مِن أَصحٰبِ النّارِ وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
آءٌ گهران ٿو ته تون ئي کڻي وڃين منهنجو گناهه ۽ تنهنجو گناهه ۽ دوزخي بڻجي وڃين. ۽ اهو ئي بدلو آهي ظالمن جي ظلم جو. |
فَطَوَّعَت لَهُ نَفسُهُ قَتلَ أَخيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصبَحَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 30) |
نيٺ سندس ئي نفس پنهنجي ڀاءُ جو قتل سندس لاءِ آسان ڪيو ۽ هن کيس ماري ڇيهي ۾ پيل ماڻهن ۾ شامل ٿي ويو. |
فَبَعَثَ اللَّهُ غُرابًا يَبحَثُ فِى الأَرضِ لِيُرِيَهُ كَيفَ يُوٰرى سَوءَةَ أَخيهِ قالَ يٰوَيلَتىٰ أَعَجَزتُ أَن أَكونَ مِثلَ هٰذَا الغُرابِ فَأُوٰرِىَ سَوءَةَ أَخى فَأَصبَحَ مِنَ النّٰدِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله موڪليو هڪ ڪانگ کي جيڪو زمين کوٽڻ لڳو، جيئن کيس ڏيکاري ته ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪائي، چوڻ لڳو: حيف آهي منهنجي حال تي! آءٌ ته هن ڪانگ جهڙو به نه ٿيس جو لاش لڪائڻ جي ڪا تدبير ڪري سگهان ها پنهنجي ڀاءُ جي. ان کان پوءِ هن پنهنجي ڪِئي تي ڏاڍو پڇتايو. |
مِن أَجلِ ذٰلِكَ كَتَبنا عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفسًا بِغَيرِ نَفسٍ أَو فَسادٍ فِى الأَرضِ فَكَأَنَّما قَتَلَ النّاسَ جَميعًا وَمَن أَحياها فَكَأَنَّما أَحيَا النّاسَ جَميعًا وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُنا بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ إِنَّ كَثيرًا مِنهُم بَعدَ ذٰلِكَ فِى الأَرضِ لَمُسرِفونَ (آيت : 32) |
انهيءَ ڪري اسان اهو فرمان لکي ڇڏيو بني اسرائيل تي ته جنهن به ڪنهن انسان جو قتل ڪيو، سواءِ ان جي ته ان ڪنهن کي قتل ڪيو هجي، يا زمين ۾ فساد پکيڙيو هجي، ان ڄڻ ته قتل ڪيو سڀني انسانن کي. ۽ جنهن ڪنهن کي بچايو، ان ڄڻ ته جياريو سڀني انسانن کي. پر هنن جو ته حال هي آهي جو اسان جا رسول انهن وٽ هڪ ٻئي پويان هدايتون کڻي ايندا رهيا، تڏهن به انهن مان گهڻا ماڻهو زمين ۾ زيادتيون ڪندڙ آهن. |
إِنَّما جَزٰؤُا۟ الَّذينَ يُحارِبونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا أَن يُقَتَّلوا أَو يُصَلَّبوا أَو تُقَطَّعَ أَيديهِم وَأَرجُلُهُم مِن خِلٰفٍ أَو يُنفَوا مِنَ الأَرضِ ذٰلِكَ لَهُم خِزىٌ فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 33) |
بيشڪ جزا آهي انهن جي جيڪي ماڻهو لڙن ٿا الله ۽ سندس رسولن سان ۽ ڊڪ ڊوڙ زمين ۾ ڪندا رهن ٿا فساد برپا ڪرڻ لاءِ، (انهن جي سزا آهي ته) قتل ڪيا وڃن يا ڦاسي تي لٽڪايا وڃن يا سندن هٿ ۽ پير اُبتي پاسي کان ڪپيا وڃن يا کين نيڪالي ڏني وڃي ملڪ مان، اها ذلت ۽ خواري ته انهن جي لاءِ هن دنيا ۾ آهي ۽ آخرت ۾ ته انهن جي لاءِ اڃا وڏي سزا آهي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن قَبلِ أَن تَقدِروا عَلَيهِم فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 34) |
پر جيڪي ماڻهو توبه ڪن توهان جي غالب ٿيڻ کان اڳ (انهن کي ڇڏي ڏيو) توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته بيشڪ الله معاف ڪندڙ رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَابتَغوا إِلَيهِ الوَسيلَةَ وَجٰهِدوا فى سَبيلِهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 35) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، الله کان ڊڄو ۽ ساڻس ويجهڙائيءَ جو وسيلو ڳوليو ۽ جهاد ڪريو سندس راهه ۾، ته من توهان کي ڪاميابي ملي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لِيَفتَدوا بِهِ مِن عَذابِ يَومِ القِيٰمَةِ ما تُقُبِّلَ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، جيڪڏهن انهن وٽ جيڪي ڪجهه آهي زمين ۾، اوتري دولت هجي ۽ ايتري به ان سان ٻي گڏ، ۽ هو گُهرن ته اها فديي ۾ ڏئي قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان بچي وڃن، پوءِ به اها قبول نه ٿيندي، کين دردناڪ سزا ضرور ملندي. |
يُريدونَ أَن يَخرُجوا مِنَ النّارِ وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنها وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 37) |
هو گُهرندا ته دوزخ جي باهه مان نڪري ڀڄي وڃن، پر اهي نڪري نه سگهندا ان مان، انهن کي دائمي عذاب ۾ رهڻو پوندو. |
وَالسّارِقُ وَالسّارِقَةُ فَاقطَعوا أَيدِيَهُما جَزاءً بِما كَسَبا نَكٰلًا مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 38) |
۽ چور مرد هجي يا عورت، ٻنهي جا هٿ ڪپي ڇڏيو، اهو بدلو آهي سندن ڪمائيءَ جو ۽ الله طرفان عبرتناڪ سزا، سندس قدرت سڀ تي غالب آهي. ۽ الله وڏو داناءُ ۽ بينا آهي. |
فَمَن تابَ مِن بَعدِ ظُلمِهِ وَأَصلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتوبُ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنهن توبه ڪئي ظلم ڪرڻ بعد ۽ اصلاح ڪئي، ته الله وري مٿس مِهر جي نظر ڪندو، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 40) |
ڇا نٿا ڄاڻو ته بيشڪ الله ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو، جنهن کي گُهري سزا ڏئي ۽ جنهن کي گُهري معاف ڪري ڇڏي، اهو الله ئي آهي جيڪو هر شيءِ تي اختيار رکي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ لا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ مِنَ الَّذينَ قالوا ءامَنّا بِأَفوٰهِهِم وَلَم تُؤمِن قُلوبُهُم وَمِنَ الَّذينَ هادوا سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ سَمّٰعونَ لِقَومٍ ءاخَرينَ لَم يَأتوكَ يُحَرِّفونَ الكَلِمَ مِن بَعدِ مَواضِعِهِ يَقولونَ إِن أوتيتُم هٰذا فَخُذوهُ وَإِن لَم تُؤتَوهُ فَاحذَروا وَمَن يُرِدِ اللَّهُ فِتنَتَهُ فَلَن تَملِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ الَّذينَ لَم يُرِدِ اللَّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلوبَهُم لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 41) |
