يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُقَدِّموا بَينَ يَدَىِ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 1) |
اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول کان (ڪنهن ڳالھ ۾ به) اڳي نه ٿيو، ۽ خدا کان ڊڄو ڇو ته خدا ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَرفَعوا أَصوٰتَكُم فَوقَ صَوتِ النَّبِىِّ وَلا تَجهَروا لَهُ بِالقَولِ كَجَهرِ بَعضِكُم لِبَعضٍ أَن تَحبَطَ أَعمٰلُكُم وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارو! پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪريو جيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالهايو ٿا ساڻس وڏي سڏ نه ڳالهايو جو متان اوهان جا اعمال برباد ٿين ۽ اوهان کي خبر به نه پوي. |
إِنَّ الَّذينَ يَغُضّونَ أَصوٰتَهُم عِندَ رَسولِ اللَّهِ أُولٰئِكَ الَّذينَ امتَحَنَ اللَّهُ قُلوبَهُم لِلتَّقوىٰ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 3) |
بيشڪ جيڪي پنهنجا آواز خدا جي رسول کان جهڪا ڪن ٿا، سي اهي آهن جن جي دلين کي خدا پرهيزگاري (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آهي انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُنادونَكَ مِن وَراءِ الحُجُرٰتِ أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 4) |
(اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کي گهرن جي ٻاهران (بيهي) سڏين ٿا تن مان گهڻا بي عقل آهن. |
وَلَو أَنَّهُم صَبَروا حَتّىٰ تَخرُجَ إِلَيهِم لَكانَ خَيرًا لَهُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پر جيڪڏهن اهي صبر ڪن ها جيستائين تون (پاڻهين) انهن ڏي نڪرين ته انهن لاءِ چڱو ٿئي ها. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن جاءَكُم فاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنوا أَن تُصيبوا قَومًا بِجَهٰلَةٍ فَتُصبِحوا عَلىٰ ما فَعَلتُم نٰدِمينَ (آيت : 6) |
اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو بدڪردار (ماڻهو) اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته جاچ ڪريو جو متان ناداني سان ڪنهن قوم کي نقصان رسايو پوءِ پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو. |
وَاعلَموا أَنَّ فيكُم رَسولَ اللَّهِ لَو يُطيعُكُم فى كَثيرٍ مِنَ الأَمرِ لَعَنِتُّم وَلٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيكُمُ الإيمٰنَ وَزَيَّنَهُ فى قُلوبِكُم وَكَرَّهَ إِلَيكُمُ الكُفرَ وَالفُسوقَ وَالعِصيانَ أُولٰئِكَ هُمُ الرّٰشِدونَ (آيت : 7) |
۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ خدا جو رسول (موجود) آهي. ڪيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جو جيڪڏهن (انهن مان ڪا) اوهان جي ڳالھ مڃي اوهين ڏکيا ٿيو پر خدا ته ايمان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو آهي ۽ ڪفر ۽ بدڪاري ۽ نافرمانيءَ کان اوهان کي بيزار ڪيو اٿس. اهي ماڻهو هدايت جي راھ تي آهن. |
فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعمَةً وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 8) |
خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ۽ خدا ته وڏو واقف ڪار ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَإِن طائِفَتانِ مِنَ المُؤمِنينَ اقتَتَلوا فَأَصلِحوا بَينَهُما فَإِن بَغَت إِحدىٰهُما عَلَى الأُخرىٰ فَقٰتِلُوا الَّتى تَبغى حَتّىٰ تَفيءَ إِلىٰ أَمرِ اللَّهِ فَإِن فاءَت فَأَصلِحوا بَينَهُما بِالعَدلِ وَأَقسِطوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏهن مومنن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي (ڌر) ٻيءَ تي زيادتي ڪري ته جيڪا ڌر زيادتي ڪري ٿي تنهن سان اوهين (به) وڙهو جيستائين (اها ڌر) خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ إِخوَةٌ فَأَصلِحوا بَينَ أَخَوَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 10) |