اي پيغمبر! ڏک جو ڪارڻ نه بڻجن اهي ماڻهو، جيڪي ڏاڍي تيزي پيا ڏيکارين ڪفر ۾، پوءِ ڀلي اهي انهن ماڻهن مان هجن جيڪي چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي پر ايمان ناهي آندو سندن دلين، يا انهن مان هجن جيڪي يهودي آهن. جن جو حال اهو آهي جو ڪوڙ لاءِ ڪن ڏيندڙ آهن ۽ ٻين ماڻهن خاطر جيڪي تو وٽ ڪڏهن ڪونه آيا، خبر وٺندا وتن، الله جي ڪتاب جي لفظن جي صحيح مفهوم مقرر ٿيڻ بعد به اصل معنيٰ ڦيرايو ڇڏين، ۽ ماڻهن کي چون ٿا ته، جيڪڏهن توهان کي هي حڪم ڏنو وڃي ته ان کي مڃجو، نه ته، نه مڃجو. ۽ جنهن کي الله ئي فتني ۾ وجهڻ جو ارادو ڪيو هجي ان کي بچائڻ لاءِ الله جي پڪڙ کان تون ڪجهه نٿو ڪري سگهين. هي اهي ماڻهو آهن جن لاءِ ارادو ئي نه ڪيو الله سندن دلين کي پاڪ ڪرڻ جو، انهن جي لاءِ دنيا ۾ به خواري آهي ۽ کين آخرت ۾ به ڏني ويندي تمام سخت سزا. |
سَمّٰعونَ لِلكَذِبِ أَكّٰلونَ لِلسُّحتِ فَإِن جاءوكَ فَاحكُم بَينَهُم أَو أَعرِض عَنهُم وَإِن تُعرِض عَنهُم فَلَن يَضُرّوكَ شَيـًٔا وَإِن حَكَمتَ فَاحكُم بَينَهُم بِالقِسطِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 42) |
هي ڪوڙ کي ٻڌڻ وارا ۽ حرام جا مال کائڻ وارا آهن، ان ڪري اهي ماڻهو جي تو وٽ (پنهنجا فيصلا کڻي) اچن وڻئي ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪر ته توکي اختيار آهي نه ته انڪار ڪري کين ٽاري ڇڏيندين ته اهي تنهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا، ۽ جي فيصلو ڪرين ته پوءِ ٺيڪ ٺيڪ انصاف سان انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪر، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو انصاف ڪندڙن کي. |
وَكَيفَ يُحَكِّمونَكَ وَعِندَهُمُ التَّورىٰةُ فيها حُكمُ اللَّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّونَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 43) |
۽ هي توکي ڪيئن منصف ڪندا جڏهن ته وٽن تورات موجود آهي، جنهن ۾ حڪم لکيل آهي الله جو، پوءِ به هي ان کان ڦري رهيا آهن. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهي ماڻهو ايمان ئي نٿا رکن. |
إِنّا أَنزَلنَا التَّورىٰةَ فيها هُدًى وَنورٌ يَحكُمُ بِهَا النَّبِيّونَ الَّذينَ أَسلَموا لِلَّذينَ هادوا وَالرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ بِمَا استُحفِظوا مِن كِتٰبِ اللَّهِ وَكانوا عَلَيهِ شُهَداءَ فَلا تَخشَوُا النّاسَ وَاخشَونِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 44) |
اسان نازل ڪيو تورات کي جنهن ۾ هدايت ۽ روشني هئي، انهيءَ مطابق سمورا نبي جيڪي مسلم (فرمانبردار) هئا، يهودين جا فيصلا ڪندا هئا. رباني (الله وارا) ۽ احبار (عالم) به انهيءَ تي فيصلن جو دارومدار رکندا هئا، ڇو ته کين حفاظت جو ذميوار الله جي ڪتاب جو بڻايو ويو هو، ۽ اهي ان تي شاهد هئا، پوءِ نه ڊڄو ماڻهن کان (اي يهوديو) بلڪه مون کان ڊڄو، ۽ منهنجي آيتن کي ٿوري ملهه تي وڪڻڻ ڇڏي ڏيو. جيڪي ماڻهو فيصلا نه ڪن الله جي نازل ڪيل قانون مطابق، اهي ئي ڪافر آهن. |
وَكَتَبنا عَلَيهِم فيها أَنَّ النَّفسَ بِالنَّفسِ وَالعَينَ بِالعَينِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالجُروحَ قِصاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفّارَةٌ لَهُ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 45) |
اسان لکيو هو (تورات ۾) يهودين لاءِ اهو حڪم ته جان جي بدلي جان، اک جي بدلي اک، نڪ جي بدلي نڪ، ڪن جي بدلي ڪن ۽ ڏند جي بدلي ڏند، ۽ سمورن زخمن جي برابر اوترو ئي بدلو آهي. پوءِ جيڪو قصاص جو صدقو ڪري ته اهو سندس لاءِ ڪفارو آهي، ۽ جيڪي ماڻهو فيصلو نه ڪن نازل ڪيل الله جي قانون مطابق اهي ئي ظالم آهن. |
وَقَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِعيسَى ابنِ مَريَمَ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ فيهِ هُدًى وَنورٌ وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ التَّورىٰةِ وَهُدًى وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 46) |
وري اسان انهن پيغمبرن کان پوءِ عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو، تصديق ڪندڙ هو جيڪي ڪجهه سندس آڏو موجود هو تورات مان، ۽ عطا ڪيوسين کيس انجيل جنهن ۾ رهنمائي ۽ روشني هئي، ۽ تصديق ڪري پيو جيڪي سندس آڏو موجود هو تورات مان، ۽ پڻ هدايت ۽ نصيحت هو خدا ترس ماڻهن لاءِ. |
وَليَحكُم أَهلُ الإِنجيلِ بِما أَنزَلَ اللَّهُ فيهِ وَمَن لَم يَحكُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 47) |
۽ اسان جو حڪم هو ته انجيل وارا انهيءَ قانون مطابق فيصلو ڪن جيڪو الله ان ۾ نازل ڪيو آهي، ۽ جيڪي ماڻهو فيصلو نه ڪن نازل ڪيل الله جي قانون مطابق، اهي ئي فاسق آهن. |
وَأَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ مِنَ الكِتٰبِ وَمُهَيمِنًا عَلَيهِ فَاحكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم عَمّا جاءَكَ مِنَ الحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلنا مِنكُم شِرعَةً وَمِنهاجًا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن لِيَبلُوَكُم فى ما ءاتىٰكُم فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 48) |
(پوءِ اي نبيؐ ) اسان تو ڏانهن هي ڪتاب حق سان موڪليو آهي تصديق ڪندڙ، حفاظت ڪندڙ ۽ نگهبان آهي ان الڪتاب مان جيڪي ڪجهه سندس آڏو موجود آهي، تنهن ڪري تون فيصلو ڪر ماڻهن جي معاملن جو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق، ۽ ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر انهيءَ آيل حق جي خلاف، اسان توهان (انسانن) مان هرهڪ لاءِ هڪ شريعت ۽ عمل ڪرڻ جي راهه مقرر ڪئي آهي، جي الله گُهري ها ته توهان سڀني کي هڪ ئي امت بڻائي ٿي سگهيو، پر هن ان ڪري ائين ڪيو ته جيڪي ڪجهه هن توهان کي ڏنو آهي ته ان ۾ توهان کي پرکي. ان ڪري چڱاين ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي ڪوشش ڪريو. توهان سڀني کي الله ڏي ئي موٽڻو آهي، پوءِ هو حقيقت ٻڌائيندو، جنهن ۾ اختلاف ڪندڙ آهيو. |
وَأَنِ احكُم بَينَهُم بِما أَنزَلَ اللَّهُ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَاحذَرهُم أَن يَفتِنوكَ عَن بَعضِ ما أَنزَلَ اللَّهُ إِلَيكَ فَإِن تَوَلَّوا فَاعلَم أَنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُصيبَهُم بِبَعضِ ذُنوبِهِم وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ لَفٰسِقونَ (آيت : 49) |
پوءِ (اي نبي!) فيصلو ڪر انهن ماڻهن جي معاملن جو نازل ڪيل الله جي قانون مطابق ۽ پيروي نه ڪر انهن جي خواهشن جي ۽ هنن کان هوشيار رهه، ته متان توکي فتني ۾ وجهن. الله طرفان موڪليل هدايت کان سِرڪائي وجهن. ته پوءِ جي هي ان کان منهن موڙين، ته ڄاڻي وٺ الله ارادو ڪيو آهي انهن کي مصيبت ۾ وجهڻ جو سندن ڪِن گناهن جي ڪري، ۽ اها حقيقت آهي ته ڪيترا ئي انهن ماڻهن مان فاسق آهن. |