مومن ته پاڻ ۾ ڀائر ئي آهن ته پنهنجن ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَسخَر قَومٌ مِن قَومٍ عَسىٰ أَن يَكونوا خَيرًا مِنهُم وَلا نِساءٌ مِن نِساءٍ عَسىٰ أَن يَكُنَّ خَيرًا مِنهُنَّ وَلا تَلمِزوا أَنفُسَكُم وَلا تَنابَزوا بِالأَلقٰبِ بِئسَ الِاسمُ الفُسوقُ بَعدَ الإيمٰنِ وَمَن لَم يَتُب فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 11) |
اي ايمان وارو! (اوهان مان ڪنهن قوم جو) ڪو به مرد (ٻي قوم جي) مردن تي ٺٺولي نه ڪري جو متان اهي هن کان (خدا وٽ) چڱا هجن ۽ نه عورتون عورتن سان (ٺٺولي ڪن) جو متان اهي هنن کان چڱيون هجن. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا لڳايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا چيڙائڻ وارا وجهو. ايمان کان پوءِ بدڪاريءَ جو نالو بڇڙو آهي. ۽ جيڪي (انهن ڳالهين کان) توبه نه ڪندا سي ئي ظالم آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اجتَنِبوا كَثيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعضَ الظَّنِّ إِثمٌ وَلا تَجَسَّسوا وَلا يَغتَب بَعضُكُم بَعضًا أَيُحِبُّ أَحَدُكُم أَن يَأكُلَ لَحمَ أَخيهِ مَيتًا فَكَرِهتُموهُ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ تَوّابٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارو! گهڻو شڪ ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهو ڇو ته ڪي بدگمانيون گناھ آهن ۽ نه (ڪنهين جي) جاسوسي ڪريو ۽ نه ڪو اوهان مان هڪ ٻئي جي گلا (غيبت) ڪري ڇا اوهان مان ڪنهن کي هيءَ ڳالھ وڻي ٿي ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ اوهين ته ضرور ان (ڳالھ) کي پسند نه ڪندو! ۽ خدا کان ڊڄو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّا خَلَقنٰكُم مِن ذَكَرٍ وَأُنثىٰ وَجَعَلنٰكُم شُعوبًا وَقَبائِلَ لِتَعارَفوا إِنَّ أَكرَمَكُم عِندَ اللَّهِ أَتقىٰكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 13) |
انسانو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيو آهي ته (جيئن) هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ (۽) پوري پوري خبر رکندڙ آهي. |
قالَتِ الأَعرابُ ءامَنّا قُل لَم تُؤمِنوا وَلٰكِن قولوا أَسلَمنا وَلَمّا يَدخُلِ الإيمٰنُ فى قُلوبِكُم وَإِن تُطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ لا يَلِتكُم مِن أَعمٰلِكُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
ٻهراڙي وارا عرب چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. (اي رسول) تون چوين ته اوهان ايمان نه آندو آهي پر اوهين (هئين) چئو ته اسان اسلام قبول ڪيو آهي. هوڏانهن ايمان ته اڃا تائين اوهان جي دلين ۾ (ئي) نه گهڙيو آهي. پر جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندو ته اوهان جي عملن (جي اجر) مان ڪجھ به نه گهٽائيندو بيشڪ خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ لَم يَرتابوا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 15) |
ايمان وارا اهي ئي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو، (۽) وري شڪ نه ڪيائون پڻ خدا جي راھ ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانن سان جهاد ڪيائون. اهي ئي سچا آهن. |
قُل أَتُعَلِّمونَ اللَّهَ بِدينِكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 16) |
(اي رسول! انهن کان) پڇو ته ڇا اوهين خدا کي پنهنجي دينداري ڏيکاريو ٿا؟ ۽ خدا ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. ۽ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي. |
يَمُنّونَ عَلَيكَ أَن أَسلَموا قُل لا تَمُنّوا عَلَىَّ إِسلٰمَكُم بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيكُم أَن هَدىٰكُم لِلإيمٰنِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 17) |
(اي پيغمبر) تو تي اهي ماڻهو اسلام آڻڻ جو احسان رکن ٿا (تون کولي) چوين ته اوهين پنهنجي اسلام آڻڻ جو مون تي احسان نه رکو! پر جيڪڏهن اوهين ايمان جي دعوى ۾ سچا آهيو ته (ڄاڻو ته) خدا توهان تي احسان ڪيو جو اوهان کي ايمان جي راھ ڏسي. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جي ڳجھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسي رهيو آهي. |