أَفَحُكمَ الجٰهِلِيَّةِ يَبغونَ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ حُكمًا لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 50) |
(جي هي خدا جي قانون کان منهن موڙين ٿا) ته ڇا هي فيصلو جاهليت جو گهرن ٿا؟ جڏهن ته جيڪي ماڻهو يقين رکن ٿا الله تي، انهن وٽ ان کان وڌيڪ سهڻو فيصلو ڪندڙ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا اليَهودَ وَالنَّصٰرىٰ أَولِياءَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَإِنَّهُ مِنهُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 51) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي نه بڻايو يهودين ۽ عيسائين کي دوست. هو پاڻ ۾ ئي دوست آهن هڪ ٻئي جا، جي توهان مان ڪير انهن کي ساٿي بڻائي ٿو ته پوءِ اهو به انهن مان ليکبو، بيشڪ الله هدايت کان محروم ڪري ٿو ظالمن کي. |
فَتَرَى الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يُسٰرِعونَ فيهِم يَقولونَ نَخشىٰ أَن تُصيبَنا دائِرَةٌ فَعَسَى اللَّهُ أَن يَأتِىَ بِالفَتحِ أَو أَمرٍ مِن عِندِهِ فَيُصبِحوا عَلىٰ ما أَسَرّوا فى أَنفُسِهِم نٰدِمينَ (آيت : 52) |
توهان ڏسو ٿا ته جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري آهي نفاق جي، اهي انهن ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ڪنهن مصيبت جي چڪر ۾ نه اچي وڃون، پر اهو پري نه آهي ته الله توکي جڏهن فيصلي واري فتح عطا ڪندو يا پنهنجي طرفان ڪا ٻي ڳالهه ظاهر ڪندو، ته اهي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ جيڪو نفاق لڪايو ويٺا آهن پاڻ ئي پشيمان ٿيندا. |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم إِنَّهُم لَمَعَكُم حَبِطَت أَعمٰلُهُم فَأَصبَحوا خٰسِرينَ (آيت : 53) |
۽ ان وقت ايمان وارا چوندا: ڇا هي اهي ماڻهو آهن جيڪي وڏا وڏا قسم کڻي الله جا يقين ڏياريندا هئا ته اسان توهان سان آهيون. سندن سمورا عمل ضايع ٿي ويا ۽ آخرڪار اهي نامراد رهجي ويا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا مَن يَرتَدَّ مِنكُم عَن دينِهِ فَسَوفَ يَأتِى اللَّهُ بِقَومٍ يُحِبُّهُم وَيُحِبّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى المُؤمِنينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الكٰفِرينَ يُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَخافونَ لَومَةَ لائِمٍ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 54) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جيڪڏهن توهان مان ڪير پنهنجي دين کان ڦري ٿو ته (ڀلي ڦري) الله ٻيا ڪيترا ئي ماڻهو اهڙا پيدا ڪندو جيڪي الله کي پيارا هوندا ۽ الله انهن کي پيارو هوندو، نرم هوندا مؤمنن لاءِ ۽ سخت هوندا ڪافرن جي لاءِ. اهي جهاد ڪندا الله جي راهه ۾ ۽ نه ڊڄندا ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان، اهو فضل آهي الله جو، جنهن کي گُهري عطا ڪري ٿو، الله وسيع وسيلن جو مالڪ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. |
إِنَّما وَلِيُّكُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَالَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم رٰكِعونَ (آيت : 55) |
بيشڪ توهان جا ساٿي حقيقت ۾ فقط الله، سندس رسول ۽ اهي ايمان وارا آهن جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪوات ۽ اهي جهڪندڙ آهن (الله جي اڳيان). |
وَمَن يَتَوَلَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالَّذينَ ءامَنوا فَإِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪو پنهنجو ساٿي بڻائي ٿو الله ۽ سندس رسول ۽ ايمان وارن کي، ان کي معلوم هجي ته الله جي جماعت ئي غالب رهڻ واري آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الَّذينَ اتَّخَذوا دينَكُم هُزُوًا وَلَعِبًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَالكُفّارَ أَولِياءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جن ماڻهن توهان جي دين کي مذاق ۽ تماشو بڻايو آهي، انهن ماڻهن تي ڪتاب لاٿو ويو توهان کان اڳي، ۽ ڪافرن کي پنهنجو دوست نه بڻايو، ۽ ڊڄو الله کان جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو. |
وَإِذا نادَيتُم إِلَى الصَّلوٰةِ اتَّخَذوها هُزُوًا وَلَعِبًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 58) |
۽ جڏهن توهان اذان ڏيو ٿا نماز جي لاءِ ته هو توهان تي ٺٺوليون ڪندا ۽ رؤنشو بنائيندا آهن، ان جو سبب هي آهي ته اهي عقل نٿا رکن. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ هَل تَنقِمونَ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ مِن قَبلُ وَأَنَّ أَكثَرَكُم فٰسِقونَ (آيت : 59) |
(اي نبي!) چوينِ ته اي اهلِ ڪتاب! توهان اسان تي رڳو ان لاءِ ڇوهه ٿا ڇنڊيو ته اسان ايمان آندو آهي الله تي ۽ ان تعليم تي جيڪا اسان ڏانهن نازل ٿي آهي ۽ اسان کان اڳي پڻ، ۽ توهان مان ته گهڻا ماڻهو فاسق آهن. |
قُل هَل أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكَ مَثوبَةً عِندَ اللَّهِ مَن لَعَنَهُ اللَّهُ وَغَضِبَ عَلَيهِ وَجَعَلَ مِنهُمُ القِرَدَةَ وَالخَنازيرَ وَعَبَدَ الطّٰغوتَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 60) |
(اي نبي!) چوين (وري ته) ڇا آئون اهي ماڻهو ٻڌايان جن جي عاقبت فاسقن کان به بُري آهي الله وٽ، اهي جن تي لعنت ڪئي الله ۽ جن تي غضب پيو ۽ بڻايا ويا انهن مان باندر ۽ سوئر، جن بندگي ڪئي طاغوت جي، اهڙن ماڻهن جي اڃا به بڇڙي جاءِ آهي ۽ اهي سواءِ سبيل يعني سنئين واٽ کان بنهه ٿڙيل آهن. |
وَإِذا جاءوكُم قالوا ءامَنّا وَقَد دَخَلوا بِالكُفرِ وَهُم قَد خَرَجوا بِهِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما كانوا يَكتُمونَ (آيت : 61) |
۽ جڏهن اهي ماڻهو توهان وٽ اچن ٿا، ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي پر اهي ڪفر کنيو آيا هئا، ۽ ڪفر ئي کنيو واپس ويا هئا، ۽ الله خوب ڄاڻي ٿو جيڪي سندن دلين ۾ لڪل آهي. |
وَتَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يُسٰرِعونَ فِى الإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 62) |
تون ڏسين ٿو ته گهڻا ماڻهو انهن مان نهايت سرگرم آهن گناهه، ظلم ۽ زيادتي وارن ڪمن ۾، ۽ کائن ٿا حرام جا مال، اهي بريون حرڪتون آهن جيڪي هو ڪري رهيا آهن. |
لَولا يَنهىٰهُمُ الرَّبّٰنِيّونَ وَالأَحبارُ عَن قَولِهِمُ الإِثمَ وَأَكلِهِمُ السُّحتَ لَبِئسَ ما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 63) |
ڇو ڀلا روڪين نٿا هنن جا پِير ۽ عالم کين گناهن جي ڳالهه ڪرڻ ۽ حرام کائڻ کان، اهو برو ڪارنامو آهي زندگيءَ جو، جيڪو هو تيار ڪري رهيا آهن. |
وَقالَتِ اليَهودُ يَدُ اللَّهِ مَغلولَةٌ غُلَّت أَيديهِم وَلُعِنوا بِما قالوا بَل يَداهُ مَبسوطَتانِ يُنفِقُ كَيفَ يَشاءُ وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا وَأَلقَينا بَينَهُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ كُلَّما أَوقَدوا نارًا لِلحَربِ أَطفَأَهَا اللَّهُ وَيَسعَونَ فِى الأَرضِ فَسادًا وَاللَّهُ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 64) |
۽ چون ٿا يهودي ته الله جا هٿ ٻڌل آهن، ٻَڌا ويا سندن هٿ ۽ لعنت آهي انهن جي انهيءَ بڪواس تي جيڪا هو ڪن ٿا، پر الله جا هٿ ته ڪشادا آهن، جيئن وڻيس ٿو خرچ ڪري ٿو، ۽ سرڪشي ۽ باطل پرستي ۾ واڌاري جو سبب انهن ماڻهن ۾ هي ڪلام آهي جيڪو تنهنجي رب طرفان توتي نازل ٿيو آهي. ان وڌايو آهي ڪفر کي انهن ۾، ۽ اسان منجهن دشمني ۽ بغض کي قيامت جي ڏينهن تائين وڌايو آهي، جڏهن به هي باهه ڀڙڪائن ٿا جنگ جي، ٿڌو ڪري ٿو ان کي الله، ۽ هي ڪوشش ڪن ٿا زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي، ۽ الله (ڪڏهن به) پسند نٿو ڪري فسادين کي. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ الكِتٰبِ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَكَفَّرنا عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأَدخَلنٰهُم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 65) |
جيڪڏهن اهي اهلِ ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ خدا ترسيءَ جي راهه اختيار ڪن ها، ته اسين پري ڪريون ها کانئن سندن برايون ۽ داخل ڪريون ها کين نعمت سان ڀريل جنتن ۾. |
وَلَو أَنَّهُم أَقامُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيهِم مِن رَبِّهِم لَأَكَلوا مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم مِنهُم أُمَّةٌ مُقتَصِدَةٌ وَكَثيرٌ مِنهُم ساءَ ما يَعمَلونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن هو قائم رکن ها تورات ۽ انجيل ۽ ٻين ڪتابن کي جيڪي انهن تي نازل ڪيا ويا هئا سندن رب جي طرفان، ته رزق وسي ها انهن جي مٿان ۽ هيٺان به اُٻري ها (انهن جي لاءِ)، انهن ۾ ڪي ماڻهو سچ تي هلڻ وارا به آهن، پر سندن اڪثريت جا ڏاڍا بڇڙا عمل آهن. |
يٰأَيُّهَا الرَّسولُ بَلِّغ ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ وَإِن لَم تَفعَل فَما بَلَّغتَ رِسالَتَهُ وَاللَّهُ يَعصِمُكَ مِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 67) |
اي پيغمبر! پهچاءِ ماڻهن تائين جيڪو توتي نازل ڪيو ويو آهي تنهنجي رب جي طرفان (قرآن)، جي تو ائين نه ڪيو ته تو پيغمبريءَ جو حق ئي ادا نه ڪيو، ۽ الله توکي بچائڻ وارو آهي ماڻهن جي شر کان، يقين رک ته الله ڪڏهن به نه ڏيکاريندو ڪاميابي جي واٽ ڪافرن کي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لَستُم عَلىٰ شَيءٍ حَتّىٰ تُقيمُوا التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلَيَزيدَنَّ كَثيرًا مِنهُم ما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ طُغيٰنًا وَكُفرًا فَلا تَأسَ عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 68) |
صاف چئي ڇڏ ته اي اهلِ ڪتاب! توهان هرگز ڪنهن بنياد تي نه آهيو جيستائين قائم نه ڪندؤ تورات ۽ انجيل ۽ انهن ٻين ڪتابن کي جيڪي نازل ڪيا ويا آهن توهان تي توهان جي رب طرفان، پر هي فرمان انهن مان گهڻن ۾ وڌائيندو اهو جيڪو توتي نازل ڪيو ويو آهي (قرآن) تنهنجي رب طرفان سرڪشيءَ ۽ انڪار کي، پوءِ افسوس نه ڪر انڪار ڪندڙن جي حال تي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔونَ وَالنَّصٰرىٰ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 69) |
(بيشڪ هت بالادستي ڪنهن جي ناهي ۽) انهن جن ايمان آندو (مسلمان) هجن يا يهودي ۽ صابئي هجن يا عيسائي، جيڪي به ايمان آڻيندا الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ نيڪ ڪم ڪندا ته بيشڪ انهن جي لاءِ خوف جي ڪابه ڳالهه نه آهي ۽ نه ڪڏهن اهي ڏک ۾ رهندا. |
لَقَد أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ وَأَرسَلنا إِلَيهِم رُسُلًا كُلَّما جاءَهُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُهُم فَريقًا كَذَّبوا وَفَريقًا يَقتُلونَ (آيت : 70) |
اسان ورتو هو پڪو عهد بني اسرائيل کان ۽ وٽن ڪيترا ئي موڪليا رسول، پر جڏهن به وٽن ڪو رسول سندن نفساني خواهشن جي خلاف ڪجهه کڻي پهتو، ته (انهن) ڪن کي ڪوڙو چيو ۽ ڪن کي قتل ڪيو. |
وَحَسِبوا أَلّا تَكونَ فِتنَةٌ فَعَموا وَصَمّوا ثُمَّ تابَ اللَّهُ عَلَيهِم ثُمَّ عَموا وَصَمّوا كَثيرٌ مِنهُم وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 71) |
۽ ائين ٿي ڀانئيو ته ڪوبه فتنو برپا نه ٿيندو، ان ڪري انڌا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا، وري به الله کين معاف ڪيو ته اڃا به انڌا ۽ ٻوڙا بڻبا ويا ڪيترا ئي انهن مان، الله ڏسندو رهيو آهي سندن اهي سڀ حرڪتون. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ المَسيحُ ابنُ مَريَمَ وَقالَ المَسيحُ يٰبَنى إِسرٰءيلَ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم إِنَّهُ مَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيهِ الجَنَّةَ وَمَأوىٰهُ النّارُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 72) |
بيشڪ ڪفر ڪيو انهن ماڻهن جن چيو ته (حقيقت ۾) الله ئي مسيح پٽ مريم آهي، جڏهن ته مسيح چيو هو ته، اي بني اسرائيل! بندگي ڪريو الله جي، جيڪو منهنجو رب ۽ توهان جو به رب آهي، بيشڪ جنهن شريڪ ڪيو الله سان ڪنهن کي، پوءِ ان تي حرام ڪيو الله بهشت ۽ سندس ٺڪاڻو جهنم آهي. ۽ اهڙن ئي ظالمن جو ڪوبه مددگار نه آهي. |
لَقَد كَفَرَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ ثالِثُ ثَلٰثَةٍ وَما مِن إِلٰهٍ إِلّا إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِن لَم يَنتَهوا عَمّا يَقولونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
بيشڪ ڪفر ڪيو انهن ماڻهن جن چيو ته الله ٽن مان هڪڙو آهي. جڏهن ته ڪوبه خدا نه آهي سواءِ هڪ جي، جيڪڏهن اهي ماڻهو نه مڙيا پنهنجين انهن ڳالهين کان، جنهن جنهن ماڻهو ڪيو ڪفر انهن مان، ان کي دردناڪ سزا ملندي. |
أَفَلا يَتوبونَ إِلَى اللَّهِ وَيَستَغفِرونَهُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 74) |
پوءِ هي توبه نه ڪندا الله کان ۽ کانئس معافي نه گُهرندا؟ الله ته وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
مَا المَسيحُ ابنُ مَريَمَ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدّيقَةٌ كانا يَأكُلانِ الطَّعامَ انظُر كَيفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الءايٰتِ ثُمَّ انظُر أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 75) |
مسيح پٽ مريم ان کان سواءِ ڪجهه ناهي فقط هڪ رسول، ان کان پهرين ڪيترا ئي رسول گذري چڪا هئا، سندس ماءُ هڪ سچار عورت هئي، ۽ اهي ٻئي کاڌو کائيندا هئا، ڏس! اسان ڪيئن نه سندن سامهون حقيقت جون نشانيون پڌريون ڪريون ٿا، پوءِ به ڏس، ڪيڏانهن پٺيرا ڦرندا ٿا وڃن. |
قُل أَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَاللَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 76) |
انهن کي چؤ (اي نبي!) توهان عبادت ڪريو ٿا الله کي ڇڏي ان جي، جنهن کي توهان جي لاءِ اختيار نه آهي نقصان جو ۽ نه وري فائدي جو؟ جڏهن ته الله ئي سڀڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم غَيرَ الحَقِّ وَلا تَتَّبِعوا أَهواءَ قَومٍ قَد ضَلّوا مِن قَبلُ وَأَضَلّوا كَثيرًا وَضَلّوا عَن سَواءِ السَّبيلِ (آيت : 77) |
انهن کي چؤ اي اهلِ ڪتاب! وڌاءُ نه ڪريو پنهنجي دين ۾ ناحق، ۽ پيروي نه ڪريو انهن ماڻهن جي خيالن جي، جيڪي پاڻ گمراهه ٿيا توهان کان پهرين ۽ گمراهه ڪيائون ٻين ڪيترن کي ۽ ٿڙي ويا سڌي راهه کان. |
لُعِنَ الَّذينَ كَفَروا مِن بَنى إِسرٰءيلَ عَلىٰ لِسانِ داوۥدَ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 78) |
لعنت ڪئي وئي انهن ماڻهن تي جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي بني اسرائيل مان، زبان دائود ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي سان، ڇاڪاڻ ته اهي وڏا سرڪش ٿي ويا هئا ۽ ڪرڻ لڳا هئا زيادتيون. |
كانوا لا يَتَناهَونَ عَن مُنكَرٍ فَعَلوهُ لَبِئسَ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 79) |
هنن هڪ ٻئي کي روڪڻ ڇڏي ڏنو هو جيڪي برا ڪم ڪندا هئا، ڏاڍي خراب هلت هئي جيڪا هنن اختيار ڪئي. |
تَرىٰ كَثيرًا مِنهُم يَتَوَلَّونَ الَّذينَ كَفَروا لَبِئسَ ما قَدَّمَت لَهُم أَنفُسُهُم أَن سَخِطَ اللَّهُ عَلَيهِم وَفِى العَذابِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 80) |
ڪيترا ئي ماڻهو انهن ۾ ڏسين ٿو (اي رسول ايمان وارن جي مقابلي ۾) ساٿ ڏين ٿا ڪافرن جو ، ۽ سندن پٺڀرائي ڪن ٿا، بلاشڪ نهايت ئي برو حشر آهي جنهن جو سامان پاڻ گڏ ڪيو اٿن، جو الله مٿن سخت ڏمريو آهي ۽ اهي هميشه جي لاءِ عذاب ۾ رهڻ وارا آهن. |
وَلَو كانوا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالنَّبِىِّ وَما أُنزِلَ إِلَيهِ مَا اتَّخَذوهُم أَولِياءَ وَلٰكِنَّ كَثيرًا مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 81) |
۽ جيڪڏهن هي ماڻهو سچ پچ الله ۽ پيغمبر ۽ ان شيءِ کي مڃين ها جيڪا نازل ڪئي وئي پيغمبر تي، ته ڪڏهن به (ايمان وارن جي مقابلي ۾) ڪافرن کي پنهنجو ساٿي نه بنائن ها، پر ڪيترا انهن مان خدا جي اطاعت مان نڪتل آهن. |
لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النّاسِ عَدٰوَةً لِلَّذينَ ءامَنُوا اليَهودَ وَالَّذينَ أَشرَكوا وَلَتَجِدَنَّ أَقرَبَهُم مَوَدَّةً لِلَّذينَ ءامَنُوا الَّذينَ قالوا إِنّا نَصٰرىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّ مِنهُم قِسّيسينَ وَرُهبانًا وَأَنَّهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 82) |
تون دشمني ۾ ڏسندين ايمان وارن جي سڀ کان وڌيڪ سخت يهودين ۽ مشرڪن کي ، ۽ دوستي ۾ ڏسندين سڀ کان ويجهو انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو آهي جن چيو ته اسان نصاريٰ آهيون، اهو انهيءَ ڪري جو انهن ۾ سدائين عبادت ۾ رڌل عالم ۽ دنيا کي تياڳيندڙ درويش آهن ۽ سندن نفس اندر ڪا وڏائي ڪانهي. |
وَإِذا سَمِعوا ما أُنزِلَ إِلَى الرَّسولِ تَرىٰ أَعيُنَهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ مِمّا عَرَفوا مِنَ الحَقِّ يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 83) |
۽ جڏهن هو ٻڌن ٿا انهيءَ ڪلام کي جيڪو رسول تي نازل ٿيو آهي ته تون ڏسين ٿو ته سندن اکيون ڳوڙها ڳاڙڻ لڳن ٿيون حق کي سمجهڻ جي ڪري، هو چون ٿا ته: اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو، لکي ڇڏ اسان جو نالو شاهدي ڏيڻ وارن ۾. |
وَما لَنا لا نُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما جاءَنا مِنَ الحَقِّ وَنَطمَعُ أَن يُدخِلَنا رَبُّنا مَعَ القَومِ الصّٰلِحينَ (آيت : 84) |
ائين به چون ٿا ته، اسان الله تي ايمان ڇو نه آڻيون ۽ جيڪو اسان وٽ حق آيو آهي ان کي ڇو نه مڃيون، اها تمنا آهي ته اسان جو رب اسان کي صالح ماڻهن ۾ شامل ڪري ڇڏي. |
فَأَثٰبَهُمُ اللَّهُ بِما قالوا جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 85) |
سندن انهيءَ قول جي ڪري الله کين اهڙا بهشت عطا ڪيا جن جي هيٺان نهرون وهن پيون (هو هميشه اتي رهندا) ۽ اهو ئي اجورو آهي نيڪوڪارن جي لاءِ. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 86) |
باقي انهن ماڻهن جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي، اهي (ماڻهو) جهنم جا حقدار آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُحَرِّموا طَيِّبٰتِ ما أَحَلَّ اللَّهُ لَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 87) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! حرام نه ڪريو پاڪ شين کي جيڪي حلال ڪيون آهن الله توهان جي لاءِ، ۽ حد نه اورانگهيو، الله ڪڏهن به پسند نٿو ڪري زيادتي ڪرڻ وارن کي. |
وَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ کائو اهو پاڪ رزق جيڪو الله توهان جي لاءِ حلال ۽ پاڪ ڪيو آهي، ۽ الله کان ڊڄندو (نافرمان نه ٿيو) توهان جيڪڏهن ايمان آندو آهي. |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما عَقَّدتُمُ الأَيمٰنَ فَكَفّٰرَتُهُ إِطعامُ عَشَرَةِ مَسٰكينَ مِن أَوسَطِ ما تُطعِمونَ أَهليكُم أَو كِسوَتُهُم أَو تَحريرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ ذٰلِكَ كَفّٰرَةُ أَيمٰنِكُم إِذا حَلَفتُم وَاحفَظوا أَيمٰنَكُم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 89) |
ڪابه پڪڙ نٿو ڪري الله اجاين قسمن کڻڻ تي، پر جيڪي قسم توهان ڄاڻي واڻي کڻو ٿا انهن جي پڪڙ ضرور ڪندو (انهن جي ڀڃڻ تي) ڪفارو هي آهي ته کاڌو کارايو ڏهن مسڪينن کي وچولي قسم جو، جهڙو کاڌو توهان پنهنجن ٻارن ٻچن کي کارايو ٿا، يا کين ڪپڙا پارايو ٿا، يا هڪ غلام آزاد ڪريو، پر جيڪو ان جي طاقت نه رکي ته اهو ٽن ڏينهن جا روزا رکي، اهو ئي توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي جڏهن توهان قسم کڻي ڀڃو. حفاظت ڪندا ڪريو پنهنجي قسمن جي، اهڙيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو الله توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم، ته جيئن توهان شڪرگذار ٿيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالأَنصابُ وَالأَزلٰمُ رِجسٌ مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ فَاجتَنِبوهُ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 90) |
اي لوڪو، جن ايمان آندو آهي! بيشڪ شراب ۽ جوئا ۽ اهي آستانا ۽ ڍارا، سڀ ڪنا ۽ برا عمل شيطاني آهن، انهن کان بچو، اميد ته توهان کي ڇوٽڪارو ملندو. |
إِنَّما يُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يوقِعَ بَينَكُمُ العَدٰوَةَ وَالبَغضاءَ فِى الخَمرِ وَالمَيسِرِ وَيَصُدَّكُم عَن ذِكرِ اللَّهِ وَعَنِ الصَّلوٰةِ فَهَل أَنتُم مُنتَهونَ (آيت : 91) |
بيشڪ چاهي ٿو شيطان، وجهي توهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض شراب ۽ جوئا جي وسيلي ۽ روڪي ڇڏي توهان کي الله جي ذڪر (ياد) ۽ نماز کان، پوءِ ڇا توهان رڪجي ويندؤ انهن ڳالهين کان؟ |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَاحذَروا فَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 92) |
۽ اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي، ۽ رڪجي وڃو، پر جيڪڏهن توهان حڪم نه مڃيو ته ڄاڻي ڇڏيو ته اسان جي رسول تي رڳو حڪم پهچائڻ جي ذميواري هئي. |
لَيسَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُناحٌ فيما طَعِموا إِذا مَا اتَّقَوا وَءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوا وَءامَنوا ثُمَّ اتَّقَوا وَأَحسَنوا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 93) |
انهن تي ڪابه پڪڙ نه ٿيندي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪرڻ لڳا، انهن جيڪي ڪجهه اڳي کاڌو پيتو هو، شرط اهو ته آئنده انهن شين کان پاڻ بچائين جيڪي حرام ڪيل آهن ۽ انهيءَ تي پختا رهن ۽ نيڪ ڪم ڪن، الله کان ڊڄن، الله نيڪ ڪردار ماڻهن کي پسند ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لَيَبلُوَنَّكُمُ اللَّهُ بِشَيءٍ مِنَ الصَّيدِ تَنالُهُ أَيديكُم وَرِماحُكُم لِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَخافُهُ بِالغَيبِ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 94) |
اي لوڪو، جن ايمان آندو آهي! الله توهان کي سخت آزمائش ۾ وجهندو انهيءَ شڪار جي وسيلي، جيڪو بلڪل توهان جي هٿن ۽ نيزن جي مار ۾ هوندو، ان پرک لهڻ لاءِ ته ڪير ٿو الله کان غائبانه طور ڊڄي، پوءِ جنهن انهيءَ تنبيهه کان پوءِ به الله جي مقرر ڪيل حدن کي اورانگهيو، ان لاءِ سخت سزا آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقتُلُوا الصَّيدَ وَأَنتُم حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُتَعَمِّدًا فَجَزاءٌ مِثلُ ما قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحكُمُ بِهِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم هَديًا بٰلِغَ الكَعبَةِ أَو كَفّٰرَةٌ طَعامُ مَسٰكينَ أَو عَدلُ ذٰلِكَ صِيامًا لِيَذوقَ وَبالَ أَمرِهِ عَفَا اللَّهُ عَمّا سَلَفَ وَمَن عادَ فَيَنتَقِمُ اللَّهُ مِنهُ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 95) |
اي لوڪو، جن ايمان آندو آهي! نٿا ڪري سگهو شڪار توهان احرام جي حالت ۾، جيڪو به ڄاڻي واڻي توهان مان ائين ڪندو، ته ماريل جانور جي بدلي کيس پنهنجي مال مان ان جي برابر جانور، جنهن جو فيصلو ڪي به ٻه منصف ماڻهو ڪن توهان مان، ان جو نذر ڏيڻو پوندو ڪعبي ۾ پهچائي يا وري ڪفاري طور کاڌو ڪجهه مسڪينن کي کارائڻو پوندو. يا ان جي برابر روزا رکڻا پوندا، جيئن اهو مزو چکي پنهنجي ڪيئي جو، معاف ڪيو الله اهو جيڪي اڳي ٿيو، پر ڪنهن ان حرڪت کي ورجائيو ته الله کانئس بدلو وٺندو، الله سڀ تي غالب آهي ۽ بدلي وٺڻ جي سگهه رکي ٿو. |
أُحِلَّ لَكُم صَيدُ البَحرِ وَطَعامُهُ مَتٰعًا لَكُم وَلِلسَّيّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيكُم صَيدُ البَرِّ ما دُمتُم حُرُمًا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 96) |
حلال ڪيو ويو آهي توهان تي سمنڊ جو شڪار، ۽ ان جو کائڻ حلال ڪيو ويو آهي توهان جي لاءِ، جتي رهو اتي کائو ۽ سفر جو ثمر به ڪريو، پر خشڪيءَ جو شڪار حرام آهي جيستائين احرام ۾ آهيو، ۽ ڊڄو الله جي نافرماني کان، جنهن جي عدالت ۾ توهان کي حاضر ڪيو ويندو. |
جَعَلَ اللَّهُ الكَعبَةَ البَيتَ الحَرامَ قِيٰمًا لِلنّاسِ وَالشَّهرَ الحَرامَ وَالهَدىَ وَالقَلٰئِدَ ذٰلِكَ لِتَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 97) |
الله ڪعبي کي عزت وارو گهر (اجتماعي زندگيءَ جي) قائم ٿيڻ جو ذريعو ماڻهن جي لاءِ بنايو آهي ۽ عزت واري مهيني ۽ قربانيءَ جي جانورن ۽ قلائدن (پَٽن وارن) کي پڻ، (ان ڪم ۾ مددگار بڻايو) جيئن توهان کي معلوم ٿئي ته الله سڀني حالتن کان باخبر آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ ٿين ٿيون، ۽ بيشڪ الله هر ڪنهن شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي. |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ وَأَنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 98) |
خبردار رهو! الله ڏاڍو سخت آهي سزا ڏيڻ ۾ ۽ گڏوگڏ الله وڏو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
ما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 99) |
رسول تي ته صرف پيغام پهچائڻ جي ذميواري آهي، ۽ (باقي) الله ڄاڻي ٿو توهان جي ظاهري توڙي باطني حالتن کي. |
قُل لا يَستَوِى الخَبيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَو أَعجَبَكَ كَثرَةُ الخَبيثِ فَاتَّقُوا اللَّهَ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 100) |
چوين (اي پيغمبر) ته برابر ناهن پليت ۽ پاڪ ڪڏهن به، پوءِ ڀلي توکي موهي گهڻائي پليتن جي، پوءِ اي عقل وارؤ! الله جي نافرماني کان بچو، اميد ته توهان کي ئي فائدو نصيب ٿيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَسـَٔلوا عَن أَشياءَ إِن تُبدَ لَكُم تَسُؤكُم وَإِن تَسـَٔلوا عَنها حينَ يُنَزَّلُ القُرءانُ تُبدَ لَكُم عَفَا اللَّهُ عَنها وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 101) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، اهڙيون ڳالهيون نه پڇو جن کي جيڪڏهن توهان تي ظاهر ڪجي ته توهان کي بريون لڳن، پر جيڪڏهن توهان انهن بابت ان وقت پڇندؤ، جڏهن قرآن نازل ٿي رهيو هجي ته توهان تي ظاهر ڪبيون، الله معاف ڪيو هيستائين توهان جيڪي ڪيو، ۽ الله معاف ڪندڙ ۽ بُردبار آهي. |
قَد سَأَلَها قَومٌ مِن قَبلِكُم ثُمَّ أَصبَحوا بِها كٰفِرينَ (آيت : 102) |
اهڙا سوال توهان کان پهرين هڪ ٽولي ڪيا هئا، پوءِ اهي ماڻهو انهن ڳالهين جي ڪري ڪفر ۾ پئجي ويا. |
ما جَعَلَ اللَّهُ مِن بَحيرَةٍ وَلا سائِبَةٍ وَلا وَصيلَةٍ وَلا حامٍ وَلٰكِنَّ الَّذينَ كَفَروا يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَأَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 103) |
ڪڏهن به الله نه بحيره (ڪن چيريل ڏاچي) مقرر ڪيو آهي ۽ نه سائبه(سواريءَ کان بچيل گهڻن ڦرن واري ڏاچي)، ۽ نه وصيله(جاڙا ڦر ڏيندڙ ٻڪري) ۽ نه حام، پر هي ماڻهو ڪافر آهن جيڪي تهمت لڳائن ٿا الله تي ڪوڙي، ۽ انهن ۾ اڪثر عقل نٿا رکن (جو اهڙا وهم ٿا ڪن). |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ قالوا حَسبُنا ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعلَمونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 104) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته اچو هن قانون ڏانهن جيڪو نازل ڪيو آهي الله ۽ اچو رسول ڏانهن ته چون ٿا ته، اسان لاءِ ته بس اهو ئي طريقو ڪافي آهي، جنهن تي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺوسين، ڇا اهي ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندا رهندا، پوءِ ڀلي اهي ڪجهه نه ڄاڻندا ۽ واقف ئي نه هجن سڌي رستي جا؟ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا عَلَيكُم أَنفُسَكُم لا يَضُرُّكُم مَن ضَلَّ إِذَا اهتَدَيتُم إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم جَميعًا فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! پنهنجي ڳڻتي ڪريو، ڪجهه نه ٿيندو ڪنهن ٻئي جي گمراهي سان توهان جو، جيڪڏهن توهان هدايت تي آهيو، الله ڏانهن ئي موٽي اچڻو آهي توهان سڀني کي پوءِ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڇا ڪندا رهيا آهيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا شَهٰدَةُ بَينِكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ حينَ الوَصِيَّةِ اثنانِ ذَوا عَدلٍ مِنكُم أَو ءاخَرانِ مِن غَيرِكُم إِن أَنتُم ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَأَصٰبَتكُم مُصيبَةُ المَوتِ تَحبِسونَهُما مِن بَعدِ الصَّلوٰةِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ إِنِ ارتَبتُم لا نَشتَرى بِهِ ثَمَنًا وَلَو كانَ ذا قُربىٰ وَلا نَكتُمُ شَهٰدَةَ اللَّهِ إِنّا إِذًا لَمِنَ الءاثِمينَ (آيت : 106) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! شاهد ٿيو ان وقت جڏهن توهان مان ڪنهن جي موت جي گهڙي اچي ۽ اهو وصيت ڪري رهيو هجي ته توهان مان ٻه عادل شخص شاهد ٿين، يا جيڪڏهن سفر ۾ هجو ۽ موت جي حالت ۾ غيرن مان ئي ٻه ماڻهو شاهد ورتا وڃن، پوءِ جيڪڏهن ڪير شڪ ۾ پوي ته شاهدن کي روڪيو وڃي (مسجد ۾) نماز کان پوءِ، ۽ اهي الله جو قسم کڻي چون ته اسان ذاتي فائدي جي بدلي شاهدي وڪڻڻ وارا نه آهيون، ڀلي اسان جو ڪو عزيز ئي ڇو نه هجي، اسان رعايت نه ڪنداسين، ۽ اسان خدا واسطي شاهدي نه لڪائينداسين، جي ائين ڪيو ته گناهگارن ۾ شامل هونداسين. |
فَإِن عُثِرَ عَلىٰ أَنَّهُمَا استَحَقّا إِثمًا فَـٔاخَرانِ يَقومانِ مَقامَهُما مِنَ الَّذينَ استَحَقَّ عَلَيهِمُ الأَولَيٰنِ فَيُقسِمانِ بِاللَّهِ لَشَهٰدَتُنا أَحَقُّ مِن شَهٰدَتِهِما وَمَا اعتَدَينا إِنّا إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 107) |
پر جي معلوم ٿي وڃي ته انهن پاڻ کي گناهه ۾ مبتلا ڪيو آهي ته انهن جي جاءِ تي ٻه شخص جيڪي ان جا اهل هجن، اهي (شاهدي لاءِ) اچن جن جي حق تلفي ٿي هجي، ۽ اهي خدا جو قسم کڻي شاهدي ڏين، ته اسان جي شاهدي هنن کان وڌيڪ برحق آهي ۽ اسان شاهدي ۾ ڪابه زيادتي ناهي ڪئي، جي ائين ڪيوسين ته ظالمن مان هونداسين. |
ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يَأتوا بِالشَّهٰدَةِ عَلىٰ وَجهِها أَو يَخافوا أَن تُرَدَّ أَيمٰنٌ بَعدَ أَيمٰنِهِم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسمَعوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 108) |
انهيءَ طريقي سان وڌيڪ امڪان آهي ته ماڻهو بهتر شاهدي ڏيندا يا هن ڳالهه کان ڊڄندا ته متان سندن قسمن کان پوءِ ٻين قسمن سان سندن ترديد نه ٿي وڃي. الله کان ڊڄو ۽ ٻڌي ڇڏيو ته، الله هدايت کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي نافرماني ڪرڻ وارن کي. |
يَومَ يَجمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقولُ ماذا أُجِبتُم قالوا لا عِلمَ لَنا إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 109) |
جنهن ڏينهن الله سڀني رسولن کي گڏ ڪري پڇندو ته توهان کي ڪهڙو جواب ڏنو ويو؟ ته هو عرض ڪندا ته ڪابه خبر ناهي اسان کي، بيشڪ تون ڄاڻين ٿو سڀني لڪل حقيقتن کي. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ اذكُر نِعمَتى عَلَيكَ وَعَلىٰ وٰلِدَتِكَ إِذ أَيَّدتُكَ بِروحِ القُدُسِ تُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَإِذ عَلَّمتُكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ وَإِذ تَخلُقُ مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ بِإِذنى فَتَنفُخُ فيها فَتَكونُ طَيرًا بِإِذنى وَتُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ بِإِذنى وَإِذ تُخرِجُ المَوتىٰ بِإِذنى وَإِذ كَفَفتُ بَنى إِسرٰءيلَ عَنكَ إِذ جِئتَهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالَ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 110) |
پوءِ (تصور ڪريو) جڏهن الله فرمائيندو، اي عيسيٰ پٽ مريم! ياد ڪر منهنجي اها نعمت جيڪا مون توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي عطا ڪئي هئي، مون تنهنجي مدد ڪئي پاڪ روح سان. تون ڳالهائيندو هئين ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ ڊگهي عمر کي پهچي به مون توکي تعليم ڏني ڪتاب ۽ حڪمت جي، ۽ توريت ۽ انجيل جي، ۽ تون مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جهڙو پتلو ٺاهي منهنجي حڪم سان ڦوڪ ڏيندو هئين ان ۾، ته اهو ٿي پوندو هو پکي منهنجي حڪم سان، ۽ تون ڄائي ڄم جي نابين ۽ ڪوڙهيي کي منهنجي حڪم سان ٺيڪ ڪندو هئين، ۽ مئن کي منهنجي حڪم سان (جيئرو ڪندو) هئين، پوءِ جڏهن پهتين تون بني اسرائيل وٽ پڌريون نشانيون کڻي ته چيو حق جي منڪرن هي جادوگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي (ته مون توکي انهن کان بچايو). |
وَإِذ أَوحَيتُ إِلَى الحَوارِيّۦنَ أَن ءامِنوا بى وَبِرَسولى قالوا ءامَنّا وَاشهَد بِأَنَّنا مُسلِمونَ (آيت : 111) |
۽ جڏهن مون اشارو ڪيو حوارين کي ته ايمان آڻيو مون تي ۽ منهنجي رسول تي، تڏهن انهن چيو، اسان ايمان آندو ۽ شاهد رهو اسان مسلمان آهيون. |
إِذ قالَ الحَوارِيّونَ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ هَل يَستَطيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ قالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 112) |
(حوارين جو واقعو به ياد رهي ته) جڏهن حوارين چيو: اي عيسيٰ پٽ مريم، ڇا طاقت رکي ٿو تنهنجو رب اسان تي لاهي سگهي کاڌي جو هڪ خونچو آسمان تان؟ عيسيٰ چيو، ڊڄو الله کان جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو. |
قالوا نُريدُ أَن نَأكُلَ مِنها وَتَطمَئِنَّ قُلوبُنا وَنَعلَمَ أَن قَد صَدَقتَنا وَنَكونَ عَلَيها مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 113) |
هنن چيو ته، اسان ته بس اهو ٿا گهرون ته ان خونچي مان کاڌو کائون ۽ مطمئن ٿين اسان جون دليون ۽ اسان کي معلوم ٿي وڃي ته جيڪي تو اسان کي چيو آهي اهو سچ آهي ۽ اسان پاڻ ان جا شاهد بنجي وڃون. |
قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنا أَنزِل عَلَينا مائِدَةً مِنَ السَّماءِ تَكونُ لَنا عيدًا لِأَوَّلِنا وَءاخِرِنا وَءايَةً مِنكَ وَارزُقنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 114) |
تنهن تي عيسيٰ پٽ مريم دعا گهري، اي الله اسان جا رب! اسان تي هڪ خونچو لاهه آسمان مان، جيڪو اسان جي خوشيءَ جو يادگار بڻجي اڳين ۽ پوين لاءِ ۽ تنهنجي طرفان هڪ نشاني هجي ۽ اسان کي رزق ڏي ۽ تون ئي بهترين رازق آهين. |
قالَ اللَّهُ إِنّى مُنَزِّلُها عَلَيكُم فَمَن يَكفُر بَعدُ مِنكُم فَإِنّى أُعَذِّبُهُ عَذابًا لا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 115) |
جواب ڏنو الله، آئون توهان تي اهو نازل ڪرڻ وارو آهيان پر ان کان پوءِ جيڪو ڪفر ڪندو توهان مان، ان کي آئون اهڙي سزا ڏيندس جو اهڙي سزا ڪنهن کي به نه ڏني هوندي دنيا ۾. |
وَإِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسَى ابنَ مَريَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنّاسِ اتَّخِذونى وَأُمِّىَ إِلٰهَينِ مِن دونِ اللَّهِ قالَ سُبحٰنَكَ ما يَكونُ لى أَن أَقولَ ما لَيسَ لى بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلتُهُ فَقَد عَلِمتَهُ تَعلَمُ ما فى نَفسى وَلا أَعلَمُ ما فى نَفسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 116) |
سو جڏهن (هي احسان ياد ڏياري) الله فرمائيندو ته، اي عيسيٰ پٽ مريم! ڇا تو چيو ماڻهن کي ته مون سان گڏ منهنجي ماءُ کي به خدا بڻايو الله کي ڇڏي؟ هو عرض ڪندو ته، ”سبحان الله! منهنجو اهو ڪم نه هو جو آئون اها ڳالهه چوان، جنهن لاءِ مون کي ڪو حق ئي نه هو، جيڪڏهن مون اها ڳالهه چئي هجي ها ته توکي ضرور علم هجي ها، تون ئي ڄاڻين ٿو جيڪي منهنجي دل ۾ آهي، پر آئون نٿو ڄاڻان جيڪي تنهنجي من ۾ آهي. تون ته مڙني ڳجهه جي ڳالهين جو ڄاڻندڙ آهين.“ |
ما قُلتُ لَهُم إِلّا ما أَمَرتَنى بِهِ أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ رَبّى وَرَبَّكُم وَكُنتُ عَلَيهِم شَهيدًا ما دُمتُ فيهِم فَلَمّا تَوَفَّيتَنى كُنتَ أَنتَ الرَّقيبَ عَلَيهِم وَأَنتَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 117) |
مون انهن کي ان کان سواءِ ڪجهه نه چيو هو، جنهن جو تو حڪم ڏنو هو، اهو ته بندگي الله جي ڪريو، جيڪو منهنجو رب آهي ۽ توهان جو به رب، آئون تيسين انهن جو نگهبان هئس جيسين انهن جي وچ ۾ هئس، جڏهن تو مون کي واپس گهرائي ورتو ته هاڻي تون ئي هر شيءِ جو نگهبان آهين، ۽ تون ئي سڀني شين تي شاهد آهين. |
إِن تُعَذِّبهُم فَإِنَّهُم عِبادُكَ وَإِن تَغفِر لَهُم فَإِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 118) |
هاڻي جيڪڏهن تون انهن کي سزا ڏين ته هو تنهنجا بندا آهن، يا جيڪڏهن انهن کي بخشي ڇڏين، ته تون ئي وڏي طاقت ۽ حڪمت وارو آهين. |
قالَ اللَّهُ هٰذا يَومُ يَنفَعُ الصّٰدِقينَ صِدقُهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 119) |
تڏهن الله فرمائيندو، هي ئي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ سچن کي سندن سچائي فائدو ڏيندي، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون پيون وهن، هو انهن ۾ رهندا سدائين، الله کانئن راضي ٿيو ۽ هو راضي ٿيا ان (الله) کان، اها ئي تمام وڏي ڪاميابي آهي. |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما فيهِنَّ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 120) |
الله لاءِ آهي بادشاهت آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي ڪجهه انهن ۾ آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي. |